سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1975ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4- 1975ع

غلام محمد گرامي

گذارش

جديد ادب:

سنڌي جديد ادب ۽ ان جو مقصد ۽ افادي پهلو – خاص طرح سان شعر و شاعري – هر خيال سان توجهه جي قابل آهي. اهو فن ڪي اهڙيون خصوصيتون رکي ٿو، جن ڏانهن اسان جي گهڻن دوستن جو ممڪن آهي ته خيال نه ويو هجي. افسوس اهو آهي ته اڄڪلهه هن فن جون رڳون اوڻايون ئي شمار ڪيون وڃن ٿيون، حالانڪ ”عيبِ مئي جمله به گفتي، هنرش نيز بگو“ تي به خيال رکڻ گهرجي.

سنڌي جديد ادب جي لساني خصوصيت اها آهي جو منجهس زبان جي سلاست ۽ لطافت سان گڏ، هن دؤر جي قومي ۽ تهذيبي، اخلاقي ۽ ثقافتي روح ۽ مزاج جي ترجماني موجود آهي. ٻيو ته هن ادب ۾ اصليت ۽ پنهنجائپ آهي. ان جا ڪردار، استعارا ۽ ڪنايا، سڀ هتي جي تاريخ ۽ تهذيب مان ورتل آهن. هروڀرو ايران ۽ يورپ جي تقليد ڪانه ڪئي ويئي آهي.

هن فن جي اها به خصوصيت آهي، جو ان ۾ فنڪار جي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. رڳو سٽيل ۽ ڪٽيل، زنگ آلود ۽ فرسوده فن کي ورجايو نٿو وڃي؛ نه ڪو ٻاهرين ۽ ڌارين استعارن سان، اجنبي ۽ غير مانوس، ڌاريو ۽ اڌارو ماحول پيدا ڪيو ٿو وڃي.

اها به هڪ حقيقت آهي ته موجوده دؤر ۾، اسان جي ڪلاسيڪي ادب جي سڀني مشهور ۽ مقبول صنفن کي، اسان جي جديد شعر قبول ڪيو آهي. اسان جي جديد شعر انهن پراڻين صنفن – بيت، دوهي، ڪافي ۽ وائيءَ ۾ فني تجديد ۽ اجتهاد جا ڪيئي سهڻا ۽ حيات آفرين تجربا ڪيا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو جديد شعر، پنهنجي دؤر جي روح جي نه فقط ترجماني ڪري چڪو آهي، پر ان سان گڏ سنڌ جي ڪلاسيڪي صنفن جي حفاظت جو سامان پڻ پيدا ڪري رهيو آهي؛ ٻيءَ صورت ۾ سنڌ جو شعر، غزل ۽ نظم تائين محدود رهجي وڃي ۽ سنڌي ادب ڪلاسيڪي ادب کان محروم ٿي وڃي ها. ان حالت ۾ ڪلاسيڪي ادب جي بزرگن - لطيف، سچل، سامي، شاهه ڪريم، خليفي صاحب، ميين عنايت رضوي، صادق فقير جو ڪلام، مقدس پوٿين ۽ پستڪن جي صورت ۾ رهجي وڃي ها، جن کي نه ڪو نئون نسل پڙهڻ لاءِ تيار ٿئي ها ۽ نه ڪو ان کي سمجهڻ لاءِ ڪوشش ڪري ها. ان طرح سنڌي اديب ۽ نوجوان نسل نه فقط ايتري شاهڪار ڪلام، ان جي اصناف ۽ ان جي پيغام کان محروم رهجي وڃي ها، پر ان سان گڏ سنڌي زبان جو سرمايو ۽ ذخيرو به گهٽجي وڃي ها. سنڌي ڪلاسيڪي زبان يا ته سنسڪرت ۽ پراڪرت زبانن وانگر سمجهڻ ۽ پرجهڻ کان ٻاهر رهجي وڃي ها، يا عبراني ۽ سرياني زبانن وانگر لکڻ ۽ پڙهڻ کان محروم رهجي وڃا ها؛ نه ڪو لوڪ ادب جي شسته ۽ شائسته ٻولي ۽ لغت کي حيات جاودان نصيب ٿئي ها ۽ نه ڪو بيت، دوهي، ڪافي ۽ وائيءَ جو ڪو وجود بچي ها.

