سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :18

منهنجي پياري! هڪ دفعي جڏهن توکي ويم جا سور هئا ۽ مان موڪل وٺي ڳوٺ آيو هوس، پوءِ جڏهن داين جواب ڏيئي ڇڏيو، ته ٻار شايد پيٽ ۾ مري ويو آهي ۽ هي ويم اسان کان زور آهي، هن کي حيدرآباد اسپتال کڻائي وڃو. تڏهن منهنجي اڌ ڌڙ مان ساهه نڪري ويو منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، منهنجا حوصلا خطا ٿيڻ لڳا، ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ، منهنجي پياري! توسان مون کي ڪيتري نه محبت هئي ۽ آهي. اها محبت مان هن مهل دهرائڻ نٿو چاهيان. توکي اها به خبر آهي ته تون ئي منهنجي زندگي آهين. تون ئي منهنجي زندگي آهين، تون ئي منهنجي  رفيق حيات آهين. تون ئي متاع حيات آهين. پوءِ منهنجي ذهن ۾ پتي ڪتي واري ڊوڙ شروع ٿي. خميسي کي چوان، پر انڪار ڪري ته پوءِ. قاسم کي چوان، نه هجنس ته پوءِ ائين پور پچائيندو، پاڻ کان سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي سوالن جا جواب ڏيندو رهيس اوچتو تنهنجي ڪيڪن جو آواز ڪنن تائين پهتو ٽپ ڏيئي، اٿي کڙو ٿيس هڪدم سوچيم ته ڇو  نه وڏيري جيئندي خان کان جيپ وٺي، توکي حيدرآباد کڻائي وڇان. باقي بيل گاڏيءَ جي رينگٽ، لوڏن ۽ ڪچن رستن جي جهاڪن ۾ پڪي رستي تائين پهچڻ کان اڳ، تنهنجو الائي ڪهڙو حال ٿيندو. هڪ اميد جو ترو رو نظر آيو. ڀڄندو ڀر واري ڳوٺ ۾ وڏيري جيئندي خان وٽ ويس. دل ۾ اهي وهم ۽ وسوسا ته الئي ڏيندو يا نه. جيپ اٿس، الائي وڪڻي ڇڏيائين. مون کي ساڻس ملئي گهڻو وقت ٿيو هو. جيئندو خان ڦٽين جو زميندار هو. هر سال ڦٽين لهڻ مهل جيپ خريد ڪندو هو. حيدرآباد جي دلالن وٽ پيو چڪر ڏيندو هو ۽ ڍل ڏيڻ مهل ساڳي جيپ اڌ ملهه ۾ وڪڻي ڍل ڏيندو هو. خدا ڪري شل جيپ هجيس ۽ ڏئي به. ائين ٻه ٽي دفعا آفيس ۾ ڪم سان آيو هو ته مون سندس سٺي خاطري ڪئي هئي. ڪاغذ به ٺهرائي ڏنامانس. اهي ويچار ويچاريندو، مان وڏيري جيئندي خان جي اوطاق تي پهتس. وڏيرو ويٺو هو، خوش ٿي مليو. سربستو احوال ڏنو مانس. چيائين:

        ”اڪبر، هن موقعي تي به جيڪڏهن مان تنهنجي ڪم نه ايندس، ته وري ڪڏهن ڪم ايندس. اهي مهلون به مڙسن تي اينديون آهن.“ ڊرائيور کي رڙ ڪري چيائين: ”شير علي! گاڏي تيار ڪر.“ پوءِ کيسي ۾ هٿ وجهي سئو روپيا ڪڍي مون کي ڏنائين ته توکي ضرورت پوندي. پوءِ ته ڄڻ مون کي خريد ڪري ڇڏيائين. اکين مان شڪر گذاريءَ جا ڳوڙها، روڪيندي به نه رڪيا ۽ ڳڙي پيا گلو ڀرجي آيم سوچيم ته هن جوان جي ڪهڙن لفظن ۾ شڪر گذاري ڪريان ڀريل گلي سان ڪجهه چئي ڪو نه سگهيس. فقط هٿ جوڙ ڪري ”مهرباني“ چيم.

