سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

--

صفحو :8

حميد سنڌي

’زندگي بڻجي نه شل سسئي جا سور!‘

 

” اُف، هيءَ حياتي آهي! لعنت آهي هن جيئڻ تي. حيف اٿئي ڙي جمعا، حيف اٿئي. ٿڪون اٿئي. اُف، او الا، ڇا ڪريان، ڪاڏي وڃان، بک وچان ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهيان، بار به نٿو ڍويو پوڄيم، ٻچڙا ڌار پيا بک مرنم، آخر ڇا ڪريان؟...ڪجهه نٿو ڄاڻان، ڪجهه نٿو ڄاڻان...“

جمعي پنهنجي ليکي ڀڻ ڀڻ ويٺي ڪئي، ۽ پوءِ دک درد جي پيڙا وچان ٻانهن ۾ کڻي منهن لڪايائين، ۽ کيس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. دل چيس ته ڏاڍيان روئي، پر چوڌاري نظر وڌائين ته ڪير به ڪو نه هو. هو هڪ اُجاڙ هنڌ بيٺو هو. پر پوءِ چيائين ته روئندس ته ڇا ٿيندو؟ نڪي ڪو ٻيو ٻڌندو، ۽ نه وري ڪو لڙي اچي آٿت ڏيندم ۽ مدد ڪندو. اهو ويچاري هو ماٺ ڪري اُتان اُٿيو. جنهن سر تي ويٺو هو، تنهن کي کڻي اهڙو ته زور سان زمين تي سٽيائين جو اُها ڀڳي سا ڪا نه، باقي هڪ اُڇل کائي، ٻيءَ اُڇل سان زمين ۾ پيهي ويئي؛ ۽ کيس ائين محسوس ٿيو ته حياتيءَ ۽ سورن جو پاڻ ۾ اهڙو ڳانڍاپو آهي، جهڙو زمين ۽ سِرَ جو. هو مٿي کي ڌوئيندو اڳتي وڌيو.

هو سوچيندو هليو ته آخر ڇا ٿيندو:هن حياتيءَ جو ڇا ٿيندو، سندس ٻن ٻچڙن جو ڇا ٿيندو، سندس زال زينوءَ جو ڇا ٿيندو، انهيءَ بک جو ڇا ٿيندو، جيڪا ڏينهن کان سندن در اندر پيهي آئي آهي.

ڀرنڊ جو هاري جمعو اڄ شهر ۾ بک مري رهيو هو. اُهو هاري جنهن اَن اُپايو، ٻين جي بُک اُجهائي، اڄ اهو بکايل هو، سندس ٻچڙا بکايل هئا. کيس اُنهيءَ گهر کان بي گهر ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس ابن ڏاڏن دونهين دُکائي هئي؛ کائنس اُها زمين کسي ويئي هئي، جنهن تي سندس وڏن ۽ پاڻ لوڙائو ڳائي، هر هلائي جيوَن جياريو هو. اڄ ٻين جي جيوَن کي ڇڏي کيس پنهنجي جيوَن جي ڳڻتي لڳي هئي. زمين تان هڪالجڻ کان پوءِ هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن ٻئي زميندار جو هاري ٿي وڃي؛ پر گهڻيءَ هڻ هڻان کان پوءِ به کيس مايوس ٿيڻو پيو، ڇاڪاڻ جو زميندار وٽ گهُرَ گهڻي ۽ مال ٿورو وارو حساب هو. کوڙ هاري بي گهر ٿيا هئا. ڪي ڪٿي لڳي ٿي ويا ته واه، نه ته گهڻن شهر جو رستو ورتو هو. سوچ اها هين ته مزوري ڪري پيٽ پالينداسين. پر شهر ۾ مزوري تي ڇا، پر حياتي خود ڏکي ٿي پيئي هئي. سورن جا انبار، حياتي مختصر، ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃجي. هڏ هڻي مسين وڃي ڪو ٽڪر نصيب پوندو هون.

پر جمعي کي آئي به ٽي هفتا ٿي ويا هئا، پورهئي کي ڳولي ڳولي ساڻو ٿي پيو هو، پر نڪي مزوري نڪي پورهيو، نڪي حياتي؛ هر هنڌ بک ڙي بک!

ڪي ڏينهن ته زينوءَ جا ٽپڙ وڪڻي هن ڪم ٽپايو. مهاجرن جي ڀڳل جهوپڙين مان هڪ جهوپڙي مڙني ڏوڪڙ سوڪڙ ڏيئي ورتائين. في الحال اَجهو ڪري پوءِ لڳو روزگار پٺيان؛ پر ڏٺائين ته هت سواءِ پِن جي ٻيو ڪو ڌنڌو ڪونهي. پنهنجي جسم کي ڏسي شرم پئي آيس ته ڪيئن پنان. پر اڄ جڏهن هو سوچ ويچار ۾ ڦرندو گهرندو هن ويراني ۾ اچي پهتو هو ۽ پنهنجي بت ڏانهن نهاريو هئائين، ته کيس چڱيءَ پر معلوم ٿي ويو هو ته هو اڳيون جانٺو جوان جمعو ڪونهي- بس ائين پئي لڳو ته هو شايد پنڻ جي لائق ٿي ويو آهي.

هو انهيءَ پنڻ ۽ بک جي مسئلي تي ويچاريندو، آهستي آهستي شهر ڏانهن وڌندو ويو. شهر ۾ گهڙندي ئي هن خيال ڪيو ته پني ڏسجي، پر الائجي ڇو دل ئي نه مڃيس. هو دل ڏاڍي ڪري هڪ ڀر واريءَ هوٽل جي ٻاهران بيٺو. هوٽل ۾ وڃڻ ۽ نڪرڻ وارا ته کوڙ هئا، پر هن کي الائجي ائين ڇو محسوس ٿيو ته هو به بکايل آهن. گهڻن جا بت ڏٻرا هئا، ڪپڙا ڦاٽل هئن، منهن تي ويراني، جيڪڏهن ڪن هڪٻئي سان ڳالهايو ٿي ته سندن چپن تي هڪ ڦڪي بدنما مرڪ ڦهلجيو ٿي ويئي. هوٽل مان گهڻن نڪرندڙن جي منهن مان ائين ٿي معلوم ٿيو، ڄڻ ته هو خالي وڃي ۽ خالي اُٿي آيا آهن. شايد اڌ بک، سڄيءَ بک کان وڌيڪ عذاب مثل هئي، جنهنڪري سندن منهن وڌيڪ بي رونق ٿيندا ٿي ويا.

معي جي دل چاهيو ته هو به هوٽل ۾ گهڙي وڃي- جي هو ماني کائي نه سگهي ته کائيندڙن کي ڏسي من سندن بکايل پيٽ کي آٿت اچي- پر يڪدم اهو خيال لاهي ڇڏيائين. کيس اِهو هڪ اهڙي عذاب مثل معلوم ٿيو، جنهن لاءِ ڪو به ماڻهو ائين چئي ٿي سگهيو ته هن پنهنجو پاڻ کي ڦاهو ڏنو آهي.

چانڪ هن کي گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻچڙن جو ۽ زال جو خيال آيو. هن يڪدم ڇرڪ ڀريو. ”اُف!مون سڄي ڏينهن ۾ صرف بک جو خيال پئي ڪيو آهي، نڪي ٻچڙن جو...!“ هو تکو تکو شهر جي انهيءَ ڀڳل ڦٽل علائقي ڏانهن آيو، جتي زندگيءَ جا پاسا ڇليل هئا، حياتيءَ جو لباس تار تار هو، ساهه اُگهاڙو هو، دم بيدم هو.

معي جا تکا تکا قدم الائي ڇو جهڪا ٿي ويا. هو پنهنجي جهوپڙيءَ تائين پهچندي بيهي رهيو. پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن نهاريائين- تڏن ۽ مٽيءَ جي ليپ سان ٺهيل هڪ جسم، جو گهڻي قدر ڀُري چڪو هو. سندس اندر اوندهه هئي- ازل جي اوندهه. هن جا قدم وڌيا. هو آهستي آهستي ڳوڻين جي ٺهيل آڳر ۾ داخل ٿيو، سندس ٻه ٻار زمين تي ستل هئا. سندس زال اندر تڏن جي ٺهيل، ڀڳل ڪوٺيءَ ۾ هئي.

هو اندر ويو. زينو ڏيئي کي ٻريل ڪاٺيءَ جي چڻنگ سان ٻارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

”زينو، ڏيئو ائين ڪٿي ٿو ٻري، ٻرڻ لاءِ گهڻي باهه کپيس.“

زينو ڪاٺي هيٺ رکي ڏانهنس نهاريو.

