سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :16

هڪ ڏينهن ڦاٽڪ جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جو ڪافي انبوه بيٺل نظر آيو. انبوه ۾ ڪن آهستي پئي پاڻ ۾ سرٻاٽ ڪيو ته ڪن وڏي وات پئي چوبول ڪيو. ڪن وري اڱريون کڻي ڦاٽڪ جي اولهه طرف پئي اشارا ڪيا. ماڻهن جو ايترو انبوه ڏسي، مان به جهٽ گهڙيءَ لاءِ اتي بيهي رهيس. چوٻول بدستور جاري هو، ۽ ڦاٽڪ جي اولهه طرف اڱرين جا اشارا پڻ وڌندا ٿي ويا. مون سمجهيو، اولهه طرف پڪ ڪو حادثو ٿيو آهي جو ايترو سارو ماڻهن جو هجوم اچي ڪٺو ٿيو آ. مون به اولهه طرف پنهجي نظر ڊوڙائي، جيڏانهن ڪيتريون ئي اکيون ۽ آڱريون اشارا ڪري رهيون هيون، پر مون کي اتي، پر يپري تائين، اهڙي ڪا به شئي نطر نه آئي، جنهن مان ڪنهن شديد حادثي جو امڪان نطر اچي. ماڻهن جو هجوم وڌندو ٿي ويو. رؤنشي خاطر ڪي ٽانگي وارا ۽ ڪي گڏهه گاڏي وارا پنهنجن ٽانگن ۽ گڏهه گاڏين سميت پڻ ڦاٽڪ جي هڪ طرف اچي بيٺا هئا.

        ”اڙي يار، ڇا ٿيو؟“ هڪ ٽانگي واري مڇ کي مروڙو ڏيندي، هجوم مان ڪنهن کان پڇيو.

        ”بس يار، ڳالهه ئي نه پڇ“، هجوم مان هڪ ڪاري رنگ واري، پنهنجا اڇا ڏند ٽيڙيندي ٽانگي واري کي وراڻيندي چيو: ”هڪ همراهه رن ڀڄايون ٿو وڃي.“ ڪاري همراهه جي انهيءَ انڪشاف تي هجوم ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.

        ”الا“، ٽانگي واري دلچسپيءَ ۽ حيرانيءَ وچان چيو ۽ هو به اولهه طرف نهارڻ لڳو، جو ان طرف هڪ جوان عورت چادري ويڙهيو ۽ هڪ مرد تيزيءَ سان اڳتي وڌندا ٿي ويا.

        ”ڀلا رن رضا خوشيءَ سان ڀڄايون ٿو وڃي، يا زوريءَ؟“

        ”اهو ته واسطيدارن کان پڇڻو پوندو.“ ڪاري ٽهڪ ڏيندي چيو.

        ”هائو ٻيلي، هائو“، ٽانگي واري وري پنهنجي نظر اولهه طرف ڊوڙائيندي چيو: ”نه چئبو، هڪ ٻئي تي اڪن شڪن آهن!“

       ”ها“، ڪاري واراڻيو: ”پر ٻه ٽي عز رائيل به پٺيان اٿن.“ ڪاري جو اشارو انهن ٻن سپاهين ۽ هڪ اڌ وهيءَ واري شخص ڏانهن هو، جيڪي تيزيءَ سان انهيءَ عورت ۽ مرد ڏانهن وڌي رهيا هئا.

        ”هون! ته چئبو ڳالهه ۾ ڪو ڳڙ آهي!“ ٽانگي واري چيو.

        ”ها، يار“، ڪاري پنهنجي ”قابليت“ ڏيکاريندي چيو: ”چون ٿا، اهو مرد ان عورت تي عاشق آهي ۽ کيس ڀڄايون پيو وڃي. اتفاق سان عورت جي پيءُ کي به وقت تي خبر پئجي ويئي آهي ۽ هينئر هو ولين جي صورت ۾ پوليس وٺي پٺيان پيو اٿس.“

        ”چڱو ٿيو، چڱو ٿيو، هينئر بدمعاش کي ڏينهن ۾ تارا نظر ايندا. ڀائو، غضب خدا جو، بدمعاشن جو ايڏو من وڌي ويو آهي، جو هو ڏينهن ڏٺي جو عورتون ڀڄائيندا وتن“، هجوم مان ڪنهن ڪاري ڏي منهن ڪندي داد طلب نگاهن سان نهاريندي چيو.

