سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1972ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1- 1972ع

غلام محمد گرامي

صوبائي اسيمبلي سنڌ

نوٽيفڪيشن

ڪراچي، 17- جولاءِ، 1972ع

        نمبر ص الف س/ق – ب – 13 / 72- سنڌ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال) بل سال 1972ع، جيڪو 7-جولاءِ 1972ع  تي صوبائي اسيمبلي سنڌ طرفان منظور ڪيو ويو ۽ جنهن جي بحالي سنڌ جي گورنر 16- جولاءِ 1972ع تي ڪئي، تنهن کي سنڌ جي صوبائي قانون ساز مجلس جي ايڪٽ جي طور تي ڇاپيو پيو وڃي:

سنڌ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ايڪٽ 1972ع

سنڌ ايڪٽ نمبر 1 بابت سال 1972ع

(سنڌ جي گورنر جي بحاليءَ بعد، پهريائين سنڌ غير معمولي گزيٽ ۾ تاريخ 17- جولاءِ 1972ع تي ڇپيو.)

        سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اُپاءِ تجويز ڪرڻ لاءِ

هڪ ايڪٽ

        جيئن ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 267 ۾ مهاڳ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي زبانن جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ، صوبائي قانون جي ذريعي، ڪ قومي ٻوليءَ سان گڏ، هڪ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اُپاءُ تجويز ڪري سگهي ٿي؛

        ۽ جيئن ته سنڌي ٻولي سرڪاري کاتن ۽ آفيسن ۾ استعمال ٿي رهي آهي؛ ۽ جيئن ته سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون هئي، پر ان کي مارشل لا اختياري وارن جي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو هو؛

        ۽ جيئن ته سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون هئي، پر ان کي مارشل لا اختياري وارن جي زباني حڪم تي ختم ڪيو ويو هو؛

        ۽ جئين ته اها صوبي سنڌ جي فطري آرزو ۽ خواهش آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ۽ استعمال کي ترقي ڏني وڃي؛

        تنهنڪري هيٺيون قانون ٺاهيو پيو وڃي:

1-      (1) هن ايڪٽ کي (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ايڪٽ مختصر عنوان، شروعات ۽ حد. 1972ع چيو ويندو.

(2) اهو هڪدم عمل ۾ ايندو ۽ پوري سنڌ صوبي سان لاڳو ٿيندو.

2-     هن ايڪٽ ۾، جيستائين ڪوئي ٻيو مطلب نه نڪرندو هجي، هيٺين تشريح لفطن جي اهائي معنيٰ سمجهي ويندي، جيڪا هر هڪ لاءِ ڄاڻائي ويئي آهي.

        (الف)  ”اسيمبلي“ معنيٰ صوبائي اسيمبلي سنڌ،

        (ب)    ”حڪومت“ معنيٰ سنڌ جي حڪومت،

(ج)    ”حڪومت جو کاتو“ معنيٰ حڪومت جو ڪوئي کاتو ۽ انهيءَ ۾ ڪوئي خودمختار ادارو، لوڪل ڪائونسل يا لوڪل اٿارٽي به شامل سمجهيا ويندا.

(د)     ”ادارو“ جي معنيٰ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي يا ڪوئي ٻيو ڪوئي ادارو.

3-     سنڌيءَ کي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻوليءَ جي طور تي استعمال صوبائي ٻولي ڪيو ويندو.

4-     (1) اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين سنڌيءَ جي سکيا تعليم ڏني پيئي وڃي، سنڌي ۽ اردوءَ کي لازمي مضمونن جي حيثيت هوندي.

        (2) لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سنڌيءَ جي شروعات هيٺين سطح يعني چوٿين ڪلاس کان عمل ۾ آندي ويندي ۽ درجي بدرجي، جيئن مقرر ڪيو وڃي، مٿين درجن ۾ ٻارهين ڪلاس تائين رائج ڪئي ويندي.

5-      سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ثقافتي ترقيءَ لاءِ حڪومت ايڪيڊميون ۽ سنڌيءَ جو واڌارو بورڊ ٺاهي سگهي ٿي.

6-     حڪومت، آئين جي فقرن جي دائري اندر رهندي، آفيسن ۽ سرڪاري سنڌيءَ جو استعمال کاتن ۾، جن ۾ عدالتون ۽ اسيمبلي شامل آهن، سنڌي ٻوليءَ جي درجي بدرجي استعمال لاءِ انتظام ڪري سگهي ٿي.

7-     (1) هن ايڪٽ جي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت قائدا ٺاهي قاعدن ٺاهڻ جو اختيار سگهي ٿي.

