سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4- 1983ع

نفيس احمد ناشاد

گـــــذارش

(ايڊيٽوريل)

ادبي انعام ۽ سنڌي ٻولي:

        سنڌي ٻوليءَ جي عظمت، قدامت، شاهوڪاري ۽ ڪماليت لاءِ ان جو وسيع معياري ادب دليل طور موجود آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به اختلاف يا ترديد جي گنجائش باقي ناهي. جنهن ٻوليءَ ۾ ميين عنايت، لطيف، سچل، خواجه محمد زمان، خليفي نبي بخش، بيدل، بيڪس، روحل، مراد، دريا خان، حمل فقير، صوفي صديق، امين محمد، منٺار فقير، غلام محمد خانزئي ۽ ان نوعيت جي اڪيچار روشن ضمير ۽ باڪمال شاعرن جي زندگي بخش عظيم ڪلام ۽ پيغام سان گڏ، مڃيل اصولن تي پورو لهندڙ ۽ جديد ترين قدرن ۽ رجحانن تي مشتمل زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ همعصر تخليقي جديد ادب موجود هجي، ان ٻوليءَ جي مايداري ۽ عظمت کان انڪار صرف اکين کان سڄائي ڪري سگهن ٿا.

        پاڪستان ۾، قومي سطح تي ادب جي فروغ جي ڏس ۾ مختلف ادارن طرفان سالانه ادبي انعام ڏنا ويندا آهن، جن ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي هجري ادبي انعامن جي اسڪيم، پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران ادبي انعام، وزارت مذهبي امور طرفان سيرت ايوارڊ، نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان پاران بوڪ پراڊڪشن ايوارڊ، شامل آهن.

        مٿين انعامي اسڪيمن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن تي انعام ته برابر ڏنا وڃن ٿا، پر انهن انعامن جون رقمون، اردو زبان جي ڪتابن تي ملڻ وارين رقمن کان گهٽ هونديون آهن تجربي ثابت ڪيو آهي ته شروع کان وٺي روا رکيل تفريق جي اهڙن سلسلن وطن عزيز جي علمي ۽ ثقافتي صورتحال کي ناخوشگوار بنايو آهي. ائين ناهي ته ڪو علمي ماحول کي نقصان پهچائڻ جي سلسلي ۾ فقط اها انعامن واري اڻ برابري ئي واحد سبب رهي آهي، ان جا متعدد ٻيا ڏکوئيندڙ نقطا به موجب پئي رهيا آهن، پر جيئن ته هن اداريه جو موضوع ”انعامي سلسلا“ آهن، تنهنڪري اسان ٻين عنوانن کي ڇڏي فقط هن هڪ ئي موضوع تي گفتگو ڪري رهيا آهيون. ملڪ جي مجموعي علمي ۽ ثقافتي صورتحال کي پهتل نقصان جي سلسلي ۾، اسان پنهنجي نقطئه نظر جي وضاحت طور، ملڪ جي برک دانشور ۽ عالم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي انهيءَ باوقار خطاب ۾ آيل تفصيلي ۽ جامع گفتگو جو حوالو هت ڏيڻ مناسب ٿا سمجهون، جيڪا موصوف فيبروري 1984ع ۾ ڄامشوري ۾ منعقد ٿيل سنڌي ادب سيمينار ۾ ڪئي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي حقيقت مندانه خطاب جو متن روز نامه جنگ ۾ ڇپجي ارباب اختيار ۽ ملڪ جي دانشمندن جي آڏو اچي چڪو آهي. (سنڌي ترجمي لاءِ ڏسو مهراڻ جو سنڌي ادب سيمينار نمبر، 1984ع)

        اسان جي لاءِ اهو امر نهايت مسرت افزا آهي، جو ملڪ جي مجموعي علمي صورتحال کي پهتل نقصان کي، وطن جي دانشورن ۽ اديبن محسوس ڪيو آهي. 1983ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل 4- ڪل پاڪستان اهل قلم ڪانفرنس جي موقعي تي، ادبي انعامن ۾ برابري پيدا ڪرڻ بابت هڪ سنڌي اديب طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ، ڪانفرنس جي کليل اجلاس ۾، متفقه طور تي، منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو هو:

        ”اجلاس سفارش ٿو ڪري ته اردو ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين جي ڪتابن تي ڏيڻ وارن انعامن جي رقم هڪ جيتري هئڻ گهرجي.“

-      تجويز ڪندڙ: عابد لغاري

-      تائيد ڪندڙ: محسن ڀوپالي

سڀني پاڪستاني اديبن طرفان، ڪانفرنس جي نمائنده اجلاس ۾ پاس ڪيل اهو ٺهراءُ ظاهر آهي ته مطالبي جي معقول ۽ جائز، مناسب ۽ واجبي هجڻ جو واضح ثبوت آهي. ٺهراءُ وسيلي، بلاشه، اردو زبان جي دانشورن، ٻين پاڪستاني زبانن بابت مثبت سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي.