        ”اڙي رات جو ته هر ڪوئي عورتون ڀڄائيندو آهي. بهادري ان ۾ آ، جو اهو ڪم ڏينهن ڏٺي جو ڪري ڏيکارجي. ڪيئن؟“ هجوم مان هڪ هيرو ٽائيپ نوجوان، ڪاري ۽ ٽانگي واري ڏانهن منهن ڪندي چيو.

        ان تي هجوم ۾ وري ٽهڪڙا مچي ويا.

        ”ها پٽ، پر هاڻي موچڙا به ته ڏينهن ڏٺي جو کائيندو“. ٽانگي واري چيو.

        ”پر ڀائو، انهن رنن جو به ته دماغ خراب آ نه، جو ڏينهن ڏٺي جو بدمعاشن سان ڀڄيو وڃڻ.“

        ”ها ڀائي، اڄڪلهه جي عنورتن ۾ اهو حيا شرم ڪٿي رهيو آ، جو هو ڀڄڻ لاءِ رات جي وقت جي چونڊ ڪن“، هجوم مان هڪ ٻئي شخص طنز وچان چيو.

        سپاهي ۽ اهو اڌ وهيءَ وارو شخص هينئر ان عورت ۽ مرد وٽ پهچي کين گهير ۾ وٺي چڪا هئا ۽ کين واپس آڻي رهيا هئا،. هجوم مان ڪي رؤنشي جا ڪوڏيا سپاهيءَ سان گڏ ويا هئا ۽ تفصيلي حقيقت معلوم ڪري ڀڄندا ڀڄندا، وري اچي هجوم ۾ شامل ٿيا.

        ”يارو، ڪيو خبر، آخر ڳالهه ڇا آهي؟“ هجوم مان ڪنهن انهن تازن آيل همراهن کان پڇيو، جيڪي سپاهيءَ سان گڏ ويا هئا.

        ”يار، ڳالهه وري ڪهڙي آ“، ”تازن آيلن همراهن مان هڪ منهن ڀيلو ڪندي چيو.

        ”بس، ماڻهن کڻي تيليءَ مان ٿنڀ بڻايو آ.“

        ”وري به ڪجهه ته ٻڌاءِ،“ ٽانگي واري نئين آيل همراه کان ائين پڇيو، ڄڻ ته هن جي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ٽڪي پئي هجي.

        ”ادا، حقيقت هيئن آ ته اها عورت ۽ مرد، ٻئي پاڻ ۾ زال مڙس آهن ۽ اهو اڌ وهيءَ وارو شخص ”زال مڙس آهن؟“ ٽانگي واري اچرج ۽ مايوسيءَ وچان چيو شايد کيس تازي آيل همراهه جي آندل معلومات نه وڻي ان جو سهرو آهي“.

        ”زال مڙس آهن، زال ۽ مڙس!“ هجوم ۾ وري نئين سر چؤٻول پئجي ويو.

        ”اڙي ته پوءِ هو ڀڄندا ڇو پئي ويا ۽ سندن پٺيان پوليس ڇو لڳل هئي،“ ٽانگي واري بيزاريءَ وچان نئين آيل کان پڇيو.

        اتي ئي نئين آيل همراه چيو: ”اهو در اصل ڄاٽي ۽ سهري جي اڻ بڻت جو نتيجو آهي ڇوڪري پيڪين گهر آئي ته واپسيءَ تي پڻس، مڙسهنس کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. چي گهر ڄاٽو ٿي رهه نه ته رستو وٺ ڇوڪريءَ جو مڙس، سهري جي غير حاضريءَ جو وجهه وٺي، ڇوڪريءَ کي گهران ڪڍي نڪتو، پر ان وچ ۾ سندس سهري کي خبرپئجي وئي ۽ هو پوليس وٺي سندس پويتان پيو. ان کان پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو توهان سڀني پنهنجي اکين سان ڏٺو.“ نئين آيل همراه تفصيل ختم ڪندي چيو.