”ڪجهه ٿيو؟“

”نه. ڇا ٿيندو- جڏهن نه رڳو اسين بُکارا آهيون، پر ڪروڙين بکايل آهن. نه اُنهن جي لاءِ ڪجهه ٿيو آهي، نه اسان لاءِ ڪجهه ٿيندو.“

”سائين، پوءِ ڀلا آخرڇا ٿيندو. اسين سڀ بک مري وينداسين. اڄ ٽيو ڏينهن لنگهڻ کي هو. مسين مسين ٽڪر پاڙي وارن ڏنو، سو ٻارڙا کائي ستا. سڀاڻي ڇا کائيندا، تنهن جي لاءِ آخر ڇا ڪبو؟“

هن پريشانيءَ وچان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.

”زينو، آخر تون ائين ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان. مزوري ڪرڻ چاهيم، مزوري نه ملي؛ پنڻ چاهيم، پني نه سگهيس؛ آخر ڇا ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ توکي ٿو ڏسان ته هنيانءُ ٿو ڇڄيم. ڇا تنهنجو اڳيون جوڀن، ڀريل جسم، ٽماٽي جهڙا ڳاڙها ڳل ۽ تن تي سرهن جي تيل سان چمڪايل ڪارن وارن جو نقاب... ۽ اڄ-اڄ تنهنجو هڏن نڪتل جسم، سڪل پِيلو منهن، اڻڀا وار... اُف-ڇا وري علڻ ۽ حمل جو حال ٿيو آهي!سچي گيهه ۽ مکڻ ۽ کير تي پليل ڳاڙها ڳٽول ٻار، اڄ بکارا سمهن ته ڇا، جي ٽڪر اَڌ ملين ته ڇا. اُف، ڪاڏي وڃان؟ الا، ڇا ڪريان؟“

هو روئڻ لڳو. زينو جي اکين ۾ خود ڳوڙها ڀرجي آيا، پر هن يڪدم ڳوڙها رئي جي پلاند ۾ جذب ڪري ڇڏيا. پوءِ ڪجهه سوچي، جمعي ڏانهن وڌي. سندس هڪ هٿ جمعي جي ڪلهي تي هو، ٻيو هٿ سندس ڳلي جي چوڌاري. هن سندس منهن ۾ نهاريو، ۽ جمعي ڪنڌ مٿي کڻي ڏانهنس نهاريو.

”سائين، جي ائين همٿ هاربي ته ڇا ٿيندو. مون کي ته ڀروسو آهي انهيءَ مالڪ تي، جنهن اسان کي خلقيو آهي. هو ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪندو. آخر هيءَ دنيا به ته هلي پئي، جي ڪروڙين بکايل آهن ته ڪروڙين جيئن به ته پيا. شايد اهو ڏينهن اچي جو اسين اُنهن ڪروڙين ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃون، جن کي جيئڻ جو حق آهي. هن کي آخر ڪجهه ڪرڻو آهي. جي هو سڀني کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏي ته کيس خالق ڪير سڏي، سندس نالو ڪير ڳنهي. توهان اُٿو، همٿ سنڀاريو. ڪجهه نه ڪجهه الله ڪندو ته ٿي پوندو.“

جمعي ٿورو ڪنڌ مٿي کنيو، ۽ پوءِ ڪنڌ کي ٿورو ڌوڻي، ٿڌو ساهه ڀريو ۽ فرش تان اُٿي ٻاهر آيو.

ٻاهر اچڻ سان هڪ هوا جو جهوٽو سندس بت کي لڳو، ۽ هن محسوس ڪيو ته هو سڄو پگهر ۾ شل هو ۽ انهيءَ جهوٽي ڪجهه کيس فرحت ڏني آهي. هن جي دل چاهيو ته اهڙا جهوٽا اچن- من ڪجهه فرحت ڏين، آٿت ڏين، شايد ساهه کي آس ٿئي.

هو اڃا هيٺ پيل ڳوڻيءَ تي ويٺو مس ته زينو ماني کڻي آيس. ٿاليءَ ۾ خشڪ چانور، ٿورو ٻوڙ، مٺا چانور هئا، هو وائڙو ٿي ويو ته هيءُ سڀ ڪٿان آيو.

”قدرت جو به شان آهي. اسين بکارا، ته ڪن کي گهڻو ڏيئي ڇڏي. پاڙي واري ڪلو خان جي گهر اڄ ته گهڻو ڪجهه پڪو هو. جهوپڙي سا اسان وانگر ڀڳل اٿن، پر کائڻ لاءِ ۽ پهرڻ لاءِ سڀ ڪجهه اٿن. ڏاڍا ٻوڙ پلاءَ پڪا اٿن. جوڻس نوان ڪپڙا کڻي پاتا هئا. ڏاڍو پائوڊر ۽ سُرخي هنئي هئائين. هر هر پئي مون ڏي آئي- شايد ڏيکارڻ- ۽ پوءِ ڏيئي ويئي هيءَ ماني، ٻارڙن کاڌي، ڪجهه توهان لاءِ بچائي رکيم.“

”ها، زينو، ڌڻيءَ جو شان نرالو آهي. جنهن کي وڻيس، تنهن کي ڏئي. ڀلي ججهوئي ڏئين، رڳو اسان کي تڳڻ لاءِ ڏئي. هونئن اسان جا سور گهڻا ته ڪونهن ڪي- صرف آهي پيٽ جو مسئلو، نه ته سور آهن ئي سسئيءَ جي سورن کان به گهٽ. ڌڻي جي عرض آگهائي ته پِن جو ٽڪر پيٽ نه پويئون.“

”ها، آهن ته سسئيءَ کان گهٽ سور، پر بک جا سور جڏهن اچي گڏجن ٿا، ته پوءِ زندگي رسجي ئي سسئيءَ جا سور بنجيو پوي. ماني کائو نه، ڇا ٿو سوچيوويٺا؟“

”ڪجهه نه. تو به ته ماني ڪا نه کاڌي آهي.“

”توهان کائو، مون کي بک ڪانهي.“

”ڏس، زينو، مون کي وڌيڪ نه ڏکوءِ، اڳي ئي ڏکويل آهيان. پنل سنل ٽڪر مليو آهي، ته به رزق آهي. هاڻي ائين نه ٿيندو جو مان کان ويٺو ۽ تون ڏسين ويٺين. ڄاڻ اٿم ته تون به ٽن ڏينهن کان بکايل آهين، ۽ مان به. هلي آ ته کائون.“

جمعي ۽ زينوءَ مڙئي ماني کائي هنياءَ جهل ڪئي. جمعي سمهڻ چاهيو، پر آئيندي جي ڳڻتيءَ کيس سمهڻ نه ڏنو. هو آهستي ڇنل ڳوڻيءَ تان اُٿيو ۽ در تي ڏنل ٽپڙي کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو. کڙڪي تي زينوءَ نهاريو.

”ڪاڏي ٿا وڃو؟“

”اِتي ئي، ٻاهر هوا ٿو کان.“

”پري نه هليا وڃجو. ٻه پهر ته رات جا ٿيا هوندا.“

”نه نه، اتي ئي ٻاهر بيٺو آهيان.“

هو ٻاهر آيو ته ڪجهه سڪون محسوس ڪيائين. کليل هوا کيس ڪافي فرحت ڏني. هن چاهيو ته انهيءَ سڄي حصي ۾ گهمي، سو هڪ طرف کڻي رخ رکيائين. هڪٻئي ۾ بيٺل ۽ ڳنڀيل جهوپڙيون، گنديون ناليون، سوڙهيون گهٽيون. هو گهڻو پري وڃي نه سگهيو ۽ واپس موٽڻ لڳو. هن کي انهيءَڳالهه حيرت ۾ وڌو ته گهڻين جهوپڙين مان ٽهڪن ۽ خوشيءَ جا آوازٿي آيا- سنهڙن مٺڙن ٽهڪن سان گڏ ڪي بيسُرا ڪرخت ٽهڪ؛ ڪن کي ته خاموشي ئي نصيب هئي. هن سوچيو ته اها به رب جي جوڙ آهي. ڪٿي سورن جو سانگهارو، ڪٿي خوشيءَ جا انبار. هو آهستي آهستي سوڙهي گندي حصي مان نڪري ساڳئي کليل حصي ۾ آيو، جتي سندس جهوپڙي هئي. اها جمعي جي خوش قسمتي هئي جو کيس جهوپڙي صفا ٻاهرينءَ حد تي ملي هئي. جمعي جي جهوپڙي جي آڏو ميدان هو- خالي، وِيران ميدان، جنهن جي هڪ ڇيڙي تي هي ڇنل ڦاٽل جهوپڙيون هيون.

