سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :12

فيروز اٿي در وٽ وڃي ٿو، ۽ ثمينا کي ٻانهن کان جهلي اندر آڻيندي چئي ٿو: ”اچ، احسان کي توسان ملڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“

        ثمينا ٽري سنڀاليندي اچي وڃي ٿي. سادن سودن ڪپڙن ۾ ڦاٿل، اداس ثمينا، ٽري ٽيبل تي رکي ڇڏي ٿي، ۽ خالي پيل پلنگ جي ڪناري تي ويهي رهي ٿي.

ثمينا جي اندر اچڻ کان پوءِ ڪا مهل سڄي ڪمري ۾ اداسي ۽ ماٺ ڇانئجي وڃي ٿي.

ثمينا احسان ڏانهن خالي نطرن سان ڏسندي سرد آواز ۾ پڇي ٿي، ”توهان پڙهندا آهيو؟“

        احسان ثمينا جي جملي تي هلڪو مرڪي پئي ٿو ۽ چئي ٿو، ”پڙهندو هوس“.

        ”نوڪري ڪندا آهيو؟“ ٻيهر ساڳي سرد لهجي ۾ پڇيل.

        ”نوڪري ئي سمجهو.“

        ”ڀئي هي تمام وڏو مصور اٿئي ويٺي تنهنجي تصوير ٺاهي وڃي. انهن تصويرن ته گهر مان تڙايو اٿس.“ فيروز جي ڳالهه ٻڌي هڪ لمحي لاءِ ثمينا عجب کائي ٿي ۽ چئي ٿي ”ڇو؟“

        ”اسان وٽ اسان جا وڏا، ٻارن مٿان هميشه پنهجيون مرضيون مڙهڻ چاهيندا آهن. ٻار بنجڻ ڪجهه چاهيندو آهي، وڏا بنائڻ ڪجهه چاهيندا آهن منهنجي پيءُ به مون کي پاڻ وانگر ڪامياب انجنئير بنائڻ چاهيو هو. هن چاهيو پي، مان به انجنيئر بڻجي، ناقص پليون ۽ ڪچا روڊ بڻائي، مضبوط بينڪ بيلنس جو مالڪ ٿي وڃان.“ احسان مضبوط لهجي ۾ چيو هو.

        ”گهر اڃا تائين نه ويندو آهين؟“

        ”امي ڪڏهن ڪڏهن ملڻ ايندي آهي.“

        ”آهين ڪٿي__؟“

        ”اتي ئي.“

        ”کولي ۾_؟“ فيروز جي جملي تي احسان کان ٽهڪ نڪري ٿو وڃي ۽ ٻئي کلڻ لڳن ٿا. فيروز کل روڪي اوچتو چئي ٿو ”چانهه ٿڌي ٿي ويئي.“ احسان، ڪوپ کڻي، اڌ ۾ روڪي ۽ ثمينا کي چئي ٿو: ” ڀاڀي، هڪ ڳالهه پڇانو؟“

        ”جي_____؟_____ پڇو؟“ ثمينا هلڪو ڇرڪي چئي ٿي.

        ”توهان، شاديءَ کان اڳ خوش هئا يا هاڻ؟“

        ثمينا جي چهري تي اداسي وڌيڪ ڇانو ڪري ڇڏي ٿي، هوءَ هڪ لمحي لاءِ فيروز ڏانهن ڏسي ٿي ۽ پوءِ چئي ڇڏي ٿي سرد آواز ۾. ”شاديءَ کان اڳ“ (کن رکي چئي ٿي). منهنجي امي چوندي هئي، شاديءَ کان پوءِ، عورت گهر ڌياڻي بڻجي ويندي آهي______؟

        احسان اڌ ۾، روڪيل ڪپ چپن تائين آڻي ٿو ۽ چئي ٿو: ”اوهه_______ ڀاڀي ٿوري کنڊ پليز.“

        ثمينا ڊگهو ساه کڻي، ڪمري مان هلي وڃي ٿي، ۽ فيروز هلڪي طنزيه لهجي ۾ چئي ٿو: ”عورت کي جيترو خوش رک، اوتري ڏکي.“ ثمينا ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ کنڊ سان ڀريل دٻو ٽيبل تي رکي ڇڏي ٿي. احسان دٻي مان کنڊ جو چمچو کڻي ڪوپ ۾ ملائڻ لڳي ٿو. ثمينا سرد لهجي ۾ چئي ٿي: ”مان ته هنن کان ڪجهه به ناهيان گهرندي، جيئن چاهيندا آهن، ڪندا آهن.“ احسان کي لڳي ٿو ڄڻ ثمينا ڪجهه به نه چوندي گهڻو ڪجهه چئي ڇڏيو آهي. احسان کي محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. جنهن سوال جي ڳولها ۾ هو نڪتو هو، تنهن جو جواب کيس ملي ويو آهي. ”لئو ميرج، محبت جي پڄاڻي ناهي.“

