سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :17

هن جو پڙهڻ ته ناس ٿيو ئي، مٿان وري اهو چنگيزي حڪم ٻڌي، تهائين باهه ٿي ويو. چيائينس: ”هڪ ته ٻير هيڏانهن اڇلي، سڄو گهر ڪنڊا ڪري ڇڏيو اٿئي، رهندو حڪم ٿو ڏين ته مان ٻير کي ڪٽي، تنهنجي گهر اڇلايان!؟“

        تنهن تي همراهه کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ۽ وڻ تي بيٺي ئي گارين ۾ مچي ويو، ۽ جڏهن هن سندس بيجا روشن تي کيس شرمائڻ چاهيو، تڏهن هو ڪهاڙي کڻي اچي سندس در تي بيٺو. ڌمڪائيندي چوڻ لڳس: ”اڙي، تون اسان سان مهاڏا ڏيڻ جهڙو ٿيو آن! الله جو مناسبو ڪيون، ٽريا ٿا وڃون ته ڏند ٿو ڏيکارين! سڄو سڄو ڏينهن گهر ۾ ماڻهو وهاريو ويٺو آن. سمورو ڏينهن کجڪو لڳو ٿو وڃئي اڙي اسان ٻچڙيوالن جي پاڙي ۾ تو جهڙي ڇڙي ڇانڊ جو ڪهڙو ڪم ويڙهه پنهنجا ٽپڙ،  نه ته بي عزتو ڪري نه ڪڍانءِ!“

        ۽ تڏهن هن کيس سجهائيندي (ليلائيندي)چيو هو: ”مان پڙهيل ڳڙهيل ۽ شريف ماڻهو آهيان. اهو برابر آهي ته منهجا ڪي دوست مون ايندا ويندا آهن، پر اهي ڪي لوفر يا بدمعاش ڪونهن، جن مان توهان کي شڪايت پهتي هجي.“

        تنهن تي همراهه صفا چڙي پيو: ”ڇا مان ڪوڙ ٿو ڳالهايان؟ تون ايڏو معتبر ٿي پيو آن. اڙي مان پڻهين، ڏاڏهين کي به سڃاڻان!“ ۽ پوءِ ڌمڪي ڏيندي چيائين: ”توکي اڄ ئي ڏسي رهندس، تو پاڻ کي سمجهيو ڇاهي؟“

        اهو سمورو ڏينهن هن دوستن ساڻ گهمندي گذاريو هو. دل ۾ ڊپ پاڙون هڻي ويو هئس، ته اهو ڏاڍو ماڻهو کيس ضرور ماري وجهندو، ۽ پوءِ رات جو جڏهن گهر آيو هو تڏهن گهر جا ٻئي دروازا چڱيءَ طرح بند ڪري ستو هيو. تنهن ڏينهن شدت ساڻ احساس ٿيو هئس ته هو پنهنجي گهر ۾ به غير محفوظ آهي!

        هن جي پاڙي ۾ ڪجهه گهر اهڙا به آهن، جتي سڄو ڏينهن جوا ۽ بدڪاري ٿيندي رهندي آهي. سج لٿي کان پوئين رات تائين عياشن جي اچ وڃ آهي، هوندي آهي، پر ان تي پاڙي جي ڪنهن به فرد کي ڪو اعتراض ڪو نه هوندو ڪنهن کي به ڪڏهن انهن گهرن مان بي حيائيءَ جي بوءِ ناهي آئي.

        هن سوچيو هو: هڪ مان ئي ته خراب ۽ بدڪردار آهيان، جنهن مان پاڙي وارن کي آزار آهي. هر ننڍي وڏي ڳالهه تي مٿاهينءَ کان ايندڙ پاڻيءَ جيان لهي پوندا آهن.“

        هو اڪثر سوچيندو آهي: آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڇاجي لاءِ آهي؟ ڇا ان ڪري جو مان مفلس آهيان؟ هائو واقعي، اهو سڀ ان ڪري ئي ته آهي، جو منهنجو گهر هنن جي گهرن کان ڪچو ۽ هيٺانهون آهي، پر ان ۾ منهنجو قصور ئي ڪهڙو آهي. هڪ مفلس ۽ بيروزگار ماڻهو ڪري به ڇا ٿو سگهي؟!“

