سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :15

پروفيسر واءِ- ايس- طاهر علي

امير خسرو، دهلوي

 

جڏهن چنگيز خان جا خوني ڪٽڪَ وچ ايشيا تي اچي ڪڙڪيا، اتي جي ڪيترن ئي ترڪي، قبيلن ڀڄي وڃي ٻين ملڪن ۾ پناهه ورتي. انهن قبيلن ۾’لاچين‘ نالي هڪ معزز قبيلي اچي هندستان ۾ اَجهو ورتو. سلطان شمس الدين التمش سندن سٺي آجيان ڪئي. امير خسرو دهلوي انهيءَ خاندان جي نسل مان آهي. امير خسرو جو پيءُ، سيف الدين، قبيلي جي سردارن مان هڪ سردار هو، ۽ سندس نانو عمادالملڪ بلبن جو جنگي وزير هو. هو سن 652 هجريءَ ۾ پٽيالي شهر ۾ ڄائو. ستن سالن جو هو ته پڻس فوت ٿيو. گهر آسودو هو، تنهنڪري سندس تعليم تي پورو پورو ڌيان ڏنو ويو، ۽ ان وقت جي سائنس ۽ فلسفي جو عالم بنيو؛ پر طبع جو خاص لاڙو ۽ چاهه شعر ڏي هوس. ننڍي هوندي کان شعر چوڻ لڳو، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار کي پهچڻ تي شعر ڄڻ سندس پيشو بڻجي پيو. پر ائين نه سمجهڻ گهرجي ته امير خسرو رڳو شاعر هو، شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هو دنيا جي معاملن جو به خوب واقف هو. تلوار هلائڻ ۾ اهڙو ئي ڀڙ هو، جهڙوقلم وهائڻ ۾. خسرو انهن شاعرن مان ڪين هو، جي دنيا جي ڏکن ۽ ناڪامين کان تنگ اچي وڃي شعر جي دنيا وسائي پاڻ وندرائيندا آهن.

ان وقت جي دهلي، مُنيءَ صديءَ جي عرصي کان، ان وقت جي هندستان جي گادي رهندي پيئي آئي، ۽ وچ ايشيا جي اميرن، عالمن ۽ سياسي مدبرن جو پناهگاهه ۽ مرڪز بنجي چڪي هئي. ٻيا به ڪيترائي سبب هئا، جن جي ڪري اها ’بغداد ثاني‘ ليکجڻ ۾ ٿي آئي. سڄي ملڪ جي سوسائٽيءَ جا بهترين ۽ بدترين عناصر منجهس موجود هئا، اهڙي قسم جو رنگين ماحول هڪ اهڙو ميدان هو، جنهن ۾ امير خسرو گهڻو ڪجهه سکي سگهيو ٿي، ۽ سکڻ جو شوق به گهڻو هوس.

وڏي دماغ ۽ تيز ذڪاوت وارا ڪين چاهيندا آهن ته دولت هٿ ڪرڻ لاءِ ديرينا ۽ جفاڪشيءَ وارا رستا ۽ وسيلا اختيار ڪجن. ان وقت درباري شاعريءَ جو پيشو هڪ اهڙو پيشو هو، جنهن ۾ ٿوري کان ٿوريءَ محنت سان گهڻي ۾ گهڻو ڪمائي سگهبو هو، ان ڪري اميرو خسرو ارادو ڪيو ته درباري شاعر بنجان، ۽ انهيءَ لاءِ هر لحاظ کان اهليت به هيس. قصيدن ۽ غزلن چوڻ جي ڏات هيس؛ شخصيت دلڪش، ظرافت روشن، ۽ گفتگو جادوءَ سان ڀريل هيس، پر جيئن ته دربار جي هر دادلي جي حياتي خطري کان خالي نه هوندي هئي، تنهنڪري هن ڏاهپ کان ڪم ورتو، ۽ ڪڏهن به شهرت ۽ اقتدار جي بلند چوٽين تائين پهچڻ جي سَڌ ڪانه ڪيائين، ۽ هميشه سرپرستن جي سياسي رقابت ۽ ڇڪتاڻ کان دور گذاريائين. بلاشڪ، هر سرپرست جو سنگتي هو، پر هڪ دڪاندار وانگر کانئن مدح سرائيءَ جو عيوضو وٺندو رهيو. جيئن برسات پوڻ مهل پاڻيءَ جا بوڙينڊا ٺهندا ۽ ڊهندا آهن، تيئن پنجاهه سالن جي عرصي تائين سندس اکين اڳيان حاڪم ۽ بادشاهه پيدا ٿيندا ۽ فنا ٿيندا ويا، ۽ هر حاڪم جي واکاڻ ۾ انتهائي مبالغي کان ڪم وٺندو رهيو. پر سندس مدح سرائي ۽ عقيدتمندي فقط تيستائين هوندي هئي. جيسين ممدوح برسر اقتدار هوندو هو؛ اقتدار کان ڪرڻ شرط امير خسرو، کيس وساري نئين اڀرندڙ ستاري جي مدح شروع ٿي ڪئي.

