سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :23

(5) انساني هڏا ۽ ڍانچا:

        ”بهم جي ڀڙي“ مان مقامي هارين کي کوٽائي ڪندي هتان گهڻي تعداد ۾ انساني هڏا ۽ ڍانچا مليا آهن. اهڙيءَ طرح سان هن ڀڙي جي مٿاڇري تي ڪيترائي انساني هڏن ۽ ڍانچن جا ٽڪرا ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. انهيءَ مان اهو گمان ڪڍي سگهجي ٿو ته هيءُ آباد ۽ وسندڙ شهر ڪنهن وڏي قدريتي آفت جي حادثي ۾ تباهه ۽ برباد ٿيو آهي. هن وقت تائين ڪو به انساني سڄو لاش بر آمد نه ٿيو آهي.

(6) تاريخي ساڃاهه ۽ تباهي:

        تاريخي لحاظ کان هن ڀڙي جي تهذيب آڳاٽي آهي. اسان جي خيال موجب موهن جي دڙي واري تهذيب جو اثر سموريءَ سنڌو ماٿر تي هو. اهو اثر نه صرف سنڌ تائين محدود هو، پر سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر پڻ ويجهڙائيءَ وارن علائقن تائين پکڙيل هو. ”بهم جي ڀڙي“ مان اهي آثار ۽ شيون ملن ٿيون. جي ”موهن جي دڙي“ ۽ چانهوءَ جي دڙي“ ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي پراڻن برباد ٿيل شهرن مان هٿ آيا آهن.                               چٽسالي ٿيل ٺڪر جا ٿانو، چوڙا، سڪا ۽ ٻيون اهڙيون شيون ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ جي قديم سڀيتا اتر کان ڏکڻ واري حصي تائين ساڳئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ موجود هئي. ”سنڌ گزيٽيئر“ ۾ آهي ته، ”انگريزن جڏهن سنڌ جو پرڳڻو فتح ڪيو هو، سوساڳيءَ حالت ۾ ڪونه هو، جهڙو هن موجوده وقت ا۾ آهي. ٿر پارڪر وارو حصو سمنڊ هيٺ آيل هو ۽ سنڌ کان ڪڇ تائين اڄوڪي رڻ پٽ جي رڪاوٽ ڪانه هئي“ اهي ڦيريون گهيريون، جي ڏکڻ ۾ رونما ٿيون، انهن جو ڪارڻ زمين جو زلزلو يا سنڌو درياهه جو وهڪري ۾ تبديلي اچڻ ڪري هئي. ميجر رپورٽي پڻ لکي ٿو ته ”ٺٽي وارو حصو ان وقت موجوده صورت ۾ آيو، جڏهن سنڌو درياهه پنهنجو رخ اوڀر کان اولهه طرف ڦيرايو“.

        هن ڀڙي جي جيئن ته آثار قديمه وارن ڪنهن به قسم جي ڪا کوٽائي ڪانه ڪئي آهي، جنهن مان هوند ڪو تاريخي انومان ڪڍي، ان تي ڪا روشني وجهي سگهجي، انهيءَ ڪري اهڙي ڪابه تاريخي شهادت ڪانه ٿي ملي ته هن ڀڙي جي تهذيب، تاريخ جي ڪهڙي دور سان تعلق رکي ٿي. البت هتان جا مقامي ماڻهو سنڌ ۾ عام مروج روايت موجب هن ڀڙي کي ”دلوراءِ جي ننگريءَ“ ڏانهن منسوب ڪن ٿا، حالانڪ ان ۾ ڪا به صداقت ڪانهي. اسان جڏهن هن ڀڙي جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو ته اهو معلوم ٿيو ته هن تباهه ٿيل شهر جي کنڊرن جو تعلق شايد ”ٻڌ تهذيب“ سان هجي، ڇاڪاڻ ته ”ٺل ميررڪن“____ٻڌ تهذيب جو يادگار_____ ”بهم جي ڀڙي“ کان اٽڪل پندرهن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ تي واقع آهي. ممڪن آهي ته هي ٻئي قديم آثار انهيءَ ساڳي ”ٻڌڪي تهذيب“ سان واسطو رکندڙ هجن.

        تاريخي لحاظ کان سنڌ پرڳڻي تي عيسوي سن کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳ ڌارين حملا ڪيا هئا، جنهن جو اثر سنڌ تي تمام گهڻو پيو هو. انهن ڌارين جا حملا مذهبي روپ ۾ هئا. جن جي مذهب ۽ راڄ نيتي ڳالهين جو اثر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن تي تمام گهڻو. ۽ گهاٽو پيو. انهن مان سڀ کان وڌيڪ ”جين ڌرم“ ”ٻڌ ڌرم جو لاڳاپو ۽ واسطو سنڌ سان ڪافي رهيو هو. تاريخ جي عالمن جو رايو ته عيسوي سن 467 يا 477 کان اڳ ”جين ڌرم“ جو پايو وجهندڙ ”اچاريه مهاوير“ هندستان جي بهار صوبي جي ”وئشالي“ نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن ان دور ۾ برهمڻن جي خلاف مذهبي انقلاب آندو،. هن جي انهيءَ مذهبي انقلاب جا متا ۽ اصول هئا ته برهمڻي عقيدن جي خلاف جهاد ڪجي ۽ ان سان گڏ عوام جي معاشي حالت ۾ به سڌارو آڻجي. مهاوير جو اصل نالو ”ورڌا مانا“ هو. هن 42 ورهين جي عمر ۾ ”مهاوير“ جو لقب اختيار ڪيو. هن ”لچوا“ خاندان جي چٽيڪا جي ڀيڻ ”ترسيلا“ سان شادي ڪئي هئي. ”ڊاڪٽر سمٿ“ جو قول آهي ته ”مهاوير“ 527 ق م، وفات ڪئي مگر ”دوارڪا پرشاد شرط“ جو چوڻ آهي ته مهاوير“ 900 ق. م. کان اڳ ٿي گذريو آهي. سندس نئون پنٿ ”جين“ اڪثر گهڻي تعداد ۾ گجرات، راجپوتانا ۽ بهار جي علائقن ۾ ڦهليو ۽ سنڌ ۾ به ان جو ڪافي اثر رهيو.