        ڪالهه دوستن سان شهر پئي ويو، جو پٺيان اوچتوئي سڏ ٿيس. سڏيندڙ اهوئي سندس پاڙيسري هو، جنهن جي گهر جي پٺ ۾ آهي. اڙي توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم ته پنهنجي ڀت ٺهراءِ“. هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چوڻ لڳو: ”پر توکي پرواهه ئي ڪانه ٿي ٿئي. سڄي ڀت کاڄي وئي آ. پنهنجو خيال نٿو ٿئي ته ڀل دٻجي مر، پر ٻين جو ته خيال ڪر.، جي ڀت پوئتي ڪري پئي ته پوءِ پورو ڪونه پوندين گهر آهي جهڙو گڏهن جو واڙو، ۽ همراهه آهي جو ڪامورو بڻيو ڄنگهون ٺوڪيندو وتي.هاڻي هنن همراهن آڏو آخري ڀيرو ٿو چوانءِ، جي سڀاڻڪي سج ۾ ڀت نه ٺهرايئي ته پوءِ منهنجا هٿ تنهنجي ڳچيءَ ۾ هوندءِ. سڄي پاڙي سان کڻي اچائي اٿئي. ڀيڻيان، اسان مؤن جن به ڪڪ ۽ تون وري ٿو لاپرواهيون ڏيکارين.“

        تڏهن هن کيس خاموش رهڻ لاءِ سندس کاڏي تي هٿ رکيو هو، جنهن کي هن پنهنجي هٿ ساڻ جهٽڪي ڇڏيو هو ۽ پوءِ هو وڦلندو هليو ويو هو. تڏهن هن پاڻ کي ذلت جي ڌٻڻ مٿي تائين لهندي محسوس ڪيو هو. کيس پنهنجي بي عزتيءَ جو شديد احساس ٿيو هو، ان وقت سندس دوستن مان ڪنهن چيو هئس: ”يار سليم! حد ڪري ڇڏيئي. هن جنسي گاريون پئي ڏنيو، پر تون ائين چپ هئين ڄڻ ڪا ڀت. توکي به ته ٻه هٿ ۽ زبان آهي، ڪو گونگو ٻوڙو ته ناهين. جي ايڏو مٺو ٿيندين ته کائي ويندءِ اهڙا ماڻهو.“

        تڏهن هن کي پنهنجي زبان سسندي محسوس ٿي هئي. کيس لڳو هو، ڄڻ هو ازل کان ئي گونگو ۽ ٻوڙو هجي.....

ٽانڊا

محمود مغل

        هُن ٻانهن کي مٿي ڪري، پنهنجي ڪڇ وٽان سويٽر جا گهنج ٺاهيا.اندران پاتل ان سويٽر مٿان، کيس خاڪي رنگ جي اڌ ٻانهن واي بوشرٽ پيل آ. هن سويٽر جي ٻانهن ٺيڪ ڪري، بوشرٽ جي ٻانهن کي هيٺ ڏانهن ڇڪيو. جنهن مهل هن ٻانهن مٿي ڪيئ هئي ته بوشرٽ سندس ڍري سوٽ مان نڪري، سندس چيلهه ۽ پيٽ کي ٻاهر جهاتيون پائڻ لاءِ ڇڏيو هو. بوشرٽ جو هيٺيون بٽڻ ڍرو ۽ اهو سويٽر دامن وٽان ڪجهه ويڪرو هو. هن سوٽ ۾ ٻئي، شرٽ ۽ سويٽر وڌا ۽ مطمئن انداز سان، ڊرائيور جي ڀرسان ٽانڪيءَ تي ويهي رهيو. ٽانڪيءَ تي ويٺي، سندس وجود جهاڪن جو شڪار هو.

        سندس کيسي ۾ پيل ريزگاري، جهاڪن ساڻ ڇڻڪڻ لڳي. هن کيسي ۾ پيل رومال ويڪرو ڪري، کليل جڳهه کي ڀريو. کيسي کي ٺاهيندي، هن ٽيڏيءَ اک سان پويان نهاريو. اتي ويٺل اهو نوجوان اڃان به اٻهرو ٿي لڳو، حالانڪ بس ڪافي تکي هلي رهي هئي، پر هن کي پهچڻ جي شايد اڃان به وڌيڪ جلدي هئي.

        کيس هن نوجوان جوان اکيون ڏاڍيون عجيب لڳيون هيون، کيس الائي ڇو، پهرين سٽ ۾ ئي اهو محسوس ٿيو هو، ڄڻ سندس جواني پورين ارڏاين سان موٽي ائي هجي.