        (2) مٿين عام اختيار کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ، اهڙا قاعدا خاص طرح سان هيٺين مقصدن لاءِ ٺاهي سگهجن ٿا؛

(الف)  سنڌي ٻوليءَ کي، درجي بدرجي، پڙهائيءَ لاءِ لازمي مضمون جي طور تي رائج ڪرڻ؛

(ب)    ايڪيڊمين ۽ بورڊن جو ٺاهڻ ۽ انهن جو عمل ۾ آڻڻ ۽ انهن جي اختيارن ۽ ڪمن جي وضاحت ڪرڻ؛

(ج)    آفيسن ۽ سرڪاري کاتن، اسيمبلي، عدالتن ۽ ادارن وغيره ۾ سنڌي زبان جو درجي بدرجي استعمال.

بحڪم

اسپيڪر

صوبائي اسيمبلي سنڌ.

جمال الدين ابڙو

سيڪريٽري، صوبائي اسيمبلي سنڌ.


 

حڪومت سنڌ

قانون کاتو

نوٽيفڪيشن

ڪراچي، 22- جولاءِ، 1972ع

 

نمبر ايس (ليجس) 1 (11) / 72- سنڌ جي گورنر جو جاري ڪيل هيٺ ڏنل آرڊينس، عام پڌرائيءَ لاءِ شايع ڪجي ٿو:

        سنڌ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ايڪٽ (اطلاق) آرڊيننس، 1972ع جي اطلاق جي سلسلي ۾ ڪجهه فقرا وضع ڪرڻ لاءِ؛

هڪ آرڊيننس

        جيئن ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 267 جي مهاڳ فقره (2) ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قومي ٻولين جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ، صوبائي مقننه، قانون جي ذريعي، هڪ قومي ٻوليءَ سان گڏ، هڪ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، واڌاري ۽ استعمال لاءِ اپاءُ تجويز ڪري سگهي ٿي؛

        ۽ جيئن ته اردو هڪ قومي ٻولي آهي ۽ ان کي ڳالهائڻ وارا ڪافي ماڻهو موجود آهن؛

        ۽ جيئن ته مغرض وضاحت ۽ گمانن کي دور ڪرڻ لاءِ اهو ضروري تصور ڪيو پيو وڃي ته سنڌ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) ايڪٽ 1972ع (ايڪٽ ٻيو، بابت سال 1972ع)، جنهن جوحوالو هن بعد مذڪوره ايڪٽ جي طور تي ڏنو ويندو، جي اطلاق جي سلسلي ۾ ڪجهه فقرا وضع ڪيا وڃن؛

        ۽ جيئن ته هن وقت صوبائي اسيمبلي سنڌ جو اجلاس ڪونه ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ جي گورنر کي انهيءَ ڳالهه جو اطمينان آهي ته اهڙيون حالتون موجود آهن، جن جي هيٺ هن لاءِ ترت قدم کڻڻ ضروري آهي؛

        هاڻي، تنهنڪري، انهن اختيارن کي، جيڪي کيس اسلامي جمهوريه پاڪستان جي عبوري دستور جي آرٽيڪل 135 جي فقره (1) هيٺ حاصل آهن، استعمال ڪندي، سنڌ جو گورنر هيٺيون آرڊيننس ٺاهي نافذ ڪري رهيو آهي:

1-      (1) هن آرڊيننس کي سنڌ (سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، واڌارو ۽ استعمال) مختصر عنوان، شروعات ۽ حد ايڪٽ (اطلاق) آرڊيننس، 1972ع چيو ويندو؛

        (2) هي سنڌ جي سڄي صوبي سان لاڳو ٿيندو؛

        (3) هي هڪدم عمل ۾ ايندو.

2-     مذڪور ايڪٽ جي فقرن جي باوجود هن آرڊيننس جي شروعات کان زبان جي بنياد تي ڪنهن فرق جو نه هجڻ ٻارهن سالن جي عرصي تائين:

(الف)  ڪنهن به شخص سان، جيڪو ٻي صورت ۾ سول نوڪريءَ يا صوبي سنڌ جي معاملن جي بجا آوريءَ سان متعلق ڪنهن سول آساميءَ تي تقرر يا ترقيءَ جو اهل هوندو، فقط ان ڪري فرق نه رکيو ويندو جو هن کي سنڌي يا اردو ٻوليءَ جي ڄاڻ ڪانهي،

(ب)    ڪنهن به شخص کي، جيڪو هن آرڊيننس جي نافذ ٿيڻ کان هڪدم اڳ، سول نوڪري ڪري رهيو هو يا صوبي سنڌ جي معاملن جي بجا آوريءَ سان متعلق ڪنهن سول آساميءَ تي ڪم ڪري رهيو هو، فقط ان ڪري نوڪريءَ کان ڌار نه ڪيو ويندو جو هن کي سنڌي يا اردو ٻوليءَ جي ڄاڻ ڪانهي.