جمعي کليل هوا ۾ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پوءِ هڪ سروٽو کڻي اُن تي ويهي رهيو. ويٺي ويٺي هن آسپاس نهاريو. ڏٺائين ته ڪلو خان، سندس پاڙيسري، اڇن اُجرن ڪپڙن ۾، پان وات ۾، هر هر اندر ٿي آيو ۽ وري اندر ٿي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪلو سري سندس ويجهو آيو. هن کانئس ڀڳل سنڌيءَ ۾ حال احوال پڇيو.

”ڇا حال هئي، جمعا سائين؟“

”ٺيڪ آهي. تون ٻڌاءِ.“

”بس، موج ئي موج هئي سائين. ٻيڙي پيو.“

”جمعي ڪلوءَ کان ٻيڙي ورتي ۽ تيليءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺائين ته ڪلو خوش خوش هو. ڪا دير هو ماٺ ۾ رهيا. تان ته هڪ موٽر پڪي رستي تان ميدان ۾ لٿي ۽ سڌو هن ڇيڙي ڏانهن رخ رکيائين. ڪلو ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. سڌو پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن ڀڳو، جمعو وائڙو ٿي ويو. موٽر چيچاٽ ڪندي اچي سندس ڀرسان بيٺي. جمعو به ٽپ ڏيئي کڙو ٿيو. انهيءَ موٽر مان هڪ سيٺ ٿلهو متارو، ٿڙندو ٿاٻڙندو لٿو. هن ڪجهه جمعي کان پڇڻ چاهيو، پر ڪلو تکو تکو موٽر ڏانهن ڀڄندو آيو.

”آئي. سيٺ صاحب، اِدهر تشريف لائي. آئي، سرڪار!“

سيٺ ڪنڌ ڌوڻيندو، هلڪا ٽهڪ ڏيندو، ڪلوءَ سان هليو. جمعي حيرانگيءَ وچان بيٺي تماشو ڏٺو- تان ته خبر پئي جو سيٺ ڪلوءَ جي جهوپڙي ۾ بنا ڌڙڪ هليو ويو، اڃا جمعو انهيءَ ويچار ۾ هو ته ڪلو تکو تکو ٻاهر آيو، ۽ يڪدم اچي موٽر جو دروازو کوليائين. جمعي ڏٺو ته هن اندران نئڙي ڪا شي کنئي. ڪلو پوءِ دروازو بند ڪري پنهنجي جهوپڙي ڏانهن وريو، جمعي جي ڀرسان لنگهيو ته جمعي جي نظر وڃي ٻن بوتلن تي پئي. ڪلوءَڏانهن نهاريندي پنهنجا پِيلا ڏند ڪڍيا، ۽ بيشرمائيءَ سان هِي –هِي ڪندي پنهنجي هٿ ۾ بوتل سان گڏ جهليل نوٽن جي ٿهي ڏيکاري. الائجي ڇو، جمعي کي ائين محسوس ٿيو جو سڀ ڪجهه سمجهي چڪو آهي- هو ويرانيءَ ۾ بهار جو مطلب سمجهي چڪو آهي- ڪنهن گل جي خوشبو تي ڀونئر مست ٿي آيو آهي، ۽ سڏي اچڻ وارو هڪ مالهي آهي- انهيءَ باغ جومالهي، جنهن کي ڪنهن ڏينهن اُهو گلن جو ٻوٽو ڏاڍو پيارو هو، پر اڄ جڏهن کيس انهيءَ ٻوٽي جي آبياري ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هو، تڏهن هو ٻئي ڪنهن کي وٺي آيو آهي ته من انهيءَ جي اچڻ سان ٻوٽي جي شادابي قائم رهي- پر شايد هن کي اها خبر ڪانه هئي ته هيءَ مست هاٿي کيس پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي ڇڏيندو. ڪلوءَ جي زال هن ڏٺي هئي، ههڙو حسن هن جهوپڙيءَ ۾! اڄ وري کيس اُهو ڏينهن به ياد پئي پيو، جڏهن هن کيس سڄو ڏينهن روئندو ڏٺو هو؛ ۽ کيس اُهو ڏينهن به ياد آيو. جڏهن هوءَ تمام خوش هئي، ۽ اڄ ڏينهن تائين خوش رهندي ٿي آئي- شايد هن پاڻ کي حالتن پٽاندر هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو.

الائجي ڇو جمعي کي ڏک ٿيو ۽ چيائين ته هو هن هڪ بيڪس لاءِ ٻه ڳوڙها وهائي. پر هو وهائي نه سگهيو. هن ڪلوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن نهاريو. اُتي هيئنر روشني گم ٿي چڪي هئي. ڪلو ٻاهر ڏانهنس اچي رهيو هو. هن کي ڪلوءَ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. هن يڪدم نظر ڦيرائي ٻين جهوپڙين ڏانهن ڏٺو. چوڌاري اوندهه جو واسو هو. کيس ائين محسوس ٿيو ته هو اوندهه ۾ سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي: هو انهن ٽهڪن جو سبب ڄاڻي ٿو، هو خوشيءَ جو سبب ڄاڻي ٿو، گهٽين ۾ چهل پهل جو سبب ڄاڻي ٿو، هن کي سڄي ماحول کان نفرت ٿيڻ لڳي. هن جي دل چاهيو ته ڀڄي وڃي، پري، جتي هي سڀ ڪجهه نه هجي... ۽ واقعي هن قدم کنيا ۽ بيخبريءَ ۾ وڃي ڪلوءَ سان ٽڪريو.

”ڪاڊي، جمعا سيٺ!“

”اِتي، سمهان ٿو وڃي، ننڊ ٿي اچي.“

”اڀي ننڊ! هل ته عيش ڪريون. نوٽ اُهي، نوٽ! ڇمون بائيءَ جو گانو ٻُڌون. هل، هلون، پاگل!“

جمعي جي دل چاهيو ته هو کيس زال جي ڀڙوي سان پڪاري گاريون ڏئي. پر پوءِ چپ چاپ سور پي، هو پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن تکو ٿيو.

”اري! اري، ناراج آهي، جمعا! ڇو؟ اوه، مان سمجهيس، مان زال جو ڀڙوو آهي! ها، مان زال کان پيشو ڪرائيس ٿو. ها، پر جمعا سيٺ، ائين نه ڪرون ته هي ڪنو پيٽ ڪيئن کائي. مون به جمعا سيٺ تو طرح فاقا ڪڍيا، مزوري ڪرڻ لاءِ دوڙيو، پر ڪجهه نه ٿيو، دوست، ڪجهه نه. نيٺ مون پنهنجي جال کي بيچيو. جال، جا منهنجي زندگي هئي، جمعا! پر هن زندگيءَ کي، زندگي جي ضرورت هئي، جمعا. دنيا ته دوست سڀ ڪجهه چلتا هئي. زندگي کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“

الائجي ڇو جمعي کي ڪلوءَ جي لٿل منهن ۽ بيچارگيءَ مان ڳالهائڻ کي ڏسي رحم اچي ويو، ۽ هن ڪجهه وڌيڪ نه سوچي، آهستگيءَ سان ڪلو جي پٺيءَ کي ٺپريو ۽ چپ چاپ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ گهڙي ويو. چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن سڄي وايو منڊل تي نظر وڌي. ننڍڙي آڳر ۾ ڦهليل ٽي ڪمزور جسم، ٽِئي معصوم. هو ڪي گهڙيون پنهنجي ٻارن ۽ زال ڏانهن نهاريندو رهيو. پوءِ الائجي ڇو هن کي زينوءَ جي معصوم چهري تي ڏاڍو پيار آيو. هو ڪي وکون کڻي زينوءَ جي مٿن کان بيهي هيٺ جهڪيو، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان وارن کي سنواريندي، هن چاهيو ته زينوءَ جي ڪومل سنهڙن چپڙن کي چمي. جيئن هو جهڪيو، تيئن هن کي ائين لڳو ڄڻ ته زينوءَ جا چپ ڦڙڪي رهيا هئا، ڪجهه چئي رهيا هئا. هن جو ڪنڌ جتي هو اُتي بيهي ويو. زينو ننڊ ۾ الوٽ وڦلهي رهي هئي- ”سڀاڻي ڇا ٿيندو... ٻچڙا ڇا کائيندا... سڀاڻي ڇا ٿيندو...؟“