سنڌي ادب تي اهو احسان ’جديد ادب‘ جو ئي آهي، جنهن نه فقط صنفن کي دوباره زندگي عطا ڪئي آهي، پر ان سان گڏ انهن صنفن ۾ جديد روح، جديد رنگ ۽ اميد پيدا ڪئي آهي ۽ جديد سائنسي متقضيات ۽ سماجي عوامل جي دقيق مسئلن جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي.

اهي ڪلاسيڪي صنفون، جي هيستائين فقط داستان سرائيءَ ۽ قصه گوئيءَ، عشقيه مضمون ۽ حسن جي ترجمانيءَ تائين محدود رهجي ويون هيون ۽ تاريخي طور عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ ليلا چنيسر ئي فني موضوع رهندا آيا آهن، تن ۾ نه فقط هيئت جي لحاظ سان نواڻ پيدا ڪئي ويئي آهي، پر موضوع جي لحاظ سان به انهن ۾ نواڻ ۽ پنهنجائپ پيدا ڪئي ويئي آهي.

جديد ادب وارن عمر مارئي ۽ سسئي پنهون کي ڳايو وڄايو آهي، پر اهي تاريخ جي پراڻن داستانن وارا ڪردار ناهن. جديد ادب وٽ اهي سڀ ڪردار نه فقط زنده آهن، پر موجود به آهن. موجوده د‎‍‌ؤر ۾ به مارويون آهن. ان ريت جديد ادب وارن فنڪارن جڳ بيتيءَ کي آپ بيتيءَ بنائي، ادب ۽ فن جي صحيح نموني ۾ ترجماني به ڪئي آهي ۽ آبياري به ڪئي آهي. ’حال‘ جي ترجماني فقط ادب سان ئي وابسته آهي.

جديد ادب ۾ ’خيال‘ جي نواڻ ۽ ندرت کي به وڏي اهميت حاصل آهي. خيال پراڻو هجي يا نئون، ان کي ڪڏهن جديد اسلوب پهرايو وڃي ٿو، ته ڪڏهن کيس هن نئين دؤر جي ڪنهن نه ڪنهن نئين مسئلي سان ملايو وڃي ٿو، ۽ ان ۾ زندگيءَ ۽ ماحول جي عڪاسيءَ ۽ ترجمانيءَ جا قدر پيدا ڪري، ندرت ۽ تازگي پيدا ڪئي وڃي ٿي. لهٰذا ان قسم جي اصلاح ۽ ترقيءَ جي اهميت ۽ ضرورت کي اهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جي فن جي ارتقا کان واقف آهن.

سنڌي جديد ادب جي فني سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته ان جي پرک ۽ ڄاڻ لاءِ به معيار قائم ڪري سگهجن ٿا، اهي نه ڌاريا آهن ۽ نه اڌارا آهن؛ انهن جون پاڙون سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ کتل آهن. جديد ادب وارن نه فقط انهن سرچشمن سان پنهنجي فن جو ربط ۽ ڳانڍاپو قائم رکيو آهي، بلڪ ان ۾ پنهنجي زبان جي مسندن ۽ تقاضائن جي ترجماني به ڪئي آهي. فني حيثيت سان اها ترقي به آهي، تجديد به آهي ۽ اجتهاد به آهي. ظاهر آهي ته جديد ادب جو اهو طريقه ڪار پائدار به آهي ۽ اصليت پسند به آهي، اهوئي سبب آهي جو اڄ پراڻي رنگ وارن بيتن، ڏوهيڙن، ڪافين ۽ واين لکڻ وارا ڪامياب شاعر تمام ٿورا آهن، ڇالاءِ ته سندن فن کي پرکڻ وارا ماڻ ۽ توراڙا اڳيئي موجود آهن. انهن جي مقابلي ۾ ٻي شاعري _ غزل ۽ نظم جي سلسلي ۾ جو ڪجهه به لکيو وڃي ٿو، اهو پرکڻ کان سواءِ ئي قبول ڪيو وڃي تو، ڇالاءِ ته انهن جا ماڻ اسان جي ڪلاسيڪي ادب ۾ آهن ئي ڪين؛ سنڌي ادب جي بنيادي ۽ اصلي صنفن جي مقابلي ۾ اهي صنفون اڌاريون ۽ ڌاريون آهن. فن جي حيثيت سان به ۽ مواد جي حيثيت سان به منجهن سنڌي زبان، ادب، ثقافت، تاريخ ۽ تهذيب جي ڪا بوءِ به ڪانه آهي، انڪري انهن جا ماڻ ۽ ماپا به ڌاريا ۽ اڌارا آهن ته موضوع ۽ مواد ۾ به پنهنجائپ ڪانه آهي.