        انهيءَ ساڳئي دور ۾ ”ٻڌ ڌرم“ ڪن ٿورن سالن جي وڇوٽيءَ سان وجود ۾ آيو. ”گوتم ٻڌ“ ان مذهب جو باني هو. هن پنجيتالهين ورهين جي عمر ۾ ساري هندستان جو سير ڪيو. ”چندر گپت“ جي دور ۾ ”مئگسٿينز“ سياح جو چوڻ آهي ته گوتم ٻڌ سنڌ ۾ به آيو هو ۽ هتي ”ٻڌ ڌرم“ جي زور شور سان پرچار ڪئي هئائين. سلون، بهار، اتر سرحد ۽ سنڌ ۾ ٻڌڌرم جا ڪافي مرڪز هئا. ٻڌ ڌرم جو اهو زور سنڌ اندر برهمڻن جي دور حڪومت تائين قائم رهيو. ”گوتم ٻڌ“ جي مرڻ کان پوءِءَ ان مذهب جو پرچارڪ ”تٿ گت“ سنڌ ۾ آيو هو ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي اهم ۽ مرڪزي شهرن ۾ ٻڌ ڌرم جون مڙهيون، مندر ۽ ٺل قائم ڪيا هئائين. سنڌ جي ڪيترن هندو راجائن ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو. سنڌ جي ”چڪرورتي“ راجائن تي ٻڌ ڌرم جو وڏو اثر هو. 900 ق. ۾. سنڌ ۾ ”ادين“ نالي هڪ چڪروتي راجا ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو. هن جي حڪومت جون حدون اولهه ۾ بلوچستان، اتر ۾ ڪشمير، ڏکڻ ۾ گجرات ۽ اوڀر ۾ اجين تائين هيون. چون ٿا ته هي ”جين ڌرم“ جي باني ”مهاوير“ جو ڀاڻيجو هو. هن جي راڄڌاني ”وتڀيا پتن“ هو، جو سنڌو درياهه جي ڪناري تي هو. سوامي دوار ڪا پرشاد شرما جو قول آهي ته شايد اهو ”موهن جي دڙي“ وارو شهر هجي.

        مگر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ”ٻڌ ڌرم“ جو زور راجا ”اشوڪ“ جي دور ۾ ٿيو. راجا اشوڪ ”گوتم ٻڌ“ جون هاٺيون سنڌ اڏانهن ڏياري موڪليون هيون، جن جي مٿان وڏا شاهي مندر، ٺل ۽مڙهيون قائم ڪيون ويون. انهن ٻڌ ڌرم جي مندرن، مڙهين ۽ اسٽوپا جا قديم آثار ”موهن جي دڙي“، ”ڪاهوءَ جي دڙي“، ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان. سڌسڏيرن جي دڙي ۽ ”ٺل مير رڪن“ ۾ آهن. جيئن ته راجا ”اشوڪ“ قريبا اڍائي سئو سال ق. م. جو راجا هو ۽ هن ڇٽيهن ورهين تائين راڄ ڪيو هو، ان ڪري سنڌ ۾ جيڪي به ٻڌ ڌرم جا آثار ملن ٿا، سي به ايترائي قديم هوندا.

        تاريخي حقيقتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”ٻڌ ڌرم“ جي دور ۾ به سنڌ اندر برهمڻ پنهنجا عقيدا ۽ متا، امن امان سان ماڻهن جي آڏو بيان ڪندا رهندا هئا. ”سٿين“ لوڪ، جي سج ۽ باهه جا پوڄاري هئا، سي به انهن ٻنهي مذهبن سان گڏ رواداريءَ سان رهندا هئا. ”سٿين“ لوڪن جو اثر سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ ڪافي هو.، راجا ”ڪنشڪ“، سٿين لوڪن جو آخري حڪمران هو. سنڌ ۾ برهمڻن ۽ ٻڌ ڌرم وارن ۾ صلح سانت واري پاليسيءَ سان گڏ رهڻ وارو اصول، سنڌ تي عربن جي حملي ڪرڻ تائين قائم رهيو. عربن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ ”برهمڻ گهراڻي“ جو راڄ هو. سنڌ جي ڪيترن اهم ۽ مکيه صوبن تي ”ٻڌ ڌرم“ جا گورنر هئا ۽ رعيت پڻ ٻڌ ڌرم ڏانهن لاڙو رکندي هئي. مذهبي مت ڀيد ڪري ئي برهمڻ خاندان جي راجا لاءِ ماڻهو ايترو جوش ۽ جذبي سان نه وڙهيا هئا.

        ”بهم جي ڀڙي“ جي باري ۾ به اهو گمان آهي ته هيءُ شهر به ”ٻڌ ڌرم“ جي تهذيب ۽ تمدن سان تعلق رکي ٿو. ”ٺل مير رڪن“ جي ويجهڙائيءَ ڪري اسان جو گمان هيڪاري قوي ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هن ڀڙي جي آثارن کي کوٽايو وڃي ته ممڪن آهي ته ضرور اتان به ”ٻڌ ڌرم“ ۽ ان جي تهذيب جا ڪي واضح ثبوت ملندا.

