سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :20

جتي پشم، ڌاڳي، ڏاس، ملس ۽ ريشم کي اڻي مختلف شيون ٺاهيون وينديون آهن، تيئن سنڌ وارا ڪکن ۽ ڪانن وغيره کي به ضايع ٿيڻ نه ڏيندا آهن. درياءَ جي ڪنڌين تي، ڍنڍن جي ڪنارن تي، واهن جي ورن تي، ڪاٺي، ڪاني ۽ تيليءَ مان گهرو استعمال جون شيون ٺاهيندا آهن. ڪاني مان پکا، موڙا ۽ ڇڄ ۽ کارا ٺاهين، ڏير مان تڏا ۽ تئونريون ٺاهين، سرن مان ٽوئا ۽ پليون ٺاهين. ڪانيءَ مان دٻڪيون، سونگا ۽ ٽٻڪڙا ٺاهين. اهڙيءَ طرح ڪاٺيءَ مان سونڊا ۽ ڏکها ٺاهين. سنڌ جا غريب مهاڻا ميربحر، ٻالا شڪاري ۽ پارهيڙي قومن جا ماڻهو هن طرح سان پنهنجو پيٽ گذر ڪن.

        سنڌ ۾ مختلف خطن ۾ رهندڙ مختلف قومن جي مردن توڙي عورتن جي روايتي لباس، ڏڻ وار تي پهريل پوشاڪ جو مطالعو معلومات افزا آهي. هتي جا ڪولهي، ڀيل، ڪوڪڙي، گرگال، جوڳي، ڪوچڙا، اوڏ، مڱڻهار، لنکيا، ميراسي ۽ مينگهواڙن کان سواءِ پالاري، جوکيا، جاکرا، نومڻيا، شودا، منورا، گندرا ۽ ونگرا پنهنجي روايتي لباس جي ڪري تاريخ جي انوکي باب مثل آهن. هتي جا واڍا، موچي، سوچي، ڪوري، پکٽي رنگريز، چاڪي، رازا، چوڙيگر، ماري، سرهيا ۽ شيدي سنڌي ثقافت جا سونها آهن.

        اسان جي روزانه زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ سامان به ڏاڍو دلچسپ آهي، حالانڪ وقت سان گڏ ان ۾ به تبديليون آيون آهن. اسان جو هند ورو، پينگهو، کٽم، منجي، کٽ ڊٻڪي، مانڌاڻي، جهرڻو، چاڏي، سونکي، ڇڄ، وڃڻي، تڏو، تئونري، ويلڻ ۽ پاٽيو، اکري ۽ مهرلو، مهري، سينهوڙي، ڦڻي، ڇڪو، سرميداڻي، اڳٺ وجهڻي، ڏندن کوٽڻي، سڳيون، ڪنڊل، ڏوئي ۽ سياري ۾ اڳٺي سنڌ جي ثقافت ۽ روزانه زندگيءَ جي نمائندگي ڪندڙ آهن. انهن ۾ هاڻي تبديلي ايندي وڃي. کير ڏهڻ، کير ولوڙڻ، وهراج ۽ لابارو، ڀريو کڻڻ، کوهه تان پاڻي ڀرڻ، ٻيڙين کي مال ڍوئڻ، ٻيڙن تي رهڻ، مڇي ۽ پلي مارڻ جا طريقا، چاڪيءَ جو گهاڻو ڪوريءَ جو آڏاڻو، هاريءَ جو هرلو، پيهي تي بيهي پکي هڪلڻ، لڳڻ جو ٺڪاءُ، مچ تي ميڙو، راڄن چڱن مڙسن جون اوطاقون. مطلب ته اهي منظر اسان جي ثقافت جي نمائندگي ڪندڙ آهن. انهن کي محفوظ ڪرڻو آهي. جيڪڏهن انهن منظرن کي هينئر تصويرن ذريعي رنگين سلائيڊن ذريعي محفوظ نه ڪيو ويو ته اسان وڏي غلطي ڪنداسين. دنيا تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، انهيءَ ترقيءَ جو اثر سنڌ تي به ٿيندو رهيو آهي. اڄ ٽرانسٽر، بجليءَ ۽ پڪين سڙڪن اسان جي روزانه زندگيءَ ۾ انقلابي تبديليون آنديون آهن براج ۽ واهن اسان جي رهڻي ڪهڻي ۽ اقتصادي حالت ۾ وڏو ڦيرو آندو آهي. اڄ فجر جو لاچار ڪنهن گهر مان جنڊ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. اناج جي چڪين جنڊ جي استعمال کي موڪل ڏيئي ڇڏي آهي. اڄ مائرن کي ڪوڏاڻا ڏيڻ نٿا اچن. مائرن کي لولي ڏيڻ وسرندي وڃي. اڄ ڇيڄ ۽ جهمر جو رواج گهٽبو وڃي. اڄ شادين تي دهل ۽ شرناءِ جي بدران بئنڊ گهرائڻ جو رواج شروع ٿي ويو آهي.