        ”محبت جي ته ڪابه پڄاڻي ناهي.“ هوسوچي ٿو، ۽ فيصلو ڪري ٿو: ”اڄ جڏهن مون کي 12 بجي سيمي سان ڪورٽ ۾ گڏ وڃي لوَ ميرج ڪرڻي آهي، بهتر آهي ته 12 بجي ڪنهن سٺي هوٽل ۾ منجهند جي ماني کائي، اڪيلو ئي اڪيلو رستن جي خوبصورتي کي ماڻجي.“

هو واچ ۾ ٽائيم ڏسي ٿو. ساڍا يارنهن، ۽ ان سان گڏ هڪ ڊگهو ساهه کڻي پرسڪون ٿي وڃي ٿو.

چنڊي

نديم قاضي

        مون کي شهر جي دڪاندارن کي سپلاءِ ڪيل چانهه جو تفصيل رجسٽر ۾ لکڻو هو. رجسٽر منهنجي اڳيان کليو پيو هو ۽ وائوچر ٽڙيل پکڙيل هئا، پر لکڻ تي طبيعت ڪو نه پئي چاهيو. مون پنهنجي پنج سالا پراڻي گهڙيءَ ۾ ڏٺو، ساڍا نو ٿيا هئا. هوءَ اڃا ڪونه آئي هئي. جڏهن به ڪو آفيس ۾ آيو ٿي، مون ڪنڌ کڻي دروازي ڏانهن پئي ڏٺو ۽ هر دفعي مايوسيءَ مان ڪنڌ جهڪائي ميز تي پکڙيل رجسٽر ۽ وائوچرن کي خالي خالي اکين سان ڏسڻ لڳس. ”اڄ الائي ڇو هن ايتري دير ڪئي آهي!“ مان سوچڻ لڳس. سچ ته اهو آهي ته جيستائين هوءَ ايندي ڪانهي، پاڻ کان ڪو ڪم ڪونه اڄهندو آهي. رڳو منهنجو نه، پر سڀني جو اهو حال هوندو آهي. هوءَ ڄڻ بجلي آهي. ڪانه هوندي آهي ته اوندهه هوندي آهي، ايندي آهي ته بجليءَ جو ڪرنٽ منهنجي خون سان ملي رڳ رڳ ۾ ڊوڙندو آهي. منهنجي ذهن ۾ سوين هزارين ننڍڙا ننڍڙ رنگين بلب ٻري ويندا آهن ۽ سارو وجود ڪنهن سنيگاريل ”شادي هال“ وانگر روشن ٿي ويندو آهي.

        مون وري گهڙيءَ ۾ ڏٺو. ڏهه ٿيڻ وارا هئا...! ڏهين بجي تائين ڏهه دفعا گهڙي ڏسي چڪو هوس. هڪ هڪ ڪري سڀ ملازم اچي چڪا هئا، مگر هن جو ڪو نشان پتو ڪو نه هو! مون چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو. ٿلهو ۽ ڪارو آفيس مئنيجر فائيل اڳيان کولي سپلاءِ آرڊر پڙهي رهيو هو خبر ناهي ته واقعي پڙهي به رهيو هو يا رڳو مون وانگر فائيل ۾ اکيون کپائي ويٺو هو سنهڙو ليک جهڙو اڪائونٽنٽ ڪجهه لکڻ لکي رهيو هو. سندس پاسي ۾ پبلڪ رليشن آفيسر، روشن پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو، ڊائريءَ ۾ ٽيليفون نمبر نوٽ ڪري رهيو هو. هو هر روز الاءِ ڪنهن جا ٽيليفون نمبر هٿ ڪري ايندو آهي ۽ ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪندو رهندو آهي. اها سندس عادت آهي. چوندو آهي ته اهي نمبر ڇوڪرين يا ڇوڪرين جي ڀائرن جا هوندا آهن، جن سان هن جي دوستي هوندي آهي. هال ۾ خاموشي ڇانيل هئي. رڳو ٻيو ٽائيپسٽ ڪجهه ٽائيپ ڪري رهيو هو ۽ سندس ٽائيپ رائٽر جي کٽ کٽ جو آواز پئي آيو. ان جي ڀرسان هن جي ڪرسي خالي پئي هئي ۽ سندس ميز تي سندس ٽائيپ رائٽر ماٺ ميٺ ۾ پيو هو...... هال ۾ موجود سڀني ملازمن وانگر..........! هوءَ اسان جي چانهه جي ڪمپنيءَ ۾ اسٽينو هئي.