سندس پهريون سرپرست علاءُ الدين محمد خشيل خان هو، جو عام طرح مَلڪ ڇجو خان جي نالي سان معروف آهي، ۽ سلطان غياث الدين بلبن جو ڀائٽيو ۽ سندس حاجب هو. هيءُ امير علم ادب جو وڏو سرپرست هو. امير خسرو 1277ع ۾ سندس سرپرستيءَ هيٺ آيو، ۽ ٻين شاعرن وانگر سندس فياضيءَ مان بهره ور ٿيڻ لڳو، ۽ جلد ئي ممتاز درجي کي وڃي پهتو. پر هڪ خسيس ڳالهه تان ملڪ ڇجو خان، اميرخسرو سان انهيءَ حد تائين ڪاوڙجي پيو، جو لاچار کيس، ملڪ ڇجو خان جي سرپرستيءَ مان نڪرڻو پيو. هڪ ڀيري ناصر الدين بغدا خان اچي ملڪ خان جي مجلس ۾ شرڪت ڪئي. بغدا خان کي امير خسرو جو ڪلام اهڙو ته وڻيو جو چانديءَ جي مهرن جو هڪ پيالو ڀري کيس انعام ڏنائين. ڇجو خان کي اهو ڪين وڻيو، ۽ ڪاوڙجي پيو. امير خسرو کيس پرچائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر وريو ڪي ڪين. لاچار ٿي، خسرو پنهنجي خدمت بغدا خان جي حوالي ڪئي.

 جنهن وقت لکنو جي گورنر طغرل بغاوت ڪئي، تڏهن بغاوت بند ڪرڻ لاءِ بغدا خان کي اوڏانهن وڃڻو پيو. امير خسرو به ساڻس گڏ هو. ان بعد ستت ئي بغدا خان لکنو تي صوبو مقرر ٿيو. پر خسرو کي اهو ننڍڙو صوبائي شهر ڪون وڻيو، تنهنڪري دهليءَ موٽي آيو. هتي اتفاق سان سندس ملاقات سلطان محمد سان ٿي، جنهن کي تاريخ ۾ ’خان شهيد‘ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. سلطان محمد هڪ لائقن ڀريو حاڪم هو. سندس گادي ملتان ۾ هئي، ۽ پارسي ادب جي دنيا ۾ سندس درٻارجي نيڪي ڳائي ويندي هئي. پنجن سالن تائين امير خسرو ۽ امير حسن انهيءَ درٻار ۾ رهيا. ٻنهي جي خوب قدرداني ٿي. کين ججها انعام اڪرام ڏنا ويا، ۽ اُچيون خلعتون ڍڪايون ويون، پر حالتن ۾ اوچتو انقلاب آيو: منگولن جي هڪ اوچتي حملي جو مقابلو ڪندي، سلطان محمد قتل ٿي ويو، ۽ امير خسرو، جو لشڪر جي مهندارن مان هڪ هو، قيد ٿي پيو. ڪجهه وقت بعد، ڪنهن تجويز سان، منگولن کان جند ڇڏائي موٽي آيو. موٽڻ بعد پنهنجي سخي سرپرست جي موت تي هڪ مرثيو اچي لکيائين، جنهن گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سندس نالو وجھائي ڇڏيو، اهو مرثيو سندس بهترين مرثين مان هڪ آهي.

ان بعد امير خسرو پنهنجيون خدمتون حاتم جي حوالي ڪيون، جڏهن حاتم ائوڌ جو والي مقرر ٿيو، تڏهن خسرو به ساڻس گڏ اوڏانهين روانو ٿيو. ٻن سالن بعد دهليءَ جي سڪ اچي کنيس. ماڻس به لاڪس اُداس هئي. حاتم خوشيءَ سان کيس موڪل ڏني، ۽ سفر خرچ لاءِ سون جون ٻه ٿالهيون ڀري ڏنائينس.