جمعي جي ڪنن ۾ شيهو ٿي پگهربو ويو. هن سوچيو، ’واقعي سڀاڻي ڇا ٿيندو، ٻچڙا ڪٿان کائيندا‘، هن وٽ هاڻي وڪڻي کائڻ لاءِ به ته ڪجهه ڪونهي. پر پوءِ الائجي ڇو يڪدم کيس ڪلوءَ جا اکر ياد پيا- ”نيٺ ...مون پنهنجي جال کي بيچيو.. .سيٺ، وڪڻڻ لاءِ باقي جال باقي آهي، ٻيو ته ڪجهه ڪونهي.“۽ واقعي جمعي جي دل چيو ته اِهو به داءُ آزمائجي.”زندگيءَ کي زندگي جي جرورت آهي، دوست!“ هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. هن کي ڪجهه سمجهيو نٿي ته هو ڇا ڪري. ٻاهر ڪير به ڪو نه هو، ڪلو نوٽن جي ٿهيءَ سان شايد عيش ڪرڻ ويو هو. ميونسپالٽيءَ جي بتيءَ جي جهڪي روشني جيتوڻيڪ پري هئي، ته به هو ميدان جو جائزوچڱيءَ پر ٿي وٺي سگهيو. سڄيءَ فضا تي خاموشي ڇانيل هئي. هو رڙهي سيٺ جي بيٺل موٽر جي ڀرسان آيو. موٽر کي هٿ لاتائين ته ائين محسوس ٿيس ته ڄڻ برف تي هٿ پيس. هن کي اُها ٿڌاڻ وڻڻ لڳي. هن چاهيو ته ان جي ٿڌاڻ تي ليٽي پوي، شايد اندر جي اُٻ نڪرڻ بند ٿئي. هو اڃا ڪجهه سوچي ئي رهيو هو ته سندس منهن تي روشنيءَ جا ڪرڻا اچي پيا. هن اوڏانهن نهاريو. هڪ موٽر ساڳي راهه وٺيو ميدان ۾ گهڙي پئي هئي. هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو.

”شايد ڪو سيٺ آهي-“

هن جي دل ڏڪڻ لڳي. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته سندس ساهه قبض ٿي رهيو هو. هن دل ٻَڌڻ چاهي. پر هن ڏٺو ته هو سڄو پگهرجي چڪو آهي. هن جي همت سڄي هارجي ويئي. هن سوچيو ته هو اهو ڀڙوت جو ڪم نٿو ڪري سگهي. هو انهيءَ جي لائق ناهي. هو ڪنهن به ڌنڌي جي لائق ناهي. هو ماٺ ڪري هيٺ ويهي رهيو. هن موٽر جو خيال ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ويٺي ويٺي هن کي خيال ٿيو ته موٽر ڇو نه پهتي. هن تڪڙو تڪڙو ميدان ڏانهن نهاريو. نيٺ هن جي نگاهه موٽر جي پٺين ڳاڙهين بتين تي پئي. موٽر جي سيٺ جو شڪار ڪجهه پرڀرو وارين جهوپڙين ۾ هو. هن شڪر جو ٿڌو ساهه کڻڻ چاهيو، پر محسوس ڪيائين ته ڄڻ هن جي دل چئي رهي آهي ته اها جيڪر هيڏي اچي ها. هن ’انڪار‘ ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر دل چويس ته ’ٻچڙن جو ڇا ٿيندو... سڀاڻي ڇا ٿيندو؟“۽ هن جي دل پنهنجو پاڻ ٻڌجڻ لڳي. هن جي همت واپس اچڻ لڳي- ’جيڪر اها موٽر هيڏي اچي... موٽر هيڏي اچي!‘

اچانڪ هن کان دٻيل هلڪي رڙ نڪري ويئي. موٽر اُتان موٽي هن طرف رُخ رکيو هو. جيئن موٽر ويجهو پوندي ٿي ويئي، تيئن هن جي دل وري ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو، موٽر بلڪل ويجهو اچي پئي هئي. هن دل کي ڪافي حد تائين مضبوط ڪيو، پر پوءِ يڪدم ڪجهه خيال اچي ويس. هو موٽر کي هٿ جو اشارو ڪري، جهوپڙيءَ اندر وٺي ڀڳو. اندر زينو اگهور ننڊ ۾ ستل هئي .تکو تکو ڏانهس وڌيو ۽ جهڪيو. هن کي ائين لڳو ته سندس هٿ ڏڪڻ لڳا آهن. پر پوءِ هڪ جهٽڪي سان هٿ ڇنڊي زينوءَ کي ڌونڌاڙيائين.

”زينو... زينو... زينو!“

”ڇو؟ ڇا هي؟“

”اُٿي، تکي ٿي. اندر ته هل“

”ڇو؟...“

هوءَ وڌيڪ سوال نه پڇي سگهي. هو ڪجهه سمجهي ويئي ۽ شرمائجي ويئي. ڪنڌ هيٺ ڪري ڪوٺيءَ اندر هلي. جمعو تکو تکو ساڻس گڏ ويو. ڀڳل ٽرنڪ کي کولي، منجهس پيل ڦاٽل ڪپڙن کي اُٿلائي پٿلائي هڪ پراڻو پر ڌوتل رئو ڪڍيائين. زينو ڏانهنس ٽيڏيءَ اک سان ڏٺو، کيس رئو ڪڍندي ڏٺائين، ته ويتر شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. جمعو تکو تکو رئو کڻي ڏانهن آيو، ۽ مٿس وجهڻ چاهيائين. هن کي الائجي ڇو ڏک ٿيڻ لڳو- الائجي ڇو- ڇو؟ هن وڌيڪ سوچڻ يا محسوس ڪرڻ بدران مٿس رئو وڌو.”زينو، تون ٺهي ويهه، مان اچان ٿو. هن کٽ تي هوءَ ٽنگيل چادر لاهي ڇڏ. هان، ٺيڪ آ نه، ٺيڪ.“

هو وڦلندو تيز تيز ٻاهر هليو ويو. زينوءَ کٽ تي چادر وڌي، وهاڻو رکيو، ۽ ٺهي ٺڪي مٿس ويٺي، هن کي شاديءَ رات ياد پوڻ لڳي. هوءَ يادن کي ياد ڪندي اُداس ٿي ويئي. پوءِ اڄوڪيءَ رات کي ياد ڪندي ڪجهه خوش ٿي. هن کي تمام گهڻي خوشي ٿي هئي. ڏکن جي دور مان لنگهندي، اڄ ئي جمعي کيس چڱيءَ طرح ياد ڪيو هو. هوءَ انهيءَ سنهري خواب کي ڏسندي ڏسندي آهلي پئي، ۽ اُنهيءَ ۾ گم ٿي ويئي. هوڏانهن جمعي دل کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ سيٺ سان ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو. ماٺ ميٺ ۾، نشي ۾ ٺٽ سيٽ کي آڏو هلڻ لاءِ اشارو ڪندي، دروازي جي ڳوڻ مٿي کڻي ڇڏيائين. سيٺ هڪ گندي مشڪ چپن تي آندي ۽ کيسي ۾ هٿ وڌو، هڪ چڱي خاصي ڏهين جي نوٽن جي ٿهي ڪڍي جمعي ڏانهن وڌائي. جمعي ڪي گهڙيون ته نوٽن تي نظرن کي کُپائي ڇڏيو، ۽ پوءِ نوٽن جي ٿهي ڏڪندڙ هٿن سان ورتائين، سيٺ هِي- هِي ڪندو اندر ٿيو. سندس کاٻي هٿ ۾ ڀريل بوتل هئي. جمعو به پٺيان آيس. پوءِ کانئس اڳ نڪري وڃي ڪوٺيءَ جي در تي بيٺو. هن ڳالهائڻ جي ڪئي، پر ڳالهائڻ کانئس نڪري ئي نه پيو. ڄڀ خشڪ ٿي وڃي تارونءَ سان لڳي هيس. جمعي چپ ۾ رهندي سيٺ آڏو اچڻ جو اشارو ڪيو ۽ در ڏانهن آڱر کنئي. جڏهن سيٺ وڌي دروٽ آيو، تڏهن جمعي جي آڱر ڪجهه ڦيرو کائي آهليل زينوءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ لڳي. زينوءَ جو جسم ۽ چهرو وڻندڙ ٿي معلوم ٿيا. سيٺ پنهنجي هلڪي کل جاري رکي، هي – هي ڪندي اندر داخل ٿيو. پوءِ پٺي ورائي در ڏيڻ چاهيائين، پر اُن کان اڳ ۾ جمعي جا ڏڪندڙ هٿ درڏانهن وڌي چڪا هئا. هن در کي ٻاهران ڪڙو ڏنو، ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساهه ڀريو. هن محسوس ڪرڻ چاهيو ته اهو سک ۽ سڪون جو ساهه آهي، پر ٻڏل دل ساٿ ئي نٿي ڏنس. لاچار هيٺ ويهي رهيو. سندس نگاهون ستل ٻارن تي پيون.’هي ٻه زندگيون ته بچي پيون، جي هڪ زندگي قربان ٿي ته ڇا ٿيو.‘ هو پوءِ رڙهي ٻارن وٽ ليٽيو ۽ مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳو.۽ پوءِ هن چاهيو ته آرام ڪري، سڪون واري رات گذاري، جنهن جو صبح اطمينان بخش هوندو. سندس هٿ بي اختيار کيسي ڏانهن وڌي ويا. زور ڏيڻ سان نوٽن چرچر ڪئي. هن خوش ٿيڻ چاهيو، پر هن جي خوشي دٻجي ويئي، جڏهن اندران زينوءَ جو ڏاڍيان ڳالهائڻ، روئڻ، سڏڪا ۽ ڪشمڪش جا آواز ٻڌائين. زينونءَ جو روئڻ تي تيز تر ٿيندو ٿي ويو. هن کي اها خبر ڪا نه هئي ته زينو ڪهڙو خواب ڏسڻ لاءِ ستي هئي، ۽ جاڳي کيس هڪ ڀيانڪ خواب ڏسڻو پيو هو. شايد هن کي اها به خبر ڪا نه هئي ته هوءَ هڪ مشرقي عورت آهي، جيڪا مرڻ گهڙيءَ تائين انهن سنهرن خوابن کي ڇڏي نٿي سگهي؛ هوءَ به ڀيانڪ خوابن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

