سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :22

دنيا ۾ هن وقت تائين جيڪي به اثار قديمه وارن اڳئين زماني جا پراڻا ڀڙا، دڙا ۽ شهرن جا کنڊر کوٽايا آهن، سي گهڻي قدر درياهن ۽ سندن شاخن تي آباد مليا آهن. اهڙيءَ طرح سان سنڌ جا قديم آثار پڻ سنڌو درياهه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي ڪنارن جي وٽ سان ئي مليا آهن در اصل سنڌو درياهه، سنڌ جي حيات جو وڏو ڪارڻ رهيو آهي. سنڌوءَ، سنڌ جي ڪيترن اهم دورن جي تهذيب کي جنم ڏنو آهي ۽ انهن مڙني تهذيبن کي پنهجي سيني ۾ باقي ايندڙ دنيا جي انسانن جي عبرت لاءِ سيني ۾ سانڍيو آهي.

        قديم دور ۾ سنڌ جا اڪثر ڪري سڀيئي اهم ۽ مرڪزي شهر، قلعا ۽ ڪوٽ گهڻي قدر سنڌو درياهه جي ڪناري سان آباد ڪيل هئا. انهن جي آباديءَ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو هو، جو جنهن هنڌ اها بستي ۽ شهر آباد ڪيو ويندو هو، ته سڀ کان پهريائين اهو ڏسندا هئا ته انهيءَ هنڌ جي آسپاس وارو علائقو زرخيز ۽ شاداب هجي ۽ انساني ضرورتن جون سڀئي گهرجون سولائيءَ سان ميسر ٿي سگهن. ساڳئي وقت آمدرفت ۽ وڻج واپار جا ذريعا به آسان هجن، انهيءَ لحاظ سان درياهن وٽ وارا علائقا سڀ کان وڌيڪ موزون ڪري سمجهيا ويندا هئا، انهيءَ ڪري سنڌ جي قديم رهاڪن وڏا شهر، قلعا، ڪوٽ ۽ بستيون سنڌوءَ جي ڀڪ سان آباد ڪيا هئا، سنڌ جي انهيءَ قديم تهذيبي ۽ تمدني ورثي مان اها ساک ٿي ملي ته جڏهن دنيا ۾ هر طرف کان جهالت ۽ اونداهي ڇانيل هئي ته عين انهيءَ وقت سنڌ ۾ هڪ عظيم تهذيب ۽ تمدن جو سج روشن هو، جنهن جي شعاعن سموريءَ دنيا کي منور پئي ڪيو.

        سنڌ پر ڳڻي جي نواب شاهه ضلعي کي اهو فخر حاصل آهي ته ان جي سرزمين ۾ هزارين سالن جي جيڪا تهذيب ۽ تمدن مدفون آهي، سا موهن جي دڙي واريءَ تهذيب جي همعصر هئي. ”بنهم جو ڀڙو“ پڻ نواب شاهه ضلعي جي اهڙي  قديم ۽ متمدن شهرن مان هڪ هو. نواب شاهه تعلقي ۾ ”ٻانڌي“ شهر جي ڏکڻ ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي ”مين ريلوي لائين“ ۽ ”آمر جي واهه“ جي وچ ۾ ”بهم جو ڀڙو“ واقع آهي، جنهن هيٺ هڪ قديم شهر جا آثار دفن ٿيل آهن. هن ڀڙي کي اتان جا مقامي ماڻهو ”ڀڙو بهم“ ”ڀڙو ڀنگو“ ۽ ”ڳاڙهي ڀڙي“ وغيرهه جي نالن سان سڏين ٿا ”ڳاڙهو ڀڙو“ شايد انهيءَ ڪري سڏجڻ ۾ اچي ٿو، جو سمورو ڀڙو پڪين ڳاڙهين سرن جي ٽڪرن، ٽوٽن ۽ ڳاڙهي مٽيءَ جي ڍير سان سٿيو پيو آهي.

        سرڪاري روينيو رڪارڊ موجب هن ڀڙي جي ايراضي اٽڪل چاليهه ايڪڙن ۾ آهي. هن جي چوگرد زرعي زمينون آباديءَ هيٺ آهن. ڀڙي جي سر اتر ۾ ”عبدالرزاق جماليءَ“ جو ڳوٺ آهي. مقامي لفظن ۾ ”ڀڙو بهم“ جو مطلب آهي، ”غير معروف دڙو“  سن 1961م جي آدمشماري واريءَ ضلعي رپورٽ ۾ هن ڀڙي جو نالو ”ڀڙو ڀنگو“ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. ليڪن تاريخي لحاظ کان هن ڀڙي جو نالو ”بهم جو ڀڙو“ وڌيڪ ٺهڪي اچي ٿو.