        اچانڪ دروازو کليو ۽هوءَ اندر هلي آئي. منهنجي دماغ ۾ ٺڪاءُ ٿيو، ڄڻ هوا سان ڀريل ڪو ڦوڪڻو ڦاٽي پيو هجي. هن ايتري دير ڪئي هئي جو مان ذري گهٽ سندس اچڻ جو آسرو لاهي ويٺو هوس. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن بغير اطلاع جي آفيس ڪو نه ايندي آهي. ان ڏينهن مون کان ڪو ڪم پڄي ڪونه سگهندو آهي. هوءَ آئي ته هڪدم منهنجو بدن ساڻو ٿي ويو، ڄڻ اچانڪ ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيو هجان!

        آفيس مئنيجر فائل مان ڪنڌ مٿي کنيو. اڪائونٽنٽ لکڻ بند ڪري ڇڏيو. روشن ڊائري ميز جي خاني ۾ رکي ڇڏي. ٽائيپ رائٽر جي کڙ کڙ بند ٿي ويئ. سڀني جون نگاهون هن ۾ کپي ويون. سڀ خاموش هئا، هوءَ مرڪندي، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي، موزيڪ جي فرش تي سنيڊل جي کڙين جا کڙڪا ڪندي، هر هڪ جي ٽيبل جي اڳيان لنگهندي، سلام ڪندي وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺي. جتان جتان لنگهندي وئي، اتان اتان سينٽ جي خوشبو سڀني کي واسيندي وئي، الئي ڪهڙي سينٽ لڳائي هئائين، مون کي سينٽن جو ايترو تجربو ڪونهي. هئنڊ بئگ مان ڦڻي ڪڍي، پنهنجي اڳ ۾ ٺهيل وارن ۾ آهستي آهستي ڦيرڻ لڳي. هن هيئر ڪلپ وات ۾ جهلي هئي، ٻئي ٻانهون پوئتي ڪري ڇڏيون هيون. سندس بغلن وٽ ناسي قميص تي پگهر جا نشان نظر اچي رهيا هئا. ان ڪم مان واندي ٿي جهٽڪي سان ٻانهون هيٺ ڪيائين. سندس ڇاتيون ائين ڇلڪي ويون جيئن....ايتري دير آفيس مئنيجر بي خياليءَ ۾ مرڪندي، ٻن آڱرين سان ميز تي طبلو وڄائيندي هن جي هر عمل، هر ادا کي ڏسندو رهيو. ٿلهو ۽ ڪارو ٿيو ته ڇا ٿيو، سيني ۾ ته ساڳي ٻين جهڙي دل هيس. هن مرڪي ڏانهس ڏٺو، پوءِ چوڌاري هال ۾ ويٺل سڀني ساٿين تي نگهاه ڦيرايائين. ڪرسيءَ تان اٿي آفيس مئنيجر جي ميز وٽ آئي.

        ”سر، آءِ ايم سوري، اڄ ڪجهه دير ٿي وئي.“ بيد جي لڪڻ وانگر لڏندي ۽ لچڪندي چيائين: ”رات هڪ شاديءَ جي تقريب ۾ شريف ٿيڻو پيو، دير سان سمهي هيس، صبح جو به دير سا اک کلي.“

        ”ڪوڙ، بلڪل ڪوڙ“ مون دل ۾ چيو، اهو ته روز ائين ٿيندو آهي. هوءَ روز دير سان ايندي آهي، کڙ کڙ ڪندي، سڀني جي اڳيان لنگهندي، سنيٽ ۽ پگهر جي گڌيل خوشبو سان سڀني کي واسيندي پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويهندي آهي. ٻي ٻانهون مٿي جي پويان ڪري، هيئر ڪلپ وات ۾ جهلي ، سينو ٻاهر ڪڍي وارن ۾ ڦڻي ڏيندي آهي. آفيس مئنيجر جي ميز وٽ وڃي ڪو نه ڪو شوشو ڇڏيندي آهي. هر صبح جو آغاز ائين ئي ٿيندو آهي. اڄ به ائين ئي ٿيو هو.