        ”يار عجيب ڳالهه آ،“ ٽانگي واري چيو.

        ”عجيب ۽ غريب به.“ ڪاري پنهنجا اڇا ڏند ٽيڙيندي چيو.

        ”يار ڪمال آ، اسان ته خبر ناهي ڇا مان ڇا واهي تباهي پئي بڪي سون.“ هجوم مان هڪ ٻئي همراه چيو.

        ”ها ڀائو. اها هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي ۽ پنهنجي پنهنجي ذهنيت.“ هجوم مان هڪ بزرگ نما شخص، جيڪو هن وقت تائين خاموش بيٺو، ٿڌو ساه کڻندي چيو ۽ پوءِ هو آهستي آهستي هجوم مان ٻاهر نڪري ويو.

 رستا

اخلاق انصاري

 

        اندر گهڙيو ته آفٽر شيو لوشن جي خوشبو پاڻ ۾ گم ٿيندي محسوس ڪيائين. هلڪي ٿڌ ۾ هلڪي بدبونڪ ۾ تيزيءَ سان گهڙي ويس. هن رسيپشن ڪائونٽر ڏانهن ڏٺو ته رش هئي، مريض دريءَ جي سيخن سان چنبڙيل، ڪنهن جو ڳلو سڄيل ته ڪي سنهڙا سڪڙا، ڪن جا منهن ڦريل، سخت عذاب ۾ ٻانهو لڙڪائيندڙ. ڪارڊ تي نمبر نه هڻائيندڙ ڄڻ ته زلزلي جا ستايل امداد وٺندا هجن.

        صوفن تي مريض ليٽيل ۽ ويٺل ڏسندو، اڌ گول ۾ ڪاريڊور لتاڙي (Redio- therapy) جي حصي ۾ ڪوبالٽ 60 سيڪشن ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ته تهائين تيز ڌپ محسوس ڪيائين.

        اڃا ويٺو ئي مس ته پٽيوالو آيس.

        ڊائريڪٽر صاحب.......

        ”ها سڏي ٿو“، وچ مان ڪٽيندي چيائينس: ”اچان ٿو.“

        ”ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ تيز ايئرڪنڊيشنڊ جي ٿڌ ۾ ايئر ريفريشر جي خوشبوءِ.

----    ليٽ ڇو آهين.

-----   ڪم هو.

-----   پنهنجو ڪم ڪر يا ته نوڪري.

-----   جي.

        ڊائريڪٽر ڪرڙيون اکيون ڪري ڏٺس ۽ پوءِ ٽيبل ليمپ جي روشني ۾ فائل پڙهڻ لڳو هي ڪجهه سيڪنڊ بيٺو، خاموشي ڏسي ٻاهر نڪري آيو.

        پنهنجي سيٽ تي ويهي، هن پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ مان ٻه بائل آنا ڪڍي آهجستي آهستي کائڻ لڳو. نيرن ڪيائين ته در مان سندس هيڊ سائنٽفڪ ون زبير داخل ٿيو ٻنهي ڪنڌ لوڏيا، سلام ٿيو. هو پنهنجي پارٽيشن ٿيل آفيس ۾ وڃي ويٺو.

-----   ديدار.

-----   جي سر.

-----   ديدار بابا، ڪهڙا حال آهن.

-----   سر، مان تباهه ٿي رهيو آهيان.... ڪاڏي وڃان؟

-----   سر، مان ڀڄڻ ٿو چاهيان..........  پر ڪاڏي؟

        سائنٽفڪ ون زبير هن کي جذباتي ڏسي مرڪيو ۽ اوچتو در جي شيشي مان ٻاهر ڏٺائين. ٻاهر وارڊ بواءِ شمس نڪ ۾ ٿيل ڪينسر واري مريض کان پئسا وٺي هيڏي هوڏي ڏسي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. هن کي ائين لڳو، هن جيڪي جيت ان نڪ ۾ ڪينسر واري مريض مان ڪڍيا هئا، جن سان سڄي گينڊي ڀرجي ويئ هئي، اهڙو اڇو جيت وارڊ بواءِ شمس هجي.