        اسان جي گذارش آهي ته مٿئين پاس ڪيل ٺهراءُ کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، جيئن اهو ٺهراءُ فقط ڪاغذن جي زينت بنجي رهجي نه وڃي.

        هن موقعي تي اسان هڪ ٻئي اهم نقطي طرف ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿا سمجهون. پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي ادبي انعامن واري اسيڪم ۾ اردو زبان لاءِ ٻه انعام مخصوص ڪيل آهن. (هڪ نثر لاءِ ۽ هڪ نظم لاءِ) ۽ هر هڪ ايوارڊ جي رقم چاليهه چاليهه هزار رپيا آهي. ٻئي طرف ٻين پاڪستاني زبانن وانگر، سنڌي ٻولي لاءِ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ“ نالي فقط هڪ انعام مقرر ٿيل آهي، جنهن جي رقم ويهه هزار آهي.

        اردو اسان جي ملڪ جي سرڪاري قومي زبان آهي، ان ڪري اردو زبان لاءِ خطير رقمن جا ٻه الڳ الڳ انعام اسان لاءِ ڪنهن به آرهائيءَ جو سبب ناهن. ادب جي فروغ لاءِ جيڪي به فياصانه قدم کنيا وڃن، ان ڏس ۾ اسان جون اکيون سدائين ٿڌيون رهن ٿيون. اسان جي گذارش فقط اها آهي ته اردو زبان وانگر، سنڌي ٻوليءَ لاءِ پڻ نثر ۽ نظم تي، ساڳين رقمن جا ٻه الڳ الڳ انعام مقرر ڪيا وڃن. انهيءَ قدم سان يقيناَ لساني اخوت جي هڪ نئين نظر يي کي فروغ حاصل ٿي سگهندو، جيڪو خود پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي مطمع نظر ۾ شامل آهي.

        ساڳيءَ طرح، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، وزارت مذهبي امور ۽ نئشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان جو توجهه ڇڪائڻ به مناسب ٿا سمجهون ته مٿئين ٺهراءُ ۽ ان بابت مٿي ڄاڻايل پس منظر کي آڏو رکي، اهي به سنڌي ٻوليءَ جي انعامي رقمن کي وڌائي اردو زبان لاءِ انعامي رقمن جيترو بنائي لساني رواداريءَ جو ثبوت ڏين.

شڪريو ____ گورنر صاحب ____ شڪريو!

        سنڌ جي گورنر، ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان، جيڪو صاحب پنهنجي علم دوستي ۽ ادب پروري ڪري بلاشبه سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي ترقيءَ جو وڏو سرپرست ۽ خواهان آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي مالي مشڪلاتن کي خيال ۾ رکي، بورڊ جي سالانه گرانٽ ۾ ٻيڻو واڌارو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ان قدم سان، هلندڙ مالي سال 85- 1986ع کان بورڊ جي گرانٽ ويهه لک رپيا سالانه مقرر ٿي آهي. گورنر صاحب جي ان قدم کي سنڌ جي علمي حلقن گهڻو ساراهيو آهي، ڇو ته اهل سنڌ کي پنهنجي هن ممتاز علمي اداري سان، شروع کان وٺي، گهڻي دلچسپي ۽ محبت رهندي اچي ٿي. اسان گورنر صاحب جو ان قدم تي سندس شڪريو ٿا ادا ڪريون.

        مذڪوره وڌايل گرانٽ جي وسيلي هاڻي بورڊ کي پنهنجي مالي حالتن تي ضابطي رکڻ ۾ مدد ملي سگهندي، ڇو ته بورڊ جي بجيٽ اڳي ئي هيڪاندي خساري  ۾ آهي. ٻئي طرف بورڊ جي علمي ڪارڪردگي، تصنيف تاليف جي تياري ۽ اشاعت، نئين جديد آٽوميٽڪ آفسيٽ پرنٽنگ پريس جي مشينري جي تنصيب، ڇپائيءَ هيٺ ڪتابن جي تڪميل ۽ ٻين علمي منصوبن کي هٿ ۾ کڻڻ، اهڙا بنيادي ۽ مکيه موضوع آهن، جي سڀ مالي استحڪام سان واسطو رکن ٿا.