        ”ڪا ڳالهه ڪانهي،“ ٿلهي ۽ ڪاري آفيس مئنيجر مرڪي چيو. ”ها، ياد آيو! ڪالهه مون جيڪو ليٽر توکي ٽائيپ ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، ان جو ڇا ٿيو؟“ ڪيتري سادگيءَ سان پڇي رهيو هو، ڄڻ واقعي ايترو سادو هو.........! هن چڱيءَ طرح ڄاتو پئي ته ان ليٽر جو ڪهڙو حشر ٿيو هوندو، پر تڏهن به پڇي رهيو هو... رڳو ڳالهائڻ خاطر........... هوءَ به هن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندي هئي.

        ”سر، ڪالهه مون کي مٿي ۾ ڏاڍو سور هوم، ٽائيپ ڪري ڪونه سگهيس، اڄ ڪنديس.“

        مرڪندي، اکيون مٽڪائيندي هوءَ اڳتي وڌي اڪائونٽنٽ جي ٽيبل اڳيان اچي بيٺي.

        ”مقصود صاحب، ڇا حال آ؟ جبار ڪيئن آهي؟“ جبار، مقصود جي پٽ جو نالو هو. هن کي نه سنهڙي ليک جهڙي اڪائونٽنٽ مقصود سان دلچسپي هئي، نه هن جي پٽ جبار سان، مگر روز پڇندي ضررو هئي.

        ”ٺيڪ آ، تون ٻڌاءِ”؟“

        ”بس، هلون پيا...“ هن موڙو ڏيندي، هلون پيا کي اينگهائيندي چيو. هن کي موڙا ڏئي ڳالهائڻ جي عادت هئي.

        ”واهه جو هلين پئي.......“ مقصود هرو ڀرو ڏند ٽيڙي چوڻ لڳو، ”جي اهو هلڻ آهي ته .........“ هن کي اڌ ۾ ڳالهائيندو ڇڏي، مرڪندي، هوءَ وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺي. پنج منٽ نه گذريا ته پبلڪ رليشن آفيسر،روشن اٿي وڃي هن جي ميز تي تريون کوڙي، ٿورو اونڌو بيهي چوڻ لڳو، ”ڪيئن آهين؟“

        ”اڙي، روشن صاحب، معاف ڪجو، مون کان وسري ويو. ڪالهوڪي سينٽ سچ پچ مون کي ڏاڍو پسند آئي. رات مان اها سينٽ لڳائي شاديءَ جي تقريب ۾ وئي هيس. ان جي خوشبو سڀني کي پسند آئي. توهان جي وڏي مهرباني.......“ ڪنڌ کي موڙو ڏئي مرڪي چيائين.

        هڪ ڏينهن هن فخر سان چيو هو ته هن ڪڏهن به ڪا سينٽ پئسن سان خريد ڪانه ڪئي هئي. ڪالهه مون کي روشن ٻڌايو هو ته هن کيس سينٽ جي شيشي تحفي طور ڏني هئي. مون کي يقين ڪو نه آيوهو، هينئر جڏهن هن پاڻ روشن سان ان جي ڳالهه ڪئي ته مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن بي خبريءَ ۾ مون کي سوئي ٽنبي هجي.

        ”ڪا ڳالهه ڪونهي.“ روشن ڦونڊ جي ويو. ”منهنجو هڪ مائٽ ٻاهران آيو آهي. مون هن کي ڪجهه چيزون آڻڻ لاءِ چيو هو. انهن ۾ چند سوٽن جو ڪپڙو به آهي. (ٿورو وڌيڪ جهڪي، وڌيڪ آهستي) اهو مون تنهنجي لاءِ گهرايو آهي. هينئر هو ڪراچيءَ ۾ آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندو.“

        ”ان جي ڪهڙي ضرورت آهي.“ هن سندس ڳالهه ڪٽيندي، مٿينءَ دل سان چيو. اندر ۾ خوش ٿي هئي جو سندس اکين ۽ چهري مان ظاهر ٿي رهيو هو.

