سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :21

سنڌ مدرسي جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين هو، جيڪو پنجاب جو رهاڪو هو ۽ پنجاب يونيوسٽيءَ جو ايم اي هو. ٻن سالن کان پوءِ خانبهادر حسن علي آفندي مرحوم جي لائق فرزند آخوند ولي محمد کي تعليم کاتي جي سرڪاري نوڪري ڇڌارائي پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جنهن نوَ سال مدرسي جي نهايت خلوص ۽ محنت سان خدمت ڪئي. انهيءَ دوران آخوند ولي محمد قانون جو امتحان پاس ڪري ورتو، جنهن ڪري حڪومت کيس ڊپٽي ڪليڪٽر، سبارڊينيٽ جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ممتازعهدي تي فائز ڪيو. 1896ع کان 1897ع تائين مدرسي جو مشهور ۽ لائق استاد مسٽر ڊي پي ڪوٽوال پرنسپال ٿي رهيو، جيڪو اڳ ۾ ۽ پوءِ مدرسي جو وائيس پرنسپال ٿي رهيو.

اشتهار:

        سن 1897ع ۾ خيرپور رياست جي وزير اعليٰ خانبهادر قادر داد خان[1] انهيءَ شرط تي مدرسي کي گرانٽ ڏيڻي ڪئي. ته آئنده مدرسي جو پرنسپال يورپي مقرر ڪيو وڃي. مدرسي جي انتظاميه اهو شرط قبول ڪري، مسٽر ”پرسي هائيڊ“ کي پرنسپال مقرر ڪيو. هو آڪسفورڊ جو ايم اي هو، ۽ فوجي قبيلي جو فرد هو. سندس ڏينهن ۾ مدرسي ۾ لازمي فوجي تربيت جو بنياد پيو.

        مسٽر پرسي هائيڊ اچڻ سان پهريون ڪم اهو ڪيو، جو سنڌي ۾ ڇهن صفحن تي مشتمل هڪ اشتهار ڇپائي عام ڪيو. هي اشتهار ڄڻ ته مدرسي جوProspectus آهي، جنهن ۾ مدرسي بابت مفصل معلومات ڏنل آهي. اهو اشتهار هو بهوهت ڏنو پيو وڃي، جنهن مان مدرسي جي انتظاميه، تعليمي شعبن، مکيه استادن جي نالن ۽ پڙهائيءَ جي طريقي جي مڪمل واقفيت ٿيندي. هي اشتهار راقم الحروف کي 1952ع ۾ هڪ جهوني سپروائيزنگ تپيدار ڏنو هو، جڏهن آءٌ تعلقي آفيس لاڙڪاڻي ۾ ڪلارڪ هوس. آءٌ انهيءَ ئي سال مئٽرڪ پاس ڪري ڪلارڪ ٿيو هوس ۽ علمي ادبي ذوق ننڍ پڻ کان هو. منهنجي ذوق ۽ تاريخ سان دلچسپي کي ڏسي سپروائيزنگ تپيدار صاحب اهو استهار تحفي طور مون کي ڏنو. ان سان آفيس جي سلپ به لڳل آهي، جنهن تي هي مضمون لکيل آهي:

        ”فردي نمبر 28

        ته سنڌ کاتي ۾ جي مسلمان رهاڪو آهن، تن جي پٽن کي انگريزي علم سيکارڻ جي نسبت ۾ ڇاپيل اشتهار.“ (ننڍي صحيح).

        معلوم ٿئي ٿو، ته هي اشتهار مختيار ڪارن کي موڪليو ويو هو، ته جيئن هو پنهنجن تپيدارن جي ذريعي ان کي سنڌ جي مسلمان ڳوٺاڻن کي پڙهي ٻڌائين، جئين هو پنهنجا ٻار سنڌ مدرسته الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلين.

        بهرحال سنڌ مدرسته الاسلام جي تاريخ جي سلسلي ۾ هي هڪ اهم ۽ ناياب دستاويز آهي، جنهن کي وڏي تاريخي حيثيت حاصل آهي. ان جي تاريخي اهميت ۽ افاديت جي مدنظر آءٌ ان کي ورهين کان ساهه ۾ سانڍيندو اچان ٿو، ۽ ان کي هن خاص موقعي تي پڌرو ڪريان ٿو، جڏهن سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي کي قائم ٿئي هڪ سئو سال گذري چڪا آهن ۽ ان جو سئو سلاه جشن 1 سپٽمبر 1985ع تي ويڏي ڌام ڌوم سان ملهايو پيو وڃي.