        هي ئي وقت آهي، جنهن ۾ اسين پنهنجي روايتي زندگيءَ جي طور طريقي کي ۽ سنڌي ثقافت کي بچائي سگهون ٿا. خالي سنڌي ٽوپي پائي هلڻ يا اجرڪ ڪلهي تي رکڻ سان سنڌي ثقافت جو تحفظ ٿي نه سگهندو. اسان کي پنهنجي ورثي کي سنڀالڻ لاءِ ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ميوزيم ۽ آرٽ گئلرين جي ٺاهڻ جي ضروت آهي. انهن ۾ تصويرن ذريعي، ماڊل سنڌي ثقافت جي مختلف پهلوئن جي نمائش ڪرڻي آهي.

        اچو ته پنهنجي ورثي کي سنڀاليون، اچو ته پنهنجي ثقافت کي محفوظ ڪريون، اچو ته پنهنجي ثقافت جي خوبين کي ڏورانهن ملڪن سان روشناس ڪريون.

”سنڌ مدرسته الاسلام“ ڪراچي

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

        (نوٽ: سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليمي، ادبي ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ نهايت بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪتيرين ئي اهم شخصيتن جهڙوڪ قائد اعظم محمد علي جناح، شمس العلماعه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ۽ ٻين مشاهيرن هن تاريخي مدرسي مان تعليم پرائي ملڪ ۽ قوم جي وڏي خدمت ڪئي. مدرسي کي قائم ٿئي هڪ سئو سال گذري چڪا آهن، ۽ 1- سيپٽمبر 1985ع تي ان جو سئو سلاه جشن ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي هي مضمون پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ۽ ان جي باني خانبهادر حسن علي افندي جو تعارف ڏنل آهي. ان کان سواءِ مدرسي متعلق هڪ اهم ۽ تاريخي دستاويز به ڏنو پيو وڃي، جيڪو 1897ع جو مدرسي بابت اشتهار آهي. هن ناياب اشتهار ۾ مدرسي جو مڪمل ۽ مفصل تعارف آيل آهي. هي پهريون ڀيرو آهي، جو هي اهم اشتهار منظر عام تي اچي رهيو آهي. اڳ ۾ ڪنهن به محقق پنهنجي تحقيقي مقالي يا ڪتاب ۾ ان جو ذڪر نه ڪيو آهي. مون ان مواد کي سالن کان ساهه سان سانڍيو آهي، ۽ هي مناسب موقعو سمجهي، ان کي شايع ڪري رهيو آهيان______م.ع.س)

خانبهادر حسن علي آفندي

        سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جو باني خانبهادر حسن علي آفندي مرحوم 1830ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد بزرگوار جو نالو ميان محمد احسان هو. هو حيدرآباد جي ”آخوند“ خاندان مان هو، جنهن جو وڏو آخوند محمد بقا ولد لعل محمد، مير فتح علي خان جي زماني ۾ حيدرآباد شهر جو قاضي هو. ”آخوند“ انهن کي سڏيو ويندو هو، جيڪي ٻارن کي پڙهائيندا هئا. مرزا قليچ بيگ مرحوم لکيو آهي ته انهن مان گهڻا ميمڻ آهن.[1]