        بورڊ جا لاتعداد ڪتاب هڪ عرصي کان ناياب آهن. اسان کي پورو پورو احساس آهي ته اهي سڀ ڪتاب ٻيهر اشاعت هيٺ اچن، ان لاءِ پڻ نئين آفسيٽ مشينري جي ڪم شروع ڪرڻ سان پوئواري ٿي سگهندي ۽ ان طرح اهل سنڌ ڏسندا ته بورڊ پنهنجي سرگرم محنت سان روايتن کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ويندو.

        نهايت خوشيءَ جو امر آهي، جو سنڌ حڪومت بورڊ جي پريس لاءِ، ڪمپوزنگ جو جديد ترين نظام (ڪمپيوٽرائيزڊ پريس پرنٽ يونٽ) حاصل ڪرڻ لاءِ مالي آمادگي ظاهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ بورڊ جي اسڪيم کي اصولي طور منظور ڪري عملي مرحلي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. انشاءَ الله، بورڊ کي ستت ئي ڪمپوزنگ جو نئون جديد نظام ميسر ٿي سگهندو، جنهن وسيلي پريس جي بنيادي ڪم جي رفتار ۾ تيزي ايندي. ان ڏس ۾ سنڌ جي گورنر صاحب سان گڏ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ، جيڪا دلچسپي ورتي آهي، سا قدر جي قابل آهي.

ٿر جي ثقافت جي حفاظت:-

        شاه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سمورن صوفي شاعرن ۽ عارفن جو محبوب علائقو ”ٿر“، ثقافتي اهڃاڻن ۾ جيڪا شاهوڪاري رکي ٿو، ان تي سنڌي تهذيب کي بجا طور فخر حاصل آهي. ٿر ۾ هڪ طرف تاريخ ۽ تهذيب جا اڪيچار قيمتي آڳاٽا آثار موجود آهن، ته ٻئي طرف ٿر ڄاين جي هٿن جي هنرن کي بين الاقوامي شهرت ۽ مقبوليت حاصل آهي. ٿر جي ڀرت ۽ دستڪارين کي ڏسڻ سان سندن دست هنر جي ڪرشمه سازيءَ کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. مٿين حقيقتن جي ڪري عالمن ۽ محققن هميشه ٿر جي ثقافت ۽ دستڪارين کي وڏي اهميت پئي ڏني آهي ۽ سندن متفقه رايو آهي ته سنڌ جي مجموعي شاهوڪار ثقافت ۾ ٿر جو تمام وڏو حصو آهي.

        بد قسمتيءَ سان، ٿر جو حصو، جتي زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ پسمانده پئي رهيو آهي، اتي ان جي آثارن ۽ ثقافتي اهڃاڻن سان به ڏاڍي بي ڌياني پئي رهي آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي، جو هڪ طرف ٿر ۾ موجود قديم تاريخي آثار تباه ۽ برباد ٿي رهيا آهن. ته ٻئي طرف ٿر جا هنر ۽ دستڪارين جا فن پڻ پوئتي پئجي رهيا آهن. ٿر جي ثقافت کي بچائڻ لاءِ ٺوس اپاءُ وٺڻ جي وڏي ضرورت آهي، نه ته هنرمندن جي بدحالي، سندن معاشي لڏپلاڻ ۽ بي قدريءَ جي نتيجي ۾ ٿر جي ثقافت کي وڏو نقصان پهچندو، جيڪو خود سنڌ جي ثقافت جو نقصان هوندو.

        ٿر جي ترقي ۽ بهبوديءَ لاءِ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا نيڪ فال آهي. اٿارٽيءَ جي متعدد مقصدن ۾ ٿر جي ثقافت جي حفاظت جو اهم مقصد به شامل هئڻ گهرجي، جيئن زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ ترقيءَ سان گڏ ٿر جي هنرن ۽ دستڪارين کي پڻ ترويج حاصل ٿي سگهي. ٺوس اپاءُ نه هجڻ ڪري ٿر جا هنرمند، دربدريءَ جي عالم ۾ هٿ جي هنرن جا شاهڪار تمام ٿوري معاوضي تي وڪڻڻ تي مجبور رهن ٿا.جن شين جي وڏن شهرن ۾ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ نهايت قيمت ٿئي ٿي. ٿر جي ڀرت ۽ ٻئي سامان جي پوري قدرافزائيءَ لاءِ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ کي گذارش آهي ته پنهنجي مقصدن ۾ ٿر جي ثقافت جي حفاظت لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ ورتا وڃن، ۽ ان طرح ثقافتي ورثي جي بچاءُ سان گڏ هنرمند جي خوشحالي جو پڻ بندوبست ٿي سگهندو.