        مون هي اشتهار عاريتا، محترم تاج محمد صحرائي جي معرفت، سئو سالا جشن ملهائيندڙ انتطاميه جي حوالي ڪيو آهي، ته جيئن ان کي نمائش ۾ رکن، ۽ نمائش ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي واپس ڪن.

سنڌ مدرسته الاسلام جو اشتهار

ڪراچي

هن مدرسه جي مدعا آهي ته سنڌ کاتي ۾ جي مسلمان رهاڪو آهن، تن جي پٽن کي بلڪل چڱيءَ طرح انگريزي علم سيکارجي ۽ مذهبي تعليم سني ۽ شيعن جي متن موجب ڏجي.

        هن اسڪول جو جوڙجڪ هڪڙي بورڊ جي هٿ ۾ آهي، جنهن بورڊ جو پر يزيڊنٽ سنڌ جو ڪمشنر صاحب بهادر آهي ۽ جيئن ته اهو اسڪول سنڌ جي ڪنهن به ڀاڱي جي مسلمانن لاءِ آهي، تنهن ڪري مٿئين بورڊ جا ميمبر سڀئي هلنديءَ وارا سکر ماڻهو، جي سنڌ کاتي جي جدا جدا ڀاڱن ۾ رهن ٿا، سي آهن. في الحال انهيءَ بورڊ جا ميمبر هيٺيان آهن:

        ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ _____ پريزيڊنٽ

        آر جائيلس ايم. اي ____________وائيس پريزيڊنٽ

        پي ڪئڊيل آءِ سي ايس

        خان بهادر قادر داد خان سي آءِ اي (خيرپور)

        خان بهادر شيخ صادق علي (سکر)

        خان صاحب علي محمد حسن علي بي اي، ايل ايل بي

        خان بهادر خدا داد خان

        معزالدين جي. عبدالعلي

        ڊاڪٽر جي ايف مرزان (ڪراچي)

        محمد حسين وڪيل (شڪارپور)

        محمد حسين چاڳلو (ڪراچي)

        خير محمد عابداڻي (ٺٽه)

        خان بهادر غلام رسول جتوئي (مورو)

        مرزا لطف علي بيگ (حيدرآباد)

        اهو مدرسه ٻن شاخن ۾ ورهايل آهي انگريزي ۽ ورنيڪيولر. پهرين شاخ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي ميٽريڪيوليشن امتحان جي درجي تائين پڙهائي ٿئي. پرنسيپال ۽ ٻيا هيٺيان چالاڪ پاڙهيندڙ انگريزي سيکاريندا آهن:

مسٽر پرسي هائيڊ بي اي (بيليل ڪاليج آڪسفورڊ) پرنسيپال

مسٽر ڊي پي ڪوٽوال بي اي، ايل ايل بي (بمبئي) وائيس پرنسيپال

مسٽر حميدالدين بي اي (علي ڳڙه ڪاليج) فرسٽ اسٽنٽ ۽ عربڪ ٽيچر

مسٽر محمد هاشم تيجاڻي   -- ٻيو اسسٽنٽ

مسٽر پرشوتم امرسي         --  ٽيو اسسٽنٽ

مسٽر ڪي علي محمد                -- چوٿون اسسٽنٽ

مسٽر عبدالحق                        -- پنجو اسسٽنٽ

مسٽر محمد پير محمد                --  ڇهون اسسٽنٽ

مسٽر دلاور علي                       -- ستون اسسٽنٽ

فارسي پاڙهيندڙ مولوي الهه بخش محمد شاهه

        ورنيڪيولر شاخ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، يعني سنڌي، اردو ۽ گجراتي. انهن ڀاڱن ۾ بمبئي سرڪار جي منظور ٿيل ورنيڪيولر درجن جي چوٿين درجي تائين ڇوڪرن کي تعليم ملندي آهي.