3-     مذڪوره ايڪٽ کي اهڙيءَ ريت عمل ۾ آندو ويندو، جيئن اردوءَ جي اردوءَ جي خلاف فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ايڪٽ جو اطلاق استعمال کي ڪوئي نقصان نه پهچي.

گذارش

 

سنڌي زبان:

        پاڪستان مختلف تهذيبي ۽ تمدني، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جو گهر آهي. ان ۾ بنگالي، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو تهذيبون اچي وڃن ٿيون. ان کان سواءِ تقسيم کان پوءِ بمبئي، گجرات، ڪاٺياواڙ، جهونا ڳڙهه، ڪڇ ۽ ٻين هندستاني علائقن مان لڏي آيل ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي به ججهي انداز ۾ آيل آهن. اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجن علائقن جي تهذيب کڻي هت آيا آهن، ۽ هينئر هن سرزمين ۾ آباد ٿي چڪا آهن. انهن سڀني گروهن جي زبان، ادب ۽ ثقافت جا ڪنهن حد تائين جداگانه معيار ۽ قدر آهن. هينئر انهن سڀني جي هن سرزمين جي ماحول ۾ نشو و نما ٿيڻي آهي. انهن سڀني زبانن توڙي تهذيبن جي زندگي ۽ بقا، ارتقا ۽ نشو و نما هاڻ هن ملڪ سان وابسته آهي. اهي سڀ ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. پاڪستان جو مجموعي ثقافتي ورثو اِهي زبانون ۽ تهذيبون ئي آهن. انهن ۾ هڪ قسم جي يگانگت آهي ۽ انهن جي مقصدن ۾ هم آهنگي پڻ آهي. انهن جي ڦلجڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ ۾ ڪنهن به هڪ تهذيب ۽ زبان جو، ڪنهن ٻيءَ تهذيب ۽ زبان تي ڪوبه مضر ۽ نقصان وارو اثر پئجي نٿو سگهي.

        پاڪستان هڪ باغ وانگر آهي ۽ اهي تهذيبون ۽ زبانون سندس مختلف قسم جا گل ڦل آهن. انهن سڀني جو رنگ و بو پنهنجو پنهنجو آهي، ايئن جيئن باغ جا مختلف گل، جن جا رنگ به جدا آهن ۽ بوءِ به جدا آهي. ان طرح سندن ظاهري ساخت ۽ پرداخت، رنگ ۽ بوءِ، خوشنمائيءَ ۽ دلڪشيءَ ۾ جا انفراديت آهي، ان ۾ به هڪ قسم جو اجتمائي روح سمايل آهي. چمنستان جي قسم قسم جي گلن ڦلن جي رنگ ۽ بوءِ جي ظاهري ۽ طبعي اختلاف ۾ ئي چمن جي زيب ۽ زينت جو راز لڪل آهي.

        تاريخي ۽ تهذيبي خيال سان، سنڌي تهذيب، انسانيت جي بلڪل پهرين تهذيبن مان شمار ڪئي ويئي آهي. ان طرح سان سنڌي زبان پنهنجي علمي ۽ ادبي، لغوي ۽ ثقافتي سرمايي ۽ معيار جي لحاظ سان، پاڪستان جي سڀني علاقائي زبانن کان ممتاز ۽ منفرد آهي. سنڌيءَ جي مقابلي ۾ پنجابي، سرائڪي، پشتو، بلوچي ۽ بروهي زبانون، فني ۽ علمي لحاظ سان ايتريقدر سرمايدار نه آهن. وٽن سنڌي زبان جي ادب جيترو نه ڪو ذخيرو آهي ۽ نه ڪو معيار.