        ڪن جو رايو آهي ته سنڌ جي ڏاکڻي حصي کي محمد بن قاسم فتح ڪرڻ کان پوءِ 712ع ۾ ”راوڙ جي قلعي“ فتح ڪرڻ کان پوءِ ”برهمڻ باد“ طرف پيش قدمي ڪئي، جتي راجا ڏاهر جو پٽ حاڪم هو، جنهن عربن جي فوج جو مقابلو ڪرڻ کان سواءِ ڀاڄ کاڌي. ”بهرور“ ۽ ”دهليله“ جا ٻه قلعا رستي تي هئا. ”الور“ ڏانهن ويندي محمد بن قاسم انهن ٻنهي قلعن کي فتح ڪيو هو. ممڪن آهي ته ”بهرور“ جي بگڙيل صورت ”بهم“ هجي.

        اهو مٿيون رايو تاريخي لحاظ کان ڪجهه شڪ ۽ گمان ۾ وجهي ٿو. دراصل ”بهرور“ يا بهراور“ جو قلعو موجوده ”ڀرين“ جي ڀرسان هو. مير معصوم بکري جي قول موجب ته محمد بن قاسم جو لشڪر ”گچيري“ واري ڍنڍ ٽپڻ کان پوءِ اڀرندي طرف وڌيو هو. اسان جي خيال موجب ته اتان فوج کي وٺي اچي ”سن ساوڙي“ واري بستيءَ کان مٽيو هو. ان باري ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ” محمد بن قاسم جي فوج ”ساوندي“ جي پسگردائي ۾ اچي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي. ان جي پسگرادائيءَ ۾ ڍنڍ وڪر بهار، هئي، ڍنڍ ”وڪر بهار“ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته اهو ٻڌ مت جو مندر هو. ”وڪر بهار“ مندر جو نالو هو ۽ ڀرسان ڍنڍ هئس. انهيءَ ”وڪر بهار“ واري مندر کي ”ٺل مير رڪن“ طرف خيال ڪري ٿو. انهيءَ باري ۾ اسان ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان متفق راءِ نه آهيون، ”ساوڙيءَ“ جو ڳوٺ اڄ به موجوده آهي، جنهن جي ڀرسان ڪافي ڍنڍون ۽ ڍورا موجود آهن. ”ساوڙيءَ“ جو ڳوٺ ”بهم واري ڀڙي“ کي وڌيڪ ويجهو آهي. ”ٺل مير رڪن“ جي ڀرسان يا ان جي چوگرد ڪنهن به هنڌ سنڌو درياهه جي ڪنهن به ڍنڍ ۽ ڍوري جا ڪي به آثار ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن. ”مجمل التواريخ“ ۾ آهي ته ”ساوندي“ جو شهر ڪشمير جي راجا سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد ڪرايو هو، تنهن ڪري اهو يقيني طور چئي سگهجي ٿو ته ”وڪر بهار“ وارو ٻڌ مندر ضرور .بهم جي ڀڙي“ وٽ ئي هوندو ۽ اهو انهيءَ ويرانيءَ ۾ ڪٿي دفن هجي! هن ڀڙي جي اولهه ۾ موجوده ”آمر جي واهه“ جي پريان ”آمر جي“ جي قديم شهر جا آثار ۽ درياهي ڍورو موجود آهي، جتان ڍنڍ جا آثار پڻ ملن ٿا.

        ان باري ۾ ”چچ نامي“ وارو صاحب لکي ٿو ته انهيءَ پاسي جا سڀ ماڻهو شمني ۽ ٻڌ ڌرم وارا آهن ۽ ”بود“ نالي شمني کي محمد بن قاسم انهيءَ طرف جو سردار مقرر ڪيو هو. ٻڌيڻي پٽ ڀمن ڍول وغيره کي به سردار مقرر ڪيو هو. انهيءَ مان گمان ٿئي ٿو ته ”ڀمن“ اڳتي هلي ”بهم“ ۾ بدلجي ٿي ويو هجي!

        انهن مٿين تاريخي احوالن جي بنياد تي اسان انهيءَ راءِ جا آهيون ته هن ڀڙي واري ”ٻڌ تهذيب“ ، هندو ۽ برهمڻ گهراڻي جي شروعاتي دور واري تهذيب ۽ تمدن هجي. ”ڊاڪٽر چئٽرجي“ جو خود قول آهي ته سنڌ جا اهي پراڻا شهر ۽ انهن جا آثار ٻڌ ڌرم جي دؤر جا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن خطي جي سرزمين جي تهذيب ۽ تمدن ٻڌ ڌرم جو گهوارو هئي ۽ اها تهذيب سنڌو ماٿر ۾ ڪيترين صدين تائين ۽ اسلام جي امد تائين رائج هئي.

        هن ڀڙي جي سطح تان جيڪي انساني هڏا لڌا ويا آهن، تن جي تجزيي ڪرڻ کان پوءِ ايترو چئي سگهجي ٿو ته هتي ڪو وڏو حادثو درپيش آيو، جنهن ڪري هيءُ شهر تباهه ۽ بربا سگهجي ٿي ويو. هن شهر جي برباديءَ جي لاءِ اهو به انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته ڪنهن دشمن اوچتو هن شهر تي حملو ڪيو ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو هجي. ساڳئي وقت سنڌو درياهه به هن شهر جي تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياهه هن شهر جي ڀرسان وهندو هو. ٿي سگهي ٿو. ته ان جي اٿل پٿل سبب هيءُ شهر ويران ٿيو هجي، ليڪن اهي سڀ قياص آرائيو آهن، اهڙا ڪي به واضح نشان ۽ آثار ڪو نه ٿا ملن، جي اسان جي ڪنهن به راءِ جي تصديق ڪن. هن ڀڙي جي  باقاعدي کوٽائي ڪرڻ کان پوءِ ئي ان باري ۾ ڪجهه چئي سگهجي ٿو.