        هن موقعي تي اسان عمر ڪوٽ ۾ رٿيل ”جشن ٿر“ جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون، جيڪو ايندڙ نومبر ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جشن جي پڌري ڪيل پروگرام ۾ سيمينار سان گڏ هڪ نمائش جو اهتمام پڻ شامل آهي، جنهن ۾ ضلعي جا هٿ جا هنرم، دستڪاريون، قديم سڪا، اڻ لڀ هٿيار، قلمي نسخا، ويس وڳا، تاريخي ڪتاب  ۽ ڪتبا وغيره رکيا ويندا.

        اسان ”جشن ٿر“ تي خوشيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، ڇو ته ان وسيلي ضلعي جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ٿيڻ جو سٺو موقعو ملندو. پر اهم نقطي طرف ڌيان ڇڪائڻ لازم ٿا سمجهون، اهو هي آهي ته ڪي ٺوس تجويزون مرتب ڪيون وڃن، جن وسيلي ٿر جي ثقافت جي حفاظت جو ڪو عملي انتظام ٿي سگهي. ڏٺو ويو آهي ته عام طرح سان اهڙا پروگرام فقط ”نشتند، گفتند ۽ برخواستند“ تائين محدود رهندا آهن، پر ”جشن ٿر“ جي حوالي سان منتظمين تي اهو لازم بنجي ٿو ته سيمينار ۾ ٿر بابت تحقيقي مقالا ٻڌرائڻ ۽ نمائش جي افتتاح سان گڏ، ڪي سفارشون به ترتيب ڏنيون وڃن، جن سان ڪي نتيجا وابسته هجن، جن ۾ هنرمندن جي خوشحالي بنيادي اهيمت رکي ٿي. ان طرح سان ئي ثقافت کي بقا حاصل ٿي سگهندو.

سياحت کاتو ۽ سنڌ:

        سنڌ ۾ موهن جي دڙي، مڪلي، ڀنڀور، منصوره، رني ڪوٽ، منڇر، ڪينجهر ۽ ڪوٽ ڏيجي وغيره سان گڏ ڪيترائي سياحتي ماڳ مڪان موجود آهن، جي وڏي دلچسپيءَ جا مرڪز آهن.

        تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن ڏانهن سياحن کي راغب ڪرڻ ۽ کين سهوليتون پهچائڻ لاءِ اسان جي ملڪ ۾ سياحت کاتو موجود آهي. هن کاتي، سنڌ جي سياحتي ماڳن لاءِ اها توجه پيدا نه ڪئي آهي، جا دراصل هئڻ گهرجي. نتيجو اهو نڪتو آهي، جو جتي هڪ طرف آثار قديمه کاتي جي مجموعي بي ڌيانيءَ جي ڪري سنڌ جا تاريخي آثار برباديءَ ڏانهن تڪڙو وڌي رهيا آهن، اتي ٻئي طرف انهن تهذيبي مرڪزن ۽ دلچسپيءَ وارن ماڳن ڏانهن نه سياحن جي مناسب رغبت پيدا ٿي سگهي آهي ۽ نه وري انهن لاءِ گهربل سهوليتن جو ڪو انتظام موجود آهي.

        پاڪستان ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪار پوريشن جي سنڌ جي سياحت سان دلچسپيءَ جو اهو عالم آهي، جو سنڌ جي قديم آثارن جي بي نظير جڳ مشهور مرڪزن مڪلي تي سندن جيڪو انفرميشن سينٽر هو، اهو هڪ عرصي کان وٺي هڪ ”ڇرڪائيندڙ ويراني“ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي! ان کان به وڌيڪ ڀوائتو تاثر، ڀنڀور واري انفرميشن سينٽر جي بند ٿيل عمارت کي ڏسڻ سان پيدا ٿئي ٿو. لکن رپين جي خرچ سان تعمير ٿيل انهن عمارتن ۾ جتي سياحت جي معلومات ۽ سياحن جي رهبريءَ لاءِ انتظام موجود هجڻ کپي، اتي هڪ عرصي کان عمارتن کي ڄارا وڪوڙي چڪا آهن ۽ چوڌاري ڪرڙ ۽ ڪنڊا نظر ٿا اچن. اهڙيءَ صورتحال ۾ ”سياحت جي ترقي“ جو جيڪو نتيجو نڪرندو، اهو ڪنهن تشريح جو محتاج ناهي.