ان سلسلي ۾ موضوع ۽ مواد، اسلوب ۽ هيئت جي اصلاح ۽ تجديد هوندي به، ڪن فردن پاران، جديد تجربن ۾ ڪجهه ابهام ۽ اجمال، پيچيدگي ۽ يوليدگيءَ جي شڪايت ڪئي ويئي آهي، جا ڪنهن حد تائين اوائلي تجربن ۾ موجود ٿي سگهي ٿي. باقي معترضن پاران سندرو ٻڌي جديد ادب جي خلاف مهم هلائڻ ۾ ته ڪا به افاديت ڪانه ٿي نظر اچي. ٻئي ڪندي، ان سلسلي ۾ جديد فنڪارن جي تجربن ۾ ڪافي حد تائين رمزيت ۽ اشاريت جي مبهم ۽ مهمل استعمال کان پهلو تهي ڪئي ويئي آهي. جديد ادب هن وقت فني پختگيءَ جي اهڙي منزل تي پهچي چڪو آهي، جنهن جي تحسين ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي. البت اُن فن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ سنجيدگيءَ ۽ متانت سان ڪوشش ڪرڻ جڳائي. اعتراض براءِ اعتراض جو ته ڪو به علاج ناهي.

جديد ادب رڳو پراڻين صنفن ۽ تجديد ۽ تحفظ تائين به محدود ناهي. ان ۾ غزل ۽ نظم سان گڏ، ترائيل ۽ سانيٽ، نظم معريٰ ۽ آزاد نظم جا پڻ ڪيئي سهڻا مثال پيدا ٿي چڪا آهن. ان فن جي مشق ۽ رياض کي ڏسي، اها اميد پيدا ٿي آهي ته مزيد ڏهن سالن اندر اڃا به وڌيڪ فن جي تجديد ٿي سگهندي ۽ جديد اديب، پنهنجي اجتهاد سان، هنن صنفن کي ڪمال تائين پهچائي سگهندو. ان سلسلي ۾ ڪي اهڙا مثال به پيدا ٿي چڪا آهن، جن ۾ فارسي ۽ عروض جا مختلف ارڪان ملائي، ڪي نوان تجربا ڪيا ويا آهن. اها به اميد آهي ته اڳتي هلي اهي نوان تجربا پنهنجيءَ جاءِ تي ڪا مستقل هيئت بنجن ۽ سنڌي ادب کي جديد سرمايه سان مالامال ڪري سگهن.

جديد ادب ۾ ترنم ۽ موسيقيت کي به شمار ڪري سگهجي ٿو. اسان وٽ جو راڳ آهي، اهو ساڳيو ڪلاسيڪي هندي فن آهي، جنهن کان اسان جا نوان اديب بي خبر ناهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ادائگيءَ جي سلسلي ۾ البت اسان جا نوجوان اديب قاصر آهن. هڪ ته اڪثر طور تي اهي پنهنجي شاهڪار ڪلام کي ڪنهن به رنگ ۾ ڳائي نٿا سگهن، ۽ نه ڪو وري وٽن پنهنجي ڪلام کي ڳارائڻ جا ڪي ذريعا ئي موجود آهن. کين ٻيو نه ته به جهونگارڻ جي حد تائين مشق ڪرڻ گهرجي، ۽ پنهنجي سنڌي راڳ لاءِ علمي سطح تائين شناس ۽ واقفيت حاصل ڪرڻ بيحد ضروري آهي.

ان سلسلي ۾ اها شڪايت به بار بار دهرائي ويئي آهي ته اسان جي فني ادارن سان خاص طور تي ريڊيو اسٽيشنن تي نوجوان ۽ جديد شاعرن جو ڪلام اٽي ۾ لوڻ جي مثال نشر ڪيو ٿو وڃي، ۽ ريڊيائي ۽ ٽي ويءَ جي مشاعرن ۾ کين ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي، جنهن جي هو لائق آهن، ان ڪري سندن فن ۽ ان جي فروغ لاءِ ڪا به همه گير صورت پيدا ٿي نه سگهي آهي. ان حالت ۾ انهن کي آفرين آهي، جو هو نشريات جي ان عدم توجهيءَ جي عالم ۾ به مخلصانه طور تي خدمت ڪري رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ ادبي ادارن تي به فرض آهي ته هو جديد ادب جي شاهڪارن کي شايع ڪن، جن سان جديد دؤر جي جديد تقاضائن سان شناسائي پيدا ٿي سگهي، ۽ ماضيءَ ۽ مستقبل جي وچ ۾ ’حال‘ جو خال رهجي نه وڃي.