زينوءَ جي روئڻ ۽ پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوششن جي آوازن هن کي بي بس ڪري ڇڏيو. هو بي اختيار تڙپي اُٿيو. سندس ڪنن جا پردا ڦاٽڻ لڳا. هن همٿ کي پڪاريو، دل کي پڪاريو، ڪنهن کيس جواب نه ڏنو. هن همٿ هاري ڇڏي، دل کي دٻائي ڇڏيو، پر اُتان ته آواز ئي عجيب ٿي نڪتا.

”جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو! جمعا، تو هيءُ ڇا ڪيو! توکي ڪهڙو حق آهي جو ڪنهن کان جيئڻ جو حق کسين؟ عصمت کان سواءِ عورت جي زندگي ڪهڙي؟ هن کي به ته جيئڻ جو حق آهي. ڇو ته اوهان جون زندگيون قربان ٿيون، هن زندگيءَ مٿان؟ ڇو نه ائين ٿئي؟ ڇو نه ؟ڇو نه ڀلا!“ هن ڪنن تي هٿ کڻي رکيا. هوسڄو ڏينهن ڏڪڻ لڳو. هو بيقرار ٿي ويو. سندس مغز ۾ ڌمڪن وانگر آواز پئي آيا. سندس سوچ موٽي آئي- سوچ، جا اڳ ۾ هيترو وقت خاموش هئي، هاڻ موٽي آئي.

”اُف مون هيءُ ڇا ڪيو؟ زينو پنهنجي زال، اُف! منهنجي مٺي، زينو! اُف، مان ...زال جو ڀڙوو!غيرت، عزت-خاندان جي عزت، قوم جي عزت، مون بک جي ڀيٽا رکي! اُف، مون هيءَ ڇا ڪيو؟ پر مان هاڻي ڇا ڪيان؟ اُف،او،او الا!“

هو سڄو پگهرجي ويو. سندس جسم ڏڪڻ لڳو هو، ٿڙڪندڙ ٽنگن سان در ڏانهن وڌيو ۽ يڪدم ڪڙو لاهي ڇڏيائين. ڏڪندڙ ٽنگ سان در کي ٿڏو هنيائين.پراڻو درکڙ- کڙ ڪندو کلي ويو.زينو همت وڃائي چڪي هئي، صرف هلڪي جدوجهد باقي ڪري رهي هئي، هو سائي ٿي چڪي هئي. وحشي درندو هينئر هن تي ڪافي حد تائين قابو پائي چڪو هو. زينوءَ جا ڪپڙا ڦاٽي ليڙون ٿي چڪا هئا. سڄي رتورت ٿي وئي هئي. پر هن پڇاڙيءَ تائين عصمت کي برقرار رکڻ ٿي چاهيو. جمعو اِهو منظر ڏسي ڏڪي ويو ۽ بي اختيار تکو تکو سيٺ ڏانهن وڌيو. ڇڪي کيس زينوءَ مٿان پٽيو. هو گهلجي آيو. جمعي کي غيرت جي باهه ۾ ڪجهه نظر نٿي آيو. هن ابتا سبتا ٽي ار ڌڪا اهڙا سيٺ کي هنيا جو سيٺ اُتي ساڻو ٿي ڪري پيو. جمعي سهڪندي سهڪندي کيس گهليو ۽ گهليندو، صفا ٻاهر موٽر تائين آيو. سيٺ انهيءَ گهلڻ ۾ ويتر اڌ مئو ٿي ويو. هن آخري ڪوشش ڪري اُٿڻ جي ڪئي، رڙيون ڪرڻ چاهيون، پر جمعي ڪڍندي ئي کيسي مان نوٽن جي ٿهي سندس ٻوٿ تي هنئي. پوءِ اهڙو وٺي ٿڏو هنيائين جو اهو اتي موٽر جي ڦيٿي وٽ پئجي رهيو.

جمعو آهستي آهستي، سهڪندو سهڪندو واپس موٽيو. ڳوڻ کڻي اندر گهڙيو. بي اختيار کانئس ٿڌو ساهه نڪري ويو. کيس محسوس ٿيو ته اهو هڪ سڪون جو ساهه هو. پوءِ آهستي آهستي ڪوٺيءَ ۾ آيو. زينو اُتي ئي هيٺ ساڳئيءَ حالت ۾ ويٺي هئي. جمعي جي قدمن وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن کان ڪنڌ ئي نٿي کڄيو. هو چپ چاپ اُتي ويهي رهيو، هيٺ ڪنڌ ڪريو. الائجي ڇو کيس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، ۽ اُتي ٻانهن ۾ منهن ڪريو روئڻ لڳو. زينو روئڻ جي آواز تي ڪنڌ کنيو ۽ ڪي گهڙيون جمعي کي تڪيندي رهي. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، پر هن اُنهن کي ڦاٽل چولي سان اُگهيو ۽ آهستگيءَ سان اُتان اُٿي. سورن هنيل جسم کي گهليندي جمعي وٽ آئي.

جمعي کي الائجي ڇو محسوس ٿي ٿيو ته انهيءَ روئڻ سان هن کي سڪون ملي رهيو آهي. هو روئندو رهيو. پر اچانڪ هن محسوس ڪيو ته ڪي قدم وٽس اچي رڪجي ويا آهن. ۽ پوءِ اُهو جسم هيٺ جهڪيو، ڪي ٻانهون سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهجي ويون، ۽ هن کي پنهنجن هٿن تي ڪنهن جو ساهه محسوس ٿيو، ۽ پوءِ پنهنجن هٿن تي هن ڪنهن جي چپن جي گرمائش محسوس ڪئي. جمعي آهستگيءَ سان هٿ هٽائي ڇڏيا. زينو ڏانهنس نهاري رهي هئي. سندس اکين ۾ پيار هو، قرب هو، ۽ اُنهيءَ سان گڏ همٿ هئي، زندگيءَ جو پيغام هو، هو اُنهن اکين ۾ گم ٿي ويو. کيس انهن اکين مان هڪ پيغام مليو- ڄڻ زينو چئي رهي هجي،’سور آهن ته سسئيءَ جي سورن کان به گهٽ-‘ ۽ پوءِ هن آهستگيءَ سان زينو کي سيني سان لاتو، ۽ پوءِ سس پس جي انداز ۾ زينوءَ کي چوڻ لڳو، ”مون کي معاف ڪر، زينو! معاف ڪر، زينو! اسين انهيءَ زندگيءَ جو مقابلو ڪنداسين-ها، مقابلو، انهن سورن جو، سسئيءَ وانگر مقابلو! انهن سورن کي نيٺ شڪست ٿيندي، زينو، ها نه؟“

”ها، منهنجا سرتاج، ها...“زينو سڏڪندي آهستگيءَ سان وراڻيو، ۽ پوءِ پنهنجو منهن جمعي جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو.