        سائنٽفڪ ون، هن ڏي ڏسي چيو: ديدار، وارڊ بواءِ تون به آهين ۽ وارڊ بواءِ شمس به آهي.... فرق رڳو ذهنن جو آهي. هي فوم واري ڪرسيءَ ۾ اندر هليو ويو.

سوچي ٿو.

        سپاهي، جنهن کان هن کي ڪيڏي نفرت هئي، اهوئي سپاهي شهر ۾ ريڙهي واري تي دهمان ڪري ڏهه رپيا ورتا هئا. ان ريڙهي واري ڪيڏي عذاب سان ويهن مان ڏهه گهٽ ڪري، هن کي ٻانهون ٻڌي ڏهه رپيا ڏنا هئا ۽ اهوئي سپاهي جڏهن اٺن سالن جي پٽ کي چيڪ ڪرائڻ لاءِ آيو ته ڊائريڪٽر جنهن کي ”ڪلينڪ الائونس“ ملندي به ڊيوٽي ٽائيم ۾ چيڪنگ جا سٺ رپيا ورتا هئا.

        ڊائريڪٽر

        سپاهي،

        ۽ پاڻ، پاڻ جنهن پهرين تاريخن ۾ ئي گوشت کاڌو هو. ۽ پنجاهه رپيا دوست جي شاديءَ تي ڏئي، خوشي نه پر ڏک ۽ عذاب سٺو هئائين.

        هن چيمبر جي ٻاهران ڏٺو، مريض گڏ ٿيندا پئي ويا.

        ايپران پائي در کولي ٻاهر بيهي سڏيندو ويو.

        ”پهريون نمبر“.

        ”جي صاحب.“

        هن ڪارڊ وٺي پڙهيو. مريض جي ڳلي تي ڏٺائين مارڪر جو نشان. مريض کي ”گاما ٽران“ جي هيٺان اسٽريچر تي سمهاري، اسٽريچر کي هيٺ مٿي، کاٻي ساڄي ڦيرائي مريض کي چيائين، چر جانءِ نه.“

        مريض اسٽريچر تي ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جي ٿڌ ۾ ننڊا کرو ٿي ويو هو، تنهن آهستي چيو ”نه“،

        ۽ هن ٻاهر اچي در بند ڪري ٽي وي سيٽ تي ڏسي بٽڻ آن ڪيائين. اسڪرين تي ڪرڻن جي ڌاري مريض جي ڳلي ۾ هلي ويئي ڪجهه سيڪنڊن کان پوءِ هن درکولي مريض کي اسٽريچر تان اٿاريو. مريض جي منهن تي ڦڪي پر روشن مرڪ هئي.

        ٻيو نمبر___

        ........ سندس منهن سڄيل ۽ زخميل، ڄڻ ڪنهن اڏيءَ تي رکي مٿان قيمي ڪرڻ لاءِ ڪات هنيا هجن، رت، پونءِ ۽ ڌپ.

        هن سوچيو، بچندو ڪو نه، وڌ ۾ وڌ چار هفتا.

-----   سائين _________

-----   ها بابا،

        ”الاهسئون مران ٿو.“ چچريل گهگهو آواز.

        هن گاماٽران مشين سان گاماريز ڏنس ته کيسي مان ڏه روپيا ڪڍي ڏيڻ لاءِ ڪيائين مس ته چيائينس، ”نه بابا نه.“

        مريض کيسي ۾ ڏهه روپيا واپس وجهي ڀڻ ڀڻ ڪندو هليو ويو.

        ٽيو نمبر..........

        چوٿون............

        پنجون..........

        ڇهون...........

        ۽ پوءِ ٻڌل مريضن جي آوازن جا لڳاتارپڙاڏا:

-----   سائين .....مران ٿو، پهرين مون کي ...........

-----   ائي لي ڙي   

-----   کئون، کئون ____

-----   اڙي ڳچي ٿي ڪپجي ڙي.