        روشن پئسي واري پيءُ جو سڪيلڌو پٽ آهي ۽ ”شيريڊ“ ڪار ۾ آفيس ايندو آهي. پڻس گهڻو ئي زور ڀريو هوس ته ساڻس ڪاروبار ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي، پر هن نابري واري ڇڏي هئي. اسان واري چانهه جي ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ پارٽنر هن جي پيءُ جو گهرو دوست هو. پڻس جي چوڻ تي هن روشن کي ڪمپنيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ڪري رکيو هو. روشن چوندو هو ته هن اها نوڪري تفريح لاءِ ڪئي آهي، ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جي آزادي هيس. پگهار سان گڏ هر مهيني پيءُ کان به ڪافي پئسا وٺندو هو ۽ اڏائيندو رهندو هو،. هو روز نون نون ڪپڙن پائڻ ۽ مختلف عطرن ۽ سينٽن لڳائڻ جو شوقين هو. وڏو صاحب به هن جو گهڻو خيال ڪندو هو ڇو ته پيءُ جي وسيع تعلقات سبب هن ڪمپنيءَ کي ڪافي ”بزنس“ وٺي ڏنو هو.

        مان ڪنڌ جهڪائي رجسٽر ۾ داخلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس مگر منهنجو سمورو ڌيان هنن جي گفتگو ڏي هو.

        مون ڪنڌ مٿي کڻي هن ڏانهن نهاريو. هن به روشن سان ڳالهائيندي اک ٽيٽ ڪري مون ڏانهن ڏٺو. منهنجي اکين ۾ ڏک هو، ڏوراپو هو، جو هن محسوس ڪيو ٿي ۽ سمجهيو ٿي. روشن سان ڳالهائڻ بند ڪري اتان ئي مون کان پڇڻ لڳي:

        ”ڪهڙو حال آ، فلاسفر صاحب“ منهنجي هر وقت سوچ ۾ ٻڏل رهڻ سبب هوءَ هميشه منهنجي نالي کڻڻ بدران مون کي فلاسفر صاحب ڪري سڏيندي هئي ۽ منهنجي دل رکڻ لاءِ چوندي هئي ته کيس فلاسفر ڏاڍا وڻندا آهن. منهنجي دل خوش ٿي ويندي هئي، حالانڪ سمجهندو هوس ته هن کي فلاسفرن سان ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي. “توهان ڳوٺ ڪونه ويو ڇا؟“ مون ڳوٺ وڃڻ لاءِ آفيس مان ٻه ڏينهن موڪل ورتي هئي، مگر منهنجو وڏو ڀاءُ ڳوٺان اچي ويو هو، ان ڪري مان ڳوٺ ڪو نه ويس.

        ”نه، موڪل ڪينسل ڪرايم،“ مون کيس مختصر جواب ڏنو ۽ هن ڏانهن نهاريندو رهيس. هن روشن تان توجه هٽائي، پنهنجون اکيون منهنجي اکين ۾ کپائي ڇڏيون. هوءَ اکين کي اکين سان وچڙائڻ ۾ به ماهر هئي. هميشه سامهون واري جون اکيون جهڪي وينديون هيون. منهنجون اکيون به جهڪي ويون.  روشن پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويهي رهيو هو. مون به وري رجسٽر ۾ داخلائن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر ذهن خيالن جي ڄار ۾ وڪوڙبو ويو.