        آثار قديمه وارن جي محڪمي طرفان هن پراڻي ڀڙي جي ڪنهن به نموني ۾ باقاعده سروي ڪانه ڪئي ويئي آهي، ليڪن هن ڀڙي جي آثارن مان اهو صاف پيو معلوم ٿئي ته انهيءَ ڀڙي جي هزارين مڻ ڳاڙهي مٽيءَ هيٺ هڪ وڏو تباهه ٿيل شهر آهي. اتان جا مقامي ماڻهو جيڪي عجيب و غريب ڳالهيون ۽ روايتون بيان ڪن ٿا، تن مان پڻ اهو واضح ٿئي ٿو ته ڪنهن سمي انهيءَ هنڌ ضرور ڪا وڏي وسندڙ انساني آبادي موجود هئي. خبر ناهي ته اهي ڪهڙا سبب آهن، جن جي ڪري آثار قديمه وارن هن ڀڙي جي طرف ايترو توجه نه ڏنو آهي. اسان کي اتي جي ماڻهن کان اهو به معلوم ٿيو ته ڪجهه وقت لاءِ آثار قديمه وارن هن ڀڙي جي سنڀال لاءِ هڪ چوڪيدار به مقرر ڪيو هو، پر ٻن ٽن مهينن جي عرصي کان پوءِ اهو سلسلو بند ڪيو ويو.

        هي ڀڙو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هن جو سڀ کان وڌيڪ اهم حصو اتر وارو ڀڙو آهي، جو اٽڪل پنجويهن ايڪڙن جي ايراضي ۾ ڦهليل آهي ۽ ان جي اوچائي چوگرد واريءَ زمين جي سطح کان ڏهن فوٽن تائين آهي. باقي ڏکڻ وارو ٻيو حصو پندرهن ايڪڙن جي ايراضيءَ جو ٿيندو ۽ ساڳئي اوچائيءَ تي آهي. انهي ڀڙي جي ٻنهي حصن جا سطح ڀڳل ٽٽل ٺڪر جي ٿانون، ٺڪرين ۽ پڪين سرن جي ٽڪرن ۽ ٽوٽن سان سٿيا پيا آهن ۽ صدين گذرندي ان جي مٿان واري ۽ لٽ چڙهي وئي آهي. پڪين ڳاڙهين سرن ۽ ٿانون جي ڳاڙهي مٽيءَ ڪري مٿيون تهه اڪثر ڳاڙهو پيو ڏسڻ ۾ اچي. آسپاس جي ڳوٺاڻن خزاني جي هٿ اچڻ جي لالچ ۾ هن ڀڙي سان وقت بوقت ڏاڍي جٺ پئي ڪئي آهي. انهي دوران ڪن کي سون، پتل، جست جا ٽڪر ۽ ڪجهه سڪا ۽ ماڻهن جا هڏا ۽ سسيون به هٿ آيون آهن. انهيءَ کانسواءِ آسپاس جي هارين پنهنجين ٻنين ۾ اتان مٽي کوٽي، ڀاڻ طور استعمال پئي ڪئي آهي. ”بهم جي ڀڙي“ مان جيڪي ڪجهه اسان کي هٿ آيو آهي يا ڏسڻ جو موقعو مليو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ هن ڀڙي جي باري ۾ مفصل روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

(1) ٺڪر جا ٿانو ۽ ٺڪريون؛

        هونئن ته ٺڪر ۽ ٺڪريون عام طرح سان ماڻهو روزمره زمين تي پيل پيو ڏسي، مگر انهن کي ايتري اهميت ڪانه ٿي ڏني وڃي پر اهي ٺڪر ۽ ٺڪريون آثار قديمه جي ماهرن جي نزديڪ وڏي حيثيت ۽ اهميت واريون آهن. دراصل اهي ٺڪر ۽ ٺڪريون ئي آهن، جن جي ذريعي هڪ مورخ، تاريخ جي اهم دورن جي ڪڙين کي پاڻ ۾ ملائي ڪو نتيجو اخذ ڪري سگهي ٿو. انهن ٺڪرين تي تحرير ٿيل اکرن ۽ نقش نگارن مان قديم دور جي تاريخ مرتب ۽ متعين ڪئي وڃي ٿي. انهن جي بناوٽ، نقاشي، مضبوطي ۽ ٿلهائي وغيره، مطلب ته هر نموني ۾ انهن جي ذريعي پراڻي دور جي تاريخ گڏ ڪري سگهجي ٿي. سنڌو ماٿريءَ کي اهو وڏو شرف حاصل آهي جو هتان جي رهاڪن مٽيءَ جي ٿانون جي شڪل ۾ ايترو ته تاريخي سرمايو ڇڏيو آهي جو انهن جي ذريعي ان دور جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب ۽ تمدن ۽ ثقافت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ اهو به ٻڌائي سگهجي ٿو ته اهي تهذيب ڪهڙي دور جي آهي.