 

ماخذ

(1)  District Census Report Nawabshah 1961.

(2)  R. D. Benerji “Modern Review”. November 1927.

(3) W. T. B. Landford; “Geology of western Sind”. Pp 195

(4) M. R. Haig: “The indus delta country”. Pp 23.

(5)  Cousens. H: “Antiquities of Sind”. Pp 99.

(6) Mackay “The indus Civilization”. 1935, ppII.

(7) Marshall, sir john: “mohen – jo – Daro and the Civilization”. Vol II, pp 581

(8) Wheeler: “The indus Civilization”. Pp 90, 93

(9) Raverty, Major H.G: “The mehran of sind and its tributories’ pp 468

(10)                     Chatterji,  Dr: sk: “Modern Review”. December 1922, pp 67.

(11)                      Smith V: “Early History of India”. Pp 191, 192 & 194.

(12)                     Pithawala, M.B: “Historical Geography of sind” pp 81 82 &87

(13)                     “Sind Gazzetteer”. Vol I, pp 5.

(14)                     “Gazzetteer_ Province of  Sind B, Nawabshah District”, Vol V. pp 38,39.

(15)                      Mr. ali Dino M. Panhwar: Short note on Bhiro Baham” 1961.

(محترم علي ڏنو پنهور سن 1961ع ڌاري نوابشاهه تعلقي جا مختيار ڪار هئا پاڻ سنڌ جي قديم تاريخ ۽ قديم آثارن ۾ وڏي دلچسپي رکندڙ آهن. شعر وشاعريءَ سان به سندن گهرو لڳاءُ آهي. پاڻ سنڌ حڪومت ۾ تعليم کاتي جا سيڪريٽري ۽ سنڌ روينيو بورڊ جا سيئنر ميمبر به ٿي رهيا آهن. هن وقت پاڻ ڪمشنر سکر آهن. پاڻ مختيار ڪاريءَ واري زماني ۾ سنڌ جي هن قديم تاريخي بستيءَ کي آثار قديمه وارن سان لکپڙهه هلائي، بئراج واري زرعي زمين جي کڻت مان ڪڍرائي، سن 1904ع جي ايڪٽ موجب آثار قديمه وارن جي حوالي ڪيو هو. انهيءَ تاريخي قديم بستيءَ جي باري ۾ سندن مختصر پر مغز نوٽ لکيل آهي.)

(16) Mr. Muhammad Siddique G, Memon, “Short Note on Bhiro Baham”. 1983

(محترم محمد صديق ميمڻ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ نوابشاهه، سنڌ جي قديم تاريخ ۽ قديم آثارن ۾ وڏي دلچسپي رکندڙ آهن. وٽن سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن تي ڪافي ناياب ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي. پاڻ نيڪ سيرت، بلند اخلاق ۽ اعليٰ صلاحيتن جا مالڪ آهن. پاڻ جڏهن سکر ضلعي ۾ اي. ڊي. ايم. هئا ته اتي جي اڪثر ڪري سڀني قديم تاريخي آثارن تي انگريزيءَ ۾ پنهنجي ذاتي ڪوشش ۽ خرچ سان ڪتبا لڳرايا، جي سندن علمي ۽ تاريخي ذوق جي شاهدي ڏين ٿا، هن وقت نوابشاهه ضلعي جي قديم تاريخي جاين ۽ آثارن تي عمدا ڪتبا تيار ڪرايا اٿن، جي انهن هنڌن تي نصب ڪرايا ويندا. پاڻ ”سکر بکر جا قديم آثار“ جي سري هيٺ انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب ترتيب ڏيئي رهيا آهن.)

(17) دوارڪا پرشاد روچيرام شرما: ”سنڌ جو پراچين اتهاس“، ڀاڱو ٽيون، ص 90 کان 100.

(18) دوارڪا پرشاد روچيرام شرما: ”چارچين سنڌو سڀيتا جو نظارو“ ص 8 کان 10، ص 14 کان 25 ص 30 کان 40 ۽ ص 99 کان 119.

(18) چچنامه (سنڌي)، ص 22_ 321 ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (تعليقات)

 

(ضميمو)

”بهمڪ جي ڀڙي“ جي آثارن وٽ نصب ڪيل ڪتبي جو مضمون

BHIRO BAHAM

Protected under ancient Monuments Preservation Act_ 1904

        Bhiro Baham or bahum_ jo _ Bhiro is situated at a distance of three miles south of  bandhi near amerji canal. Locally the mound is assoiated with dilu rai and budhist stupa known as thull mir rukam which is situated at a distance of 15- miles of south this mound. (detailed account of thull mir rukan has been geiven by this writer on the stone set  up at thull mir rukan) but no conclusive evidence for dating or indentifying is available. The very first look on the site also establishes the olose similiarity between this mound and tibba dulu rai near jhol and brahimabad belonging to his priod. The excavation has established that the city had a brick fortification wall running around semi circular bastions at intervals. Jt was also established that the city remained in prolonged occupation to witness two definite building periods before it was finally destroyed by fire. In solidity and massiveness the fortification of bhiro bham can be compared with the defence system of bhambhore.