        يارهن مهينا ٿيڻ وارا هئا جو مون کي هن چانهه جي ڪمپنيءَ ۾ ڪلارڪ طور نوڪري ملي هئي، پهرين ڏينهن جڏهن مون هن کي ڏٺو هو، ان ڏينهن .ئي هوءَ مون کي وڻي هئي. هوءَ سڀني کي وڻندي هئي، الائي ڇو ! هوءَ ايتري سهڻي به ڪانه هئي، پر تڏهن به هن جي شخصيت ايتري ڀرپور، ايتري پر ڪشش هئي جو هر ڪو هن ڏانهن ڇڪجندو ويندو هو. منهنجي بي خبريءَ ۾ هوءَ مون کي به پاڻ ڏانهن ائين ڇڪيندي هئي، جيئن چقمق لوهه کي ڇڪيندو آهي. ماڻهن کي پنهنجو بنائڻ جو هن کي ڏانءُ هو، هوءَ هر هڪ سان فري هئي. هن جا ناز، هن جا انداز، هن جي چلولائي، هن جي چئنچلائپ سڀني لاءِ عام هئي. هوءَ سڀني سان کلندي هئي، ڳالهائيندي هئي، چيڙائيندي هئي، چرچا ڪندي هئي، روز دير سان آفيس ۾ ايندي هئي، مگر ڪڏهن ڪنهن هن کان دير سان اچڻ جو سبب ڪو نه پڇيو هو هن جي اچڻ سان ائين لڳندو هو جيئن چٽ جي ٻٽ ۾ ٿڌي هوا جو جهوٽو! هوءَ ايندي هئي ته سڀني جا وات پٽجي ويندا هئا. کل، ٽهڪڙا، چرچا ۽ چونچلا شروع  ٿي ويندا هئا. مون کي هن جي ذاتي زندگيءَ جي ڪا خبر ڪانه هئي نه وري مون ڪڏهن ڪا خبر رکڻ جي ڪوشش ئي ڪئي هئي. هوءَ مون کي وڻي وئي هئي، بس مان هن کي دل ئي دل ۾ چاهيندو هوس، پر مون ڪڏهن هن سان ان جو اظهار ڪونه ڪيو هو، رڳو رسمي گفتگو ٿيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن اڻ سڌي طرح پنهنجي جذبن جو اظهار به ڪري ويهندو هوس. آهستي آهستي منهنجي من ۾ لڳل چڻنگ اندر ئي اندر مچ بڻجندي وئي. شروع شروع ۾ مان به هن جي کل ڀوڳ ۾ شامل ٿيندو هوس، مگر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، مون کي هن جي سڀني سان فري ٿي ڳالهائڻ تي چڙ اچڻ لڳي. مان چاهڻ لڳس ته هوءَ ٻئي ڪنهن سان ائين نه ڳالهائي هينئر جڏهن هوءَ ٻئي ڪنهن سان کلي ڳالهائيند هئي، نگاهون ملائيندي هئي، ڀوڳ چرچو ڪندي هئي ته مون کي اندر ئي اندر ساڙ ٿيندو هو. دل چاهيندي هئي ته سامهون واري کي گهٽو ڏئي ماري ڇڏيان.........پر ڪري ڪجهه به ڪو نه سگهندو هوس، زهر جو ڍڪ ڀري چپ رهندو هوس. هن کي منهنجي دلي ڪيفيت جي پوري پوري خبر هئي، مگر ظاهر ڪندي هئي ته بي خبر آهي. ٻه ٽي دفعا مون اشارن ۾ کيس سندس رويي تي ٽوڪيو به هو، پر هن کلي لنوائي ڇڏيو هو.

        هڪ ڏينهن مون دل ڏاڍي ڪري، هن کي آهستي چيو هو، ”شام جو تنهنجي ڪهڙي مصروفيت هوندي آهي......... منهنجو مطلب آهي...............ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ به ويندي آهين يا نه؟“

        ”ڇو؟“ هن اچرج مان پڇيو هو.

        ”منهنجو مطلب آهي............اگر ڪڏهن شام جو ڪيڏانهن گهمڻ هلون.........“ مان هڪ ساهيءَ ۾ چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لفظ زبان مان وچڙندا نڪتا.

        ”گهمڻ هلون! فلاسفر صاحب، هي ڇا پيا چئو؟ گهمڻ هلون! هيءَ آمريڪا ڪونهي.........!“

        منهنجا ڪن وڄڻ لڳا، ساهه مٺ ۾ اچي ويو. اچي خوف ورتو ته متان ڳالهه مان ڳالهوڙو نه ڪري وجهي. هوءَ ڳالهوڙو ڪرڻ ۾ به ڏاڍي هوشيار هئي. مان تڪڙو تڪڙو واپس اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. منهنجي گهٻراهٽ ڏسي هن ٽهڪ ڏئي کلي ڏنو هو. ٽهڪ جي آواز تي سڀئي آفيس وارا هن ڏانهن نهارڻ لڳا هئا.

        ان ڏينهن مون سوچيو هو ته وري هن سان ڪونه ڳالهائيندس. مون چڱيءَ طرح ڄاتو پئي ته هوءَ اذيت پسند، خود پرست ۽ خود سر آهي، جيڪا هر وقت پنهنجن غمزن ۽ ادائن سان ٻين کي زخمي ڪري، پنهنجي زلف جي دام ۾ ڦاسائي، سندن ڦٿڪڻ۽ لڇڻ جو تماشو ائين ڏسندي آهي جيئن ٻلي ڪوئي کي پنهنجن تيز ڏندن ۽ نوڪيلي چنبن سان زخمي ڪري، ان سان راند ڪندي آهي. ڪوئو ويچارو اڌ مئو ٿيو، نه ڀڄڻ جو ست ساريندو آهي، نه وري جان بچائي سگهندو آهي. مون ڏٺو هو ته آفيس جو هر فرد هن تي آڪن ڇڪن هو. هوءَ سڀني جي ڪوئن جهڙين دلين کي ڇيڇاڙيندي ۽ ڇيڙيندي هئي ۽ انهن سان راند کيڏي مزو وٺندي هئي.

