سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

 

صفحو :17

ڪي راوي ان کي رد ڪن ٿا. انهن جو بيان آهي ته خدا جو قهر جنون جي شڪل ۾ نه، پر بيماريءَ ۾ لٿو هو. مطلب ته جيترا منهن، اوتريون ڳالهيون آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ڪير يقين ڪري سگهي ٿو ته ’ مجنون‘ جهڙو ڪو مشهور شخص دنيا ۾ ڪڏهن موجود هو؟

بيشڪ، هي اعتراض پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن مجنون موجود نه هو، ته پوءِ هي سڄو قصو ڪٿان آيو؟ ان جو جواب خود ادب ۽ شعر جي راوين ڏنو آهي. ابن ڪلبي چوي ٿو: ”بني اب جو هڪ نوجوان، پنهنجيءَ سوٽِ تي عاشق ٿي پيو. عشق جي جوش ۾ هن شعر چيا. ان کانپوءِ ڊنو ته متان راز ظاهر ٿي پوي ۽ ٻنهي جي خواري ٿئي، انهيءَ ڪري، لِڪَ لڪائڻ لاءِ، ’مجنون‘ جو نالو اختراع ڪيائين، ۽ پنهنجا شعر ان ڏانهن منسوب ڪيائين. “

ان کانسواءِ اها به خبر آهي ته انهيءَ زماني ۾ شعر ۽ ادب جا اهڙا راوي موجود هئا، جن جو ڪم فقط ماڻهن جي دل خوش ڪرڻ ۽ ڪچهريءَ لاءِ داستان سرائي ڪرڻ هو. هو شعر ۽ حڪايتون ٺاهيندا هئا، ۽ بصري، ڪوفي، بغداد وغيره وڏن وڏن شهرن ۾ ڦهلائي ڇڏيندا هئا- جهڙيءَ طرح اڄڪلهه جا اخبار نويس لنڊن ۽ پيرس ۾ طرح طرح جا افسانا مشهور ڪري ڇڏيندا آهن. هي معمولي ماڻهو نه هئا. هنن ۾ اهڙا ماڻهو به داخل هئا، جن کي اڄڪلهه معتبر راوي يقين ڪيو وڃي ٿو. هنن شعرن ۽ واقعن گهڙڻ ۾ غير معمولي مهارت حاصل ڪئي هئي. هو علم ۽ فڪر جا صاحب هئا، انهيءَ ڪري انهيءَ زماني ۾ به عوام انهن کي صادق ۽ معتبر سمجهندا هئا، ۽ انهن جون روايتون سواءِ شڪ ۽ شبهي جي قبول ڪندا هئا. اهڙين راوين مان ٻن راوين جا نالا هتي پيش ڪريان ٿو. ’حماد راويه‘ ۽ ’حلف احمر‘. انهن ٻنهي شخصن بيشمار مصنوعي واقعا ۽ شعر بنايا آهن. هي ٻئي عربي زبان جا ماهر، ۽ بدوي قبيلن کان بهتر عربيت جا اسرار ۽ دقائق ڄاڻڻ وارا هئا. ٻئي پنهنجي دين لِهو لعب جا دلدادا هئا. ڪي همعصر شاعر سندن شريڪ حال ٿي ويا هئا، انهيءَ ڪري سندن راز ڄاڻندا هئا ۽ انهن جي صداقت ۾ شڪ سمجهندا هئا.

 هي حال فقط ادب ۽ شعر جي راوين جو نه آهي، پر علم وارن کي معلوم آهي ته آنساب، سَير، فتوح ۽ غزوات جا ڪيترا راوي به اهڙا ئي هئا. ”سيرت ابن هشام“ کڻي ڏسو؛ ان ۾ شعرن جو هڪ وڏو ذخيرو اوهان کي ملندو، پر ابن هشام پاڻ روايت کان پوءِ تصريح ڪندو وڃي ٿو ته ’شعر جي فن جا ڪيترا عالم هن قصيدي کان انڪار ڪن ٿا“.