 

خواجه احمد عباس

سنڌيڪار: ممتاز مرزا

 

”ڏيا تيل ڦُليل جا،ٻاريم تائين ٻانگ“

 

جيستائين نظر ويئي ٿي، ڪناري تي ناريل جي وڻن جا جهُنڊ پکڙيل هئا. سج سمنڊ ۾ غوطي هڻڻ لاءِ تيار بيٺو هو، ۽ آسمان تي رنگ رنگ جا ڪڪر تري رهيا هئا- ڪڪر، جن ۾ باهه جي چمڪ ۽ موت جي ڪاراڻ هئي، سون جهڙي پيلاڻ ۽ خون جهڙي لالاڻ.

ٽراونڪور جو ڪنارو پنهنجي فطري حُسن کان مشهور آهي. ميلن تائين، سمنڊ جو پاڻي، زمين کي ٽُڪيندو، ڪيترين سنهڙين نهرن جون لهرون ٺاهيندو، گهڻين ڍنڍن جي شڪل ۾ ڦهلجندو هليو ويو آهي.

هن وقت مون تي به اهو جادوءَ جهڙو حسين منظر اثر ڪري رهيو آهي. سمنڊ آرسيءَ وانگر چپ آهي، پر ڏکڻ جي هوا جو هڪ هلڪو جهوٽو آيو ۽ سطح تي سنهڙيون سنهڙيون ڇوليون ائين لهرايون، ڄڻ ڪنهن معصوم ٻار جي چپن تي مسڪراهٽ. ۽ تمام پري ڪو ملاح بنسري وڄائي رهيو هو-ايترو پري، جو بنسريءَ جو سنهڙو ۽ ڌيمو آواز خاموشيءَ کي گهرو ڪري رهيو هو.

منهنجي ٻيڙيءَ وارو به انهيءَ ماحول کان متاثر نظر پئي آيو. جيئن ئي اسان جي سنهڙي ۽ ڊگهي ٻيڙي ناريلن جي جهُنڊ کي پوئتي ڇڏي کليل سمنڊ ۾ آئي، ته هن ونجهه کي ڇڏي ڏنو. سمنڊ وانگر هو به چپ هو. ٻيڙي نه اڳتي ٿي وڌي نه پوئتي ٿي ويئي، لهرن جي هنج ۾ آهستي آهستي ڏڪي رهي هئي. فضا اهڙي ته حسين ۽ خاموش هئي جو ٿورو ئي آواز وقت جي جادوءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. ٻيڙيءَ وارو، چپ چاپ اکيون ڄمايو، سج کي لهندو ڏسي رهيو هو. آءٌ خاموش هوس. ائين پئي لڳو، ڄڻ ته هوا به ساهه نٿي کنيو، سمنڊ گهري فڪر ۾ هو، ۽ دنيا ڦرندي ڦرندي يڪدم بيهي رهي هئي.

مون ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. ڪولون جي شهر کي اسين تمام پٺيان ڇڏي آيا هئاسين. هاڻي ته ناريل جا وڻ به نٿي نظر چڙهيا. پري کان ريل جي سيٽيءَ جو آواز ائين اچي رهيو هو، ڄڻ ته ڪنهن ٻيءَ دنيا مان اچي رهيو هجي؛ ۽ ائين پئي محسوس ٿيو ته اسين هن ٻيڙيءَ ۾ لُڙهي ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ پهچي ويا آهيون، يا وهين صديءَ جي دنيا ۽ اُن جي تهذيب ۽ ترقي کي پٺتي ڇڏي آيا آهيون، ۽ ماضيءَ جي ڪنهن اهڙي زماني ۾ پهچي ويا آهيون، جڏهن انسان ڪمزور هو. هتي سمنڊ اونهو هو - تمام اونهو؛ ۽ هتي آسمان به مٿي هو _تمام مٿي. سمنڊ ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ۽ ڪمزور ٻيڙي لوڏا کائي رهي هئي؛ ۽ ننڍڙو، ڪارو ۽ اگهاڙو ملاح ائين پئي لـڳو، ڄڻ ته ڪنهن پراڻي زماني مان ڀلجي هتي اچي ويو هجي، جڏهن انسان فقط ٻيڙي ٺاهڻ ۽ ونجھ چورڻ سکيو هجي.

*  *  *

سج سمنڊ جي سطح تي هڪ گهڙيءَ لاءِ بيٺو، ۽ پوءِ نهايت آهستگيءَ سان پاڻيءَ ۾ ٽٻي هنيائين: اُن جا آخري ڪرڻا به اولهه پاسي گلابي رنگ ڇڏي موڪلائي ويا، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ اونده، آسمان ۽ زمين تي موت جي پاڇي وانگر پکڙجي وئي. ايتري ته گهري اوندهه هئي جو منهنجو ساهه گهُٽجڻ لڳو. مون ٻيڙيءَ واري کي چيو ٿي ته واپس شهر هل، پر ڪجهه ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس. هي اُهو منظر هو، جو عجب ۽ حيرت وچان منهنجو وات ڦاٽي ويو. ڇا ٿو ڏسان ته پريان سمنڊ ۾ هڪ ڏيئو ترندو پيو اچي!

”هو ڇا آهي؟“ آخر مون ٻيڙيءَ واري کان پڇيو.

ڪنڌ ورائي، انهيءَ عجيب ڏيئي کي ڏسڻ بنا هن چيو،” سائين، اِجهو هينئر اوهين پاڻ ڏسندؤ.“ خبر نه آهي ڇو مون محسوس ڪيو ته اِها ڳالهه چوندي هن جو آواز ڏڪي رهيو هو. ٻيڙيءَ وارو هو به سچ پڇ عجيب ماڻهو. شڪل مان نه جوان ٿي لڳو نه پوڙهو. ٽراونڪور جو هر شخص ڀڳل ٽٽل انگريزي ڳالهائي ويندو هو، پر هي چڱي خاصي هندستاني به ڳالهائي سگهيو ٿي، انهيءَ ڪري مون اِها ٻيڙي ڀاڙي ڪئي هئي. هڪ ٻي به ڳالهه هئي :مون مسافرن سان ڀريل، ٻين وڏين ٻِيڙين ۾ سير ڪرڻ نٿي چاهيو؛ مون کي سڪون جي گهرج هئي، گوڙ گهمسان جي نه. ڪو بڪبڪيو ٻيڙيءَ وارو ملي وڃي، ته بيڪار يخي هڻي سڄي طبيعت خراب ڪري ڇڏي ها-’سائين، هي ڏسو! سائين هو ڏسو! هي لائيٽ هائوس آهي. سائين، توهين هتي ڪيترا ڏينهن رهندؤ؟ سائين، هتان وري ڪيڏانهن ويندؤ سائين، اوهان پنهنجن ٻارن کي پاڻ سان نه آندو آهي ڇا؟‘ پر منهنجي ٻيڙيءَ وارو مون ئي وانگر خاموش پسند هو. سڄي ساري ڪلاڪ ۾ هن ٻه ٽي جملا ڳالهايا هوندا. هو چپ چاپ ونجهه هلائيندو رهيو، ۽ آءٌ انهيءَ سموري عرصي ۾ اِهو سوچيندو رهيس ته هي ايڏو وڏو به ڪونهي، پوءِ هن جي منهن تي ايترا گهنج ڇو پئجي ويا آهن؟ هن جون اکيون ڏرا ڇو ڏئي ويون آهن؟ هن جي نگاهن ۾ غم جا پاڇولا ڇو آهن؟ هي ايترو خاموش ڇو آهي، ڄڻ ته مٿس زندگيءَ جا سمورا ڏک سُک گذري ويا هجن؟- ۽ هاڻي اُتي پهچي ويو آهي، جتي نه ڏک هجي نه سُک، رڳو هڪ اٿاهه مايوسي آهي ۽ غمگيني!