        Pottery of well fired, medium thickness and light red in colur was also found. In pettery and other finds no marked change occurred in the early and late periods and these ar all compared with the intermediate muslim level of bhambhore dated 9th and 11th century. It is located In survey number 42/3,4,43,48/1,4 and 44/1,2,3,4 of deh 67- Nusrat tapa dahri taluka nawabhah. About 24_00  acres are under the actual mound and about 4___00 acres are under the traces of some ancient habitation. It has been protected under ancient monuments preservation act_ 1904, vide notification No: F -5-11/61-A & M, dated: 9th Novmber_1961 of the government of pakistan. Another mound called Rati bhiri surrounded on all sides by sand is situated at a distance of 12_ miles from nawabshah near a Regulator of nusrtat canal just on nawabshah bandhi road  the area is full of red pottery frogments and brick  wall was found logical survey of india visited during 1929_30 the pottery included painted and stamed specimen the designs being impressed on the neck of vessals as at bahum_jo_daro rati bhiri is situated in block no 43/3 and 44/2 admeasuring 8_00 acres of deh 20_ nusrat taluka nawabshah.

        The curse of God’s wrath upon him who would try to destory this stone.

 (MUHAMMAD SIDDIQUE G. MEMON)

                                   Additional District magistrate,

     NAWABSHAH

Dated: 14th january_ 1983    

شاهه جي سوانح جا ٻه اهم پهلو

غلام محمد لاکو

        حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جو سدا حيات سرواڻ شاعر آهي. حقيقت ۾ ان قسم جي شاعرن کي ”ٻولين جا ٺاهيندڙ“ {The Makers Of Language} سڏيو ويو آهي. بلاشيـ ساهه کان اڳ توڙي پوءِ، ٻيا به ڪافي ناليوار شاعر ٿي گذريا آهن جن کي پڻ سنڌي ادبي تاريخ ۾ پنهجي مستقل ۽ جدا گانه حيثيت حاصل آهي، تاهم لطيف کي اسان جي تهذيبي ۽ ادبي اتهاس ۾، انتهائي مٿانهين حيثيت ۽ مان مرتبو حاصل آهي. شاهه جو ڄمڻ ۽ شاعري ڪرڻ، سنڌي زبان جي مڪمل ٿيڻ {Prefection} جي علامت آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان، ادب سماج ۽ جيوت جو نمائنده اهڃاڻ آهي. حضرت شاهه صاحب جي قدآور شخصيت ئي اڄ متحده سنڌ جي روشن علامت ۽ واحد سهارو آهي!

          شاهه صاحب متعلق سندس پنهنجي دور کان ڪري اسان جي زماني تائين، سوين هزارين صفحا لکيا ويا آهن. سندن سوانح ۽ جيوت بابت ڪيئي اديبن ۽ عالمن، پنهنجي پنهنجي جاکوڙ پڌري پئي ڪئي آهي. حقيقت ته هيءَ آهي جو شاهه صاحب تي جيترو به ڪم ٿيندو، اهو گهٽ ئي ليکبو. سنڌي، انگريزي، اردو فارسي ۽ جرمن ٻولين ۾ شارحن ۽ سوانح نگارن شاهه بابت متعدد ڪتاب پڌرا ڪيا آهن. جيتوڻيڪ شاهه صاحب جي مستند سوانح جو ڪم اڃا پري آهي، تاهم ان متعلق بنيادي مواد گڏ ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون جاري آهن.

        شاهه صاحب بابت لکيل ڪتابن ۽ ٻئي مواد جو اڀياس ڪندي، ڪيئي خال سامهون آيا آهن ۽ متعد سوال ذهن ۾ اڀريا آهن. اهڙن مسئلن جو تنقيدي ۽ تحقيقي طرح، تسلي بخش جواب ڳولڻ کان سواءِ، اسين پنهجي هن عظيم شاعر جي مڪمل ۽ ٺوس سوانح حيات لکڻ جهڙا نه ٿينداسين. لطيف جي سوانح پڙهندي، منهنجي ذهن ۾ هونئن ته ڪيئي سوال اڀريا آهن، پر في الحال ٻن نقطن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو.

        (1) ته، شاهه صاحب ڳوٺ ”ڀئي پور“ هالا حويليءَ ۾ پيدا ٿيو،

(2) ته، شاهه صاحب جي ڄ۾ ۽ وفات جا، صحيح صحيح سال، مهينا ۽ تاريخون هجري ۽ عيسوي ڪئلينڊر موجب!

       ڪجهه وقت ٿيو ته همعصر عالم محترم قريشي حامد علي خانائي، پهريئن سوال تي ڀرپور روشني وجهي، هڪ مقالو شايع ڪري چڪو آهي (1). جيتريقدر ٻئي سوال جو تعلق آهي ته، هيءُ مسئلو ڪنهن حد تائين حل هجڻ جي باوجود به (2) شعوري ۽ لاشعوري طرح، ڀٽائيءَ جي شاگردن نوٽ نه ڪيو آهي، ۽ ان متعلق ابتدا کان ڪري اڄ تائين غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو پئي ويو آهي. هت اسين ٻئي نقطي جو مستند ۽ صحيح جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

اوائلي سوانح نگارن جي راءِ:

        سڀ کان اول هي ڏسبو ته حضرت شاهه صاحب جي ابتدائي سوانح نگارن، ان متعلق ڪهڙي راءِ قائم ڪئي آهي، ۽ اسان جي رهبري واسطي ڪهڙو مواد ڇڏيو اٿن؟

        (الف) مير علي شير قانع: شاهه صاحب جي سوانح نگاريءَ جو بنياد ٺٽي جي هن مثالي محقق رکيو. هن صاحب بپنهنجن ٽن ڪتابن: ”مقالات الشعراعه“، تحفته الڪرام“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ ڀٽائيءَ جو سرسري احوال ڏنو آهي (3) مير صاهب جي تحرير جو خلاصو هن ريت آهي.