حقيقت هيءَ آهي ته عرب، روم ايران ۽ يونان ڪن ڳالهين پاڻ ۾ هڪجهڙا آهن. رومين يونان تي جنگي فتح حاصل ڪئي هئي، پر يونان رومين تي ادبي فتح حاصل ڪئي. اهو ئي حال عربن جو آهي. هنن ايران کي هٿ ڪيو، پر پاڻ ايراني ادب ۽ ذهنيت کان مغلوب ٿي ويا. انهيءَ ادبي فتح جا جلوا روم ۽ بغداد ۾ هڪجهڙا نظر اچن ٿا. يونان ۽ ايران، ٻنهي هي ڪم ڪيو جو روم ۽ عرب جي تمدن تي دست درازي ڪيائون ۽کين پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتائون. اها ئي صورتحال انساب، تاريخ ۽ سير ۾ به پيش آئي آهي.

انهن سببن جي بنا تي اسان کي پورو حق آهي ته پنهنجن معتبر راوين جي روايتن ۾ شڪ رکون؛ ۽ جڏهن هو مجنونءَ جهڙي قصي تي ايتري قدر پاڻ ۾ مختلف آهن ته اڃا به وڌيڪ شڪ ۽ احتياط ڪريون.

اسان وٽ بحث ۽ تحقيق جو هڪ ٻيو طريقو به آهي، پر اهو محض هڪ فني طريقو آهي، تاريخ سان تعلق نٿو رکي. مجنونءَ جي شعرن ۾ اسين انهيءَ طريقي کان به ڪم وٺي سگهون ٿا. شعر اسان کي پاڻ ٻڌائيندو ته يا ته اهو هٿرادو ٺاهيو ويو آهي. جنهن ڪري محبت جو سچو جذبو پيش نه ڪندو، يا مختلف شاعرن جو ڪلام آهي، جو راوين ڀل کان يا زور ڪري مجنونءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ”جا خط“ بالڪل ٺيڪ چيو آهي:”اهو ڪو به شعر نه آهي،  جنهن ۾ ليلا جو ذڪر هجي ۽ ماڻهن قيس بن ملوح (مجنون) ڏانهن منسوب نه ڪيو هجي؛ ۽ اهڙو ڪو به شعر نه آهي، جنهن ۾ ’لبنا‘ جو ذڪر هجي ۽ قيس بن ذريح جي مٿان نه ٿڦيو ويو هجي. اها حقيقت آهي ته مجنونءَ ڏانهن ڪيترائي شعر منسوب ڪيا ويا آهن، حالانڪ خود مجنونءَ کي انهن سان ڪو به تعلق نه آهي. هي شعر انهن شاعرن جا آهن، جي نه ته مجنون هئا، ۽ نه سندن اهو حال ڪيو هو، جو مجنونءَ جو هو.“

شاعر جي تحقيق ڪهڙي طريقي تي ڪرڻ گهرجي؟ خود شاعر جي شخصيت سڀ کان پهرين شيءِ آهي، اهو انهيءَ ڪري آهي جو شاعر پنهنجي شعر ۾ پنهنجي شخصيت ضرور ڏيکاريندو آهي. جيڪڏهن شاعر ڪامل آهي، ته سندس ديوان سندس نفسيات ۽ جذبات جو آئينه دار ۽ سندس شخصيت جو مظهر هوندو آهي. سندس مختلف نظمن ۾ هڪ ئي روح، هڪ ئي نفسيات، هڪ ئي قوت ڪارفرما نظر ايندي. ائين به آهي ته سڀ شعر هڪجهڙا نه هوندا؛ لطافت، رونق ۽ رقت ۽ جودت ۾ گهٽ- وڌائي هوندي، پر شاعر جي شخصيت سڀ ۾ نمايان هوندي، ۽ شاعرانه وحدت ايتري قدر واضح جو ذوق سليم هڪدم فيصلو ڪندو ته هي شعر فلاڻي جو آهي، يا هي شعر شاعر جي اسلوب تي آهي. اسان جي خيال ۾ اهو طريقو سچ پچ ناقابل شڪ، ۽ ادب جي فن ۾ هڪجهڙو قابل عمل آهي. خاص طرح غنائي شعرن جي اهميت غير معمولي آهي، ڇاڪاڻ جو شعر جي اها صنف نفس جو شفاف آئينو ۽ جذبات جوسچو مظهر ٿيندي آهي. انهيءَ اصول جي بناء تي، ڇا اسين مجنون جي شعرن ۾ سندس ڪا نمايان شخصيت ڏسي سگهون ٿا؟ منهنجي دعويٰ آهي ته نه. آءُ انهيءَ دعويٰ جي ثبوت ۾ ڊگهو بحث ڪرڻ نٿو گهران. منهنجيءَ تحقيق جو خلاصو مختصر لفظن ۾ هي آهي ته مجنونءَ ڏانهن جيڪي به شعر منسوب ڪيا ويا آهن، اهي