دهليءَ ۾ اڃا ٻه ڏينهن ئي ڪين رهيو هو ته سلطان معز الدين ڪيقباد کيس شاهي درٻار ۾ ڪوٺايو، ۽ هڪ سونو ڪمر پٽو ۽ ٻيو ججهو سون کيس عطا ڪيو، کيس حڪم ٿيو ته سلطان معز الدين ۽ سندس والد بغرا خان جي ملاقات جوبيان شعر ۾ قلمبند ڪري، هن ارشاد موجب خسرو پنهنجي پهرين مثنوي”قِران السعدين“ شروع ڪئي، جا ڇهن مهينن جي لاڳيتي محنت دماغ سوزيءَ بعد ختم ٿي. پر مثونيءَ پوري ٿيڻ کان اڳ، سلطان معز الدين ٻاويهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سلطان جي وفات سان ترڪي اميرن جو زور به ٽُٽي ويو. اهي ترڪ سردار سلطان شهاب الدين غوريءَ جي وقت کان برسر اقتدار رهندا پئي آيا، ۽ منجهانئن ڪيترا خسرو جا دوست هئا. پر خسرو سندن خاتمي جو نظارو ائين پئي ڏٺو، ڄڻ ته سندس ڪي ڪين ٿي ويو. حقيقت ۾، جيڏانهن هو وهڪري جو رخ، تيڏانهن هو سندس رخ.

 ان بعد سلطان جلال الدين جو دور آيو، جو خسرو جو هڪ جهونو ممدوح هو. سلطان کيس وڏو عهدو عطا ڪري، پهريون نمبر درٻاري بڻايو. سلطان متعلق ڪيترا غزل ۽ قصيدا چيا اٿس، ۽ سلطان جي سوڀن جو شڪر نظم جي صورت ۾ قلمبند ڪيو اٿس، جو ”مفتاح الفتوح“ جي نالي سان موسوم آهي. سن 695هه ۾ ملڪ علاؤ الدين خلجيءَ هن ٻڍڙي سلطان کي گنگانديءَ جي ڪناري تي ڪارا نالي هڪ جاءِ تي قتل ڪرائي ڇڏيو. شايد خسروءَ جي دل ۾ غم ۽ غصي جا طوفان کڙا ٿيا هجن، پر سندس وات مان ٻڙڪ به ڪانه نڪتي.

علاءُ الدين به کيس درٻار جو پهريون شاعر بنايو. خسروءَ جي نظر ۾ علاءُ الدين هڪ سچوپچو سياسي مدبر هو، ۽ جن قصيدن ۾ سندس مدح ڪئي اٿس سي واقعي لطف سان ڀريل آهن. سلطان علاءُ الدين جو راڄ ويهه سال هليو، ۽ شعر گوئي جي لحاظ کان اهودورخسروءَ جو بهترين دور آهي.  سڀ لاڳاپا لاهي، شعر کي لڳي ويو. رفتار به عجب تيز هيس. 693هه کان 700هه وارن ٽن سالن ۾ پنهنجو نامور شاهڪار”پنج گنج“ نظم ڪري سلطان کي پيش ڪيائين. ’پنج گنج‘ جي تنسيب محبوب الاهي حضرت نظام الدين اوليا دهلويءَ ڏانهن ڪيل آهي. ٽيون حصو نظم ڪري رهيو هو ته سندس والده ۽ سندس ننڍو ڀاءُ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. جيڪڏهن خسروءَ جي حرص جي ڪا حد هجي ها، ته جيڪر انهيءَ ’پنج گنج‘ تي اڪتفا ڪري ڪجهه آرام وٺي ها؛پر حرص ايڏو ته هوس، ۽ طبع ۾ ايتري رواني هيس، جو نثر جي ميدان ۾ پير رکندي، ٻه تصنيفون ڪيائين:هڪ ”اعجاز خسروي، “۽ ٻي”خزائن الفتوح. “ علاءُ الدين جي راڄ جي پڇاڙيءَ ڌاري ٻي تاريخي مشنوي لکيائين، جا بهترين مثنوي اٿس. شيخ نظام الدين اوليا سان جا حب هيس، سا سندس حياتيءَ جي اهم واقعن ۾ شمار ٿيندڙ آهي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اٺن ورهين جو هو ته شيخ جو مريد بنيو، ۽ شيخ کيس شعر چوڻ ۾ همتائيندو رهيو. پر اوائلي وقت ۾ خسرو گهڻو ڪري دهليءَ کان ٻاهر گذاريندو هو، ۽”قِران السعدين“ ۾ شيخ جو ڪو به ذڪر ڪو نه ڪيو اٿس، تنهن ڪري ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته سلطان جلال الدين جي ڏينهن ۾ شيخ سان دوستي شروع ٿيس، ۽ جيئن پوءِ تيئن سندن ناتا گهاٽا ٿيندا ويا. جيتوڻيڪ خسرو هڪ درباري هو، پر باطني طور هڪ صوفي هو، ۽ شيخ نظام الدين سندس ترڪي انداز تي مفتون هو.