        اهي مٽيءَ جا برتن جنهن به هنڌان ملن ٿا ته ان لاءِ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهي ضرور انهيءَ هنڌ تي ٺاهيل هوندا ۽ اهڙيءَ طرح سان اهي پنهنجي دور جي صحيح نموني ۾ ترجماني به ڪري سگهن ٿا. ان قديم دورن جون باقي ٻيون شيون، ٻاهرين حملي ڪندڙن جي ڦرلٽ ۽ تباهڪارين سبب اسان جي اکين اڳيان اچي نه سگهيون آهن پر مٽيءَ جا ٿانو اهڙا آهن جي زماني جي حادثن ۽ انقلابن کانپوءِ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ به هٿ اچي سگهن ٿا. اهي مٽيءَ جا برتن سنڌو درياهه جي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيا ويندا هئا، جنهن ۾ قدرتي طور چُن ۽ ابرڪ جا جزا مليل ٿين ٿا. مٽيءَ جي انهن ٿانون کي سنڌ جا هنرمند ڪنڀر چڪ تي چاڙهيندا هئا ۽ ان جو رواج اڄ به سنڌ ۾ عام جام آهي. سنڌ جي پراڻن تباه ٿيل شهرن مان ماهرن کي اهڙيون ڪيتريون ئي ڪنڀرن جون آويون هٿ آيون آهن. جن ۾ اهي مٽيءَ جا برتن ۽ رانديڪا باهه ۾ پچايا ويندا هئا. مٿن رنگائي جو ڪم به ٿيل ملي ٿو. انهن تي چٽ ۽ گل پڻ ڪڍيا ويندا هئا. گهري ڪاري رنگ يا ڪاراڻ مائل ڳاڙهي مصالحي جو تهه به ڏنو ويندو هو. ٿانون تي جانورن جهڙوڪ ڍڳي ۽ ديوتائن جون مورتيون پڻ نقش ڪيون وينديون هيون. ٿانون کانسواءِ مٽيءَ مان ٻيون به ڪيتريون شيون ٺاهيون وينديون هيون، جهڙوڪ ڦيٿا، چوڙا، ديوين ۽ ديوتائن جا مجسما وغيره.

        اهڙيءَ طرح سان سنڌ جي هن قديم شهر ”بهم جي ڀيڙي“ مان ڪيتريون ئي ٺڪر جون اهڙيون شيون ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ مليون آهن، جي قديم تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪن ٿيون. مقامي ڳوٺاڻن جي کوٽائي ڪرڻ سبب يا زوردار بارشن پوڻ ڪري ڀڙي جي سطح تان اهڙا ٿانون جا ٽڪر مليا آهن، جن تي گلڪاري واري ڊزائين نقش ٿيل آهي. اهڙي ساڳئي قسم جا برتن سنڌ جي ٻين پراڻين کنڊرن مان پڻ مليا آهن پر اهي گهڻي قدر صحيح ۽ ثابت حالت ۾ آهن، مگر بهم جي ڀڙي وارا ٿانو ڳوٺاڻن جي غلط نموني ۾ ڪيل کوٽائيءَ سببان ڀڳل ٽٽل حالت ۾ دستياب ٿيا آهن.