        زبان ۽ رنگ جي اختلاف بابت قرآن ڪريم ۾ چيو ويو آهي ته”و من آياتہ اختلاف السنتڪم و الوانڪم.“ (اوهان جي زبانن ۽ رنگن جو اختلاف، الله جي آيتن منجهان هڪ آيت آهي. انن نشانين ۽ آيتن کي مٽائڻ لاءِ جدوجد ڪرڻ، فطرت جي خلاف قدم آهي. جهڙيءَ طرح ڪنهن علاقي جي رهاڪن جو رنگ بدلائڻ ناممڪن آهي، اهڙيءَ طرح انهيءَ علاقي جي زبان ۽ ثقافت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش به غير فطري آهي. علاقائي زبانون ’مادري زبانون‘ ٿين ٿيون ۽ مادري زبان هر ڪنهن کي پياري ٿئي ٿي. ماءُ جي هنج ۾ سکيل زبان، ٻار جي جسم، تن بدن، گوشت، رت ۽ هڏ آهي. مادري ۽ علاقائي زبان سان ايترو ڳوڙهو ڳانڍاپو، محبت ۽ لاڳاپو ٿئي ٿو، جو هر شخص پنهنجي صوبائي ۽ مادري زبان کي پنهنجي ماءُ سمجهي ٿو. مادري زبان تي ٻار کي جيڪا قدرت حاصل هوندي آهي ۽ جنهن آسانيءَ ۽ لطف سان ان ۾ هو لکي پڙهي سگهي ٿو، تنهن لاءِ نه ڪنهن صرف- نحو ۽ گرامر سکڻ جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ نه ان لاءِ ڪنهن ٻئي قاعدي قانون کي هو ڳولي ٿو. ’مادري زبان ۽ صوبائي زبان‘ ۾ هو بي تڪلف پڙهڻ لڳي ٿو، جيڪي ڪجهه هو انهيءَ زبان ۾ چوي ٿو، تنهن کي ٻيا پڻ سَنَد طور مڃڻ لاءِ مجبور ٿين ٿا. هو اهلِ زبان هوندو آهي ۽ سندس راءِ تسليم ڪرڻ جهڙي هوندي آهي. انهيءَ صوبائي ۽ مادري زبان جي ذريعي سان، ڪنهن علاقي جا ماڻهو پنهنجي قديمي روايتن، تاريخ، ثقافتي ورثي، توڙي سماجي روح ۽ جذبي کان باخبر ٿين ٿا. مطلب ته صوبائي- مادري زبان جي وسيلي جيڪا معلومات ٻارکي ٿوري عرصي ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي، سا ملڪ جي تعليمي ۽ تهذيبي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ بيحد اهم چيز آهي. تعليمي ماهر چون ٿا ته تليم حاصل ڪندي، ’مادري زبان‘ کان سواءِ ٻين زبانن جو بار وجهڻ ٻار تي ظلم ڪرڻ جي برابر آهي، ان ڪري گهرجي ته هر صوبي علاقي ۾ تعليم جو بنياد ’مادري زبان‘ تي رکيو وڃي.

        ڪنهن ڄاڻوءَ چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ ڪائنات جي عظيم معجزن مان سڀ کان وڏو معجزو زبان ئي آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته زبان جي ايجاد، تعمير ۽ ترڪيب ۾ ڪائنات جو خالق خود به حصيدار آهي. ڪير چئي سگهندو ته فلاڻيءَ زبان جو ايجاد ڪندڙ فلاڻو ماڻهو، فلاڻو عالم، فلاڻو سائنسدان يا فلاڻو فيلسوف آهي؟ زبان ته انسانذات جي هزارن ورهين جي ميل- جول، نشست برخواست، ڪار وهنوار، شاديءَ غميءَ، جنگ ۽ امن وغيره جي مسلسل عمل مان ظاهر ٿيل هڪڙو معجزو آهي: ان کي نيست نابود ڪرڻ هڪ عظيم نعمت کي ٺڪرائڻ جي برابر آهي، ۽ ان کان بيرخي اختيار ڪرڻ ناشڪري آهي. ان ڪري ڪل انسانيت جي فائدي ۽ بهتريءَ خاطر ائين سمجهڻ کپي ته زبان ڪهڙي به هجي، ڪنهن جي به هجي، اها هڪ مقدس امانت آهي، ۽ ان جي حفاظت ۽ پرورش ڪرڻ هر انسان جو فرض آهي. زبان جي جهوليءَ ۾ جيڪي روايتون ۽ خصوصيتون ڀريل آهن، تن مان ان طرح فائدو حاصل ڪرڻ کپي، جو اهي هر ڪنهن جي ڪم اچن.