          دنيا جي وڏي ۾ وڏي دلچسپ قلعي رني ڪوٽ تائين، پٿرن تي پنهنجا پير پٿون ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن سياح جو رسڻ ناممڪن آهي. ضروري آهي ته رني ڪوٽ تائين رستو تعمير ڪيو وڃي ۽ آرام گاهه پڻ اڏايو وڃي.

        اسان جي تقاضا آهي ته سنڌ جي تاريخي آثارن ۽ سياحت وارن هنڌن لاءِ سياحت کاتو خاص توجه ڏئي. ڇو ته سنڌ جا سياحتي هنڌ پڻ ايترائي دلچسپ آهن، جيترا ٻين علائقن جا، بلڪ موهن جو دڙو ۽ مڪلي ته ”بين الاقوامي دلچسپ ماڳن“ ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. سنڌ جي سياحت، پاڪستان جي شهرت جو مکيه جز آهي، جنهن کي نظرانداز نه ڪرڻ کپي.

ڀٽ شاهه ميوزم

        اهل سنڌ کي اهو معلوم ڪري خوشي ٿيندي ته سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف جي آخري آرامگاه ڀٽ شاهه تي هڪ ثقافتي ميوزم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيام لاءِ سنڌ جي ثقافت جي دلداده گورنر ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان خاص دلچسپي ورتي آهي.

        شاهه عبداللطيف ڀٽائي ميوزم ۾ حضرت شاهه صاحب جي زندگيءَ جي هر شعبي سان سڌي طرح يا اڻ سڌ طرح واسطو رکندڙ نواردات رکيا ويندا. ان سلسلي ۾ تاريخي اهيمت جا حامل دستاويزات، قلمي نسخا، ڇپيل مواد، يادگار شيون، سنڌ جا ساز، تصويرون، سلائيڊس ۽ تبرڪات وڏي اهتامم سان محفوظ ڪيا ويندا. شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي ميوزم کي ماياه دار بنائڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڪميٽي، ماڻهن کان تحفي طور ڏنل شيون، مخير حضرات جي نالي سان قبول ڪرڻ ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

        لطيف سائينءَ جي ابدي آرمگاهه ڀٽ شاهه تي اهڙي ثقافتي عجائب گهر جي قيام تي اسان دلي خوشي محسوس ڪندي ڪميٽيءَ کي مبارڪباد ٿا پيش ڪريون، ڇو ته اهو عجائب گهر نه فقط سياحن ۽ عام زيارت لاءِ ايندڙ ماڻهن جي دلچسپي وٽان هوندو، پر ان سان گڏ عالمن ۽ محققن کي پڻ شاهه صاحب جي فڪر، ڪلام ۽ سوانح جي مختلف پهلوئن بابت ميوزم مان ڪافي تحقيقي مواد ميسر ٿي سگهندو.

        اسان ڀٽ شاهه ميوزم جي قيام کي ساراهيندي سنڌ وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته ان ميوزم کي وڌ کان وڌ معياري بنائڻ لاءِ ڪميٽيءَ سان تعاون ڪن، جيئن اهو اهم ميوزم، لطيف سائينءَ جي همه گير، آفاقي ۽ سدا حيات پيغام جي شايان شان بنجي. ان ڏس ۾ اهل سنڌ کي کپي ته ميوزم لاءِ گهربل شيون فراخدليءَ سان ڪميٽيءَ کي هديه طور ڏيئي ”لطيفي محبت“ جو سهڻو مثال پيش ڪن.

       هن موقعي تي اسان ڪميٽيءَ کي پڻ گوش گذار ڪنداسين ته جنهن معياري ميوزم قائم ڪرڻ لاءِ شروعات ڪئي اٿن، اهو هڪ نهايت جاکوڙ طلب ڪم آهي، جنهن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ڪميٽيءَ کي لاڳيتو وڏو ڪشالو ڪڍڻو پوندو. فقط ماڻهن جي تعاون تي اڪتفا ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، پر جيڪي قيمتي شيون جتي جتي سجهن، تن جي حاصلات لاءِ ڪميٽيءَ کي خود ”اڳڀرو“ ٿيڻو پوندو، ۽ ان طرح ئي رٿيل ميوزم معياري بنجي سگندو. اسان کي توقع آهي ته سنڌ وارن پاڻ ملهائيندا ۽ ڪميٽي پنهنجي ڪوشش ۾ پٺتي نه رهندي.