        حسن علي آفندي مرحوم ان وقت جي دستور موجب قرآن شريف پڙهيو ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريائين پندرهن ويهن روپين تي ”جهرڪ“ ڳوٺ جي ويجهو، راڄي نظاماڻي ڳوٺ وٽ درياءَ جي پتڻ تي ”ڏاڪ منشي“ مقرر ٿيو . ان وقت درياءَ جي مختلف پتڻن تي ڪاٺيون گڏ ڪري،
ٻيڙين رستي جدا جدا شهرن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. انهن ڪاٺين کي ”ڏاڪ“ سڏيو ويندو هو. جلد ئي نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ويهن پنجويهن روپين پگهارتي منشي مقرر ٿيو. اتي جي ڪلارڪ کان واندڪائيءَ واري وقت ۾ انگريزي سکيائين. جلد ئي انگريزي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿيو. انهن ڏينهن ريلوي ڪانه هئي، ۽ سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ ”“انڊس فلاٽيلا“ نالي جهاز هلندو هو. ميان مرحوم کي ڪجهه وڌيڪ پگهار سان ان جهاز جي ڪوٽڙيءَ واري آفيس ۾ ڪلارڪي ملي ويئي. اتي هن پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن سبب چڱو نالو ڪڍيو، ۽ انگريزيءَ ۾ به وڌيڪ مهارت حاصل ڪيائين. سندس لياقت ۽ محنت کي ڏسي، ڪراچيءَ جو جج مسٽر ملٽن کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ کيس ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪراچي جو سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر ڪيائين.

        ڪورٽن ۾ هن وڪيلن جي ڪارڪردگي ڏٺي، ۽ قانوني موشگافيون ٻڌيون. ان مان گهڻو ڪجهه پرايائين، ۽ محنت ڪري انگريزيءَ ۾ به هڻي مهارت حاصل ڪيائين. قانون ۾ ايتري قدر ته ڄاڻ حاصل ڪيائين، جو مسٽر ملٽن، امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ کيس وڪالت جي سند ڏني، ۽ هو حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ مسلمان وڪيل اصل ڪونه هوندا هئا. ۽ جوابدار اڪثر مسلمان هوندا هئا. انهيءَ ڪري حسن علي مرحوم کي تمام گهڻا ڪيس ملڻ لڳا. هن به ڪيسن تي خوب محنت ڪري، وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو سرڪاري وڪيل يا پبلڪ پراسڪيوٽر ۽ گورنمينٽ پليڊر مقرر ڪيو ويو. آخر ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ لڳو، ۽ اتي پنهنجي آفيس قائم ڪيائين. انهيءَ عهدي تي 13-14 سال ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي جج آيا، جن سڀني کيس سٺا سرٽيفڪيٽ ڏنا، ۽ سندس هوشياريءَ جي تعريف ڪئي. مسٽر مئڪفرسن، جڊيشنل ڪمشنر کيس سمال ڪاز ڪورٽ جي جج جي آڇ ڪئي، پر هن اها قبول نه ڪئي.

        وڪالت ۾ هن چڱو ناڻو ڪمايو، ۽ مئڪلوڊ روڊ تي بنگلو ٺهرائي، خوشحال زندگي گذارڻ لڳو، پنهنجي خوش اخلاقيءَ سبب معاشري ۾ به پاڻ کي ڏاڍو مقبول بنايائين، جنهن ڪري عام توڙي خاص کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ مسلمان، جديد تعليم ۾ ڏاڍو پوئتي پيل هئا. کيس مسلمانن جي ترقي ۽ واڌاري جو سدائين اونو رهندو هو. هن جو خيال هو، ته مسلمان پڙهي پون، ته جيئن ٻين قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، زماني جي حالتن موجب زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي سگهن. اهو مقصد سامهون رکي، هن مسٽر ڏيارام ڄيٺمل سان گڏجي ”سنڌ سڀ“ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پر هن محسوس ڪيو ته ان مان مسلمانن کي خاصو فائدو نه ٿو ملي.