شيخ نظام الدين سياست جي ميدان کان الڳ رهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيو. سلطان علاءُ الدين جو پٽ، خضر خان، شيخ جو مريد بنيو. سلطان جي وفات تي سلطان قطب الدين مبارڪ گاديءَ تي ويٺو، جنهن کي شيخ نظام الدين ڪين وڻندو هو، ان ڪري کليو کلايو ساڻس وير رکيائين. پر خسروءَ ڏاهپ سان ٻنهي ڌرين سان سٺا ناتا قائم رکيا، ۽ سلطان قطب الدين جي خوشنوديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ”نُہ سپهر“ مثنوي نظم ڪيائين.

ان کان پوءِ سلطان غياث الدين تغلق جو دور آيو، جنهن جي اعزاز ۾ خسرو پنهنجي آخري مثنوي”تغلق نامه“ نظم ڪئي. جڏهن سلطان بنگال تي ڪاهيو، تڏهن خسرو ساڻس گڏ اوڏانهن ويو. دهليءَ کان انهيءَ غير حاضريءَ جي عرصي ۾، پويان شيخ نظام الدين وفات ڪئي. موٽي اچڻ تي خسرو پنهنجي پياري مرشد جي موت تي ماتم ڪيو، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ خود به هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين.

خسروءَ جي شاعري

خسرو ۽ فيضي-اهي ٻه شاعر آهن، جن جي قابليت ۽ لياقت جا خود ايراني به قائل ۽ مداح آهن. خسروءَ جو علم نهايت وسيع هو، فارسي ۽ ترڪيءَ کان سواءِ عربيءَ ۽ سنسڪرت جو به عالم هو. هونئن ته هر ڪنهن شاعر شعر جي ڪنهن خاص باب ۾ ڪمال ڪيو آهي، پر خسروءَ کي شعر جي سڀني بابن-يعني مثنوي، قصيدي، غزل ۽ رباعيءَ ۾ ڪمال حاصل آهي. نثر کي به ڇڏيو ڪو نه اٿس. راڳ جو وڏو ماهر ۽ استاد هو. ان سان گڏ صوفي ۽ اهل سلوڪ هو. عجب آهي ته هڪ درباريءَ ۾ هڪ ئي وقت تي ايتريون وصفون ڪيئن گڏ ٿيون!

سندس نظم ۽ نثر جي ياداشت هيءَ آهي:

مختلف موضوعن تي ننڍيون تصنيفون ۽ نظم-’بدائع العجائب‘، ’خالق باري‘، مثنوي شهرآشوب‘، ‘’چيستان‘، ۽ هنديءَ ۾ چيل نظمَ هن باب ۾ اچي وڃن ٿا.

تاريخي مثنويون-’ قِران السعدين‘، ’مفتاح الفتوح‘، ’دولراني خضر خان‘، ۽’ نُہ سپهر‘.

روماني يا عشقي مثنويون-’مطلع الانوار‘، ’شيرين خسرو‘، ’آئينه سڪندري‘، ’ليليٰ – مجنون‘ ۽ ’هشت بهشت‘.

پنج ديوانَ-تحفة-الصغر‘، ‘وسط الحيوة‘، ’عزة الڪمال‘، ’بقيہ نسقيہ‘، ۽ نهاية الڪمال‘.

نثري تصنيفون-’اعجاز خسروي‘ ۽ ‘خزائن الفتوح‘.

مختلف موضوعن تي جيڪي ننڍيون ننڍيون تصنيفون اٿس، تن متعلق هتي بحث ڪرڻ مناسب ڪو نه ٿا سمجهون. اهي تصنيفون ٻارن ۽ عام ماڻهن جي نقطه نگاهه کان لکيل آهن، ۽ اهڙي مشغولي سندس واندڪائيءَ جي وندر هوندي هئي. زبان تي جا دسترس هيس ، ۽ ظرافت جو جيڪو ملڪو منجهس هو، سي هنن تصنيفن مان پيا بکن.