يا ته مشهور شاعرن جا آهن، ۽ راوين غلطيءَ مان مجنونءَ ڏانهن منسوب ڪيا آهن؛

يا مجهول شاعرن جا آهن، ۽ ’ليلا‘ جو ذڪر ڏسي ماڻهن مجنونءَ جا سمجهيا آهن؛

يا خود راوين ڄاڻي واڻي ٺاهيا آهن؛

يا مغنين (ڳائيندڙن ) پنهنجي گرم بازاريءَ لاءِ گهڙيا آهن، ۽ مجنونءَ جي مٿي تي هنيا اٿن، مون وڏي ڪوشش ڪئي آهي، شعرن ۾ ڪنهن مشترڪ شخصيت جي روح کي ڏسي نه سگهيس.

مجنون جي باري ۾ پنهنجي راءِ هڪ ٻئي طريقي سان به اسين ثابت ڪري سگهون ٿا. اُ ها اِها ته راويءَ انهيءَ تعلق جي نوعيت بيان ڪرڻ ۾ به تمام اختلاف رکن ٿا،  جو قيس بن ملوح (مجنون) ۽ ليلا جي وچ ۾ هو.

ڪي چون ٿا ته ليلا ۽ مجنونءَ جو ننڍپڻ کان ئي نينهن هو. ٻئي ٻڪريون چاريندا هئا. هوريان هوريان سندس وچ ۾ تعلق ٿيو، تان جو ننڍپڻ جي پيار جوانيءَ ۾ عشق جي صورت اختيار ڪئي، جوان ٿيڻ تي ليلا قيس کان لڪائِي ويئي. ان صدمي کيس مجنون بنائي ڇڏيو، ڪي وري اهو قصو نٿا مڃين. سندس دعوا آهي ته ٻنهي جي ننڍپڻ کان ڪا سڃاڻپ ڪانه هئي، پر اتفاق سان هڪ سفر ۾ سندس ملاقات ٿي ويئي. سفر ۾ قيس ڪي نازنينون ڏٺيون، جن کي سلام ڪيائين. هنن سندس سلام جو جواب ڏنو، ۽ هن کي ڳالهائڻ ٻولائڻ لاءِ ويهاريو. قيس سواريءَ تان لٿو.

’امراُلقيس‘ جيان، پنهنجي اُٺِ ذبح ڪيائين، ۽ گوشت ڀُڃِي کين کارائڻ لڳو، تان جو شام ٿي ويئي. شام جو هڪ ٻيو نوجوان آيو. سڀ ڇوڪريون قيس کي ڇڏي وڃي ان جون ٿيون. ان تي قيس ڪاوڙجي هليو ويو، ۽ جوش ۾ شعر چيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو وري اوڏانهن ويو، ته ڇوڪريون ڪون هيون، صرف ليلا موجود هئي. هن قيس کي گهرايو. قيس ڪالهه وانگر وري پنهنجي اُٺ ذبح ڪئي، ۽ محبت جو اظهارڪيو. شروعات ۾ ليلا بيرخي ڏيکاري ۽ قيس ڏاڍو غمگين ٿيو، پر وري ليلا کي ترس اچي ويو ۽ پنهنجيءَ محبت جو به اعتراف ڪيائين.

ڪي ان ڳالهه کي به تسليم نٿا ڪن. هو چون ٿا ته قيس عورتن جو دلدادو هو. ليلا هڪ سروقامت، خوش اندام، خوش رفتار، نازڪبدن دوشيزه هئي. قبيلي جا نوجوان ان وٽ اٿندا ويهندا هئا. قيس به ان طرح اچڻ وڃڻ لڳو، ۽ آخر محبت جي دام ۾ گرفتار ٿي ويو.