        سڀني کان وڌيڪ هوءَ مون کي چيڙائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته مان ائين محسوس ڪندو هوس ته هوءَ اندر ئي اندر مون کان نفرت ٿي ڪري. تنهن ڏينهن مون کان هڪ فائيل گهريائين، مون کيس اهو ڏنو. ٿوري دير ان جا پنا اٿلائي ڏسندي رهي، شايد ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه آيس ۽ واپس مون وٽ کڻي آئي. ”وٺو پنهنجو فائيل،“ موڙو ڏيندي فائيل منهنجي اڳيان ميز تي اڇلايائين. مون کي هن جي اها ڳالهه ڪانه وڻي. مون کان رهيو ڪونه ٿيو، زبان مان نڪري ويو، ”تون ته چانورن جي اٽي جي ڍوڍي وانگر رکي آهين.“ هوءَ کلي ويٺي ۽ موڙو ڏئي هلي ويئ، پر منهنجي دل وسامجي وئي هئي.ڄڻ ڪنهن ٻرندڙ ميڻ بتيءَ مٿان ڪنو اونڌو ڪري رکيو هجي. مون هن ڏانهن ڏٺو، هن منهنجي اکين ۾ اکيون کپائي مرڪي ڏنو ۽ مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. منهنجي سموري ڪاوڙ ائين نڪري وئي، جيئن ڪنهن ڪار جي برسٽ ٿيل ٽائر مان هوا.

        ان ڏينهن گهر ايندي، هن جا خيال منهنجي مرجهايل ۽ ڪوماڻيل دل ۾ ڪتڪايون ڪندا رهيا. هن جي مرڪ ياد آئي، هن جا ٽهڪ ڪنن ۾ وڄڻ لڳا. اکين کي هن جي گهور جي تپش ساڙڻ لڳي. ٽونڪ جي زهر ۾ ٻڏل هن جا لفظ منهنجي سيني ۾ چڀندا رهيا. ڪڏهن اس، ڪڏهن ڇانو، ڪڏهن مرڪ، ڪڏهن مهميز! هن جي هر ادا تي ، دل ائين نپوڙجي ويندي آهي، جيئن نارنگيءَ مان رس نپوڙبي آهي. مان سوچڻ لڳس ته اها ڪوئي ۽ ٻليءَ واري راند ڪيستائين هلندي. مون سوچيو، جيئن هزارين دفعا اڳ ۾ سوچيندو رهيو هوس، ته هن جو خيال جيڪو منهجي ذهن سان ائين چنبڙي پيو آهي، جيئن ڀت تي ڪرڙي، تنهن کي ڇڪي پري ڦٽو ڪريان. پر منهنجو سرير، هن جي سوداع ۾ ائين سوگهو ٿي ويو هو جئين ڪوريئڙي جي ڄار ۾ مک! ڦٿڪان ٿو، لچان ٿو، پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو....... سڀ اجايو…. سڀ بيڪار…… ويتر سوگهو ٿيندو ٿو وڃان!

        ان رات مون هن کي خواب ۾ ڏٺو. جا ڳندي ۾ هوءَ مون کان جيترو پري هوندي آهي قطب تاري وانگر، خوابن ۾ هوءَ ايترو ئي منهجي ويجهو هوندي آهي، جيئن منهنجي ساهه جي رڳ! ان وقت مان مان نه هوندو آهيان، هوءَ، هوءَ نه هوندي آهي! هڪ سرير….هڪ ساهه..! جاڳندي ۾ ڏنل زخمن تي، خوابن ۾ جڏهن هوءَ پيار جي مرهم رکندي آهي ته منهنجا زخم مرڪڻ لڳندا آهن! جيئن هوءَ ڪا شرارت ڪري مرڪندي آهي….! ان وقت ڪائنات سميٽجي هڪ نقطي ۾ سمائجي ويندي آهي * وري اهو نقطو وڌندو ويجهندو مهاساگر بڻجي ويندو آهي…. پيار جو مهاساگر….. جنهن ۾ اسان جا احساس ۽ جذبا ائين ترندا ۽ تڙڳندا آهن، جيئن مهراڻ جي ڪپ تي ميربحرن جا ٻار، ڇولين جي ڇوهه کان بلڪل بي پرواهه، مهراڻ جي موجن کان بلڪل بي خبر______ ان وقت دنيا جي هر چيز اسان لاءِ هستي وڃائي ويهندي آهي….!