        ورنيڪيولر جي چوٿين درجي جي پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪرا انگريزي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيندا آهن. ورنيڪيولر شاخ جا پاڙهيندڙ هيٺيان آهن:

      سنڌي

                مسٽر احمد مراد               --  هيڊ ماستر

                مسٽر عبدالحق                --  پهريون نائب

                مسٽر عبدالله          --  ٻيو نائب

                مسٽر عبدالزاق         --   ٽيون نائب

                مسٽر عبدالمجيد              --  چوٿون نائب

      گجراتي

                مسٽر لالجي           -- هيڊ ماستر

                مسٽر ايڇ فقير محمد --  پهريون نائب

                مسٽر هير جي                 --  ٻيو نائب

                مسٽر ڪليانجي               -- يو نائب

                مسٽر وسرام           --  چوٿون نائب

      اردو

                مسٽر محمد باني             -- هيڊ ماستر

                مسٽر ملڪ محمد             --  پهريون نائب

                مسٽر غلام محمد             -- يو نائب

                مسٽر نظام الدين             --  ٽيو نائب

                مسٽر ابراهيم          --  چوٿون نائب

        هن اسڪول سان ٻه مسجدون ملحق ٿيل آهن، هڪڙي سني ماسترن ۽ ڇوڪرن جي لاءِ ۽ ٻي شيعن جي لاءِ سني ۽ شيعا مولوي نه رڳو هر هڪ ڪلاس کي مذهبي تعليم ڏين ٿا، پر سڀني ڇوڪرن کي سڀڪنهن جمع جي ڏينهن جڏهن سڀيئي ٻنهي مسجدن ۾ گڏ ٿيندا آهن، و عظ به ڪندا آهن.

        تمام ننڍن ڇوڪرن لاءِ خاص قرآن شريف پاڙهڻ لاءِ هڪ خاص ڪلاس ٺهيل آهي ۽ پهرين چئن درجن وارن ڇوڪرن کي واڍڪو ڪم سيکاريندو آهي. هن ڪم جي نگهباني ڊرائنگ ماستر مسٽر ٺاڪر ڪندو آهي ۽ گهڻو ڪري پرنسپال به نظر داري ڪندو آهي.

        ورنيڪيولر شاخ جي سڀڪنهن ڪلاس ۾ بمبئي جمنيشن مان پاس ٿيل استاد هفتي ۾ ٻه دفعا ڊرل ڪرائيندو آهي. جڏهن ڪو به ڪلاس ڊرل ڪندو آهي، تڏهن انهيءَ ڪلاس جو ماستر به مٿين استاد کي مدد ڏيڻ لاءِ هميشه حاضر رهندو آهي ۽ پرنسيپال گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو هر هڪ ڪلاس کي ڊرل ڪندو ڏسندو آهي. جمنيشن سڄي اسڪول لاءِ کليل آهي ۽ ڇوڪرن کي انهيءَ راند ڪرڻ لاءِ همتائبو آهي. مسلمان شاگردن کان سندن تعليم لاءِ هيٺ لکيل نرخ پٽاندر في وٺڻ ۾ ايندي آهي:

انگريزي شاخ

درجا 1- 2- 3          8 آنا در مهينو

درجو 4                 12 آنا در مهينو

درجا 5 ۽ 6            هڪ رپيو در مهينو

درجو 7                 ڏيڍ رپيو در مهينو

ورنيڪيولر شاخ

درجا 1 ۽ 2 ۽ ٻارن جو ڪلاس 2 آنا در مهينو

درجا 3 ۽ 4            4 آنا در مهينو

شاگرد، جي مسلمان نه آهن، سي ٿورو وڌيڪ فيئون ڀرين ٿا.

مٿين فيئن کان سواءِ شاگردن کي اسڪول جي ڪرڪيٽ ڪلب لاءِ سڀڪنهن مهيني ٿورو چندو ڏيڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪلب جو ڪم ڪار پرنسيپال ۽ مسٽر عبدالحق ۽ ٻيا ڪيترا ماستر سنڀاليندا آهن، جي چوڪرن سان راند ڪندا آهن ۽ انهن کي اها راند سيکاريندا آهن.