        ۽

        صبح جو ماءُ کان ٻڌل جملا:

-----   پٽ

-----   فدا کي اسڪول جو يونيفارم.......

-----   گيس جو بل

-----   بجلي جو بل

-----   ڀاڄي واري جا ٽن ڏينهن جا پئسا.

        گهر ۾ عذاب.

        سينٽر ۾ عذاب.

        ايپران لاهي آهستي آهستي آفيس جو در کولي، اڌ گول ڪاريڊور ۾ اڇي شيشي واري در مان ٻاهر ڏسڻ لڳو. ٻاهر ڳاڙها گل ۽ اندر پيلا چهرا. ٻاهر چمپا جي هيٺان سنگمرمر جي اڇي پليٽ تي لکيل لفظ ياد اچي ويس، جيڪي کيس ڏاڍا وڻندا آهن.

                Silent Spring

        In the memory of those who

        Preished in service of mankind.

سوچ ذهن ۾.

ڪير ڪنهن جي لاءِ ڪري به ڇا ٿو.

ڇا جي خدمت.

پٽيوالي کان وڏي صاحب تائين ڄڻ ته ڪينسر جي ڦٽ مان رت چوسيندڙ جيت اسٽور ڪيپر.

جيڪو پرچي وٺي ستن دوائن مان ٽي مريض کي ڏئي چار کيسي ۾ وجهي پرچي تي نمبروار ٽڪ ڪري چوندس، ”هي ٽي آهن، باقي چار ختم ٿي ويون آهن، وڃي شهر مان وٺ.“

        ان ئي اسٽور ڪيپر پنهنجو پاڻ علاج ڪرڻ لاءِ ابتيون سبتيون دوائون کائڻ ڪري ڪنڌ ۾ سور وڌي ويس ۽ آخر هڪ هنڌ بيهجي ويس. هاڻ رڳو Tranquillizer کائي ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هوندو.

        وارڊ بواءَ

        ڊائريڪٽر

        اسٽور ڪيپر

        پٽيوالا.

        (ڪير ٿو خدمت ڪري، ڪير نه ٿو ڪري)

        ديدار.

        هن پٺتي ڏٺو. پٽيوالو بيٺو هو، جنهن چيس:

-----   ”ڊائريڪر صاحب سڏيو ٿو.“

-----   جي........... اچان ٿو.

        هو روم مان ايپران پائي، شفاف شيشي مان نظر ايندڙ شيڊ کي ڏسي، وار سڌاري آهستي آهستي ڪاريڊور پار ڪري ڏاڪڻ تي چڙهيو. در کولي اندر ٿيو.

        ڊائريڪٽر کيس ڏسي چيو، ”فلم بيج ۽ پينٽوزيميٽر جي چئن هفتن جي رپورٽ مان اهو آهي ته توکي به Radiation لڳا آهن. وڌيڪ لڳئي ته ڪينسر نه ٿي پوئي....... سو تون ڀلي وڃي مهينو آرام ڪر..............هونءَ به حرامخور آن......... توکي ته رڳو موڪل کپي، وڃ هتان!“

        هي تيز اچي، ايپران لاهي سائنٽفيڪ ون کي سلام ڪري. مين گيٽ مان سينٽر کان ٻاهر نڪتو. هڪ وڏي ساهه سان آڪسيجن اندر ڪري وات مان ڪاربان ڊآءِ آڪسائيڊ ڪڍي ڳاڙهن گلن کي ڏسڻ لڳو:

 

 

Stop Frame

”هو شهر ۾ دڪان تي ويلڊنگ ڪري ٿو.“

ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾

واجد

        ننڍ پڻ کان ئي هن پاڻ کي ڏاڍو هيڻو ۽ ڪمزور ڀانيو آهي. هن ڪڏهن به پان کي محفوظ نه سمجهيو آهي. هر وقت اهوئي ڊپ رهندو اٿس ته ڪٿي ڪو ڏاڍو ڏمرجي زندگي ئي نه کسي وٺي.