        ”شاهه عبداللطيف هڪ ولي هو. سندس ڪرامتون بي شمار آهن، جن جي بيان لاءِ ڌار دفتر گهرجي. جنهن ڏينهن شاهه صاحب فوت ٿيو، ان موقعي تي ڪيئي مريد سندس ڏک ۾ مري ويا. سندس مزار تي عاليشان گنبذ ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا درگاهه لاءِ هڪ نوبت عطا ڪئي آهي. سندس وفات تي شاعرن تاريخي شعر چيا، جن مان سال  1165هه نڪري ٿو.“ (4) هي اقتباس مقالات الشعراعه ۽ تحفته الڪرام تان کنيل آهن. مٿئين اقتباس ۾، مير علي شير نه ته شاهه جي ڄم جو سال تحرير ڪيو آهي ۽ نه وري سندس وفات جي تاريخ تحرير ڪيئ آهي. البته مقالات ۾، هن رجا شاعر جي هڪ ڊگهي شعر جون ٻه سٽون ڏينون آهن، جن مان شاهه صاحب جي وفاتجو سال 1125هه نڪري ٿو (5)

شاهه صاحب ذوالمواهب سيد عبداللطيف

انکه قطب وقت خود بوده ست از مردان حق

چون ز جام ارجعي مخمور نوش وصل شد

گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق (6)

            1165هه               

        مير عبدالحسين سانگي قدري اخلتال سان ساڳيو شعر ”لطائف لطيفي“ ۾ نوٽ ڪيو آهي ۽ شاعر جو نالو قاضي ابراهيم هالائي ٻڌائي ٿو. هي قطعو شاهه صاحب جي مقبري جي اتر ۾ موجود مسجد جي دروازي تي پڻ اڪريل آهي. مير علي شير جي هن قلمي ڪشالي مان صرف هن ڳالهه جي خبر پوي ٿي ته ڀٽائي صاحب سال 1125هه ۾ وفات ڪئي. ڏينهن، تاريخ ۽ مهينو ڪهڙو هو، يا وري اهو ته وفات وقت شاهه صاحب جي ڄمار ڪيتري هئي هي سڀ مسئلا لطيف جي پهرئين سوانح نگار حل طلب ڇڏيا آهن. سندس ڪتاب معيار سالڪان طريقت دستياب ڪونهي، ان ڪري چئي نه ٿو سگهجي ته مذڪوره ڪتاب ۾ شاهه صاحب بابت ڪهڙو مواد ڏنل آهي؟

        (ب) رچرڊ برٽن: شايد مير علي شير قانع کان پوءِ شاهه صاحب بابت مختصر احوال، وري مشهور انگريز مصنف رچرڊ برٽن ڏنو آهي. سندس ماخذ معيار سالڪان طريقت آهي برٽن موجب:

        ”ڀٽائي صاحب 1680ع ۾ ڄائو، ۽ 1161هه ۾ وفات ڪيئاين (7).

        (ت) فريئر صاحب: سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي نياڻي. سنڌ بابت ڪو ڪتاب لکڻ گهريو ٿي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ بابت به نوٽ اچڻو هو. حڪم موجب سرڪاري ترجمان (؟)، شاهه صاحب جي سوانح تي هڪ نوٽ تيار ڪيو، جيڪو پوءِ قلمي صورت ۾، ڪمشنر لائبريري ڪراچيءَ ۾ محفوظ هو. هي نوٽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري (جتان پوءِ وري ڊاڪٽر دائود پوٽي، سنڌيءَ  ۾ ترجمو ڪيو)، ڊبليو. سائودي سال 1970ع ۾ لنڊن مان ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو. ان موجب:

     ”شاهه صاحب 1102هه/1690ع ۾ چائو، ۽ 1165هه/1751ع ۾ فوت ٿيو“ (8)

        نامعلوم سرڪاري ڪارندي ۽ سائودي صاحب جي هن محنت کي اسان جي اتهاس ۾ ٻيڻي اهيت حاصل آهي. هڪ ته شاهه صاحب جي سوانح تي هي پهريون پيپر هو، جو ڪتابي شڪل ۾ نروار ٿيو هو، ۽ ٻيو ته ان ۾ سنڌ جي هن مثالي برزگ جي حياتيءَ متعلق عيسوي ۽ هجري ڪئليندڙ ۾، پهرين شعوري مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل ڏسجي ٿي.

        (ج) ڊاڪٽر ٽرمپ: نامور جرمن محقق ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جڏهن رسالي جو پهريون ايڊيشن شايع ڪيو، تڏهن ان جي انگريزي پيش لفظ ۾، شاهه صاحب جي سوانح جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس:

     ”هي اٽڪل روءِ 1680ع ۾ ڄائو، ۽ سن 1161هه ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين“ (9).

        هن صاحب جو مدار رچرڊ برٽن تي هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.