        بس ۾ الاهي رش هئي. الاهي سارا ماڻهو بيٺا هئا. روشن هاڻي اڃان، ڀاڙو وٺي بس ڪيئ هئي. اڄ ته ڏينهن ئي اهڙوهو: هڪ ته هفتي جي آخر، ٻيو تهوار به مٿان هو. کيس ڪافي ڪمائي ٿي هئي.

        ياد ٿو اچيس، پوين سيٽن کان جڏهن هن ڀاڙو وٺڻ شروع ڪيو هو ته هڪ ڇوڪري چار ٽڪيٽون وٺي، هڪ پاڻ ڏانهن ۽ ٽن اڳين همراهن ڏانهن اشارو ڪيو هو. روشن انهن ٽن ڄڻن وٽ پهتو ته کيس ڌيان مان ڳالهه لهي وئي هئي. کانئن ڀاڙي وٺڻ لاءِ هٿ وڌايائين ته هڪ همرهه ٽوڪ طور ڏانهنس نهاري مرڪيو هو.

        ”ڊبل ڪندين ڇا؟“

        روشن سڄي ڳالهه سمجهي ويو هو. بس ڪري رسمي طور معذرتي انداز ۾ مرڪي، اڳيان نڪري آيو هو ۽ هيئنر ان کان پوءِ سڄيءَ بس کان ڀاڙو وٺندي، سندس ذهن ۾ اهي نظرون لهي ٿي آيون. حالانڪ اها هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي، پر ان ڇوڪر جون اکيون، الائي رک ۾ پيل ٽانڊا هئا. الائي....

        “ٽيم گهڻو ٿيو آ؟“

        خميسو، ڊرائيو کانئس پڇي ٿو

        هو ڇرڪي ٿو پئي.

        ”سوا نو.“

        هوش ۾ اچڻ تي، کيس محسوس ٿو ٿئي، بس اڌ فاصلو لتاڙي آئي هئي. هو خميسي ڏي غور سان ٿو نهاري ۽ سوچي ٿو هڪ ته هن به تنگ ڪيو آ، ڀلا جي هر هر بس کي نه بيهاري ته ڇا ٿي پويس. ڪهڙو شهر مٿان ڪرندس، پر مان هي سوچيان ڇو پيو. هي جو روڪي ٿو ته اسان ٻنهي جو ڀلو آ. سواري چڙهي ٿي ته ڪمائي به ته اسان ٻنهي لاءِ ئي آهي نه. پر ..... جي هر هر نه بيهي ته منهن ڪچا، وات ڳاڙها ڇوڪرا، ائين گوڙ ڪن............ ڇو ڪندا..........“

        ڇوڪرن تي کيس الائي ڇو سويل وارو واقعو ٿو ياد اچي. هڪ هنڌ رپئي رپئي واري سواري الاهي بيٺل هئي. خميسي بس بيهاري هئي ته الاهي دير ٿي ويئي هئس. ۽ هلڻ ۾ دير ٿي هئي ته پويان ويٺلن مان ان ڇوڪري رڙ ڪئي هئي.

        ”اڙي او برائي! اوڪنڊيڪٽر! هٿ سڪل ٿئي ڇا، جو ڌڪ نه ٿو هڻينس.“ ۽ اتي ئي ان جي ڀر واري زور سان چيو هو:

        ”ادا سُڪل نه ٿس. ڏسين نه پيو، ڪرايو ڊبل جو گهري پيو. هاڻي ڊبل ڪرايو وٺي يا بس ڊبل ڪري.“

        روشن اهو جملو ٻڌي، ڄڻ ٻري پيو هو. هن بظاهر ته لنوائي ڇڏيو هو، پر سندس اندر ڏکڻ لڳو هو.

        بس هلڻ کان پوءِ هن ڀاڙو وٺي اچي ان ٽانڪيءَ تي پٿال ماري هئي. سندس عادت ۾ هو ته هو هميشه ڀاڙو وٺي، در وڃين وسائيندو هو. اڄ ڄڻ سندس اندر ۾ ڪا هورا کورا هئي.

        هي ڇوڪرو ڪيڏو نه ارڏو آ. ڪئين نه ڇت ڪتائيءَ سان ڳالهائي ٿو.......... پر نه، هن عمر ۾ هر ڪوئي اهڙو ئي هوندو آ. مان ڇا گهٽ هوندو هئم.“ کيس جواني ياد اچڻ لڳي.