”شاهه عبداللطيف ڀٽائي گورنر سنڌ ادبي ايوارڊ“

        شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ طرفان پڌرو ڪيو ويو آهي ته شاهه صاحب جي گذريل ميلي جي موقعي تي گورنر سنڌ طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته شاهه صاحب جي سوانح، ڪلام، فڪر يا ان قسم جي ڪنهن به لاڳاپيل اهم موضوع تي تحقيقي ۽ ادبي ڪارنامي تي ڏهن هزارن رپين جو ايوارڊ ڏنو ويندو، جيڪو سڀ کان معياري تحقيق تي هوندو. ان سلسلي ۾ ٻوليءَ جو ڪوبه شرط ناهي ۽ ايوارڊ جو فيصلو پهتل مواد جي چٽا ڀيٽيءَ وسيلي ڪيو ويندو.

        سنڌ سرڪار طرفان اهو ايوارڊ ” سنڌي ادبي بورڊ“ جي حوالي سان ڏنو ويندو مذڪور نوعيت جو تحقيقي ڪم، جلد کان جلد سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ کي ڄامشوري موڪلي ڏين، جيئن لطيف سائينءَ  جي ايندڙ ميلي (14-صفر 1406 هه) جي موقعي تي ايوارد ڏيڻ جي ابتدا ٿي سگهي. وقت جي ڪميءَ سبب، مواد جلد کان جلد بورڊ ڏانهن موڪلڻ جي صلاح ڏني ويئي آهي.

علمي سرگرميون ۽ ڪتابن تي تبصرا

        مهراڻ ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين جا احوال ۽ نون ڪتابن تي تبصرن جا ڪالم وڏي اهتمام سان شآيع ڪرڻ لاءِ اسان عزم ڪيو آهي.

        علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جي اشاعت کي وڏي اهميت حاصل آهي. اڄ جي اها اشاعت، پنجاهه--- سؤ سالن کان پوءِ تاريخ بنبي. اسان سنڌ جي سمورن اديبن ۽ شاعرن سان گڏ مختلف ادارن ۽ اڪيڊمين، تنظيمن ۽ بزمن، علمي مجلسن ۽ جماعتن کي اپيل ٿا ڪريون ته پنهنجن ثقافتي محفلن ۽ ادبي جلسن جون خبرون مهراڻ ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪلي ڏين، جيئن ورندڙ پرچي کان اهو ڪالم شروع ڪري سگهجي،

        ساڳيءَ طرح، نون سنڌي ڪتابن تي تبصرن جي روايت، هر مخزن وانگر، مهراڻ ۾ پڻ نمايان پئي رهي آهي. اسان گذريل ڪنهن اشاعت ۾ اعلان ڪيو هو ته تبصرن لاءِ سنڌ جي برک اهل قلم جناب علي احمد بروهيءَ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، پر ڪتابن جي ناشرن ۽ متعلقه ادارن ان ڏس ۾ ڪو توجهه ڪونه ڪيو. اسان هڪ ڀيرو وري به سڀني ادارن ۽ ناشرن کي اپيل ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري پنهجن ڇپيل نون سنڌي ڪتابن جون ٻه ٻه ڪاپيون مهراڻ کي تبصري لاءِ موڪليندا رهن، جيئن انهن تي تبصرا شايع ڪري سگهجن.

مقالا نگارن کي خاص گذارش

        مهراڻ لاءِ پهچندڙ مقالن ۾ ڪي ڪي مقالا ايڏا ته طويل هوندا آهن، جو ڊيمي سائيز ۾ رکجن ته، چڱا ڪتاب جڙي پون! جيئن ته رسالي جي حيثيت ۾، اسان کي مختلف موضوعن ۽ لکندڙن جي علمي شهپارن کي پڻ جاءِ ڏيڻي پوندي آهي، ان ڪري اسان لاءِ اهو ناممڪن آهي هت طويل مقالا شايع ڪري سگهجن، جڏهن ته ننڍن معياري مقالن جي مواد جي اڳي ئي مهراڻ آفيس ۾ گهڻائي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي عالمن ۽ اديبن جي تحقيقي ميدان ۾ محنتن کي بلاشبه اسان قدر جي نظر سان ڏسون ٿا، پر اسان پنهنجي مذڪور مجبوريءَ جي پيش نظر کين گذارش ڪنداسين ته مهراڻ لاءِ مضمونن موڪلڻ وقت مهرباني ڪري اهو خيال رکن ته اهو وڌ ۾ وڌ ”پندرهن صفحن“ جي اندر هجي، جيئن آسانيءَ سان شايع ٿي سگهي.