 خسرو جي حقيقي شهرت جو بنياد سندس شعر تي ٻڌل آهي، خيالن ۽ جذبن ادا ڪرڻ جو استعداد جو منجهس آهي، سو ٻين ڪن ٿورن ۾ لڀندو. ان زماني ۾ ’شاعراڻي تخيل ادا ڪرڻ جا ٽي وسيلا هئا: قصيدو، غزل، ۽ مثنوي، ٽنهي بابن ۾ خسرو ڪمال کي پهتو آهي. نثر ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته محض دماغ سوزيءَ کان ڪم ورتو اٿس، ۽ طبع تي زور لائي لکيو اٿس؛ پر شعر بيساخته ۽ بيتڪلف، طبع مان ٿي نڪتس، ۽ ان ڪري سندس رفتار به تيز هئي. مثنوي سليس، ۽ نزاڪت ۽ لطف سان ڀريل آهي، بيت پٺيان بيت، سُر سان سُر، ۽ مطلب سان مطلب ملايو، ڄڻ قدرتي طرح درياءَ وانگر وهندو پيو اچي. زبان تي واه جي قدرت ۽ ضابطو اٿس. تخيل جي فراوائي به عجيب اٿس. ڪمال هي آهي ته مضمون بلڪل خسيس ۽ ڪٿي ته مورڳو حماقت سان ڀريل، پر لفظن جي ندرت ۽ جدت، رواني ۽ رنگينيءَ ۾ اهو ته جادو سمايل آهي جو پڙهندڙ جو ڌيان موضوع ڏي ويندو ئي ڪونه.

مثنويون:

اچو ته پهريائين مثنويءَ جو مطالعو ڪريون. ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪنهن به مثنويءَ ۾ اهڙو موضوع ڪو نه آهي، جو خسروءَ جي مذاق ۽ دل وٽان هجي.

1. ’قِران السعدين‘: جيئن مٿي چيو ويو آهي، هيءَ مثنوي سلطان معزالدين ڪيقباد جي حڪم تي نظم ڪيل آهي، ۽ انهن تصنيفن جهڙي بيسوادي آهي، جي سرڪاري حڪم تي جوڙيون وينديون آهن. منجهس ڪابه رنگيني نظر ڪانه ايندي. تاهم سرور، لطف ۽ نزاڪت واري ۽ دلڪش آهي. موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ خسروءَ جي لياقت ۾ ڪڏهين به ڪا گهٽتائي ڪانه ٿي آئي، انهيءَ هوندي به حقيقي شعرجي درجي کا هيءَ مثنوي ڪريل آهي، ڇو ته حقيقتن بيان ڪرڻ ۾ سرڪاري نقطه نگاهه جو خيال رکڻو ٿو پوي، ۽ نه فني اصولن جو.

2. ’مفتاح الفتوح‘: هن مثنويءَ ۾ به ”قِرن السعدين“ واريون خاميون ٿوري گهڻي انداز ۾ نظر اينديون، پر تاريخي نقطه نگاهه کان هن کي وڏي اهميت حاصل آهي.

3. ’دولرانيءَ حضر خان‘: هندستان جي پارسي شاعرن اڳين شاعرن جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري سندن ڪلام تصنع ۽ لفظي ڊيگهه ۽ کيڏ سان ڀريو پيو آهي. جي صحيح شعر کان نا آشنا آهن، تن کي اهڙو ڪلام وڻندو. ’ دولرانيءَ خضر خان‘ هن قسم جي ڊيگهه ۽ لفظي راند کان خالي آهي. سبب هي آهي ته ڪي اهڙا درد ڀريا واقعا پيش آيا، جن خسرو لاءِ هڪ درد ڀريو مضمون پيدا ڪيو، جو انساني زندگيءَ جي عين مطابق آهي. مضمون توڙي واقعن جي لحاظ کان هن مثنويءَ ۾ هڪ قسم جو رعب ۽ جلال آهي، جو ڏک ۽ درد جي رنگ ۾ رتو پيو آهي.

4. ’نُہ سپهر‘: هن مثنويءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل نموني جو ڪو به انساني جز- (Human Element) ڪونه آهي. نظم ۾ سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه جي راڄ جي تاريخ آهي.