        ٻوليءَ جي فني ۽ لساني ڇنڊڇاڻ کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اهو به عرض ڪرڻو آهي ته اڄڪلهه اسان وٽ قومي ۽ صوبائي زبانن جي مسئلي تي ڪافي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن. هڪ طرف قومي زبان اردوءَ جي ’قومي حق‘ جي آڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مليل حق جي مخالفت ڪئي ٿي وڃي ۽ ٻئي طرف ڪنهن به دليل کان سواءِ سخت ڪلامي ۽ دل آزاري به ڪئي ٿي وڃي. حالانڪ سنڌي زبان کي سنڌ اسيمبليءَ جي پاس ڪيل بل ۾ جو ڪجهه به مليو آهي اهو سندس حق آهي. خود انگريزن جي راڄ ۾ به کيس اهو حق حاصل هو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن خالص علمي ۽ فني مسئلي متعلق ڪن اردو پرست حلقن طرفان قومي زبان جي تحفظ ۽ فروغ جي آڙ وٺندي، اجائي هاءِ گهوڙا شروع ڪئي وئي آهي: حالانڪ ملڪ جي دانشمند ۽ باشعور عالمن، اديبن، شاعرن ۽ تعليمي ماهرن، سنڌ اسيمبليءَ جي فيصلي کي درست قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي انهن دوستن، جي پاڻ کي اڄ تائين”نوان سنڌي“ سڏائي رهيا آهن، تن مان ڪن چند ماڻهن، جي هر علمي ۽ تهذيبي، تعليمي ۽ اصلاحي مسئلي کي خواه مخواه سياسي رنگ ڏيڻ جا عادي آهن- تن اخبارن ۾ خطن ۽ بيانن جي وسيلي نه فقط سنڌ جي ماڻهن جي جذبات کي تڪليف پهچائي آهي، پر ان سان گڏ صوبي جي نمائنده، اسيمبليءَ جي متفقه طور ڪيل فيصلي تي به اجايا سجايا اعتراض ڪيا آهن.

هونءَ به ڪنهن مسئلي ۽ فيصلي سان فني ۽ اخلاقي طور تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو. اختلاف راءِ جو حق هر ڪنهن کي آهي، پر اختلاف جي آڙ ۾ اشتعال انگيزيءَ ۽ فتنه پردازيءَ پيدا ڪرڻ جو ته ڪنهن کي به حق نه آهي. اردوءَ جو قومي زبان هجڻ ته پاڪستان جي عبوري آئين ۾ اڳي ئي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ ان کان ته ڪنهن به انڪار نه ڪيو آهي. اردو زبان جي قومي حق کي سنڌ جي دانشورن، عالمن، اديبن ۽ سياستدانن دل جي وسعت سان قبول ڪيو آهي، تنهنڪري سنڌي زبان کي سندس حق جي ملڻ سان اردو زبان جي فروغ ۽ حفاظت تي ڪوبه اثر نٿو پئجي سگهي. باوجود ان جي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته اردوءَ کي قومي زبان چوندڙ، جي پاڻ کي”نوان سنڌي“ به سڏائن ٿا، سي سنڌي زبان جي حقرسيءَ تي ارها نظر اچي رهيا آهن.

اردوءَ جي بيجا غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ اردو زبان کي تقدس ۽ احترام جي غلاف ۾ ويڙهي چون ٿا ته ”اردو اسلام جي زبان آهي، پاڪستان به اردو زبان جي ڪري پيدا ٿيو، نظريه پاڪستان به اردو جي حفاظت لاءِ پيدا ڪيو ويو، اردو زبان جوتسلط پاڪستان جي سالميت جي برابر آهي.“ ان جي مقابلي ۾ ”سنڌي، سنڌ ۽ جيئي سنڌ“ پڪاريندڙ غدار ۽ باغي آهن، اسلام ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، ڀارت، روس ۽ چين جا ڇاڙتا آهن.“

اهي غلط دليل ان زبان جي سلسلي ۾ پيش ڪيا ٿا وڃن. جا باب الاسلام سنڌ جي زبان آهي، جا موهن جي دڙي جي تاريخي پس منظر تائين سلسلو رکي ٿي، جا اڄ کان پنج هزار سالن کان به اڳ لکڻ پڙهڻ ۾ ايندي هئي، جنهن کي پنهنجو ادب آهي ۽ پنهنجو رسم الخط آهي، جنهن ۾ هزارين اعليٰ معيار جا علمي ڪتاب آهن، جا زبان اڄ به ڪروڙين ماڻهو سمجهن ٿا ۽ ڳالهائين ٿا، جا تاريخي طور تي برصغير هند و پاڪ ۾ سڀ کان قديم ۽ تاريخي زبان آهي ۽ جا عالمي زبانن ۾ وڏي ساک ۽ شهرت حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ عراق، شام، اردن، ايران، ترڪي، اسرائيل ۽ مصر جي آباديءَ جي لڳ ڀڳ آهن ۽ هنگاري، سوئٽزرلئنڊ، ناروي، يوگوسلاويه کان علاوه آفريقي ۽ لاطيني ننڍين رياستن کان گهڻا آهن، جن جي آبادي صرف چند لکن ۾ آهي.

        حقيقت هيءَ آهي ته قومي ۽ علاقائي زبانن جي باهمي تعلقات کي اردو-پرست ماڻهن ڪڏهن به بين الاقوامي لساني ۽ قومي اصولن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي آهي.