        جيئندي خان ڳراٽڙي پائي چيو:

        ”دل نه لاهه، جيڪڏهن ڪو ڪم هجي ته بي فڪر ٿي هليو اچ.“

        مان جيپ ۾ چڙهي ڳوٺ پهتس اتان توکي کڻائي حيدرآباد آياسين. اسپتال ۾ داخلا ملي ويئي، ڇو ته ڪيس ئي اهڙو هو. ليڊي ڊاڪٽر سخت ناراض ٿي چوڻ لڳي:

        ”هينئن ماڻهو ماري پوءِ کڻي ٿا اچو، ان جو اسين ڪهڙو علاج ڪريون.“

        مان صرف هٿ جوڙ ڪري پيو سگهان. نيڻن مان نير جاري، گلي مان آواز نه نڪري. ليڊي ڊاڪٽر چيو: ”هڪ انسان جي زندگيءَ جو سوال آهي، پر رت جي ضرورت پوندي رت ڪير ڏيندو؟“ مون پنهنجي ڏٻري جسم کي ڏسي چيو:

        ”مان ڏيندس.“

        ”تو وٽ رت ڪٿي آهي.“

        ”تنهنجو رت ٺيڪ نه آهي. مڙس جو رت زال کي ملندو ته ڀاءُ ڀيڻ ٿي پوندا.“ اسان سان گڏ آيل سوٽ چيو.

        اتي شير عليءَ رڙ ڪئي:

        ”سائين آءٌ رت ڏيان.“

        ”واهه شير علي واهه! جيئندا خان واقعي مڙس آهين“. اهي جي شهرن ۾ ويهي وڏيرن جي ظلمن جو داستان بيان ڪندا آهن ته وڏيرا هارين تي ظلم ڪندا آهن انهن کي هڪڙي ڪني گار دل ئي دل ۾ ڏيئي ڇڏيم. ”واهه جيئندا خان، تو جهڙا جوان ڪٿي.“

        سوٽ چيو: ”مان رت ڏيان ٿو.“

        ائين تنهنجي حياتي بچي، ٻارڙو ته اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.

        انهيءَ ڳالهه کي ٻه مهينا گذري چڪا هئا. هڪ ڏينهن وڏيرو جيئندو خان آفيس ۾ مون وٽ آيو. جنهن وقت منهجي نظر مٿس پئي، ٽپ ڏيئي وڃي ڀاڪر پاتومانس، اها جاءِ نه ملي جتي وهاريانس. سڀني سان سندس تعارف پيو ڪرايان. چانهه ڪيڪ جا دور هليا. جيئندو خان گهڻيءَ دير تائين مون وٽ ويٺو رهيو. اهڙي جوان جي چاڪري ڪيئن نه ڪجي، جنهن اهڙو قرب ڪيو. ان وقت به مون وٽ پئسو ڪو نه هو، پر هوٽل واري سان کنڌو هلندڙ هو.

        ڪجهه وقت کان پوءِ جيئندي خان چيو: ”هاڻي موڪل وٺ ته هلي ڪجهه خلاصي ڪچهري ڪريون.“ مون موڪل ورتي. جيپ ۾ چڙهي هوٽل ۾ پهتاسون. گرميءَ جا ڏينهن هجن، وڏيري آئسڪريم جو آرڊر ڏنو. پوءِ هن چيو: ”مون کي صلاح ڏي ۽ تنهنجي مدد به گهرجي.“