نفيس احمد شيخ

اڄ وري تاريخ جا دفتر کليا        (ريڊيو انٽرويو سيريز-1)

جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو انٽرويو    - مراد علي مرزا

(سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻولي، موسيقي ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي موضوعن تي سنڌ جي برک محقق، تاريخدان، عالم ۽ دانشور، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو انٽرويو، جيڪو 15- جنوري 1985ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيو ويو.)

سوال: سائين ڊاڪٽر صاحب، توهان تاريخ تي ڪم ڪيو آهي ۽ خاص طرح سنڌ جي عرب دور تي. مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته سنڌ ۾ عرب دور کان اڳ جي تاريخ جي سلسلي ۾ اوهان ڪا تحقيق ڪئي آهي يا آئيندي ڪو اهڙو ارادو آهي؟

جواب: مهرباني مرزا صاحب. ”تحقيق“ جو لفظ منهنجي لاءِ ڳرو آهي آئون چوندس ته شاگردي ڪريون پيا، مطالعو ڪريون پيا. عرب--- اسلامي دور کان اڳ جي تاريخ ۾ جيڪو خاص مسئلو آهي، اهو نه فقط سنڌ جي تاريخ جو، پر سڄي هند جي تاريخ جو به، سو آهي سنن_ سالن مرتب ڪرڻ جو، ڇاڪاڻ ته لکت ۾ ڪا شيءِ موجود ڪانهي. جيڪا شاهدي ملي ٿي، يا جيڪي اهڃاڻ ملن ٿا، سي آثار قديمه مان ملن ٿا. اهو اهڙو مسئلو آهي جو جيئن وقت گذرندو تيئن اسان کي انهيءَ تي ڪجهه وڌيڪ مواد ملندو، ڇاڪاڻ ته تحقيق ٿئي پئي ۽ ڪيترن ئي قديم آثارن جون کوٽايون ٿين پيون. البت اسلام جي دور سان لاڳيتي سنڌ جي جيڪا اڳين تاريخ آهي ان بابت البت مسلمان محققن لکيو آهي، ۽ اهو مواد ”فتح نامي“ يا ” چچ نامي“ ۾ موجود آهي. اهو مواد برهمڻ گهراڻي جي تاريخ ۽ ان کان اڳ ۾ راءِ گهراڻي جي تاريخ بابت آهي. پر ڳالهه اها آهي ته ان تي وڌيڪ ويچار ڪجي ۽ ان کي سنن وار مرتب ڪجي. انهيءَ تي مون ڪجهه ڪم ڪيو آهي ۽ ان موضوع تي هڪ تحقيقي مضمون ڇپجي چڪو آهي *، جنهن ۾ مون سن ۽ سال متعين ڪيا آهن. سوال آهي ته برهمڻ گهراڻي جا جيڪي حڪمران هئا، مثلن: چچ ٿيو، پوءِ چندر ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح ويندي ڏاهر تائين، انهن جا سن ۽ سال ڪيئن مرتب ڪجن. يا ان کان اڳ راءِ گهراڻي جي حڪمرانن، مثلن: راءِ سهاسي وغيره جا سن ۽ سال ڪيئن مرتب ڪجن؟ ان مسئلي بابت تحقيق کي ٿورو اڳتي ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي جيڪا هڪڙي وڏي معلومات حاصل ٿي آهي سا هيءَ ته تنهن وقت سنڌ جو پنهنجو ڪئلينڊر موجود هو، يعني سن ۽ سال ”سنڌي سنبت“ موجب هلندا هئا. اها سنڌي سنبت، وڪرماجيت جي سنبت ۽ ٻين سنبتن کان جدا هئي. محقق بيروني انهيءَ سنڌي ڪئلينڊر جو حوالو ڏنو آهي، ۽ مون ان تي تحقيق ڪري ان کي متعين ڪيو آهي *.