        هو جڏهن ٻارڙو هو، ۽ خوبصورت رنگن جهڙا خواب کڻي هلندڙ وهيءَ مان گذري رهيو هو، تڏهن به ساڳيوئي سفر ڪندو رهيو هو. تڏهن به هن پاڻ کي وقت کان گهڻو اڳ جهور ٿيل ڀانيو هو. هو ننڍڙو هو جو ڪتابن جو صاف سٿرو ٿيلهو کسي، هن جي ڳچيءَ ۾ چانهه واري هوٽل جو ميرو گدلو ٿيلهو وڌو ويو هو، جنهن ۾ جست جون ڪجهه ٽڪيلون وجهي هو ٻاهر واري ڪندو هو، ۽ ماڻهن جون گاريون جهليندو هو. هن ڪڏهن به انهن گارين تي ڪو احتجاج نه ڪيو هو، جو کيس محسوس ٿيو هو، ته هيڏي وڏي وشال دنيا ۾ هن کي فقط گارين جهلڻ ۽ ٻاهر واري ڪرڻ لاءِ ئي هن جي ماءُ جنم ڏنو آهي.

        هن کي ياد آهي: هو ٿڪل ٽٽل، گهر ڏانهن وري رهيو هو، ته پاڙي جي هڪ ڏاڍي ڇوڪري کيس رستي ويندي ڏنڊي هڻي ڪيرايو هو، ۽ جڏهن احتجاج طور کيس ڪجهه چوڻ چاهيو هئائين، تنهن کان اڳ ئي اڇلايل پٿر سان هن جو مٿو رتورت ٿي ويو هو، ۽ هو رت وهائيندو جڏهن گهر پهتو هو، تڏهن ماڻس سندس مٿي مان ٺينڊيون ڪري وهندڙ رت ڏسي رئندي پڇيو هو: ” اڙي هي قهر ڪنهن ڪيو آهي، ڪنهن ماريو آهي توکي؟“

        ۽ پوءِ جڏهن هن مٺل جمعدار جي پٽ ستار جو نانءُ کنيو هو، تڏهن ماڻس سڄي لرزي وئي هئي. سندس مامتا واري گرم جذبي مٿان ڄڻ سرد پاڻي هارجي ويو هو. لڳو هيس، ڄڻ کانئس ڪو اهڙو گناهه ٿيو آهي، جنهن جي سزا هن سان گڏ ماڻهس کي به ڀوڳڻي پوندي.

        تڏهن ماڻس سندس مٿي مان وهندڙ رت اگهي، هن جو لڙڪن هاڻو منهن چمي چيو هو: ” پٽ انهن ڏاڍن ساڻ اسان جي ڀيڻي ناهي. جي جمعدار کي ڪجهه چئبو ته الٽو اسان کي در تي بيهي گاريون ڏئي ويندو!“ ۽ تڏهن اهو احساس هن جي ننڍڙي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي ويو هو، هت هو ۽ هن جا ماءُ پيءَ بيحد ڪمزور ۽ ڊڄڻا آهن، تڏهن ته ٻين جي زيادتيءَ تي ٻڙڪ ٻولڻ جي به ڀيڻي نٿا ڀانئن!

        هڪ ڀيري هو پنهنجي پيءُ سان گڏ گوشت مارڪيٽ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ وڏيري جي گهوڙي هن جي ٻانهن ڦٽي وڌي هئي. ٻانهن سڄي رتورت ٿي وئي هئس، تڏهن سندس پيءُ وڏيري کي ڪجهه چوڻ بجاءِ، اکيون ڌرتيءَ ۾ کپائي، چپ چپاٽ ۾ پنهنجي پٽڪي مان اڳڙي ڦاڙي پنهنجن هيڻن هٿن ساڻ هن جي ٻانهن ٻڌي هئي. تڏهن هن وڏيري ڏانهن ڏٺو هو، جنهنجي چهري تي ڪو به پڇتاءُ يا افسوس ڪو نه هو، ۽ پوءِ هن پيءُ ڏانهن ڏٺو هو، جنهن جو چهرو زرد ٿي ويو هو، تڏهن هو هن جي ٻانهن جهلي هڪ طرف هلڻ لڳو هو تڪڙو تڪڙو ۽ ڊنل ڊنل، ڄڻ ته وڏيري جو گهوڙو هن ڀيري کيس ئي چڪ هڻندو.