        ”حڪم ڪريو.“

        ”اڪبر، ڪراچيءَ مان دلالن جي معرفت هڪڙي شادي ڪريان ٿو. ائين ته ٻه شاديون اڳ ۾ ڪيل اٿم، پر ڪا شهر پدمڻي کپي. تمام گهڻي ملڪيت واري آهي، لکاپتي آهي، صرف هڪ ماءُ اٿس. هو چاهين ٿا ته ڪو زميندارهجي، جنهن سان مائٽي ٿئي، جيڪو مڙس ماڻهو هجي. شهر جي ڇوڪرن کان بيزار آهن، ڇو ته شهري ڇوڪرا روز نئين ڪاليجي ڪڪيءَ جي پٺيان ڊوڙڻ، چلولا، ڪڏهن ڪهڙا خيال ته ڪڏهن ڪهڙا خيال مون پنهنجي حثيت کان وڌيڪ ڏيکاءُ ڏنو آهي. حيدرآباد ۾ هڪڙو بنگلو مسواڙ تي ورتم، چيم ته پنهنجو آهي. ڳوٺ ۾ پنهنجو بنگلو به ڪو گهٽ ڪو نه آهي. جيپ تي کين ڳوٺ وٺي ويس، ڀر پاسي جي سموري زمين کين ڏيکاريم. پنهنجي ۽ پرائي زمين لاءِ کين ٻڌايم ته منهنجي آهي. ڪري ته شهر جي ڪا حور ملي ۽ بس.“

        ”هنن وٽ واقعي ڪا ملڪيت آهي يا رڳو اوهان وارو ڏيکاءُ اٿن.“

        ”هو ملڪيت وارا آهن، اها خاطري اٿم.“

        ”مان اوهان سان ٻڌل آهيان، ڪنهن به وقت حڪم ٿئي ته حاضر ٿيندس.“

        ”گهٽ ۾ گهٽ ڏهن لکن جو شڪار آهي. توکان ڇا لڪايان. ڪنهن به وقت ضرورت پئيي ته تو وٽ هليو ايندس. پنهنجو آهين، ڳوٺ جو آهين، چيم توکي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيان.“

        پوءِ چيائين: ”بک لڳي آهي، ڪافي وقت گذري ويو آهي.“ مون موڪلائڻ جي ڪئي. چيائين: ”چريو آهين ڇا.“ پوءِ آرڊر ڏنائين، ماني کائي بس ڪئيسين. بل آيو اسي رپيا پنجاهه پئسا. منهجو وات ڦاٽي ويو. هڪ ئي ويلي تي ايترو خرچ! پر ڪهڙي پرواهه آهي، اڃا تازو ڦٽيون لٿيون آهن. موڪلائي جدا ٿياسين.

        اٽڪل ڇهن مهينن بعد هڪ ڏينهن وري جيئندو خان آيو. چيائين:

        ”شاباس هجيئ، شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ به نه آئين.“

        مون کانئس معافي ورتي، ۽ کيس پنهنجي مجبوري ٻڌايم ۽ کانئس خبر چار پڇيم ته ڪيئن آهيو.

        چيائين: ”چئن زالن واري کان خوش آهيان، هنن گهٽ ۾ گهٽ ڏهن لکن روپين جي ملڪيت ڏني آهي، جنهن ۾ زيور سون، روڪڙ، بنگلو، زمين ۽ ڪار وغيره تنهن کان سواءِ ضرورت ۽ عيش آرام جو هر سامان موجود آهي. مون به حق مهر ۾ پنجاهه هزار رپيا، ڪار، بنگلو ۽ پنج سو ايڪڙ لکايا، پر هن وٺڻ کان انڪار ڪيو. هن جي ماءُ چيو:

        ”اسان جي نياڻي سکي رهي، اسان کي ڪجهه به نه گهرجي.“

        پر هنن هڪڙو شرط رکيو ته جيڪڏهن ڇوڪري خوش نه رهي يا طلاق ڏنئي ته ڏيج ۾ ڏنل سموري رقم، زمين، ڪار، روڪڙ ۽ زيور وغيره واپس ڪندين ۽ مون اهو شرط قبول ڪيو.

        ”پوءِ.“

        ”پوءِ شادي ٿي گذري. توکي خبر آهي ته اسين وڏيرا ويچارين ڳوٺاڻين گگدامن کي حويليءَ ۾ بند ڪيو ويٺا آهيون اهي ويچاريون ته ڊپ کان ڪڇن ئي ڪونه. ٻه ٽي مهينا ته ٻن زالن کي لڪايم. هن جون فرمائشون، ڪڏهن ڪراچي جا چڪر ته ڪڏهن حيدرآباد جون هوائون، ڪڏهن فلم ته ڪڏهن سير تفريح. آخر ڳوٺاڻن ۾ اچي چوپچو شروع ٿي:  ”وڏيرو نئين زال جي پٺيان بلڪل ڇيلو ٿيو پيو هلي.“ آخر سوچيم ته مڙس آهيان. هينئر سموري زمين، نقدي، ڪاغذ ۽ دستاويز وغيره سڀ مون وٽ آهن. هاڻي مون کي ڇا ڪندي.