        خواب ۾ مون ڏٺو ته ماڻهن جو وڏو انبوهه هو، هر طرف ڏاڍو هل هلاچو هو. هوءَ ڊڪندي پئي آئي، ڄڻ ڪو سندس پٺيان ٻيو هڪ هجي! هوءَ ٿڙندي ٿاٻڙجندي مون تائين پهتي ۽ وڻ ويڙهيءَ وانگر مون کي وڪوڙي وئي. مون به کيس ڀاڪر ۾“ ڀري، مٿان چاهه جي چادر وجهي ڇڏي.... اسان جو وجود هستي وڃائي، نيستيءَ جي اوڙاهه ۾ گم ٿي ويو!

        اچانڪ منهجي اک کلي وئي. مان اکيون ڦاڙي، ڪمري جي ڇت کي گهوريندو رهيس. ڪمرو اونده ۾ ٻڏل هو، جيئن منهنجو دماغ! نه ڪو بني بشر هو ه ڪو هل هلاچو! نه سونهن هئي، نه سوڀيا! رڳو سانت ئي سانت هئي. ڄڻ ڪنهن جهنگ ۾ مور رڙ ڪري خاموش ٿي ويو هجي.

        اهڙا سهڻ سپنا ٽٽي ڇو پوندا آهن! اهي سپنا، اهي خواب، آواره ڪڪرن وانگر هڪ لحظي لاءِ زندگيءَ جي سڃ ۾ خوشين جون ڪي ڪڻيون وسائين، اڏامي ڪنهن اڻ ڏٺي ڏيهه ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ انسان ويچارو پنهنجي اميدن ۽ آسرن جي صحرا ۾، رڃ پٺيان ڀڄندو ۽ ڊڪندو رهندو آهي ۽ نيٺ ساڻو ٿي، ٿڪجي، پنهنجو وجود وڃائي ويهندو آهي.

        مون کي هڪ انگريز شاعر جو شعر ياد آيو. هن خواب ۾ زندگيءَ جي حسن کي ڏٺو هو، مگر اک کليس ته زندگيءَ جون سڀ غلاظتون هن جي اکين سامهون اچي ويون. هن خواب ۾ اميدن جا جيڪي گل ٻوٽا ڏٺا هئا، اهي جاڳندي ۾ کيس ويران نظر آيا. هن جي دل کي ڌڪ ته ڏاڍو لڳو، پر پاڻ کي آٿت ڏيڻ خاطر چوڻ لڳو ته جهد مسلسل جاري هجي ته اميد جا گل هڪ ڏينهن ضرور ٽڙندا. ڏاڍو ڪو چريو هو! اهو ڪونه ٿي ڄاتائين ته خوابن جو حسن، زندگيءَ جي زهريلي حقيقتن اڳيان ائين پگهرجي ويندو آهي، جيئن باهه جي اڳيان برف........ پر انسان نرڄو آهي.....اس جو دامن هٿان ڪونه ڇڏيندو آهي، نه ته جيئڻ مشڪل ٿي وڃيس.

        مان به پنهجي دل کي آٿت ڏيڻ لڳس. سوچڻ لڳس ته حاصل ٿيندڙ چيز لاءِ هٿ پير هڻڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي. هميشه اهڙي چيز جي آرزو ڪجي، جنهن جو وجود هماءُ پکيءَ وانگر اڻ لڀ هجي..... جيئن هن جو پيار! خوابن ۽ خيالن جي سهاري، پنهجي هڪ تصوراتي دنيا قائم ڪرڻ، ان ۾ اميدن ۽ آسن جا گل ٻوٽا پوکڻ، انهن جي پنهنجي دل ۾ جگر جي خون سان آبياري ڪرڻ، اهڙو ڪارنامو آهي جيڪو دنيا جي سيني تي ائين نقش ٿي بيهندو، جيئن ڪنهن سر ڦريءَ ڇوريءَ جي ڇاتين تي مينديءَ جا گل!

        مون سوچيندي سوچيندي، ڪاغذن تان اکيون هٽائي، اوچتو هن ڏانهن ڏٺو. هوءَ ۽ روشن، مون کي گم سم ڏسي، اکين ئي اکين جي اشاري سان ڄڻ مون تي ٺٺوليون ڪري رهيا هئا. مون ان جي پرواهه نه ڪئي. اها ڪا نئين ڳالهه ڪونه هئي. ائين روز ٿيندو هو. مون وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. هٿ رجسٽر ۾ کپندا رهيا ۽ دماغ سوچيندو رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com