بورڊنگ هائوس

(يعني کاڌي ۽ ٽڪڻ جي جاءِ)

        هن مدرسه سان ملحق شاگردن جي کاڌي ۽ ٽڪڻ لاءِ هڪڙي جاءِ، جنهن کي ”بورڊنگ هائوس“ چوندا آهن، جوڙي ويئي آهي. جن ڇوڪرن جا گهير ڪراچيءَ کان پري آهن، سي انهيءَ جاءِ ۾ ٽڪندا آهن. انهيءَ بورڊنگ هائوس ۾ 80 ڇوڪرا رهي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن گهرج ٿي ته ڪيترن ئي ڇوڪرن لاءِ جاءِ جو بندوبست ڪري سگهبو ۽ هيٺيان نرخ رهڻ ۽ کائڻ لاءِ وٺبا آهن:

پهرئين درجي جا بورڊر

پهرئين درجي جا بورڊر                15 روپيا در مهينو

ٻئي    ”               “       10 روپيا در مهينو

درمياني ”              “       ساڍا ست روپيا در مهينو

ڪئي ”               “       5 روپيا در مهينو

        بورڊر، جي وڏيون فيئون ڏين ٿا، تن کي کاڌو ۽ سامان وڌيڪ چڱي قسم جو ملي ٿو. مٿين فئين ۾ کاڌي، رهڻ، روشنائي، نوڪرن ۽ ڌوئارڻي وغيره جو خرچ اچي وڃي ٿو، پر سڀڪنهن بورڊر کي ڪپڙا ۽ بسترا، پنهنجا پاڻ موجود ڪرڻ گهرجن ۽ ڪتاب به پنهنجا پاڻهين وٺندا، جن جي قيمت هڪڙي روپئي کان زياده نه ٿيندي انهيءَ بورڊنگ هائوس ۾ فري بورڊرن جو مقرر ڪيل تعداد يعني سنڌ کاتي جي هر هڪ تعلقي مان هڪڙو ڄڻو ٿئي، اهو ٽين درجي جو بورڊر ٿيندو. فري بورڊريءَ لاءِ درخواستون، جنهن ڊويزن ۾ درخواست ڪندڙ رهندو هجي تنهن ڊويزن جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب بهادر جي معرفت پرنسيپال ڏي موڪلڻ کپن. انهيءَ بورڊنگ هائوس ۾ هڪڙو مولوي رهي ٿو، جو ڏينهن ۾ پنج دفعا نماز پڙهائيندو آهي ۽ نماز پڙهڻ وقت سڀڪنهن بورڊر جو حاضر هئڻ فرضي آهي.

        بورڊرن جي احتياجن جي پورائي بورڊنگ هائوس جو سپرنٽينڊنٽ مسٽر نورالدين ڪندو آهي ۽ پرنسيپال به، جوڪ بورڊنگ هاﺆس جو سڀڪو ڀاڱو روز ڏسندو آهي ۽ هيءَ به نظر ڪندو آهي ته بورڊرن کي برابر کاڌو ملي ٿو ۽ پوري خاطرداري ٿئي ٿي. مسٽر حميدالدين، جو بورڊنگ هائوس ۾ رهندو آهي ۽ مسٽر لوڌي، اهي ٻئي ڇوڪرن جي نگهبانيءَ ۾ مدد ڪن ٿا. بيماريءَ جي حالت ۾ بورڊرن کي دوا دارو ڊاڪٽر جي ايف مرزا، جو مدرسه بورڊ جو هڪڙو ميمبر آهي، سو ڪندو آهي ۽ جنهن جون فهمائشون سپرنٽينڊنٽ خبرداريءَ سان بجا آڻيندو آهي.

        پرنسيپال سڀڪنهن ڇوڪر وٽ روز ويندو آهي ۽ ڏسندو آهي ته ڊاڪٽر جي حڪمن جي پوريءَ طرح بجا آوري ٿئي ٿي يا نه.

        سڀڪنهن بروڊر کي هڪڙي ڪوٺي ملي ٿي، جنهن ۾ هو پڙهندو ۽ سمهندو آهي، پر سڀني وقتن جا کاڄ سپرنٽينڊنٽ جي حاضريءَ ۾ سڀئيي هڪ هنڌ گڏ کائيندا آهن، جو ڏسندو آهي ته طعام پوريءَ خاصيت جو آهي ۽ ڇوڪرن جي هلت چلت پوري آهي يا نه.

        آچر جي ڏينهن مدرسو بند رهندو آهي ۽ جمعي جي ڏينهن ٻارهين لڳي جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ موڪل ملندي آهي، مدرسو اڌ ڏينهن بند رهندو آهي. هڪڙي نه ٻيءَ خميس جي ڏينهن اڌ ڏينهن راند ڪرڻ لاءِ انگريزي شاخ کي ۽ ڏيهي زبان جي شاخن کي واري واري سان موڪل ملندي آهي.