        مان به ته ائين ئي ڇڙواڳ نموني ڳالهائيدو هئم. بس ۾ ويهندو هئم ته جهڙو شهزادو...... پوءِ ڪنهن جو ڪهڙو ڌيان هوندو هئم.“ کيس ياد آيو، هڪ دفعي هن هڪ ڪنڊيڪٽر کي دير ڪرڻ تي دٻڙاٽ پٽيو هو، ۽ پتڻ کان پوءِ پنهنجي گهر تي لهي، کيس سوچ آئي هئي، هو ڪيئن نه منهجا اڇليل اڱر ماٺ ڪري جهٽيندو، پاسي کان رکندو ويو هو. شايد مجبور هئو.... پر ڪهڙي مجبوري هئس.......مون کي وراڻيءَ ۾ ڇڙٻي به سگهيو ٿي ۽ تنهن کان سواءِ لهڻ مهل به کيس ڇنڀيو هو ۽ ان مهل به هن مرڪي معذرت ڪئي هئي.......... ڇا هي ايترائي مجبور هوندا آهن.........“

        ”پوئتي وڃ، ڦاٽڪ ٿو اچي.“

        خميسو شايد هن جي حالت زار کان واقف هو. روشن هڪ دفعو وري ڇرڪي ٿو پئي. سندس اکين ۾ ڄڻ رنگ موٽن ٿا. ڦاٽڪ هاڻي هڪ ٻه منٽن جي مفاصلي تي هو. روشن ٽانڪيءَ تان اٿي، ماڻهن کان پاسو وٺندو، گيٽ تي هليو ٿو اچي.، انهن هيترن ماڻهن جي وچ مان لنگهندي به کيس ڄڻ ان ڇوڪري جي نظرن جي تپش گرمائي رهي هئي.

        ”هي ڇوٿو ائين ڏسي.........مان ڪو هن جو کاوان ٿو ڇا، اڄ ته مون سان هن ٽڻ ٽڻ ڪئي ته مان به ڏهه ٻڌائيندو مانس. نوڪري ٿا ڪيون ته سرڪار جي، ڪو هنن جا ملهه ٿيل آهيون ڇا. اهي ٻيا ڪنڊيڪٽر هوندا، جي سهي ويا هوندا.... پر....جي تون هن کي هڪ ٻه جملو چئي وجهين ۽ هو به ڪو هٿ پير کڻي وجهي ته.......... ته ڇا پوءِ ڏٺو  ويندو......... يا هو زور يا مان..... ۽ پوءِ جي انڪوائري ٿئي ۽ تون لهي وڃين ته ..... پر اهو سڀ مان سوچان پيو؟........ ائين ڇو سوچڻ لڳو آن..........،

        هو ذهن جهٽڪي ٿو. خميسي بس ڦاٽڪ تي آڻي بيهاري آ. ماڻهو لهن پيا. روشن کيسي مان ٽوڪن ڪڍي، ٽڪيٽن جا نمبر ڏسي، انهن جو تعداد لاگ بوڪ تي لکي ٿو. اڄ شايد هوش جاءِ تي ناهنس، خميسو در تي نهاري ٿو. روشن هيٺ بيٺو ٿو لکي. بس هلڻ ۾ لمحن جي دير ٿئي ٿي ته پويان ڇوڪرا ٻوڪ ٿا ڪن.

        ”هلي هلي.“

        بس جي باڊي وڄي ٿي. روشن سٽ ڏئي چڙهي ٿو. خميسو کيس سامهون واري آئيني ۾ ٿو نهاري. روشن در کان ٻاهر ٿو ڏسي.

        ”اڳي مون به ائين ئي، ان در تي بيٺل ڪنڊيڪٽر کي لتاڙيو هو، ۽ پوءِ ڪيئن نه هن مرڪي چيو هو: ڇا ڪيون بابل انسان هون.......“ سڄو ڏينهن ٿا وهون، غلطي ته ٿي ٿي وڃين نه..........“ ۽ ان کان پوءِ هن ڪيئن نه مرڪي ڊرائيور کي ڊبل چيو هو. حالانڪ هو به سندس اشارو ڏسي شايد لهي اچي ها. گيدي هو.... نه نه مجبور هوندو، پر ڪهڙي مجبوري؟....“

        بس مختلف اسٽاپن تي بيهي ٿي. ماڻهو لهندا چڙهندا ٿا رهن. روشن ٽيڏي اک سان نهاري ٿو. هو ۽ سندس ٽي دوست اڃان نه لٿا آهن، ۽ ان مهل ئي هو پنهنجين ٽن سيٽن تان اٿن ٿا. روشن جي دل الاءِ ڇو ڌڙڪي ٿي. هو سندس ويجهو اچي ٿا بيهن.