        هڪ ڏينهن دل جهلي کيس ٻڌايم ته منهنجون اڳ ۾ ٻه زالون آهن، اکين سان ته اڳ ۾ ڏٺيون هئائين. منهنجو ايترو چوڻ ۽ هوءَ منهن مٿو پٽڻ، دانهون ڪرڻ، ڪرم ڪٽڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳي. پوءِ ته روز روز جي مصيبت شروع ٿي. جهيڙا، جهڳڙا، گاريون، روئڻ پٽڻ، ماڻهو کڻي کلايائين. چوي ٿي ته مون کي طلاق ڏي.

        ”پوءِ.“

        ”جيڪڏهن طلاق ڏيندس ته بدنامي ٿيندي، سموري ملڪيت تان هٿ ڌوئي وهندس ۽ مون وٽ ڪوڏي به ڪانه بچندي.“

        ”جيڪڏهن هوءَ خود طلاق وٺندي ته انهيءَ صورت ۾ کيس ڪجهه به ڪو نه ملندو.“

        ”ملي يا نه ملي، پر مون کي ائين ڪرڻو ڪونه آهي. ڪير پيو ڪورٽن ۽ وڪيلن جا در کڙڪائي. هاڻي توکي صرف هڪڙو عرض آهي ته هفتي کن لاءِ تو وارو ڪوارٽر مون کي ڏي. زال وٺي اچي اتي رهان، تنهائيءَ ۾ کيس سمجهايان. رهڻ لاءِ هوٽلون به آهن، پر ڪير پيو زال سان دربدر ٿئي. وڏيرو ماڻهو هر هڪ پيو سڃاڻي ته پنهنجو بنگلو نٿو وٺي، هوٽل ۾ زال سميت ترسيو پيو آهي. تون شهر جي ٻهراڙيءَ ۾ رهيو پيو آهين، هتي اسين خوش هونداسين، نه ڪو ايندو نه ڪو ويندو، ٻه ٽي ڏينهن رهي ته دماغ ٺڪاڻي اچيس.“

        مون سوچيو ته مان ڪٿي وڃي رهندس، پر هن جوان جو ڪيل احسان اکين آڏو تري آيم. سندس احسان لاهڻ جو گهٽ ۾ گهٽ ڳائڻ جو هي سٺو وجهه مليم.مون دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو. مون کي سوچ ۾ پيل ڏسي وڏيري مون کي به سئو رپيا ڪڍي ڏنا ۽ چيائين:

        ”في الحال تون وڃي ڪنهن دوست سان، يا ڪنهن هوٽل ۾ رهه، منهنجي زال خوش رهي ته پوءِ ڪجهه وقت وڌيڪ رهندس، توکي ڪنهن به وقت پئسن جي ضرورت پوي ته هڪدم هليو اچ.“

        مان انڪار ڪري نه سگهيس مون وڃي هڪڙي دوست کي عرض ڪيو: يار، ٻه ٽي ڏينهن قرب ڪر، ڳوٺان مهمان آيل آهن. هن دوست به انڪار نه ڪيو ۽ مان وڃي هن سان گڏ رهڻ لڳس.