اهڙي قسم جون روايتون به آهن. ان مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته ليلا جي شخصيت ۾ به ڪو گهٽ اختلاف نه آهي. هڪ روايت ۾ کيس ٻڪرين چارڻ واري ڇوڪري ٻڌايو ويو آهي؛ ٻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ بدوي دوشيزه هئي، جيڪا نوجوانن کي روڪيندي هئي، ۽ ساڻن گفتگو ڪرڻ پسند ڪندي هئي؛ ٽينءَ ۾ کيس هڪ مهذب ۽ نستعليق خاتون بيان ڪيو ويو آهي، جيڪي وڏن وڏن اسلامي شهرن ۾ هونديون هيون. ڇا، فقط اهو ئي اختلاف ليلا جي شخصيت کي بناوتي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي، جڏهن مجنونءَ جي شخصيت به پوريءَ طرح مشڪوڪ ثابت ٿي چڪي آهي؟

مجنونءَ جي قصي ۾ ٻيون به اندروني شهادتون اهڙيون موجود آهن، جي منهنجيءَ راءِ جي تاڪيد ڪن ٿيون: مثلاً هيءَ روايت ته ليلا جي پيءُ قيس کي پنهنجي ڌيءُ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سبب اهو ٻڌايو ويو ته قيس اُن ڇوڪريءَ تي عاشق هو، ۽ سندن عشق مشهور ٿي چڪو هو. هوبهو اهو ئي واقعو اسان کي ٻين عشقيه قصن ۾ ملي ٿو: گويا ان زماني جي عشقيه قصن جو اهو هڪ مقبول عام انداز بيان هو. راوين جو بيان آهي ته عربن ۾ اُها رسم هئي ته هو عاشق سان ڇوڪريءَ جي شادي نه ڪرائيندا هئا. مان نٿو سمجهان ته اهو بيان صحيح آهي يا نه. عرب جاهليت جو دستور ته ان جي ابتڙ هو. گمان غالب آهي ته راوين اهو دستور محض پنهنجي دليان ايجاد ڪيو آهي ته جيئن عشقيه قصن ۾ عاشقن جي محرومين جو هڪ معقول سبب هٿ اچي وڃي.

هي واقعو به ڪو گهٽ مضحڪ انگيز نه آهي ته ’ وقت جي خليفي اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن قيس پردي ۾ ويهڻ کان پوءِ به ليلا جي پٺ نه ڇڏي ته قتل ڪيو وڃي. . ‘ پهرئين واقعي جيان هي واقعو به اڪثر عشقيه قصن ۾ آيو آهي. اسين بجا طور سوال ڪري سگهون ٿا ته ڇا، خليفن لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪونه هو جو بدوي عاشقن جي محبت جي معاملن ۾ حاڪمانه مداخلت ڪندا رهن؟- ڪڏهن ان جي قتل جو حڪم ڏين، ۽ ڪڏهن وري ان کي معاف ڪن! آخر اهو ڪهڙو شرعي بنياد هو، جنهن جي بنا تي هو اهڙي قسم جا حڪم صادر ڪندا هئا؟ ڇا، شريعت ۾ بي اختيارانه عشق ايڏو ڏوهه آهي جو ان جو تعزيز قتل آهي؟