        اتفاق اهڙو ٿوي جو انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي جي ”محمدن ائسوسئيشن“ جو باني، مشهور اهل قلم ۽ بيريسٽر امير علي ڪيس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو، ان جي صلاح سان حسن علي مرحوم ڪوشش وٺي ڪراچي ۾ ”محمدن ائسوسئيشن“ قائم ڪئي، پهريائين اهو ادارو ڪراچيءَ واري انجمن جي شاخ هئي، پر جلدئي پوءِ خودمختيار اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. حسن علي آفندي مرحوم ان جو صدر ٿيو، ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جا مک ماڻهو ان جا ميمبر ٿيا. ڪراچيءَ کان سواءِ حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ان جون شاخون قائم ڪيون ويون. انهيءَ انجمن سنڌ جي مسلمانن جا اهنج دور ڪرڻ ۽ مسلمانن جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪوشش ورتي. سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽ ائڪٽ، انهيءَ انجمن جي ڪوشش سان جاري ٿيو.

        حسن علي آفندي مرحوم محسوس ڪيو، ته مسلمانن جي تعليم جي حصول لاءِ هڪ جدا اسڪول جي ضروت آهي، جنهن ۾ ديني تعليم جو به معقول بندوبست هجي. ان سان گڏ بورڊنگ به هجي، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاگرد اچي رهن. انهيءَ رٿ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. سڄي سنڌ گهمي چندا گڏ ڪيائين، ۽ سڀني ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊن کان به رقمون ڇڏايائين. نه فقط ايترو پر ان ڪم لاءِ هندستان جي ٻين شهرن جهڙوڪ: بمبئي، ڪلڪتو، مدراس، حيدرآباد دکن جا دورا به ڪيائين. مخالف ڌر سندس ڪم ۾ اٽڪاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن هر ڳالهه کي مڙس ٿي منهن ڏنو. آخر سندس ڪوششن رنگ لاتو، ۽ 1885ع ۾ بولٽن مارڪيٽ جي سامهون ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جاري ٿيو. ان جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين مقرر ٿيو. جو پنجاب کان آيل هو. ان کان پوءِ حسن علي آفندي جو فرزند ولي محمد 1887ع کان 1897ع تائين پرنسپال رهيو. هو ان کان اڳ ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول جو پرنسپال هو.

        سال 1881ع ۾ حسن علي آفندي مرحوم ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر ٿيو. سال 1891ع ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن پاران بمبئيءَ جي گورنر جي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. انهن عهدن تي رهي به هن تعريف جوڳا ڪم ڪيا. اهوڏسي سرڪار به سندس عزت ڪرڻ لڳي. سندس حسن خدمتيءَ سبب سال 1888ع ۾ کيس سرڪار ”خانبهادر“ جو خطاب ڏنو.

       سال 1875ع ۾ روس، بين الاقوامي معاهدن جي خالف ورزي ڪندي، ترڪيءَ سان جنگ جوٽي. ترڪن جي زخمي سپاهين جي مدد لاءِ حسن علي مرحوم چندو گڏ ڪري اوڏانهن موڪليو، انهيءَ ڪري ترڪي سلطان طرفان کيس ”مجيدي“ تمغو ۽ ”آفندي“ جو خطاب مليو. ان سان گڏ کيس ڪراچي ۾ ترڪي حڪومت جو سفير مقرر ڪيو ويو.

        سن 1895ع ۾ سنڌ جي هن عظيم سپوت وفات ڪئي. کيس سندس وصيعت موجب 24 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ سندس باغ ۾ دفنايو ويو. سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن شعر لکيا. مرزا قليچ بيگ مرحوم سندس وفات جي تاريخ هن طرح منظوم ڪئي آهي.

خوش گفت که ”شدبهار آخر“ هم گفت که ”رحمت خداوند“.