        اها جيڪا اڳين سنڌ جي تاريخ آهي، ان بابت ڪيتريون ساريون غلط فهميون پيدا ٿيون آهن، پر ڳالهه آهي ته ڪير انهن جو مطالعو ڪري ۽ ان کي صاف ڪري! مثلن: چين جي سياح ”شوان سينگ“ جي ”هند“ ۾ اچڻ جو جيڪو سفر نامو آهي، تنهن کي آثار قديمه جي محققن، خاص طرح ”ڪننگهام“ مرتب ڪيو آهي، پر هن جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، تن سان اسان جو اتفاق ڪونهي. هن جي خيال ۾ چيني سياح لکيو آهي ته ”سنڌ شودرن جو ملڪ آهي“، انهيءَ غلط نظريي کي پوءِ وٺي گهڻو وڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ شودر رهندا هئا، پر قديم آثارن مان ظاهر آهي ته سنڌ جي وڏي تهذيب هئي. شودرن جو ته ڪو سوال ئي نه ٿو اٿي ان اڳئين دور بابت ٻي ٿوري گهڻي روشني سنڌ ۾ ساساني ايران جي تعلقات ملي ٿي. انهن لاڳاپن بابت اسان موسيقيءَ جي سلسلي ۾ ۽ ٻين سلسلن ۾ تحقيق ڪئي آهي، ته اتان ڪجهه ٿوري گهڻي روشني ملي ٿي. اڃا به جيڪا اڳ جي تاريخ آهي، تنهن کي اسان ”قبل تاريخي دور“ (Pre History Period) چئون ٿا ان دور ۾ موئن جي دڙي جي لکت تي ڪم ٿئي پيو. موئن جي دڙي جي تهذيب ڪيئن پوءِ ٻئي هنڌ پکڙي، تنهن جا آثار ڪوٽ ڏيجيءَ مان يا هندستان جي ڪن قديم آثارن (لوٿل وغيره) مان مليا آهن. سنڌ جي موجود حدن اندر اهڙن قبل---- تاريخي دور جي آثارن جي تلاش بابت مون مقالو لکيو آهي ته انهن کي ڪيئن ڳولجي. هڪ خاص سروي جي ضرورت آهي، خاص طرح سان ”رور سسٽم“ وارين ايراضين جي. سنڌونديءَ جا پراڻا وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن، ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ جيڪي بستيون هيون، سي پاڻيءَ سان ٻڏل هيون. سنڌو نديءَ جو جيڪو الهندي طرف وارو ڀاڱو آهي، تنهن جي ڪن قديم بستين جي اسان کي خبر آهي، مثلاَ آمري هئي ۽ موئن جو دڙو هو، پر ”اڀرنديون نارو“، جيڪا هڪ نهايت پراڻي ندي آهي، تنهن لڳ جيڪي آثار آهن، تن تي توجهه ڪانه ٿي آهي. مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ اها ڳالهه سمجهائي آهي. ته اڀرنديون نارو، جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي، تنهن سان لاڳو جيڪي آثار آهن، تن کي اسان ڳولي ڏسو. اهڙو هڪ خاص قديم آثار ”نهٽو“ آهي، جيڪو عمر ڪوٽ تعلقي جي مهراڻي سان آهي، جنهن جو مون گهڻو مطالعو ڪيو آهي. اتان مون کي جيڪي شيون مليون، تن مان موئن جي دڙي جي مهرن جهڙي هڪ مهر ملي آهي. بهرحال، اسلام جي آمد کان اڳ وارو جيڪو زمانو آهي، سو وڏو ڊگهو آهي، انهيءَ جا مسئلا به گهڻا آهن ۽ هر علم ۽ ذوق واري ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته ان جو مطالعو ڪري. آئون به پنهنجي حال موجب ڪيان پيو.

سوال: مطلب ته توهان جي گفتگو مان اها خبر پئي ته اهو جيڪو زمانو آهي، انهيءَ جي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ آثار قديمه مان مدد ملي سگهي ٿي.

        ڀلا سائين، انهيءَ کان پوءِ عرب دور کان وٺي سمن جي دور تائين جيڪا تاريخ آهي، تنهن تي توهان جا ڪتاب به آهن، توهان جي تحقيق به آهي ۽ توهان کي سند ڪري سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ موضوع تي توهان سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ، سومرن جي دور، لوڪ ادب جي سلسسلي جي ڪتابن خصوص ”جنگ ناما“ ۾ (اهي چند ڪتاب آهن، جن جا مون نالا ورتا آهن)، ۽ انهن کان سواءِ لاتعداد مقالن ۽ مضمونن ۾ ڪافي ڪجهه لکيو آهي. انهيءَ تاريخي دؤر جي سلسلي ۾ اوهان ڪا وڌيڪ تحقيق ڪئي آهي؟ انهيءَ دؤر جون ڪي ڪڙيون رهيل آهن، جن بابت ڪا نئين ڳالهه توهان جي ذهن تي آئي هجي؟


*  مقالو: ”فتح نامو (چچ نامو) ۽ ان جو مترجم علي ڪوفي“. مهراڻ نمبر 3، سال 1978ع، ص ص 173-181-

*  ڪتاب: ”سنڌ صدين کان“، مرتب: ممتاز مرزا، ناشر: سنڌ ثقافت کاتو، ڪراچي. ڏسو ڊاڪٽر صاحب جو ان موضوع تي مقالو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com