اهڙيءَ طرح، هي واقعو به هڪ پر لطف ايجاد آهي ته قيس عشق جي جنون ۾ وحشي ٿي ويو هو- اهڙو وحشي، جو کيس جهنگ کانسواءِ ڪٿي به دل نه لڳندي هئي. هرڻن سان سندس پيار ٿي ويو هو، ۽ رات ڏينهن اهي گڏ هوندا هئس. داستان گوئيءَ جي مبالغي پسنديءَ لاءِ شايد ايترو ڪافي نه هو: راوي هڪ قدم اڃا اڳتي وڌي ٿو، ۽ اسان کي ٻڌائي ٿو ته هڪ ڏينهن هو قيس جي ڳولا ۾ انهيءَ وڻ تائين پهتو، جنهن جي هيٺان قيس هرڻن سان دل وندرائيندو هو، ۽ اهڙي طرح پهتو جو نه قيس کي ان جي خبر پيئي، ۽ نه هرڻن کي. پهريائين هي جاسوسي راوي لڪي لڪي وڻ تي چڙهي وڃي ٿو، وري لهي اچي ٿو، ۽ قيس سان سوال- جواب شروع ڪري ٿو. هرڻ آواز ٻڌندي ئي ڀڄي وڃن ٿا. قيس به هلڻ وارو هو جو راويءَ هڪدم ’ليلا‘ جو نالو کڻي وڌو. علي بابا ’سم سم‘ وانگر، ليلا جي نالي هڪدم طلسمي اثر ڏيکاريو، ۽ قيس جي وحشت دور ٿي ويئي. هينئر هو ماڻهوءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو؛- پر اوچتو هڪ نازڪ هرڻي نظر اچي وئيس، ۽ سندس جنون جو جوش نئينءَ طرح تازو ٿي ويو.

هي سڀ راوين جو تصنع ۽ تخيل آهي. اسين ان کي ڪڏهن به واقعو سمجهي نٿا سگهون. هي مبالغي جو هڪ خاص قسم آهي. داستان گو جڏهن معقول گفتگو ڪرڻ کان عاجز ٿي ويندا آهن، تڏهن اهڙيون بيڍنگيون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن. گهڻو ڪري سڀني عشقيه قصن ۾ اها ئي شيءِ نظر اچي ٿي. دنيا جي سڀ کان پراڻي قصي واري نظم ”اليڊ“ جو اهو ئي حال آهي. يوناني شعر ۽ ادب جي مغربي نقادن، انهيءَ اسلوب تي، ”اليڊ“ تي به تنقيد ڪئي آهي. هنن ان جي غير معقول ۽ مبالغي آميز شعرن کي ڪمزور شاعرن جو الحاقي ڪلام ٺهرايو آهي، ۽ معقول ۽ دلچسپ شاعرن کي ماهر شاعرن جو تخيل ٻڌايو آهي(يعني انهن مغربي نقادن، جن ’هومر‘ جي حقيقي وجود کان انڪار ڪيو آهي).

منهنجي خيال ۾، انهيءَ تفصيل کان پوءِ، مجنونءَ سان جيڪڏهن گهڻي رعايت ڪئي وڃي ۽ کيس خيالي شخص نه ٺهرايو وڃي، جڏهن سندس مشڪوڪ ۽ مشتبه هئڻ به ثابت آهي، تڏهن به بحث جو خاتمو شڪ ۽ انڪار تي ناپسنديده آهي، پر اسان کي علم ۽ حقيقت خاطر ڪڏهن ڪڏهن ان تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو.

اسان جي آڏو ڪيترائي عشقيه عربي قصا موجود آهن. اهي قصا ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پاڻ ۾ هڪجهڙا آهن، ۽ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪٻئي کان مختلف آهن. مثلاً، سڀني قصن جو هيرو بدوي آهي؛ سڀني جي محبت هڪجهڙي انتهائي قسم جي آهي؛ محبت سڀني کي هڪجهڙيون تڪليفون ڏنيون؛ سڀني جي محبت پاڪ هئي؛ گهڻو ڪري سڀني هڪڙي ئي نموني پنهنجي جذبات جو پنهنجن شعرن ۾ اظهار ڪيو آهي؛ سڀني جا شعر رفيق ۽ گهڻو ڪري هڪ ئي درجي جا آهن؛ سڀني جا واقعا، مصيبتون طرز عمل ۽ خليفن ۽ حاڪمن جي مداخلت جي نوعيت به هڪجهڙي آهي: ۽ اختلاف فقط سندن نالن، قبيلن يا ان ماحول ۾ آهي، جنهن ۾ هنن پرورش پاتي.