                1313 هه                            1313هه

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سندس وفات جي تاريخ هن طرح لکي آهي:

 چون زهاتف سنش بپر سيدم___ گفت:  نيک زمان بجنت رفت“

                                                 1313 هه

اهڙا انسان مرندا نه آهن، پر هو پنهنجي ڪارنامن سبب سدائين زندهه آهن. الله تعاليٰ جون مٿس رحمتون هجن. آمين

سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي

        سنڌ تي تمام گهڻي وقت کان مسلمان حڪومت ڪندا ٿي آيا، تان جو سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن، درپرده اها پاليسي اختيار ڪئي ته مسلمانن کي هر شعبي ۾ نظرانداز ڪيو وڃي. تعليمي پاليسيءَ ۾ به هنن اها ڳالهه قائم رکي، ته جديد تعليم ۾ مسلمانن کي پوئتي رکيو وڃي. مسلمانن کي جئين ته انگريزن کان نفرت هئي، انهيءَ ڪري هنن جديد تعليم ڏانهن توجه ڪونه ڏنو. هندن حالات مان پورو فائدو حاصل ڪيو، ۽ جديد تعليم ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ لڳا.

        مسلمانن جو اهو حال ڏسي، سن 1882ع ۾ سيد امير علي ڪلڪتي ۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن قائم ڪئي. ائسوسئيشن جي قيام جو مقصد هو، مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪوشش وٺڻ. سن 1884ع ۾ سيد امير علي هڪ مقدمي جي پيرويءَ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو، ڪراچيءَ جي مسلمانن سندس اعزاز ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو، جنهن ۾ هنن طاهر ڪيو ته سنڌي مسلمان جديد تعليم ۾ گهڻو پوئتي آهن هنن اهو به ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ هو ڪجهه ڪرڻ گهرن ٿا. سيد امير علي سندن همت افزائي ڪئي، ۽ کين مشورو ڏنو ته هو سنڌ ۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن ڪلڪته جي شاخ قائم ڪن، جنهن جي ذريعي مسلمانن لاءِ جديد تعليم جو بندوبست ڪن.

        خانبهادر حسن علي آفندي، جو اصل ۾ ذات جو ميمڻ هو، ڪراچيءَ جو هڪ مشهور وڪيل هو. هن کي سدائين مسلمانن جي ترقيءَ ۽ واڌاري جو فڪر رهندو هو. هن محسوس ڪيو ته جيستائين مسلمانن لاءِ جديد تعليم حاصل ڪرڻ جو جدا ادارو نه هوندو، تيستائين کين تعليم پرائڻ جا موقعا ملي نه سگهندا. سيد امير علي جي مشوري کان پوءِ هن انهيءَ سال ڪوشش وٺي ڪراچيءَ ۾ نيشنل محمدن ائسوسئيشن جي شاخ قائم ڪئي. ان جو بنيادي مقصد هو مسلمانن لاءِ هڪ مرڪزي اقامتي درسگاهه قائم ڪرڻ. حسن علي آفندي مرحوم جي قيادت ۾ مدرسي لاءِ هڪ بورڊ قائم ڪيو ويو.

        حسن علي آفندي مرحوم وڏي جدوجهد کان پوءِ مدرسي هلائڻ لاءِ پئسو جمع ڪيو. آخر سندس ڪوششون ڪامياب ٿيون، ۽ پهرين سيپٽمبر 1885ع تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. هي مدرسو اڳتي هلي سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي بيداريءَ جو سنگ بنياد ثابت ٿيو.

        هي مدرسو پهرايائين بولٽن مارڪيٽ جي سامهون هڪ ڪرايه جي عمارت ۾ قائم ڪيو ويو. اها جڳهه مدرسي لاءِ ناموزورن هئي، انهيءَ ڪري شاگردن کي ڏاڍي تڪليف هوندي هئي. حسن علي مرحوم ڪوشش وٺي، ميونسپل بورڊ کان 75 رپيا ماهوارڪرايه تي اها سراءِ حاصل ڪئي، جيڪا ريلوي قائم ٿيڻ کان پوءِ بيڪار پئي هئي، ان کان پوءِ شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. ته سراءِ جي سامهون هڪ ٻه منزلي عمارت ڪرايه تي حاصل ڪئي وئي.

        سراءِ جي ڀرسان ميدان هو، جنهن ۾ قديم زماني ۾ قافلا اچي ترسندا هئا. ريلوي قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو بيڪار پيو هو، حسن علي آفندي مرحوم اهو پلاٽ حاصل ڪري، مدرسي جي عمارت جي تعمير شروع ڪئي. سن 1890ع تائين مدرسي جي عاليشان عمارت، شاندار هاسٽل ۽ ٻه مسجدون ٺهي تيار ٿي ويون.