        بهم جي ڀڙي مان جيڪي ٺڪر جي برتنن جا ٽڪر هٿ اچن ٿا، تن جي بناوٽ ڏاڍي سهڻي ۽ مضبوط آهي. انهن ٿانون تي ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جي گلڪاري ٿيل آهي. ڪن ڪن ٺڪرين تي جاميٽريءَ جا انگڙ ونگڙا نقش پڻ چٽيل آهن. ان کانسواءِ مختلف ڳاڙهي ۽ پيلي رنگ جا ٽڪرا پڻ ڀڙي جي سطح تان هٿ آيا آهن. انهن مان ڪي اهڙا آهن جن تي وري مصوري ۽ چٽسالي پڻ نظر اچي ٿي پر انهن ۾ ڳاڙهسرو ۽ ڪارو رنگ به استعمال ٿيل ڏسڻ ۾ پيو اچي. ڪن ٿانون جي ڪنارن تي سوراخ آهن جن مان ڪي جهڪيل ۽ ڪي وري اڀريل چٽن وانگر نظر ۾ پيا اچن پر انهن جو رنگ ڀورو آهي. ٿانو سنهي قسم جا آهن، جن جي ڳچيءَ کي ڳاڙهو ۽ ڀورو رنگ لڳل آهي باقي اندر چاڪليٽي رنگ صاف طرح سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي ساڳئي نموني جا ٿانو ”آمريءَ“ جي کنڊرن مان به ماهرن کي مليا آهن. ”آمريءَ“ مان مليل مٽيءَ جا پڪل ٿانو سنها، ڳاڙهي ۽ ڀوري رنگ جا چاڪليٽي روغني آهن ۽ جاميٽريءَ وارا انگڙا ونگڙا نقش پڻ انهن تي چٽيل آهن. ”موهن“ ۽ ”هڙاپا“ جي دڙن مان به ماهرن کي نس پس اهڙائي برتن هٿ آيا آهن.

           ”بهم جي ڀڙي“ وارو شهر سنڌو درياهه جي ڪناري تي هو ۽ هتان جا قديم رهاڪو مٽيءَ جي برتنن ۽ ٻين شين جي ٺاهڻ جا وڏا ماهر هئا پر اسان جو گمان قوي آهي ته بهم جي ڀڙي وارا مٽيءَ جا برتن ”موهن جي دڙي“ واريءَ تهذيب کان به گهڻو اڳ جا آهن. جاميٽريءَ جي انگڙن ونگڙن وارا ٿانو، آثار قديمه جي ماهرن کي ”ميسوپوٽيميا“ مان به مليا آهن. جيڪڏهن آثار قديمه وارا هن ڀڙي ڏي پورو توجهه ڏين ۽ ان کي جديد سائنٽفڪ نموني ۾ کوٽائي ڪرائين ته ممڪن آهي ته اهڙي مٿئين قسم جا مٽيءَ جا برتن صحيح ۽ سالم حالت ۾ به هٿ اچي سگهن، چئن ٻين کنڊرن مان مليا آهن. ان کانپوءِ ئي ڪا وڌيڪ صحيح ۽ مستند راءِ هن ڀڙي جي تهذيب لاءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. بئنرجي جو ڪهڙو نه صحيح رايو آهي ته، ”سنڌو ماٿر جي مٽيءَ جا برتن دنيا جي تهذيب جو وڏو شاهڪار آهن.“ ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر مئڪي جو پڻ رايو آهي ته، ”خود مصر ۽ رومن جي زماني کان به اڳ سنڌ ماٿر جي مٽيءَ جي ٿانون جهڙا ٿانو نامعلوم هئا.“ بهرحال ”بهم جي ڀڙي“ وارن ٺڪر جي ٽڪرن ۽ ٽوٽن کي ڏسڻ مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڀڙي واري تهذيب هزارين ورهين واري تهذيب آهي ۽ اهو مٽيءَ جي ٺڪر وارو فن ۽ ڪاريگري سنڌ ۾ عروج تي هو.

(2). جاين ۾ ڪتب آيل سرون ۽ قلعي بندي

        سنڌ جي پراڻين ۽ قديم بستين جي کوٽائيءَ مان آثار قديمه جي ماهرن کي جيڪي اڳئين زماني جون جايون ۽ سرون مليون آهن تن مان ماهرن جو خيال آهي ته قديم زماني جا رهاڪو پڪين سرن جي ٺهيل جاين ۾ رهندا هئا. ان مان اهو گمان ٿئي ٿو ته اڳئين زماني ۾ سنڌ جي آبهوا گهميل هوندي هئي. مٽيء ۽ گاري سان سرون لتيون وينديون هيون. ديوارين کي رنگ روپ پڻ ڏنو ويندو هو. سرون ٿلهيون، سنهيون، گول ۽ اڌ گول واريون به استعمال ۾ آڻيندا هئا. نالين ۽ ڪسين جي اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ سرن کي وري چن ۽ ريتيءَ سان لتيو ويندو هو.