قيس بن ملوح (مجنون) جي انڪار ۽ قيس بن ذريح (لبنا جو عاشق) ۾ شڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان کي انهن جي جاين تي ٻين شخصن کي يا ٻين شين کي قائم ڪرڻ گهرجي، ورنه بحث بي نتيجي ٿيندو. نفي ۽ سلب کان پوءِ، اثبات ۽ ايجاد ناگزير آهي. منهنجيءَ راءِ ۾ قيس بن ملوح، قيس بن ذريح، جميل بن معمر ۽ عروه بن حزام جي جاءِ تي، صحيح لفظن ۾،  فقط هڪ شيءِ ثابت ۽ موجود آهي: يعني ان زماني جي عشقي قصن جو فن ۽ فڪر. منهنجو يقين آهي ته هي فن اُموي عهد ۾ ظاهر ٿي چڪو هو، يا گهٽ ۾ گهٽ ان جا نمايان بنياد پئجي چڪا هئا. هوريان هوريان ان ۾ ترتيب ۽ ترقي ٿي آهي، تان جو هڪ مستقل فن بنجي، موجوده زماني جي عشقيه قصي نويسيءَ جي ويجهو پهچي ويو.

انهيءَ حقيقت جي انڪشاف کان پوءِ، مون کي ان جي ڪابه پرواهه نه آهي ته قيس بن ملوح جي شخصيت تاريخي آهي يا غير تاريخي. منهنجي اڳيان ڪجهه عشقيه قصا موجود آهن- جهڙوڪ قيس بن ملوح جو قصو، قيس بن ذريح جو قصو، جميل بن معمر جو قصو، وغيره. هينئر منهنجي بحث جو موضوع اهي قصا آهن، جن کي متمدن تخيل پيدا ڪيو، ۽ نه پاڻ عاشقن مون کي هينئر اهي ماڻهو ڳولڻ گهرجن، جن اهي قصا ٺاهيا؛ ۽ نه اهي عاشق، جن جا حالات هي قصا بيان ڪن ٿا. مون کي قصي نويسن جي اختراعي قابليت ۽ نظم ۽ نثر ۾ سندن فني مهارت تي بحث ڪرڻو آهي. مون کي انهيءَ ادبي فن تي غور ڪرڻ گهرجي، جو ادب ۽ علم جي ٻين شاخن جيان اسلام کان اڳ عرب ۾ ناپيد هو، ۽ اسلامي تمدن جي گهواري ۾ پيدا ٿيو.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انهيءَ بحث جي راهه ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون آهن- اهو ڪو گهٽ مونجهارو آهي جو قصن جي مصنفن جا نالا ئي معلوم ڪونهن! تاهم، اسان کي گهرجي ته عربي ادب جي خصوصيتن ۽ ڪماليتن جي تحقيق ۽ ڪشف لاءِ انهيءَ ڏکيءَ راهه ۾ قدم کڻون، ۽ انهن قصن جو ادبي تجزيو ۽ تحليل ڪري، انهن جا عيب ۽ هنر جدا جدا ڪري ڏيکاريون. اسان کي گهرجي ته اُموي زماني جي انهيءَ ادبي، اخلاقي، سماجي، سياسي ۽ اجتماعي سببن جي جاسوسي ڪريون، جن انهن قصن لاءِ پهريائين پهريائين زمين هموار ڪئي؛ ان کانپوءِ انهن سببن جي به جستجو ڪريون، جن جي ڪري عباسي دور ۾ اهي سموريون عمارتون منهدم ٿي ويئون.

”مهراڻ“ جا موتي

”الله جي نظر ۾ سڀ کان ڀَلو اُهو آهي، جو سڀ کان وڌيڪ نيڪ آهي. “ – قرآن شريف

”تون چڱاين لاءِ چوندو رهه، براين کان روڪيندو رهه، تڪليفن کي صبر سان سهندو رهه. -“- قرآن شريف

”مظلوم جي ته مدد ڪرڻ گهرجي، پر اوهين ظالمن جي به مدد ڪريو- ۽ اها هن طرح، ته ان جو هٿ ظلم کان روڪي ڇڏجي. “-حضرت محمد صلعم

”اهو نه ڏسو ته ’ڪير‘ ٿو ڳالهائي، بلڪ اهو ڏسو ته ڇا ٿو ڳالهائي. “- حضرت علي رضه

”جيڪڏهن توکي ايذائڻ لاءِ ڪنهن تنهنجي رستي تي ڪنڊا پکيڙي ڇڏيا آهن، ته تون انهن کي اُتان هٽائي ڇڏ؛ ۽ جيڪڏهن تو به اُن جي جواب ۾ ڪنڊا پکيڙيا، ته پوءِ دنيا سڄيءَ ۾ ڪنڊا ئي ڪنڊا ڀرجي ويندا. “- حضرت نظام الدين اولياء رحه