شڪريو:

آخر ۾ سنڌي زبان جي اُنهن اديبن ۽ شاعرن، عالمن، محققن، افسانه نگارن ۽ ڊرامه نويسن جو شڪريو ادا ڪرڻ لازم آهي، جن مهراڻ لاءِ پنهنجو شاهڪار مواد موڪليو آهي. اصل ۾ مهراڻ جي افاديت ۽ مقبول انهن صاحبن جي تعاون جي مرهون منت آهي. اسان جا ڪي ڪرمفرما ۽ مهربان ليکڪ جنهن محبت سان مهراڻ سان پنهنجو قلمي ساٿ جاري رکندا اچن ٿا، ان لاءِ ادارو سندن ٿورائتو آهي. اميد آهي ته آئنده پڻ ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ مهراڻ سان سندن مخلصانه تعاون قائم رهندو.

ادارو، بورڊ جي سيڪريٽري محترم غلام ربانيءَ جو ازحد ٿورائتو آهي، جنهن صاحب جي صلاح ۽ مشوري سان مهراڻ جي معيار کي برقرار رکڻ ۾ وڏي مدد ملندي رهي ٿي.

ان طرح بورڊ جي پريس مئنيجر محترم الهبچايو يوسف زئي ۽ سندس عملي دستور موجب طباعت جي سلسلي ۾ جنهن محنت ۽ دلچسپيءَ سان تعاون ڪيو آهي، ادارو اُن لاءِ ٿورائتو آهي.

بورڊ جي بوڪ اسٽال جي مئنيجر محمد امين بلوچ ۽ سندس عملي مهراڻ کي اديبن ۽ شاعرن، ايجنٽن ۽ خريدارن تائين جلد رسائڻ لاءِ جنهن انهماڪ سان ڪم ڪيو آهي، ان جو اعتراف ڪرڻ لازم آهي.

آخر ۾ مهراڻ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر مسٽر ”ناشاد“ جو شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي، جنهن رسالي کي معياري بنائڻ ۾ دستوري تعاون جو سرگرم مظاهرو ڪيو آهي.

– غ. م.

1

شعر

”شاعرن جي سڀ کان وڌيڪ شاهڪار تخليقن ۾، هڪ بلند درجي جو آدرشي پيغام هوندو آهي؛ مستقل عظمت واري اها شاعري آهي، جنهن ۾ اهڙن جذبن جو اظهار هوندو آهي. شاعر جو تجربو جيترو وسيع ۽ گَهَرو هوندو، سندس شاعريءَ جي اهميت ۽ عظمت اوتروئي زيادهه هوندي.

ماضيءَ جي ڪن عظيم شاعرن جي تخليقن ۾ اسان جذبن جي دولت، حقيقت ۾ عميق نظر، ماڻهن جي زندگيءَ جي اهم واقعن جي تصوير ۽ وقت جي تيز سمجهه ٻوجهه ڏسون ٿا.

اڄ مون کي ان کان وڏيڪ يقيني سچائي ٻي ڪا به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ته ڪنهن سماجي پيغام کان سواءِ، سماجي مسئلن کي ڇيڙڻ بنان، ڪنهن به نظم جي تخليق ممڪن ناهي… آءٌ اڄ عوام سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ جي اهم ضرورت محسوس ڪيان ٿو.“

- مرزا ترسون زاده

شيخ اياز

وايون

( 1 )

تتر تيز اُڏار –

جوڀن ٻه – ٽي ڏينهڙا.

اچ، رڱي وٺ هٿڙا، نائي مينديءَ ڏار –

جوڀن ٻه – ٽي ڏينهڙا.

متان ڦُول ڇڻي وڃن، ڏِئي مُند ميار –

جوڀن ٻه – ٽي ڏينهڙا.

مُنڌ! نڀائن ڪينۡ ٿا، ڪنهن سان ڪارا وار –

جوڀن ٻه – ٽي ڏينهڙا.