        مدرسو سياري جي تعطيل ۾ بند ٿيندو ۽ جنوري سن 1898ع جي 17 تاريخ وري کلندو ۽ مئي جي پڇاڙيءَ سوڌو پڙهائي ٿيندي. وري ٽيهن ڏينهن جي تعطيل ٿيندي ۽ وري پڙهائي  شروع ٿي ڊسمبر جي پڇاڙيءَ سوڌو هلندي.

        مدرسي ۾ داخل ٿيڻ جي درخواست پرنسيپال کي يا اسسٽنٽ سيڪريٽري مسٽر لوڌي کي ڪئي وڃي.

 پرسي هائيڊ

پرنسيپال مدرسته الا سلام سنڌ                      ڪراچي

                                            29 نومبر 1897ع

بهم جو ڀڙو/ ڳاڙهو ڀڙو

(سنڌ جي قديم تهذيب جو دفن گاهه)      قريشي حامد علي خانائي

        آثار قديمه وارن جي طرفان سنڌ جي چند مکيه قديم آثارن جي جيڪا به هن وقت تائين کوٽائي ڪرائي وئي آهي، سو پنهنجي جاءِ تي هر طرح قابل ستائش آهي. انهن کوٽاين جي ذريعي برآمد ٿيل قديم آثارن جي ظاهر ٿيڻ سان آثار قديمه وارن دينا کي سنڌ جي ان قديم دور جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي ورثي کان روشناس ڪرايو آهي. ساڳئي وقت انهن قديم کنڊرن جي کوٽائيءَ اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي سنڌو ماٿريءَ جو دفن ٿيل تهذيب ۽ تمدن جو اهو خزانو دراصل انسان تاريخ جو سڀ کان وڌو قيمتي سرمايو آهي. ائين چوڻ ۾ ڪو به مبالغو ڪونهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب برصغير هندو پاڪ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ سڀ کان اهم ۽ مکيه درجو رکي ٿي، بلڪ ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي تهذيب انساني تهذيب جو هڪ بنيادي پٿر آهي.

        تاريخ جي درو کان اڳ واري انسان، هن موجوده دور جي انسان لاءِ ڪنهن به قسم جو اهڙو تحريري مواد ڪو نه ڇڏيو آهي، جنهن مان ان قديم دور جي تهذيب وتمدن، معاشرتي ۽ معاشي حالتن ۽ حقيقتن جو يقين سان ڪو به خاطر خواهه احوال ملي سگهي، پر ان هوندي به انهن جيڪي ڪجهه پونئين دور جي انسانن لاءِ اهڃاڻ ۽ نشان ڇڏيا آهن، انهن کي ڏسي ان دور جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ ۽ پروڙ حاصل ڪري سگهجي ٿي، ۽ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته ان قديم زماني جو انسان ڪيتري قدر نه مهذب ۽ متمدن هو. تاريخ ساڳئي وقت اهو به ٻڌائي ٿي ته دنيا جون اڪثر ڪري سڀئي پراڻيون تهذيبون درياهن ۽ انهن مان نڪرندڙ ماخن جي ماٿرين ۾ ئي وجود ۾ آيو ۽ اهڙيءَ طرح سان انهن تهذيبن پنهنجي ترقيءَ جون سڀ منزلون طي ڪيون.


[1]  خانبهادر قادر داد خان پٺاڻن جي ڪاڪڙ قبيلي مان هو. سن 1846ع ۾ تولد ٿيو. هن شڪارپور مان پارسي ۽ ٿوري عربي تعليم حاصل ڪئي. تعليم، پرائي شڪارپور جي ڪليڪٽر وٽ منشي ٿيو، ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ اڃا پارسي دفتري زبان طور رائج هئي. پنهنجي ذهانت سبب انگريزي سکي ويو، ۽ جلد ئي ”هائر“ به پاس ڪري ويو. پنهنجي محنت سان ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. 19 سال ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو. 1894ع ۾ کيس خيرپور جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو. 1892ع ۾ خانبهادر جو لقب مليو ۽ بعد ۾ سي آءِ اي جو پڻ اعزاز ڏنو ويو 31 مئي 1903ع تي وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com