        سنڌ ۾ انهيءَ مقصد کي وسيع بنائڻ لاءِ آفندي مرحوم جي ڪوشش سان ڪراچيءَ کان سواءِ لاڙڪاڻي، سکر ۽ شهدادپور ۾ نيشنل محمدن ائسوسيئيشن جون شاخون قائم ڪيون ويون. انهن جي ماتحت سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جي نموني تي جديد تعليم لاءِ مدرسا قائم ڪيا ويا. انهن مدرسن ۾ پهريائين فقط مڊل تائين تعليم هوندي هئي، انهيءَ ڪري اتان جا شاگرد به مئٽرڪ اچي سنڌ مدرسي ۾ پڙهندا هئا، اهڙيءَ طرح هن مدرسي سنڌ ۾ جديد تعليم ڦهلائڻ لاءِ بنيادي ڪرادار ادا ڪيو.

        سرسيد احمد خان به اهڙي مقصد لاءِ عليڳڙهه ۾ هڪ درسگاه قائم ڪيو هو. حسن علي آفندي مرحوم کي، سنڌ مدرسي کي بهتر بنائڻ جو هميشه اونو رهندو هو. هن سرسيد احمد جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ به ضروري سمجهيو، انهيءَ ڪري هو سن 1888ع ۾ عليڳڙهه ويو، ۽ ڪجهه وقت اتي رهي، حالتن جو جائزو وٺي آيو. ان کان پوءِ هن مدرسي جي انتظام کي بهتر بنائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. سندس فرزند ميان ولي محمد به تعليم کاتي سان وابسته هو. هو پهريائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور جو هيڊ ماستر هو، جتي هو 8 اپريل 1887ع کان 3 آگسٽ 1887ع تائين رهيو. پر پوءِ سنڌ مدرسي جي ترقي ۽ وڌاري لاءِ سرڪاري نوڪري ڇڏي اچي مدرسي جو پرنسپال ٿيو. نو سال مدرسي جو پرنسپال ٿي رهيو، ۽ مدرسي جي واڌاري لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيائين، ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ انگريزي تعليم پرائڻ جو شوق پيدا ڪرڻ واريءَ تحريڪ کي اڳتي وڌا يائين. ان جي ڏينهن ۾ مدرسي وڏي ترقي ڪئي.

        حسن علي آفندي مرحوم ۽ سندس ساٿين جون ڪوششون ڪامياب ثابت ٿيون، ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جي نالي سان فيض جو چشمو جاري ٿيو. ان ملت جي فڪر ونظر ۾ تازگي، قلب کي عزم ۽ حوصلو ۽ جسم کي قوت ۽ توانائي بخشي. انهيءَ تحريڪ سنڌ جي مسلمانن کي نه فقط تعليمي اعتبار کان بلڪ سياسي لحاظ کان به بيدار ڪيو. قائداعظم محمد علي جناه رح به ان مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي هئي. اهو سنڌ مدرسي جو ئي فيض هو، جو برصغير پاڪ وهند جي مسلمانن کي قائد اعظم جهڙو رهنما مليو، جنهن پاڪستان بڻايو. سنڌ جي عظيم تعليم ماهر، محقق ۽ اديب شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي به هتي تعليم حاصل ڪئي. ان کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي اهم شخصيتن هن مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي، جن اڳتي هلي تعليمي، ادبي، ثقافتي، سماجي ۽ سياسي ميدانن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي وڏي خدمت ڪئي.

        اڄ به سنڌ مدرسو تعليمي اعتبار کان ممتاز ادارن ۾  شمار ٿئي ٿو. مدرسه بورڊ طرفان قائم ڪيل ٻيا ادارا جهڙوڪ : سائنس ڪاليج، سنڌ مسلم آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج، سنڌ مسلم لاڪاليج، ايس ايم سي فاطمه جناح گرلس اسڪول ۽ ايس ايم لياري هاءِ اسڪول به تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.


[1]  (مرزا قليچ بيگ: سوانح حيات خانبهادر حسن علي آفندي، سنڌي ادبي بورڊ، ص 8

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com