        ”استاد، سهڻل، آئيندي ڪرم ڪندا ڪيو اسان جي حال تي. هي سڀ چاچي جا پٽ آهن اوهان جا، جو انهن کي کڻندي کڻندي اسان جي بيخ ٿا ڪڍو. هي بسون شاگردن جون آهن يا انهن جون!“

        هو الاءِ ڇاڇا ٿو چوي. سندن اسٽاپ اچي ويو آ پريان خميسو کين آئيني ۾ ڏسندي بس بهاري ٿو. هنن مان ٻه لهن ٿا، اهو ڇوڪرو به کيس ڏسندي لهي ٿو خميسو، اشاري سان هن کان پڇي ٿو....... ڇا ٿيو؟........روشن لنوائي ٿو. ان ڇوڪري جو هڪ ساٿي هن ڏي گهوري ٿو.

        ”اڙي، اسان توکي هون نه.“

        روشن جي منهن تي الاءِ ڇو مرڪ تري ٿي اچي. سندس وات مان نڪري ٿو:

        ”ڇا ڪيون بابل، انسان هون، سڄو ڏينهن ٿا هڻ هڻ ڪيون. غلطي ته ٿي ٿي وڃين نه،...... ڪمايون ڪيئن، جي انهن کي نه کڻون.“

        هو الاءِ ڇا ڇا ٿا چون. روشن بس کي ڌڪ هڻي هلڻ لاءِ اشارو ٿو ڏئي. خميسو بس ٿو هلائي. روشن محسوس ٿو ڪري، ڄڻ سندس هٿن ۾ ڪنهن ٽانڊا رکيا هجن ۽ ڄڻ اتي هاڻي ڦلوڪڻا ئي ڦوڪڻا هجن.

احسان

محمد دائود بلوچ

        مان هينئر ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيو پيو آهيان، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين کي ڳڻي رهيو آهيان، سڀاڻي صبح سان منهنجي زندگيءَ جي ٽمڪندڙ ڏيئي کي گل ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو ۽ مون کي ڦاسيءَ جي سزا ملندي، ڇاڪاڻ ته مون دوستيءَ جي هام هنئين. مان غريب هوس، مون هن جي احسان جو بدلو ڏيڻ ٿي چاهيو، مون احسان فراموش ٿيڻ نٿي چاهيو. انهيءَ چڪر ۾ هتي اچي پهتو آهيان ۽ توکي خط لکي رهيو آهيان.

        توکي ته خبر آهي، مان هڪ ڪلارڪ آهيان، هڪ معمولي ڪلارڪ، جنهنجو پگهار مهيني جي پندرهين تاريخ تائين به نه هلندو آهي، ۽ پوءِ دڪان تان کنڌو کڻي، يارن دوستن کان پٽ سٽ ڪري پورت ڪبي آهي. مان انهن ڪلارڪن مان آهيان مون پنهجي وس ۽ وت آهر، توکي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي، توکي خوش رکڻ لاءِ ڪيئي حيلا هلايا. تنگدستيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ لاءِ مون محنت ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي، مگر افسوس، ڪٿان به ڪو ڪم نه مليو، نه وري ڪا نوڪري ملي. منهنجي آفيس ۾ سپرنٽينڊنٽ، سينئر ڪلارڪ ۽ ٻيا، جن وٽ سٺي ٽيبل هوندي هئي، اهي روزانه فل سوٽ پائي، سئو سئو روپين وال وارا ڪپڙا پائي، ٽي سئو ٽي سئو روپين وارا بوٽ پائي، آفيس ايندا هئا. ۽ مان هڪ ئي وڳي کي رات جو ڌوئي، صبح جو سوير استري ڪري پائي، آفيس ويندو هوس. آفيس ۾ اهي دوست مون کي چانهه پياري، ڪاغذ ٽائيپ ڪرائيندا هئا، ڊرافٽ ٺهرائيندا هئا صرف چانهه جي ڪوپ تي. ۽ مان انهن جو ڪم خوشيءَ سان ڪندو هوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com