        سنڌي زبان جي مسئلي ۾ اها حقيقت پڻ نظر انداز ڪئي وڃي ٿي ته پاڪستان گهڻين قومن ۽ گهڻين زبانن تي مشتمل ملڪ آهي. ٻيو ته خاص طرح سان سنڌي زبان، هزارن سالن جي مسلسل تاريخي ارتقا، تهذيبي نشو و نما ۽ تمدني واڌ، جاگرافيءَ جي مخصوص ماحول ۽ تاريخ جي صدين واري عمل، رد عمل ۽ پس منظر ۾ پيدا ٿيل آهي. سنڌي زبان هڪ خاص تهذيبي ۽ معاشرتي، ذهني ۽ اخلاقي مزاج رکي ٿي، جو سندس قومي مزاج آهي.

        موجوده دور ۾ اردو قومي ٻولي ٿي چڪي آهي، پر ان سان گڏ گهڻي وقت کان وٺي اردوءَ کي اسلام ۽ پاڪستان جي زبان پڻ قرار ڏنو ويو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. ان غلط بيانيءَ جو بنياد خود باباءِ اردو مولوي عبدالحق مرحوم وڌو هو. باباءِ اردو، اسلاميه ڪاليج لاهور ۾، 24- فبروري 1959ع تي، سپاسنامي جي جواب ڏيندي، طول طويل تقرير ڪئي هئي، ان ۾ صاف چيائين ته اردو کان سواءِ ٻيون سڀ زبانون ”بت پرستن ۽ ڪافرن“ جون بنايل آهن، فقط اردو ئي ”اسلامي“ زبان آهي ۽ پاڪستان جي بقا جي ضامن! اقتباس ملاحظه فرمايو:

”مين اپني نوجوان دوستون سي پهر کهتا هون که اگر انهي پاکستان کي ترقي اور بقا منظور هي تو اردو کي فروغ کي لئي دل و جان سي کوشش کرين. اردو کو آپ معمولي زبان نه سمجهين، اس ۾ هماري ثقافت، مذهب اور قومي روايات کا سرمايه محفوظ هي، بقيه سب زبانين جومسلمان کهي جاتي هين ’بت پرستون‘ اور ’کافرون‘ کي بنائي هوئي هين. يه (اردو) اصل اسلامي زبان هي. اور هماري بزرگون کي بدولت وجود ۾ آئي. افسوس هم ني اس زبان کي کوئي قدر نهين کي“ (رساله ’هم‘ قلم باباءِ اردو نمبر آگسٽ 1962ع، ص 41).

        هي آهي باباءِ اردوءَ جي غلط بياني! ڇا لطيف ۽ سچل، وارث شاهه ۽ غلام فريد خواجه، رهمان بابا ۽ خوشحال خٽڪ جون زبانون ”بت پرستن ۽ ڪافرن“ جون بنايل آهن؟ ۽ فقط اردو ئي اسلام جي زبان آهي؟

        سنڌي زبان جي امتيازي حق ۽ سنڌي قوم جي تهذيبي ۽ تاريخي سرمايي کي ڪفر سان نسبت ڏيڻ حد کان وڌيڪ ڪور چشمي ۽ اڻڄاڻائي سمجهڻ گهرجي.

        سنڌي زبان کي سنڌ جي نمائنده اسيمبليءَ، جڏهن سرڪاري طرح صوبائي زبان تسليم ڪيو آهي، تڏهن اردو دانن، جي پاڻ کي نوان سنڌي سڏائين ٿا، تن ون يونٽ جي خاتمي ۽ صوبائي آزاديءَ کي به نظرانداز ڪندي اعتدال کان ٻاهر نڪري، غلط نموني ۾ پروپيگنڊا ڪرڻ شروع ڪئي آهي- اهو ڏينهن ندورو آهي، جنهن ۾ اردو اخبارن توڙي اشتهارن ۽ بيانن جي وسيلي ائين نٿو چيو وڃي ته ’اردو خطري ۾ هي‘، ’پاڪستان خطري ۾ هي‘ ’قومي زبان ڪا مستقبل تاريڪ هي‘، ’صوبائي عصبيت ڪو فروغ ديا جا رها هي‘، ’اسلام سي دشمني ڪي جا رهي هي‘، ’پاڪستان ڪو ختم ڪرني ڪي سازش ڪي جا رهي هي‘! اهڙن بيانن ۾ رتيءَ ڀر به صداقت ڪانه آهي!