( 2 )

تولئه تاساريو گهڻو، موهن منهنجو ماس،

ووءِ، م وڃ مون کي ڇڏي.

مينديءَ رتم هٿڙا، وارن ڳنڌيم واس،

ووءِ، م وڃ مون کي ڇڏي.

اڱڻ سُرها ڏيئڙا مڌماتو آڪاس،

ووءِ، م وڃ مون کي ڇڏي.

ڳل ڳلن سان لائيانءِ، سُواس ملائي سُواس،

ووءِ، م وڃ مون کي ڇڏي.

تو ڇو پاتا گيڙوئان، لاهي لوڪ لباس،

ووءِ، م وڃ مون کي ڇڏي.

( 3 )

کارو کيڙيندي، هو سامونڊي جي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

سڙهه نه آيا سير مان، سرتيون سجّ چڙهي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

ننگر ناڙيون سڀ وَيا، وڻجارا واسي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

جن جي هوند هراس آ، ڇِتين ڇولين کي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

جن جون ڳالهيون ڳائبيون، ڀينر! بدر تي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

ماڻڪ اوتيو ماڻڪيون، تن کي ساريندي،

ماڳ نه موٽي آئيا!

( 4 )

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

آرهڙ پنڌ اڳي کان اوکو، آءٌ وڃان جيڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

ڪيڏي لنبي واٽ وڃي ٿي منهنجي سپني ڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

آءٌ، وچينءَ جي ويل، نگاهون لهندي پاڇي ڏانهن!

مان ڪيڏانهن؟ مان ڪيڏانهن؟

( 5 )

جت به کُتي وکڙي، سو ڏونگر جو ڏاڪو،

متان هينئون هارئين!

جيسين روههُ ريون ٿئي، ٿي ڌَر ۾ ڌماڪو،

متان هينئون هارئين!

چمڪي ٿو هُو چوٽئين، ٿي لُنءَ لُنءَ لياڪو،

متان هينئون هارئين!

شال نه ڏسان ڏينهڙو، جو وسّ ڇڏي واڪو،

متان هينئون هارئين!

( 6 )

اونداهي اڌ رات –

ڏونگر مٿان ڏيئڙا.

چڙهندي رهه تون چوٽئين، ڏڪ نه منهنجي ڏات.

ورسا جنهن کي پنڌ ۾، پوي ٿي پرڀات.

پر جي مارڳ ۾ مرين، پو به نه تنهنجي مات.

جيسين آهي جندڙي، لنءَ لنءَ ٻُرٖي لات.

( 7 )

ساٿي منهنجي سُڃّ جا، پُٺ تي ڪيم نهار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لَڪن ۾!

وَر جو مارڳ ۾ مري، هيئن نه هنجون هار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لَڪن ۾!

تون ئي منهنجو آجپو، اُڀري ڏونگر ڏار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لَڪن ۾!

آءٌ به تو ۾ آپڙان، تو ۾ پهچان پار!

اڳتي وڌ، وسار

منهنجو لوڙهه لَڪن ۾!

( 8 )

ڏونگر ڏولاوا گهڻا، پو به اهائي واٽ،

متان موٽو ساٿيو!

ور ور پيرا پنڌ ۾، لُڙيا منجهه لُڙاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

ڪَهه ۾ ڪاريون چوٽيون، گگهه، هوا گهوگهاٽ،

متان موٽو ساٿيو!

اُڀري ايندو اوچتو، جرڪي پوندي جاٽ،

آهه اهائي واٽ،

متان موٽو ساٿيو!

( 9 )

هٿين، پيرين، مونڙين، ڪاهيم تنهنجي ڪَڍّ،

سُپنا منهنجي ساهه جا!

ڏينهون پوءِ پَري وَئين، ڏُوران ڏيئي ڏڍّ،

سُپنا منهنجي ساهه جا!

ورچي موٽان ماڳ کان، ايءَ نه منهنجي آڍّ،

سُپنا منهنجي ساهه جا!

چوڌاري ٿو تون چِڪين، ڪهڙا منهنجا وَڍّ،

سُپنا منهنجي ساهه جا!

(10)

وهندي رهندي، وهندي رهندي، سون ورن سنڌو

سون ورن سنڌو.

ويرون اينديون، ويرون وينديون،

اُلُڙَ ۾ به اُسهندي رهندي، سون ورن سنڌو.