        ساڳئي وقت پڪين سرن مان جڳهين جوڙائڻ مان اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته ان قديم زماني ۾ يعني اٽڪل پنج-ڇهه هزار سال ق-م اڳ سنڌ ۾ گهڻي برسات پوندي هئي ۽ ماڻهن جي معاشي حالت بهتر هئي. ”بهم جي ڀڙي“ جي اترئين حصي مان ڳوٺاڻن جي مٽي کوٽي ڪڍڻ سببان قلعي جي ديوار جا آثار صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اڳئين زماني ۾ هن بستيءَ کي چوگرد پڪين سرن جو هڪ مضبوط قلعو دشمن جي حملي کان بچاءَ لاءِ هو. انهيءَ قلعي جا آثار هيڪاري اسان جي گمان کي قوي ڪن ٿا ته انهيءَ ڳاڙهي مٽيءَ جي هزارين مڻن هيٺ هڪ خوبصورت ۽ وڻندڙ شهر آباد هو. ان پڪي قلعي جا ڪجهه نشان وري ڏکڻ-اولهه واري ڪنڊ کان به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان قلعي جي ديوار ۾ جيڪي پڪيون سرون استعمال ڪيل آهن، تن جي ماپ12”x19”x2”  آهي. قلعي جي ديوار تي ٿورين  ٿورين وٿين تي اڌ گول جا برج ٺهيل آهن، جن جا آثار پڻ صاف نظر پيا اچن. قلعي جي اترئين اوڀارئين ڪنڊ تي دروازي جا نشان به ملن ٿا. انهن سرن جي پختگي ۽ ٿولهه ”سپڙ ماڙي“ ۽ ڀنڀور جي قلعي ۾ ڪتب آندل سرن جهڙي آهي. فرق صرف اهو آهي، جو ڀنڀور جي قلعي ۾ ڪم آيل سرون پٿر جون آهن.

        سر مارٽيمر وهيلر انهيءَ قديم دور جي قلعي بندي جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جي اها عادت هوندي هئي ته هو قلعن ۽ ڪوٽن ۾ رهندا هئا ۽ انهن قديم قلعي بند بستين تي آرين حملا ڪيا هئا. انهن آبادين لاءِ ”رگ ويد“ ۾ ”پور“ جو لفظ به آيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته قلعو يا چوگرد ڀتين اندر ماڻهن جي رهڻ جي بستي“.

        قديم سنڌ واسين جي آثارن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جا رهاڪو قلعي بندي مان پوريءَ طرح سان واقف هئا. لاڙڪاڻي ضلعي جي ”علي مراد“ ۽ ”ڀنڀور“ جي کنڊرن مان اهڙا پٿر جي قلعن جا ڪافي آثار مليا آهن، جن ۾ پٿر جون سرون ڪنتب آنديون ويون آهن. ليڪن اهي قديم آثار سنڌ جي اولهه ۽ جابلو حصي ۾ آهن، جنهنڪري ان قديم دور جي رهاڪن کي پٿر آسانيءَ سان ملي سگهيو ٿئي. باقي ”بهم جو ڀڙو“ واري بستي سنڌو ماٿر جي ميداني علائقي ۾ هئي، جتي چيڪي مٽيءَ کانسواءِ پٿر جو آسانيءَ سان ملڻ مشڪل هو. قديم دور جي انهن قلعن ۽ ڪوٽن مان ڪيترا وري اهڙا به قلعا ۽ ڪوٽ هئا، جي صرف موسمي برساتن، درياهي ٻوڏن يا دشمن جي ڪاهن کان حفاظت لاءِ تعمير ڪرايا ويندا هئا.

        تاريخ ۾ اچي ٿو ته اهڙن قلعن ۽ ڪوٽن تي آرين حملا ڪري کين تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري آرين پنهنجي ديوتا ”اندر“ کي ”پورم ودرا“ يعني قلعن جو ڀڃيندڙ ڪري سڏيو آهي. ممڪن آهي ”بهم جي ڀڙي“ وارو قلعو به انهن قديم قلعن مان هڪ هجي!.

(3). رانديڪا، ڪوڏ ۽ سپيءَ واريون شيون.