”جنهن ۾ ادب نه آهي، ان ۾ سڀ برايون ئي برايون آهن. “- مولانا رومي رحه

”ماڻهن جي صلاحيتن ۾ ڪو گهڻو فرق ڪو نه ٿو ٿئي: اصل فرق عمل جي جوش، عزم ۽ استقلال ۾ هوندو آهي، جن جي ذريعي صلاحيتون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. “ - چارلس ڊارون

”ٻين ۾ حرڪت ۽ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين اوهين خود حرڪت ۽ جوش سان ڀرپور هجو. “-ڊاڪٽر شوائز

”محنت، خوش قسمتيءَ جي ماءُ آهي. “- فرينڪلن

”محنت انساني فطرت جو عظيم مقصد آهي، ۽ اهو ئي زمين تي خوشيءَ جو ذريعو آهي. “-ٽالسٽاء

”انساني زندگيءَ کي صحيح طريقي سان وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ انساني فطرت جو شعور لازمي آهي. جيتري قدر طبعي قانونن جو تعلق آهي، اڄوڪيءَ سائنس انهن کي سمجهڻ ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي؛پر خود پنهنجي باري ۾ اسين اڃا ايترو به ڄاڻي نه سگهيا آهيون، جيترو اسين هن وقت ستارن ۽ اِليڪٽرون وغيره بابت ڄاڻون ٿا. جڏهن سائنس انساني فطرت کي سمجڻ لائق ٿي ويندي، ته پوءِ اها اسان جي زندگيءَ کي راحت ۽ مسرت سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندي- هڪ اهڙي راحت، جنهن کي پيدا ڪرڻ لاءِ مشينون ۽ سائنس جون ٻيون کوجنائون هيستائين ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. “- برٽرانڊ رسل

”زبان جو معاشرتي مقصد جيئن ته تقرير يا تحرير جي ذريعي ٻين کي ڪنهن خبر، خيال، تجويز، حڪم، ضرورت، جذبي ۽ احساس کان آگاهه ڪرڻ آهي، ان ڪري وضاحت ۽ صفائي، سلامت، نمرتا، زور ۽ اثر، شستگيءَ ۽ اختصار کي زبان جي خوبين ۾ بنيادي حيثيت حاصل آهي. تقرير يا تحرير ۾ سُٺي اِسٽائيل جي معنيٰ هيءَ آهي ته تقرير ڪندڙ يا مضمون لکندڙ ۾ ڪي ذهني ۽ اخلاقي خوبيون موجود آهن- مثلاً سندس خيال سلجهيل آهن، منجهس ضابطي جي قوت آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو پنهنجي اظهار ۽ مقصد ۾ مخلص آهي.

”دنيا هن وقت سطحي ۽ غيرافادي لکيتن جي گهڻائيءَ جي شڪار آهي. هر ڪو ماڻهو پنهنجي مطالعي جي قوت کان وڌيڪ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون خريد ڪري ٿو، ۽ جيڪي ڪجهه پڙهي ٿو سو تمام گهٽ ٿو ياد رکي. ڪيترن لکندڙن کي اهو خيال آهي ته ماڻهو سندن اهي ئي لکيتون پڙهندا، جن ۾ شور ۽ غل گهڻو مچايل هوندو. ادب جي زوال واري هر دور ۾ ائين ئي ٿيندو رهيو آهي: هر ڪو شخص اها ئي شيءِ پڙهڻ چاهيندو آهي، جيڪا شيءِ ٻيا ان وقت پڙهندا هوندا، ۽ ان ڪري شور غل مچائڻ واري ۽ سنسني ڦيلائڻ واري ادب جي همت افزائي ڪئي ويندي آهي. “ هيرالڊ گُڊ