        (ح) يوان ڏيارام گدو مل: شاهه صاحب جي ابتدائي سوانح نگارن ۾، ديوان ڏيارام گدو مل جو آخري اسم اچي ٿو. ان بعد ڀٽائيءَ تي مڪمل ڪتابن لکڻ جو زمانو شروع ٿيو. غالباَ ديوان صاحب پهريون عالم آهي، جنهن هت اٿاريل مسئلي ج افاديت سمجهي ۽ پنهجي تحرير ۾ ان تي بحث ڪيو، لکي ٿو:

     ”ڊاڪٽر ٽرمپ (جنهن جو ذريعو برٽن آهي)، ۽ اڻ ڇپيل      تذڪري[1]، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، ۾ شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات جا مختلف سال ڏسجن ٿا،. پهريئن موجب لطيف سال 1680ع ۾ ڄائو، ۽ سن 1161هه ۾ فوت ٿيو. پوئين موجب هي بزرگ 1690ع ۾ ڄائو، ۽ وفات 1751ع/ 1165هه ۾ ڪيائين“ (10)

ديوان صاحب کي هنن ٻنهي راين سان اختلاف ڏسجي ٿو. سندس خيال آهي ته :

”مسجد تي لڳل قطعو نه ته 1161هه، ۽ نه وري 1165هه ڏيکاري ٿو، ان مان سن 1160هه نڪري ٿو. ڇو ته صحيح معنيٰ ۾ تاريخي شعر جي سٽ هن ريت آهي:

”گرديد محو عشق وجو لطيف مير.“

     ”ان سان گڏ مون کي معلوم ٿيو ته، شاهه صاحب 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ گڏوگڏ اڻ ڇپيل تذڪري (ڪشمنر لائبريري) مان گمان نڪري ٿو ته ڀٽائي گهوٽ سن 1097هه ۾ ڄائو........انڪري چئبو ته شاهه صاحب 1097هه ۾ ڄائو. ۽ وفات سن 1160هه ۾ ڪيائين“(11)

        ديوان صاحب جو تنقيدي اڀياس قابل تعريف آهي، ليڪن جنهن تاريخي شعر ذريعي 1160هه ڪڍيو اٿس، اهو هن ريت آهي.

گرديده محو عشق وجود لطيف مير.

        ۽ ان مان سال 1165هه نڪري ٿو، جيڪو ئي لطيف جي وفات جو سال آهي. رهيو سوال اڻ ڇپيل ذريعي جو (ڪمشنر وارو) اهو ته بلڪل چٽو آهي. جيئن ديوان صاحب ابتدا ۾ پاڻ حوالو ڏنو آهي يا وري جيئن اسان مٿي نقل ڪيو آهي. پوءِ خبر نه آهي ته شاهه صاحب جي هن شارح سن 1097هه ڪٿان آندو؟ ڏسجي ائين ٿو ته ديوان صاحب 1160هه موجب حساب ڪري 1097 هه وارو کورو هنيو آهي،جيڪو اندازي کان وڌيڪ نه سمجهڻ گهرجي.

ابتدائي مڪمل سوانح نگارن جي راءِ:

        ڏيارام گدو مل تي پهچي، ڀٽائي صاحب متعلق، مختصر ۽ سرسري خاڪن لکڻ جو دور پورو ٿيو. ان بعد حضرت شاهه صاحب بابت مڪمل ڪتابن لکڻ جو زمانو اچي ٿو. هت اسين صرف ٽن عالمن جو مطالعو پيش ڪنداسي، جن سڀ کان اول لطيف جي سوانح تي مڪمل ڪتاب تيار ڪيا.

        (الف) مرزا قليچ بيگ مرحوم: جهڙيءَ ريت مير علي شير قانع، شاهه صاحب جي سوانح نگاريءَ جو بنياد رکيو، ٺيڪ ان ريت مرزا صاحب پهريون ڪتابلکيل تيار ڪيو. بعد ۾ ٻين محققن به هن موضوع تي جدا جدا ڪتاب تيار ڪيا. ڏسجي ائين ٿو ته مرزا صاحب پهريون اهل قلم آهي، جنهن هي ٻڌايو ته شاهه صاحب 14_ صفر 1165هه تي وفات ڪئي، يعني ته مهينو ۽ سال هن عالم جي محنت سبب پڌرا ٿيا، جن تي ڀٽائي يگهوٽ رحلت فرمائي. مرزا صاحب، لطيف جي سوانح اول انگريزيءَ ۽ پوءِ سنڌي زبان ۾ تيار ڪئي. ڀٽائيءَ جي وفات ۽ ڄم جي سالن بابت، هو صاحب ٻنهي ڪتابن ۾ ڪافي الجهن ۾ ڏسجي ٿو. انگريزي ايڊيشن ۾ سندس راءِ آهي ته:

     ”شاهه ڀٽائي 1102هه/1688ع ۾ ڀئي پور ڳوٺ، تعلقي هالا ۾ ڄائو. پاڻ تاريخ 14 صفر 1165 هه برابر 1851ع تي ٽيهٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين“ (16)

ساڳيو عالم، ساڳئي ڪتاب جي سنڌي ايديشن ۾ لکي ٿو:

”شاهه عبدلالطيف سال 1102هه/1689ع ۾ ڄائو... سندس وفات 1165هه يعني 1752ع ۾ صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ٿي“(13)

        پڙهندڙ ٿورو غور ڪندا ته هڪ ئي مصنف جي راءِ ۾، شاهه جي طبعي زندگيءَ جي زماني متعلق ڪيڏو نه چٽو فرق ڏسڻ ۾ ايندو!

        (ب) مير عبدالحسين سانگي: مير صاحب هن موضوع تي پنهنجو ڪتاب فارسي زبان ۾ تيار ڪيو. سائودي (ڪمشنر وارو ڪتابڙو) کان پوءِ، هي پهريون صاحب آهي، جنهن شاهه صاحب جي ڄم ۽ وفات وارن سالن جي، عيسوي ۽ هجري ڪئلينڊر موجب مطابقت پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب جي متن ۾ سانگي مرحوم، صرف هجري سال ڏيڻ تي اڪتفا ڪئي آهي.