 

تئن تئن اندر اونهي ٿيندي،

جئن جئن ٻاهر لهندي رهندي، سوپن ورن سنڌو.

 

مُور نه پنهنجو ماڳُ مَٽيندي،

ساگر اور اُبَهندي رهندي، سون ورن سنڌو.

 

ڇوهه ڇِپُن تان ڇُلندو رهندو،

ڪهندي، ڪهندي، ڪهندي رهندي، سون رون سنڌو.

 

سنڌ سُڪارِي ساڀيا ٿيندي،

سُپنا سُپنا وهندي رهندي، سون ورن سنڌو.

تنوير عباسي

ٽيڙو

(1)

اونداهي ۽ سانت-

ٻن ڳالهين ۾ ٿي ملي،

هينئڙي کي ايڪانت.

(3)

واچ ٿي لوڏي وڻ –

جهولن ٽاريون خوب ٿيون،

ٽپڪي جا انب ڇڻ.

(5)

رات وسي برسات –

وڄ جوچمڪو تنهن جو منهن

۽ پوءِ ڪاري رات.

(7)

وسي مسلسل مينهن –

سج رُٺل آ تو جيان،

آهي رات نه ڏينهن.

 

(2)

جرڪيو اهڙيءَ ريت

اوندهه ۾ ڄڻ ڪا کنوڻ،

منهنجو روشن گيت.

(4)

هوريان وهندڙ واهه –

پاڻيءَ تان پاڇا لڏن،

ترڪي وڃي نگاهه.

(6)

رونبو ڪن ان ريت –

ماڻهو گپ – هاڻا مگر،

ڳائن اُجرا گيت.

(8)

اڄ ايئن تو مرڪيو –

پاري جي رات کُٽِي وئي،

سج تڙڪو نڪتو.

تون ڇا آهين

تون ڇا آهين

 

جي تون چاهين سڀڪجهه آهين

ڪجهه به نه چاهين

ڪجهه به نه آهين

جيڪي چاهين

سو ئي آهين

هيءَ دنيا آ تنهنجي دنيا

جيئن به چاهين

تيئن ئي آهين

توڙي ڊاهين

ٺاهين ڊاهن، ڊاهين ٺاهين

جنهن کي چاهين تنهن کي چاڙهين

جنهن کي چاهين تنهن کي لاهين

لاهين چاڙهين، چاڙهين لاهين

آهين ناهين ڇاهين ڇاهين

سڀڪجهه آهين سڀ ڪجهه آهين

 

هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو وارو آهي

 

مون هر دؤر ۾ رت هاريو آ

مون هردؤر ۾ ساهه ڏنو آ

منهنجو ساهه گهٽيو ويو آهي

۽ هر وير ڪٽيو ويو آهي

مون ئي پٿر کاڌا آهن

۽ زنجير به پاتا آهن

مان ئي صليب تي لڙڪيو آهيان

سسي ڪپائي ڦٿڪيو آهيان

مرڪي مون سڀ سور سَٺا ٿي

چپ چپ سڀ الزام ٻڌا ٿي

صدين کان خاموش رهيس مان

۽ ايڏو بي هوش رهيس مان

ماڻهن جو ويساهه کڄي ويو

ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو

ماڻهن سمجهو سچ ڪانئر آ

ماڻهن سمجهيو سچ بي طاقت

جنهن ۾ ناهي ڪائي همت

هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس

هاڻي تنهنجو وارو آهي

مون هٿ ۾ بندوق کنئي آهي!

منهنجي جهوليءَ ۾ بم آهي

پير سنڀالي بيهه هينئر تون

تنهنجو مون سان ئي ڪم آهي

مستقبل جو ڪاتب آهيان

منهنجي هٿ ۾ لوح و قلم آ

تو سقراط کي زهر پياريو

۽ سقراط مئو ناهي پر

منهنجي روپ ۾ آيو آهي

تو منصور کي ڦاهيءَ چاڙهيو

پر منصور مئو ناهي پر

منهنجي روپ ۾ آيو آهي

 

عيسيٰ کي تو صليب تي چاڙهيو

پر عيسيٰ ڏس جيئرو آهي

منهنجي روپ ۾ آيو آهي

تو هوشوءَ کي گولي هنئي پر

هوشو موٽي آيو آهي

تو هيمونءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو

هيمون اڃا جيئرو آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com