* *  *

 ها، سو مون هن کان پڇيو، ”هو ڇا آهي؟“ڪنڌ ورائي، اُنهيءَ عجيب ڏيئي ڏسڻ بنا هن چيو، ”سائين، اِجهو اوهين هاڻي پاڻ ڏسندؤ“- ڄڻ ته هن کي پهرين ئي خبر هئي ته آءٌ ڪهڙي عجيب منظر ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهيان؛ ۽ وري آهستي آهستي هن ٻيڙي هلائڻ شروع ڪئي. جتان اونداهي سمنڊ ۾ روشني لڙندي پئي نظر آئي، ٿوريءَ دير کان پوءِ مون ٻي ٻيڙي ڏٺي. اُنهيءَ ٻيڙيءَ ۾ هڪ زال ويٺي هئي؛ ۽ هڪ لالٽين رکيو هو، جنهن جي روشني مون پريان ڏٺي هئي.’هوءَ هن اونده ۾ ڪيڏانهن پئي وڃي ۽ ڇو؟ ڇا سچ پڇ اها ٻيڙي آهي يا منهنجي تخيل جي پيدائش، جيڪا هن جادوءَ سان ڀريل ماحول ۾ اُڀري آئي هجي!‘

مون ڏٺو ته منهنجي مانجهيءَ پنهنجي ٻيڙيءَ کي هن جي ٻيڙيءَ کان پري رکيو، انهيءَ ڪري ته اسين اوندهه ۾ لڪل رهون ۽ هوءَ اسان کي نه ڏسي. پر لالٽين جي روشنيءَ ۾ هوءَ اسان کي صاف پئي نظر آئي. هڪ ميري ساڙهيءَ ۾ ويڙهيل سنهڙي زال هئي، پر اُنهيءَ وقت هن جو منهن ساڙهيءَ جي گهونگهٽ ۾ لڪل هو. هن جي ٻيڙي وچ سمنڊ ۾ وڃي بيٺي، جتي هڪ ٻُڏل وڻ جي ٽاري سمنڊ جي مٿاڇري تي نڪتل هئي. سمنڊ ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي اهڙا ڪيترا ئي وڻ ڳاٽ کنيو آسمان کي ڏسي رهيا هئا. پر اُنهيءَ وڻ تي لالٽين ٻڌل هو. اُن ۾ هن تيل وڌو، ۽ تيلي ٻاري ڏيئو روشن ڪيو.

جيئن ئي ڏيئو ٻريو، اُن جي روشنيءَ ۾ مون هن جو منهن ڏٺو، جنهن تان گهونگهٽ لهي ويو هو. اهو چهرو مون کي اڃا نٿو وسري. پِيلو بيمار منهن، ڏرا ڏيئي ويل اکيون، کليل ۽ مٽيءَ سان ڀريل وار، ۽ هٿ، جنهن سان ڏيئي جي وٽ مٿي ڪري رهي هئي، ڪمزوريءَ ڪري ڏڪي رهيو هو. پر لالٽين جي وٽ وانگر هن جو منهن چمڪي رهيو هو. سنهڙن ۽ خشڪ چپن تي مُرڪ هئي، ۽ اکين ۾ عجيب چمڪ- انتظار جي چمڪ، اُميد جي چمڪ، يقين جي چمڪ، هڪ اهڙي چمڪ، جيڪا ڀڄن ڳائيندي ڪنهن پوڄارڻ جي اکين ۾ ٿي سگهندي آهي، يا ڪنهن محبت ڪرڻ واري جي اکين ۾ هوندي آهي، جيڪو پنهنجي محبوب سان جلد ملڻ جو تمنائي هجي.

سچ پڇ ته هوءَ پنهنجي محبوب سان ملڻ جي تمنائي هئي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته پڪ ٿي وئي هئي. مون ڏٺو ته هوءَ جنهن خاموشيءَ سان آئي هئي، ائين واپس پنهنجي ٻيٽ ڏانهن وڃڻ لڳي. هاڻي هوءَ ڳائي رهي هئي- مليائي زبان ۾ ڪو گيت، اڻڄاتل، ته به وڻندڙ، جنهن جا لفظ مون نٿي سمجهيا، پر محسوس پئي ڪيم ته اِهو منهنجو اڳي به ڪٿي ٻڌل آهي.

”هوءَ ڇا پئي ڳائي؟“ مون هن کان پڇيو.

مانجهيءَ جواب ڏنو،”سائين، هي اسان جو پراڻو گيت آهي.زالون پنهنجن عاشقن جي انتظار ۾ ڳائينديون آهن.’ مون ساري رات ڏيئو ٻاريو آهي- آءٌ تنهنجي انتظار ۾ آهيان- سڄڻ، ٻڌاءِ تون ڪڏهن ايندين‘ ۽ مون کي ”ڏيا تيل ڦُليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ“ جون سٽون ياد اچي ويئون، جن کي اهڙن موقعن تي اسان جون زالون ڳائينديون آهن. ’ڇا، سڄيءَ دنيا جي زالن جي دلين مان هڪ ئي آواز نڪرندو آهي؟‘ مون سوچيو، ۽ وري مانجهيءَ کان پڇيم:

”هيءَ انهيءَ ڪري بتي ٻارڻ آئي هئي ته هن جو مڙس اونداهيءَ رات ۾ رستو نه ڀلجي وڃي!“

مانجهيءَ ڪو به جواب نه ڏنو.

*  *  *

مون وري سوال ڪيو، ”هن جو عاشق اڄ رات ايندو ڇا؟“

اونده ۾ مانجهيءَ آواز اهڙيءَ طرح سان آيو، ڄڻ ته هو ڏاڍو ڏکويل هو: ”نه نه، هو نه ايندو... نه اڄ رات، نه سڀان رات. هو مري ويو آهي، سال گذري ويا هن جي موت کي.“

آءٌ ڪجهه سمجهي نه سگهيس. حيران ٿي پڇيم، ”ڇا، هن زال کي سُڌ ڪانهي ته هن جو پريمي مري ويو آهي، ۽ هاڻي ڪڏهن به نه ورندو؟“

” هن کي خبر آهي، پر هوءَ مڃي ئي نه ٿي. هوءَ اڃا تائين پئي انتظار ڪري. هن اُميد کي نه ڇڏيو آهي. ڪيترن سالن کان هوءَ هر رات ايندي آهي، ۽ هي لالٽين ٻاري ويندي آهي؛ انهيءَ ڪري ته اونداهي رات جو هو ڀلجي نه وڃي!“

۽ هاڻي مون کي تجربو ٿي رهيو هو جو آءٌ پنهنجين اکين سان غير فاني محبت جي جهلڪ ڏسي رهيو هوس. اهڙي محبت، جيڪا رڳو قصن ڪهاڻين ۾ پڙهي ويندي آهي، پر زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندي آهي. منهنجيءَ افسانه نگار فطرت ڦڙڪو کاڌو، ۽ پوءِ هڪٻئي مٿان سوالن ڪرڻ سان مون سڄي ڪهاڻي ٻُڌي.

*  *  *

”هيءَ ڪهاڻي محبت جو افسانو هئي، ۽ هندستان جي آزاديءَ واري جنگ جو داستان پڻ سن 1942ع ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ انقلابي طوفان آيو هو، ته ٽراونڪور جي عوام- شاگرد، مزدور، هاري، ايستائين جو سڀني ملاحن به حڪومت جي خلاف بغاوت لاءِ ڪنڌ مٿي کنيو. ڪولون جي هزارين ملاحن هڙتال جو اعلان ڪيو ته هو ڪم تي نه ويندا، چاهي سمنڊ جو رنگ سندن رت سان سرخ ڇو نه ٿي پوي.“

اڻپڙهيل ملاح جي واتان اهڙا جوش ڀريا اکر ٻڌي، مون هن کان پڇيو، ”ملاحن طرفان اهو اعلان ڪنهن ڪيو هو؟“

”هُن ئي، سائين هُن!“

”هو ڪير؟“

”ڪرشن، سائين. اهو ئي ته اسان جو اڳواڻ هو! ذات جو اهو به ملاح هو، پر ڪجهه وقت اسڪول ۾ پڙهيو هو. ڪيترائي سال’ٽريوندرم‘جي شهر ۾ رهيو هو، جتي هن وڏن وڏن ليڊرن جو تقريرون ٻڌيون هنيون؛ ۽ هو خود به ليڊرن وانگر تقريرون ڪندو هو. سائين، ڏاڍو سهڻو ۽ تندرست جوان هو. ڪولون کان هُن ٻيٽ تائين، ٽي ميل تري، راڌا سان ملڻ ويندوهو!“

”ڪرشن ۽ راڌا... راڌا ۽ ڪرشن- هي ته بلڪل ڪهاڻي ٺهي پئي!“ مون عجب ۾ چيو.