        سنڌ اسيمبليءَ جي ان متفقه فيصلي کان پوءِ، اردو اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽوريل شاهد آهن ته هنن لساني ۽ تهذيبي، ادبي ۽ فني، اخلاقي ۽ اسلامي، سڀ حدون اورانگهيون آهن، اسلام ۽ اخوت جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙيا آهن.

        ان سلسلي ۾ صدر ڀٽي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ بار بار اطمينان ڏياريو آهي ته سنڌي زبان جي ترقيءَ ۽ استعمال، واڌاري ۽ فروغ سان اردو زبان جي قومي حيثيت تي ڪوبه اثر نه پوندو، تاهم افسوس جي ڳالهه آهي ته اردو وارن اڄ تائين ڪوبه تعميري ۽ شانائتو رد عمل نه پيدا ڪيو آهي.

سنڌي قومي زبان بنائڻ گهرجي:

        سنڌي زبان جو اهم ۽ بنيادي حق، انصاف جي روءِ سان ته اهو آهي ته کيس اردوءَ وانگر، پاڪستان جي قومي ۽ سرڪاري زبان بنايو وڃي، ڇو ته لساني ۽ علمي خيال کان ’سنڌي زبان‘ ۽ ان جومزاج ۽ صالح عنصر، ادب ۽ فن، شاعري ۽ علمي ذخيرو، لغت ۽ گرامر نهايت ترقي يافته آهن. سنڌي زبان پاڻ ۾ جي لساني خصوصيتون رکي ٿي، سي اهڙيون ڪامل ۽ جامع، حسين ۽ دلڪش آهن، جي خود اردوءَ ۾ به ڪين آهن. ٻيو ته روس، آمريڪا، ڀارت، سئٽزرلئنڊ ۽ چين ۾ هڪ کان وڌيڪ قومي زبانون آهن. ٽيون ته اردوءَ ۾ لفظن جو ايترو ذخيرو ناهي، جن سان جديد علمي خيالات جي ترجماني ٿي سگهي. فقط عربيءَ ۽ فارسيءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن تي مدار رکندڙ ٻولي آهي، ان جي مقابلي ۾، سنڌيءَ کي پنهنجا لفظ ۽ اصطلاح آهن.

        اسان جوچوڻ آهي ته سنڌي زبان جي ميل جول سان نه فقط اردو زبان ۾ صحت ۽ سرمايو پيدا ٿيندا، پر ان سان گڏ ٻين ٻولين ۾ به لفظن جو واڌارو ٿيندو. سنڌي ديسي لفظن جي استعمال ۽ آميزش سان نه فقط اردو زبان ۾ صحت پيدا ٿيندي، پر ان سان گڏ اردوءَ ۾ جا اجنبيت سان گڏ غير مانوس لفظن ۽ اصطلاحن جي گهڻائي آهي، سا به دور ٿي ويندي ۽ اردو پڻ هڪ ملڪي ۽ ديسي زبان بنجي ويندي.

        اردوءَ ۾ رياضي، جاميٽري، سائنس، علم صحت، فلسفي ۽ جاگرافيءَ لاءِ ڪي به پنهنجا لفظ ڪين آهن. انهن سڀني فنن ۾ اردو وارن، عربي ۽ جديد فارسيءَ جا لفظ کنيا آهن، جنهن مان ثابت آهي ته اردو زبان ۾ ڪابه علمي وسعت ۽ ذاتي صلاحيت پيدا نه ٿي آهي. سنڌيءَ ۾ ’مشڪون‘ چئجي، پر اردوءَ ۾ چون ’اعصاب‘! ’ڪنڊ‘ کي ‘ضلع‘ سڏين ۽ ’ڪُنڊن‘ کي ’اضلاع‘! ’ٻُڙيءَ‘ کي ’صفر‘ چوندا، ’ٽڪنڊي‘ کي ’مثلث‘ سڏيندا، ’جوڙ‘ کي ’جمع‘ ۽ ’ونڊ‘ کي ’تقسيم‘ سڏيندا. ’سنئين ليڪ‘ کي ’خط مستقيم‘ ڪوٺيندا. ان طرح اردوءَ جو گرامر به ناقص آهي. ’تذڪير ۽ تانيث’ جو اهو حال آهي جو ’دل‘ کي مذڪر ۽ ’ڪتاب‘ کي ’مونث‘ سڏيندا. ’ميرا دل‘ ۽ ’ميري ڪتاب‘ ڪري استعمال ڪندا جو درست ناهي‘ اصل ۾ ’اردو گرامر‘ جو ڪوبه علمي معيار ناهي، ڇو ته عربي صرف – نحو کي عربي اصطلاحات موجب، اڌاري طور کڻي اردوءَ جو گرامر بنايو ويو آهي، ان جي مقابلي ۾ ’سنڌي زبان‘ هر خيال سان جامع ۽ مڪمل زبان آهي، جا پاڪستان جي قومي زبان‘ ٿيڻ گهرجي.