”ڪيترن ئي ماڻهن جي حياتي، هن ڌرتيءَ جي هانوَ تي هڪ بار کان وڌيڪ حيثيت ڪانه ٿي رکي؛ ليڪن هڪڙو سٺو ڪتاب هڪ ڪامل شخصيت جي جگر جو اهو املهه خون آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي. . . ڇا، اسان کي جگري خون جي انهيءَ محفوظ سرمايي جو احساس آهي. “- ملٽن

”هن کان وڏي صداقت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ته تنهنجن خيالن جو سرچشمو فقط تنهنجي ذات نه آهي، اهي خيال توکي ٻاهرينءَ دنيا کان ملن ٿا- ماءُ، پيءُ کان، استادن کان، حاڪمن کان، ۽ انهيءَ سماج کان، جنهن ۾ تون رهين ٿو. تون چوندين، ’آءُ ته فقط دماغ آهيان: پاڻ کان ٻاهر آءُ ڪنهن به انهيءَ چيز کي نٿو مڃان، جنهن کان آءُ ٻُڌان ٿو، ۽ نه انهن ماڻهن کي مڃان ٿو، جن سان آءُ ڳالهايان ٿو‘. تون بيشڪ اها دعويٰ ڪري ٿو سگهين؛ پر ڇا، جيستائين تون پنهنجن ڪنن سان اسان جو آواز نه ٻُڌين، يا ٻين انسانن جي گفتگو مان لفظ ۽ انهن جون معنائون نه سکين، تون اها دعويٰ ڪري سگهين ٿو؟- نه ، هرگز. نه مون کي سچ ٻڌاءِ، ڇا اهي لفظ جيڪي خدا جي باري ۾ تون استعمال ڪرين ٿو،  تو انهيءَ سوسائٽيءَ کان نه حاصل ڪيا آهن، جنهن ۾ تون هن وقت رهي رهيو آهين؟ ۽ ڇاڪاڻ ته اهي آواز نتيجو ٿين ٿا، ٻين سان گفتگو جو، تڏهن ڇا اهي تصور ۽ نظريا به، جيڪي انهن ئي آوازن مان جُڙيل ٿين ٿا، اُتان ئي حاصل نه ڪيا آهن؟“- ڊيڪارٽ جي تنقيد، از گيسندي

”اوهين هڪ ئي درياهه ۾، ساڳئي وقت، ٻه دفعا نٿا وهنجي سگهو؛ ڇو ته تازو پاڻي هر گهڙيءَ اوهان جي مٿان وهندو هليو وڃي. اسين آهيون، ۽ نه آهيون!

”هومر غلط چيو هو ته ’ڪاش، خدائن ۽ انسانن جي وچ ۾ جهڳڙو ختم ٿي وڃي!‘ هن اهو محسوس نه ڪيو ته ائين چوڻ سان هو گويا ڪائنات جي خاتمي جي دُعا گهري رهيو هو- ڇو ته جيڪڏهن اها دُعا اگهائي وڃي ها، ته زندگيءَ جو وجود ئي باقي نه رهي ها.

”ماڻهو نٿا ڄاڻن ته هر ڪا شيءِ پنهنجي ضد سان ڪهڙيءَ طرح ’هڪ‘ ٿي وڃي ٿي. نغمو ٻن متضاد قسمن جي ڇِڪَ سان پيدا ٿئي ٿو- جيئن ساز ۽ گز. خير ۽ شر هڪ ئي آهن. سمنڊ جو پاڻي انتهائي صاف به ٿيندو آهي، انتهائي ناصاف پڻ. مڇيون اهو پاڻي پيئنديون آهن، ۽ انهن لاءِ اهو پاڻي سٺو هوندو آهي؛ انسان انهيءَ پاڻيءَ کي نٿو پي سگهي، پيئندو ته نقصان ٿيندس. فاني شيون غير فاني ٿين ٿيون، ۽ غير فاني شيون فاني ٿين ٿيون. هڪ جي زندگي ٻئي لاءِ موت، ۽ ٻئي جو موت ان لاءِ زندگي ٿئي ٿي. (يوناني زبان ۾) ’ڪمان‘ جي معنيٰ آهي زندگي، پر ان جو ڪم آهي مارڻ گول جي ليڪ جي ابتدا ۽ انتها، ٻئي هڪ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com