        هفتي کن کان پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو انسپيڪٽر، صوبيدار، پوليس جي اٽالي سان آفيس ۾ اچي پهتو. وڏيرو جيئندو خان ساڻن گڏ هو. مون سمجهيو ته سندس دوست آهن. جئين ڪرسيءَ تان اٿي کيس ڀاڪر پائڻ جي ڪيم ته ايتري ۾ چيائين:

        انسپيڪٽر صاحب، هي آهي اهو اڪبر، جنهن جي ڪوارٽر ۾ اسين اچي مهمان ٿي رهياسين ۽ رات منهنجي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي هن منهنجي گهرواريءَ کي قتل ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هن پهريائين دست درازي ڪئي هجي، ۽ پوءِ هن کي پنهجي راهه تان هٽائڻ لاءِ جيئن راز فاش نه ٿئي، هن گهٽا ڏيئي بيدرديءَ سان منهنجي زال کي ختم ڪيو.“

        انسپيڪٽر اسان جي صاحب کي چيو: ”سائين معافڪجو، مسٽر اڪبر اسان کي خون جي جاچ ۾ گهربل آهي.“ ائين چئي هن مون کي هٿڪڙيون هنيون ۽ جاءِ واردات تي وٺي هليو.

        مون اتي ڏٺو: هن جي خوبصورت زال کي منهن ۾ ڪافي ڌڪ لڳل هئا، نڪ ۽ وات مان ڪافي رت وهيل هوس، ڌڪن جي جاءِ ، منهن ۽ ڳچيءَ ۾ ڌڪن ۽ گهٽن جا نيرا داغ ٿي پيا هئا. هن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا، ڄڻ ڪافي ويڙهه ٿي هجي.

        جيئدي خان سڀني جي اڳيان روئيندي اکيون مهٽيندي چيو:

        ”اڪبر! تون ڳوٺ جو هئين، آئون وڏيرو آهيان مون وٽ ڪهڙي ڪمي آهي. جيڪڏهن تون ناراض هئين ته اسان کي منٿ ڪري هتي نه رهائين ها. مون کي رهڻ لاءِ سوين جايون هيون. واهه جو مهمان نوازيءَ جو حق ادا ڪيئي منهنجو گهر تباهه ٿي ويو. هاءِ منهنجي مٺڙي ڪنوار! اڃان ته سندس هٿن تان شاديءَ جي ميندي به نه لٿي آهي.“ ائين چئي هو وري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.

        مان حيران پريشان وائڙن وانگر وات پٽيو، ڪڏهن وڏيري کي، ڪڏهن لاش کي ۽ ڪڏهن صوبيدار کي ڏسندو رهجي ويس، ۽ پوءِ جيل روانو ڪيو ويس.

        هن جي هٿ ۾ پئسو هو، هن جا سوين شاهد ٿيا، پوليس سندس مددگار هئي. مان اڪيلو، تن تنها، مسڪين، بي يارو مددگار هوس، ۽ اڄ تائين جيل ۾ سڙندو رهيو آهيان. چوندا آهن ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي، پر ٻڏندي نه آهي پر وڏيري بدران منهنجي ٻيڙي غرق ٿي ويئي. منهنجو سڀڪجهه تباهه ٿي ويو، منهنجي زندگي زهر بنجي ويئي، پر ان سان گڏ توکي به راهه ۾ رلائي وڃان ٿو. منهنجي پياري! مان بي قصور آهيان. قاتل وڏيرو آهي، هن دولت جي لالچ ۾ پنهجي زال جو خون ڪيو، مگر ڦاسيءَ کان بچڻ لاءِ هن مون مسڪين کي موت جي منهن ۾ ڏنو. خبر ناهي، حقيقت ڪڏهن حقيقت ثابت ٿيندي. جيستائين سچ، سچ ثابت ٿئي تيستائين اهوسچ منهنجي ڪهڙي ڪم جو. جڏهن آءٌ ئي نه هوندس!

 ڏينهن ڏٺي جو سپنو

ايل _ ايم _ رامامرتم

سنڌيڪار: ولي رام ولڀ

(راما مرتم (جنم 1916ع) ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. انگريزي ۽ تامل، ٻنهي ٻولين ۾ لکندو آهي. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون اٿس. جذبي جي ڀرپور عڪاسي ۽ خيال جي گهرائي سندس ڪهاڻين جي جان آهي. پنجاب نيشنل بئنڪ ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. نوڪريءَ جي گهڻي مصروفيت جي باوجود هن ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي.)