”سائين، حقيقت ۾ هن جو نالو راڌا ڪو نه هو، پر ڪرشن هن کي راڌا-راڌا ڪري چوندو هو، انهيءَ ڪري کيس سڀئي انهيءَ نالي سان سڏڻ لڳا. راڌا ۽ ڪرشن- سڀئي ملاح چوندا هئا ته اهڙو سهڻو جوڙو پري پري تائين ڳولجي ته نه ملي. جڏهن انهن ٻنهي جو مڱڻو ٿيو ته سڀ خوش ٿيا، سواءِ-“ايترو چئي هو چپ ٿي ويو، ۽ ڪجهه وقت تائين چوڌاري پکڙيل سانت ۾ رڳو ونجهه هلائڻ جو آواز پئي آيو.

”سواءِ؟“ مون ڳالهه جو سلسلو ٽوڙڻ نٿي چاهيو.

”سواءِ انهن جي، جن خود راڌا سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي.“ ائين چئي، هڪ دفعو وري هو چپ ٿي ويو.

”هيءَ راڌا-“ مون وري سلسلو ملايو،”اٺ سال اڳ ته هيءَ ڏاڍي سهڻي هوندي!“هڪ ٿڌو ساهه کڻي هن چيو، ”سهڻي،...ڏاڍي سهڻي هئي، سائين! آسپاس جي ڳوٺن ۾ ته ڇا، پر ڪولون جي شهر ۾ به اهڙي خوبصورت ڪا نه هئي. ناريل جي وڻ جهڙي ڊهي ۽ سنهڙي، مڇيءَ جهڙو ڊولائتو چمڪندڙ جسم هوس، ۽ اکيون... هن جي اکين ۾ ته هن سمنڊ جي سموري گهرائي ۽ ساري خوبصورتي هئي!“

* * *

 مون سوچيو ته هاڻي اسين ڪهاڻي کان هٽي شاعريءَ جي ڳالهين ۾ وڃي ٿا پئون. مون کي راڌا جي حُسن سان ايتري دلچسپي نه هئي، جيتري ڪرشن جي موت سان، انهيءَ ڪري مون گفتگو جو رخ ڦيرايو.

”سائين، پوءِ پوليس ڪرشن جِي جي پٺيان لڳي وئي. هن لاءِ وڏا وڏا ڄار وڇايا ويا، پر هو هٿ نه آين، لڪي لڪي هن کي ڳوليندا رهندا هئا، پر کين اها خبر نه هئي ته هر رات جڏهن سمنڊ تي ڪاري ٻاٽ ڇانيل هوندي هئي، ته هو پنهنجيءَ راڌا سان ملڻ ويندو هو، ۽ پرهه ڦٽڻ کان اڳ هو ترندو موٽي ايندو هو. سڀئي ملاح پوليس وارن تي ٽوڪون هڻندا هئا، ۽ چوندا هئا، ’اسان جو ڪرشن ٿو هنن جي هٿ اچي‘!“

سڀئي ملاح ڪرشن جي پاسي هئا ڇا“؟

”ها، سائين، سڀئي هن جا ساٿي، سواءِ-“ هڪ دفعو وري هن جي زبان بند ٿي وئي.

”سواءِ ڪنهن جي؟“

”جيڪي راڌا جي ڪري هن سان حسد ڪندا هئا، سائين.“ ” پوءِ ڇا ٿيو؟“

”چنڊ گهٽبو ويو، ۽ جڏهن ڪاريون راتيون آيون، ته هر رات راڌا پنهنجي ڪرشن جي راهه ۾ روشني ڪرڻ لاءِ لالٽين ٻارڻ لڳي، هر شام، جيئن هوءَ هينئر آئي، ايندي هئي، ۽ ڏيئو ٻاري هلي ويندي هئي.“

مون ڪنڌ ورائي جڏهن اونداهي سمنڊ ۾ انهيءَ لاٽ کي ٻرندو ڏٺو، ته مون کي ائين لڳو ڄڻ ته بهادر ڪرشن پنهنجن مضبوط بازن سان پاڻيءَ کي چيريندو پنهنجيءَ راڌا سان ملڻ پيو وڃي.

”پوءِ ڇا ٿيو؟“

”هڪ رات راڌا ڏيئو ٻاريو، پر اهو وسامي ويو...۽ جڏهن ڪرشن ترندو آيو ته هن جي راهه جي روشني ڪا نه هئي.“

”ڇو، ڇا ٿيو هو؟ طوفان آيو هو ڇا؟“

”ها، ائين کڻي سمجهو، پر اهو طوفان هڪ بي ايمان جي دل ۾ اٿيو هو. هن پنهنجيءَ قوم سان غداري ڪئي، ۽ بتي وسائي پنهنجي دوست جي موت جو باعث بنيو.“

”پر ڪو انسان ته اهڙي ڪميڻي حرڪت ڪري نٿو سگهي.“

”محبت جي لاءِ-گهٽ ۾ گهٽ هو ائين ٿو سمجهي. پر، سائين، هن جي محبت انڌي هئي. محبت ڇا، پر هڪ مرض هو؛ عشق ڇا، پر چريائي هئي. هن کي خبر به هئي ته راڌا ڪرشن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڏسڻ نٿي پسند ڪري. اِنهيءَ ڪري ته هن پنهنجي دوست کي قتل ڪيو!“

”ته ڪرشن ٻڏو ڪو نه هو، پر قتل ڪيو ويو هو؟“

”اُنهيءَ رات ڏيئو وسائڻ ڪرشن جي قتل جي برابر هو. پر ظالم کي اها خبر نه هئي ته سندس انهيءَ جرم جو خوفناڪ ڀوت هن جي دل تي هميشه ڦرندو رهندو، جيڪو هن جي ڏينهن جو آرام ۽ رات جي ننڊ ڦري وٺندو.“

اسان جي ٻيڙي هاڻي ڪولون جي بندر تي پهچي وئي هئي، ۽ مون ڪهاڻيءَ ۽ ڪردارن جو انجام معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو.

”ته اُنهيءَ رات ڪرشن ٻڏي مري ويو... پوءِ ڇا ٿيو؟“

”ڪرشن کان پوءِ ملاحن ۾ ٻَڌي نه رهي، ۽ پوليس جي ڊپ کان هنن هڙتال بند ڪري ڇڏي.“

”۽ راڌا جڏهن ڪرشن جي موت جي خبر ٻڌي، ته ان ڇا ڪيو؟“

”اڄ تائين هن کي ڪرشن جي موت جي پڪ نٿي اچي. ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ تائين ڪرشن جو لاش سمنڊ مان نه نڪتو آهي: اڃا راڌا ٻيڙي وٽ اچي ڏيئو ٻاريندي آهي واپس وڃي پنهنجي جهوپڙيءَ جي در تي ويهي ڪرشن جو انتظار ڪندي آهي.“

* * *

”انهيءَ غدار جو ڇا ٿيو؟ اُهو ڪميڻو، جنهن ڪرشن کي ماريو هو، ۽ پنهنجن انهن ڀائرن سان غداري ڪئي، جن آزاديءَ جي جنگ ۾ پئي حصو ورتو- اُن جو ڪهڙو حشر ٿيو؟“

مانجهيءَ منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو، ۽ پُٺي ڏيو، ڪنڌ هيٺ ڪريو، چپ چاپ ٻيڙي هلائيندو رهيو. پر هُن جي خاموشيءَ ۾ سندس ڏوهاري دل جون ڌڙڪنون شامل هيون.

اُنهيءَ وقت سمنڊ تي ڪاري ٻاٽ پکڙيل هئي، ۽ موت جهڙي خاموشي. ريل جي سيٽيءَ مون کي هوشيار ڪيو. مون کي اُنهيءَ رات ڪولون ڇڏڻو هو. ٻيڙيءَ مان لهندي، هڪ دفعو وري مون سمنڊ ڏانهن نظر ڪئي. آسمان تي هاڻي لکين تارا ٽمڪي رهيا هئا. پر هڪ تارو، اونداهي سمنڊ جي وچ ۾ چمڪي رهيو هو، اُهو راڌا جو ڏيئو هو، جيڪو ساري رات ڪرشن جو انتظار ڪندو رهندو- اڄ رات، سڀان رات، سدائين... راڌا جي پريم وانگر، اهو ستارو هميشه چمڪندو رهندو- انهيءَ ڪري ته اهو اُميد جو ستارو هو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com