        ٺڪر جي ٿانون ۽ سرن جي ڀڳل ٽڪرن ۽ ٽوٽن کانسواءِ ڀڙي جي سطح تان ٻيون به ڪيتريون راند ڪڏڻ جون شيون مليون آهن. ڀڳل چوڙين جا ٽڪرا، جانورن جي هڏن مان ٺهيل راند ڪرڻ جون شيون، سپي ۽ ڪوڏ مان جڙيل رانديڪن جا ٽڪرا پڻ هٿ آيا آهن. ڪن چوڙن جا ٽڪرا، ڪوڏ ۽ سپيءَ جا ٺهيل آهن. راند ڪرڻ جون ننڍڙيون مٽيءَ جون گاڏيون، ”موهن جي دڙي“ مان مليل گاڏين جهڙيون دستياب ٿيون آهن. ڪوڏ ۽ سپيءَ مان ٺهيل شيون اڪثر ڪري اهڙي هنڌان ملن ٿيون، جتي زمين جو رنگ اڪثر ڪارو آهي. ننڍڙن ٻارن جي راند ڪرڻ جون جستي گوليون به مليون آهن، جن جي بيهڪ ۽ جوڙجڪ ڏاڍي سهڻي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. اهڙي ساڳئي قسم جا چوڙا ۽ مٽيءَ جا رانديڪا آثار قديمه وارن کي ”منصوره-برهمڻ آباد“ جي کنڊرن مان به هٿ آيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن زوردار برساتن پوڻ ڪري هتان جي ڳوٺاڻن کي ڪٺ، ٽامي، پتل، سپي ۽ عاج وغيره جا ٽڪرا ۽ انهيءَ قسم جو ٻيو سامان به لڀجندو آهي. هتان مٽيءَ جا مڻڪا به هٿ آيا آهن. پراڻي زماني ۾ سنڌو ماٿر جي قديم کنڊرن مان اڪثر پٿر، سون ۽ چانديءَ سان گڏ مٽيءَ جي مڻڪن ٺاهڻ جو به گهڻو رواج هو. ”چانهون جي دڙي“ مان به اهڙي قسم جا رانديڪا ۽ مڻڪا مليا آهن. هن ساڳئي نموني جا مڻيا شام ۾ حموتي نصرت جي دور 3000 ق-م جا مليا آهن.

        سنڌو ماٿر جا قديم رهاڪو پپر جي وڻ جي به پوڄھا ڪندا هئا. ان دور ۾ پپر جي وڻ کي وڏي اهميت حاصل هئي. هندن ۾ اهو عقيدو هو ته ”لڪشمي ديوي“ يعني دولت پپر جي وڻ ۾ اچي واسو ڪري ٿي. ”بهم جي ڀڙي“ مان اهڙي قسم جي ڪابه شهادت ڪانه ٿي ملي ته ڪو هو پپر جي وڻ جا پوڄھاري هئا. ”بهم جي ڀڙي“ مان هڪ پڪل مٽيءَ جو راند کيڏڻ لاءِ ڍڳي جو مجسمو مليو آهي. جنهن جو اڌ حصو دنبي جهڙو ۽ اڌ حصو ڍڳي جي صورت وارو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿوته سنڌو ماٿر جا قديم رهاڪو وڻن سان گڏ جانورن جي پڻ پوڄا ڪندا هئا.  باقي هتان اهڙي قسم جو ڪو به سڪو، مهريا ٺڪر جو ٽڪر نه مليو آهي، جنهن تي پپر جي وڻ يا ڍڳي وغيره جو ڪو واضح نشان هجي.

(4) سڪا ۽ مهرون:

        ”بهم جي ڀڙي“ مان ڳوٺاڻن کي مٽي کوٽيندي ڪيترن ئي قسمن جا ڪافي سڪا هٿ آيا آهن، اهي سڪا ٽامي ۽ پتل جا آهن. سڪن جي جوڙجڪ سنهي ۽ چپتري آهي. ٽامي جي ڪن سڪن جي شڪل ”ڀنڀور“ جي سڪن جهڙي آهي. ساڳئي قسم جا ننڍڙا سنهڙا سڪا ”برهمڻ آباد“ واري ڀڙيءَ مان پڻ مليا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽامي ۽ پتل جا سنها سڪا گهڻو ڪري سنڌ جي رهاڪن جا ئي ٺهيل آهن ۽ اهي سڪا قديم هندو دور جا سمجهڻ گهجرن باقي ٿلها سڪا مسلماني دور جا آهن. ”بهم جي ڀڙيءَ“ مان هن وقت تائين ڪي اهڙا سڪا نه مليا آهن، جن جي نسبت مسلماني دور سان هجي. ”هينري ڪزنس“ جو اهو پڻ ساڳيو رايو آهي ته ننڍا ۽ سنها سڪا سنڌ وارن جائي ٺهيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com