        ڳالهه اها آهي، جو ٻين وانگي مون کي گهڻو ڳالهائڻ نٿو اچي ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جو معمولي ڳالهه، لوڻ مرچ لڳائي ڪجهه اهڙيءَ طرح پيش ڪندا آهن، جو انهن جي ڳالهين تي ويساهه اچي ويندو آهي ۽ ٻڌندڙ به خوش ٿيندا آهن.

        مون سان ڏکيائي اها آهي جو جيڪي ڪجهه منهنجي ذهن ۽ دل ۾ هوندو آهي، انهيءَ جو اظهار اختصار سان ڪري سگهندو آهيان،. وڌ ۾ وڌ اهوته جيڪڏهن منهنجي ذهن ۾ چار ڳالهيون هونديون ته مان سليقي سان هڪ ئي ڳالهه ادا ڪري سگهندس. انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو منهنجو تجربو ۽ مشاهدو ٻنهي کان گهٽ آهي، پر اها پنهنجي پنهنجي صلاحيت جي ڳالهه آهي ته ماڻهن کي خبرگهٽ هوندي آهي ۽ ڳالهائيندا گهڻو آهن. مون کي خبر وڌيڪ آهي، پر ڳالهائيندو گهٽ آهيان. مان ڄاڻي واڻي ائين نه ڪندو آهيان، دراصل مون کان گهڻو ڳالهايو نٿو ٿئي.

        ڳالهه ڪا اهم ناهي.

        مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هوس. ايترو پري جو سفر به نه، بس آفيس ڏانهن پئي ويس. ڀلا آفيس وڃان يا ٻئي ڪنهن هنڌ، مان ايڏو وڏو ماڻهو ته ناهيان جو ماڻهو منهنجي ڪٿي وڃڻ جو نوٽيس وٺن.

        مان ته هڪ معمولي ماڻهو آهيان صبح جو اٿي، ڪافيءَ جو هڪ ڪوپ پيئندو آهيان، پوءِ بازار ويندو آهيان، سودو وغيره وٺي، ان کان پوءِ جلدي جلدي آفيس وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳندو آهيان. واپسيءَ تي سئر جي خيال کان سمنڊ جي ڪناري هليو ويندو آهيان، جتي ڪجهه دير گهمي ڦري، گهر جو رستو وٺندو آهيان. گهر ۾ هر روز زال جون گاريون ٻڌندو آهيان، ڇو جو مان هر روز رات جو دير سان گهر پهچندو آهيان.

        بس، اهو ئي چڪر آهي جو هميشه کان هلي رهيو آهي. ڄڻ مان پڻ گهاڻي جو ڍڳو آهيان، جو گهمي ڦري هڪ ئي هنڌ تي پهچندو آهي. انهيءَ چڪر کان ڇوٽڪارو شايد ناممڪن آهي.

        جيڪڏهن انهيءَ معمول ۾ ٿوري به تبديلي اچي وڃي ته مون کي سچ پچ خوشي ٿيندي آهي، پر تبديلي ڪيئن ٿي اچي سگهي.

        زال جي هنج مان اجهو هاڻي هڪ ٻارهيٺ لٿو آهي. هو هميشه گهر کان ٻاهر هليو وڃي ٿو گهٽيءَ ۾ کيڏڻ، مٽي کائڻ ۽ سموري رات دانهون ڪرڻ. هڪ ٻار زال جي هنج ۾ آهي. شايد هڪ ٻيو اچڻ لاءِ سوچي رهيو آهي. ٻڌو آهي ٽيون مهينو اٿس. هڪ طرف ايترو بار ۽ ٻئي طرف مان اڪيلو، فضا ۾ اڏامڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ڪيڏو زبردست تضاد آهي!

        اوهان ڏٺو، بس منهنجي ڪمزوري اها ئي آهي. ڇا ٿي چوڻ چاهيم ۽ ڇا چئي ويس. ها، چڱو ياد آيم، مان پنهنجي بس جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هوس. ها، ته ڳالهه اها آهي ته هڪ ڀيري مان بس ۾ سفر ڪري رهيو هوس، يعني بس ۾ پنهنجي آفيس وڃي رهيو هوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com