        ٻوليءَ جي مسئلي کي ترقي يافته قومن ۽ ملڪن پنهنجي پنهنجي سياسي ۽ فني شعور آهر حل ڪيو آهي. خود يورپ ۾ به ان قسم جا اختلافي مسئلا پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪيو ويو آهي. ان فيصلي ڪندي، ننڍين قومن ۽ سندن ننڍين زبانن سان ڪابه زيادتي نه ڪئي ويئي آهي، بلڪ ننڍين زبانن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ کين قومي زبانن وارا حق ڏنا ويا آهن.

        مثلاً سوئٽزرلنڊ ۾ چار قومون رهن ٿيون ۽ چئني قومن جي زبانن کي ’قومي ۽ سرڪاري‘ زبان ڪري تسليم ڪيو ويو آهي. اهي چار زبانون آهن:جرمن، فرينچ، اٽالين ۽ رومانچ. ان طرح بيلجم ۾ ٻه قومون ’ويلولس ۽ فليمنگس‘ آباد آهن ۽ ٻنهي قومن جون زبانون ’قومي ۽ سرڪاري‘ زبانون ڪري تسليم ڪيون ويون آهن. ’ڪئناڊا‘ ۾ انگريز ۽ فرينچ آباد آهن، اُتي به فرينچ ۽ انگريزي زبانون ’قومي ۽ سرڪاري، آهن. آئرلنڊ جهڙي ننڍڙي صوبي ۾ ’آئرش‘ قوم جي ’آئرش‘ زبان، انگريزيءَ سان گڏ ’قومي ۽سرڪاري زبان، آهي. سڀ کان دلچسپ ’ناروي‘ جو مثال آهي، جتي خوشقسمتيءَ سان هڪ ئي نارويجن قوم آباد آهي، جنهنڪري خود بخود ان علائقي جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي هڪ ئي آهي، پر ٻهراڙين جي آباديءَ جي خلط ملط ٿين ڪري گويا ٻه ٻوليون ٿي پيون آهن. شهر جي زبان کي ’رڪس مال‘ سڏين ٿا ۽ دهقاني آباديءَ جي زبان کي ’لئنڊس مال‘ سڏين ٿا، پر ٻنهي کي ساڳي قسم جا حق مليل آهن. هن وقت صورتحال اها آهي ته ساري قوم ’نارويجن‘ سڏجي ٿي، پر ’زبان‘ جي ٻن محاورن جي بنياد تي، ٻنهي کي ”قومي ۽ سرڪاري“ زبانون بنايو ويو آهي، جيئن هڪ ملڪ جي هڪ قوم ۾ به زبان جي لهجي جي فرق ۽ تفاوت جي ڪري، ٻن گروهن ۾ ڪا دشمني نه پيدا ٿئي!

        ساري يورپ کي ڇڏي، رڳو انگلنڊ جي مثال کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته، انگلنڊ ۾ ’ويالس‘ جوٽڪرو، اسان جي سنڌ جي هڪ ننڍي ضلعي جيترو مس ٿيندو، اتي جي زبان ’ويلش‘ آهي، جا تاريخي طور تي پراڻي آهي. زبان جي مسئلي کي حل ڪندي انگريزن مناسب سمجهيو ته ان ننڍڙي ٽڪر جي ٻوليءَ ۽ ادب کي محفوظ رکڻ گهرجي ۽ ان جي ترقي لاءِ اپاءُ پيدا ڪجن. هن زماني ۾ انگلنڊ سرڪار جي ”منسٽري آف ايڊيوڪيشن“ ۾ ’ويلش‘ زبان لاءِ هڪ مستقل ۽ جداگانه ”ايڊيوڪيشنل ڊپارٽمنٽ“ آهي. ان کان علاوه ايتري ننڍڙي قوم ۽ زبان جي تعليم لاءِ هڪ مستقل يونيورسٽي پڻ آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ’ويلش‘ هلي رهي آهي. انگريزيءَ کي ٻيو نمبر حاصل آهي ۽ سا به اختياري آهي، لازمي ناهي! ڪو پڙهي ته ڇا نه پڙهي ته ڇا!

        زبان جي باري ۾ يورپ ۾ به ڪيتري زماني تائين، قومي ۽ صوبائي ٻولين جي تلخ نموني ۾ ڪشمڪش رهندي آئي آهي، پر آخرڪار ’صوبائي ٻولين‘ کي ’قومي زبان‘ جو حق ڏيئي جند ڇڏائي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com