5. ’تخلق نامه‘ هيءَ مثنوي خسروءَ جي آخري ڏينهن ۾ نظم ڪيل آهي. بدقسمتيءَ سان هيءَ مثنوي اسان تائين مڪمل صورت ۾ نه پهتي آهي. شهنشاهه جهانگير هن کي از سرنو لکڻ جو حڪم به ڪيو هو، پر تنهن هوندي به هن جا نسخا اڻلڀ آهن.

 هاڻي اچو ته امير خسروءَ جي روحاني يا عشقي شعر تي نطر وجهون. ’مطلع الانوار‘ صحيح معني ۾ روماني شعر نه آهي، بلڪ هڪ پڌرنامو آهي، جنهن جي وضاحت آکاڻين سان ڪيل آهي. ٻين چئن مثنوين ۾ اهي ئي قصا آندا ويا آهن، جي ’نظاميءَ‘ آندا آهن،۽ سڀني مثنوين کي ’نظاميءَ‘ جي قالب ۾ پلٽڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. ’نظاميءَ‘ جي تتبع جي جرئت ڪرڻ لاءِ خسروءَ ۾ ڪافي استعداد هو. سندس قلم ۾ اها رواني هئي جا ’نظاميءَ‘ جي قلم ۾ هئي. کيس انساني زندگي بابت اها معلومات هئي جا ’نظاميءَ‘ کي هئي، ۽ سندس جذبن ۾ اها تيزي ۽ اهو زور هو جو نظاميءَ جي جذبن ۾ هو، پر تنهن هوندي به ’نظامي‘ جي منزل کي پهچي ڪين سگهيو.

در شعر مجو بلندي، ڪين ختم شد است برنظامي. ’نظاميءَ‘ کي ڇو ڪين پهتو؟ اول ته سندس قصه گوئيءَ ۾ اهو زور ڪو نه آهي جو نظاميءَ جي قصه گوئيءَ ۾ آهي؛ ٻيو ته خسرو اهڙا دلڪش ۽ موهيندڙ نظارا ڪين ڏٺا آهن، جهڙا نظاميءَ چٽيا آهن، ۽ نه ڪي نوان قصا پيش ڪيا اٿس؛ ٽيون ۽ وڏو سبب هي آهي ته نظاميءَ جو خمسو اهڙيءَ يڪطرفي مشغوليءَ جي پيدائش آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٻيءَ مشغوليءَ خلل ۽ رخنو ڪو نه ٿي وڌو. برخلاف ان جي، خسرو سندس خمسو ٻين مشغولين کان واندڪائيءَ ۽ مهلت جي وقت ٿي نظم ڪيو، ۽ تنهنڪري کيس معياري بنائي ڪين سگهيو. ازان سواءِ، نظامي پاڻ کي شعر جي هڪ باب لاءِ محدود ۽ مخصوص رکيو، ۽ پنهنجيءَ ڏات ۽ استعداد کي گهڻن پاسن ڊوڙائي، رلائي، هار-وِير ڪين ڪيو. برخلاف ان جي، خسرو هر باب ۾ هٿ وڌو ۽ هر فن ۾ طبع آزمائي ڪئي، ۽ طبع جي وهڪري ۾ ڪيتريون کنڌيون ڪري ان جو زور ڀڳو. نظامي گوشي نشين هو، ۽ اهڙن فڪرن ۽ ڳڻتين کان آزاد هو، جي من ۾ مونجهارو پيدا ڪنديون آهن؛ پر خسرو صبح کان شام تائين فڪرن ۾ مبتلا رهندوهو، ۽ ڪاوڙ ۽ ڳڻتيءَ ۾ ائين پيو ٽهڪندو هو، جيئن باهه تي چڙهيل پاڻيءَ جي ديڳ ٽهڪندي آهي( هي لفظ پنهنجي باري ۾ پاڻ چيا اٿس) جيتوڻيڪ خسرو نظاميءَ سان ڪلهو ڪين هڻي سگهيو، پر تنهن هوندي به نظاميءَ جي تتبع ڪرڻ وارن ۾ سندس درجي کي ڪو به پهچي ڪو نه سگهيو آهي. ”هشت بهشت“ جيان، ٻين مثنوين ۾ به جيڪڏهن هندي ڏند ڪٿائون وجهي ها، ته ڪم از ڪم مٿس اهو الزام نه اچي ها ته سندس قصا پراڻا ۽ پاروٿا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com