        ۽ پوءِ جڏهن ٻئي گهر پهتا هئا، تڏهن هن جي ڦٽيل ٻانهن ڏسي، ماڻس باهه ٿي وئي هئي ۽ پڻس کي ڪاوڙجي چيو هئائين: ”مئا،گهوڙي ٻار جي ٻانهن کائي وڌي آهي، ۽ تون ممڙو بڻيو ماٺ ميٺ ۾ اچي گهر پهتو آهين. وٺي ڳچيءَ کان مئي کي پادر نه پئي هنيئي! اڙي ڪو راڻي راڻو ملڪ ۾ آهي ڪ نه؟“

        تڏهن پڻس، ماڻس کي سمجهائيندي چيو هو: ”اڙي رن، هجي ها ڪو پاڻ جهڙو ته ڳالهايانس به ها. وڏيرو شاهنواز خان ڪو جهڙو تهڙو ماڻهو آهي، جنهن کي وچ رستي تي ڳچيءَ کان وٺان ها. خبر نه ٿئي ته ڳوٺ ۾ ڪيڏيون تعديون ڪرايون هئائين. ان جي آزار ڪري ئي ته پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي، هن اڻ ڏٺي شهر ۾ اچي ويٺاسون خبر اٿئي ته انسپيڪٽر وڏيري جو ڄاٽو آهي. تون ڇاٿي سمجهين ته مان وڏيري سان وڙهي خير سان گهر پهچان ها. ٿورو به جي ڪڇان ها، ته هن وقت مون سان گڏ تون به ٿاڻي ۾ ويٺي هجين ها.“

        پيءُ کي ايڏو ڪمزور ڏسي سچ ته هو ڏڪي ويو هو. الائجي ڇو ان وقت ٻانهن جو سور ٻيڻو ٿي ويو هئس. اصل ٻانهن ڪپجندي محسوس ڪئي هئائين، ۽ هاڻ جڏهن سندس ماءُ پيءُ پنهنجن هيڻن هردن سان مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي ويا آهن، تڏهن هو بلڪل اڪيلو رهجي ويو آهي، ڏاڍن جي هن ڏيهه ۾، جتي جو ڏاڍو سو ڳابو وارو ڪارو قانون رائج آهي. جيتوڻيڪ اڄ هو ذهني توڻي جسماني طور وڏو ٿي ويو آهي، پر هردي ۾ اڄ به ساڳيوئي هراس اٿس. هو ڪالهه جيان اڄ به ڪمزور آهي. اڄ به پاڻ کي ساڳيوئي غير محفوظ تصور ڪري ٿو. هن جو هي احساس ڪنهن وهم يا وسوسي جي پيداوار ڪونهي. هو ماضي جيان حال ۾ به هڻيو آهي ۽ اهي ڏاڍا ماڻهو ڪالهه جيان اڄ به ڏاڍا آهن. هنن جا هٿ اڃا به ڊگها ٿي ويا آهن، جيڪي اڄ به هن جي گريبان تائين آسانيءَ سان پهچي وڃن ٿا.

        اڃا ٽئين ڏينهن جو ئي واقعو آهي: هن گهر ٻهاري، تڙ ڪري، ويٺي ڪورس جو ڪتاب پڙهيو (هن جي اها پڙهائي اسڪول ۽ ڪاليج جي چؤديواريءَ کان گهڻو پري، پنهنجي ئي گهر جي اڪيلاين ۾ ٿيندي رهي آهي)، جو سندس پاڙيسري پنهنجي گهر جي ٻير ڪٽي ۽ ڄاڻي واڻي ٻير کي هن جي پڌر ڏانهن اڇلايائين. نتيجي طور ٻهاريل ٻڌر وڻ جي ڪرڻ سان سڄو پن ۽ ڪنڊا ٿي ويو پوءِ ڪهاڙو هن ڏانهن اڇلائيندي چيائينس: ”ان کي ڪٽي ، اسان جي گهر اڇلجانءِ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com