     ”سندن پيدائش ”ڀئي پور“ ۾، جيڪوکٽيياڻ ڳوٺ جي ويجهو آهي، سن 1120هه ۾ ٿي ۽ وفات 1165هه (متن ۾ 1204هه آهي، جيڪا ڪتابن جي غلطي ڏسجي ٿي) ۾ ٿي“ (14)

        ساڳئي ڪتاب ۾ جيڪي ضميما ڏنل آهن، انهن ۾ ڏاڍي سهڻي نموني ۾، عيسوي ۽ هجري ڪئلينڊر کي پيوست ڪيو ويو آهي.

     ”ولادت: مکان قريه بهئي پورسنه 1102هجري مطابق 1690ع.....“ ”سال رحلت: سنه 1165هه مطابق 1751 انگلسيه“(15)

        سانگي مرحوم جو لطيفي درگاهه ۽ فقيرن سان گهرو لاڳپو رهيو، تاهم هن صاحب پنهنجي سڄي ڪتاب ۾، ڀٽائي صاحب جي وفات ۽ ڄم جي تاريخن يا مهيني متعلق ڪابه وضاحت نه ڪئي آهي.

        (ت) ليلا رام وطڻ مل: بعد ۾ هڪ عالم ليلا رام وطڻ مل، شاهه جي سوانح، مذهب ۽ شروع جو شرح، ٻن جلدن ۾، سال 1890ع ۾ شايع ڪيو. کيس رسالي جو پهريون شارح ۽ لغت نويس مڃيو ويو آهي. سندس راءِ آهي ته:

     ”جيتريقدر لطيف جي وفات جو تعلق آهي ته ان ۾ شڪ نه هجڻ گهرجي ته اها 14 صفر 1165هه/ 1751ع تي ٿي هڪ فارسي قلمي ڪتاب (جيڪو مون ڏٺو آهي)، ۽ مريدن جي چوڻ موجب، شاهه لطيف 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي هئي ان ڪري شاعر جي ڄم جو امڪاني سال، سن 1102هه/ 1688ع بيهي ٿو“ (16)

        باوجود ان جي، ته ليلارام هن مسئلي حل ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي، پر هو صاحب به ٺوس ۽ صحيح نتيجي تي پهچي نه سگهيو. بعد ۾ شاهه جي حياتي ۽ سوانح تي تمام گهڻو مواد ڇپيو آهي، ۽ عالمن گهڻو ڪري مرزا صاحب واري راءِ، جيڪا هن پنهنجي سنڌي ڪتاب ۾ قائم ڪئي، ان کي ئي پئي دهرايو آهي. يعني ته:

     ”حضرت شاهه صاحب 1102هه/ 1689ع ڄائو، ۽ سن 1165هه/1752ع  ۾ وفات ڪيائين“.

غلط بياني ۽ الجهاءَ جي ڪيفيت:

        هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته شاهه عبداللطيف رحه جي سوانح جي هن ٻن اهم نقطن بابت ابتدا کان اڄ ڏينهن تائين الجهاءَ جي هي ڪيفيت ڇو پئي رهي آهي؟ ان لاءِ پهرين اسان جو ڌيان مير علي شير قانع ڏي ڇڪجي ٿو. هن صاحب مقالات الشعرعه ۽ ؟تحفته الڪرام“ ۾ ايترو ته سرسري احوال ڏنو آهي، جو ان ۾ شاهه صاحب جي سوانح جا ڪجهه بنيادي جزا سامهون نه اچي سگهيا آهن. سندس ٽيون ڪتاب معيار سالڪان طريقت جيئن ته اڻ لڀ آهي، ان ڪري خبر نه آهي ته ان ۾ شاهه صاحب جي حياتيءَ بابت ڪيترو مستند ۽ اضافي مواد شامل آهي.

        شاهه صاحب جي سوانح جي ضمن ۾ هت اٿاريل ٻن نقطن لاءِ، مير قانع کان پوءِ اسين عيسوي ڪئلينڊر جي عمل دخل کي به ذميدار سڏينداسين.، سنڌ جا مانائتا عالم هجري ۽ عيسوي سنن ۾موجود فرق کي سمجهي نه سگهيا، ۽ نه وري هو هنن ٻنهي ڪئليندڙن ۾ ڪا مطابقت پيد اڪري سگهيا. اهوئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اسان جا محقق، شاهه صاحب جي سوانح تي لکندي سندس ڄم ۽ وفاتجي سالن جو ذڪر ڪرڻ وقت، الجهن ۽ مونجهاري ۾ ڏسجن ٿا، پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڪي هجي يا ڊاڪٽر سورلي. هت اسين هڪ چارٽ ذريعي اهڙي فرق ۽ موجهاري کي چٽو ڪنداسين. (چارٽ پٺ تي ڏسجي.)

سوال جو حقيقي ۽ منطقي جواب:

        هاڻي سوال آهي ته:

(الف) حضرت شاهه صاحب سن 1102هه ۾ ڄائو، ان وقت عيسوي ڪئليندڙ موجب ڪهڙو سال هو؟

(ب) ڀٽائي صاحب 14 صفر 1165هه تي وفات ڪئي. هن تاريخ تي ڏينهن ڪهڙو هو ۽ عيسوي ڪئلينڊر موجب تاريخ، مهينو ۽ سال ڪهڙا هئا؟

        سڀئي عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سن 1102هه ۾ پيد اٿيو. محققن جو رايو آهي ته عيسوي ڪئلينڊر موجب اهو سال 1689عيسوي هو، پر هي حساب غلط آهي. ”صحيح عيسوي سال 1690 آهي“، ۽ مذڪوره هجري سال ۾ محققن جي عام راءِ وارو سال (يعين: 1689ع( بلڪل نٿو بيهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي: ڄم جو سال ۽ وفات جي تاريخ

(الف) ابتدائي ليکڪن جا رايا

نمبر      ليکڪ جو نالو   تحقيق جو سال   ڄم جو سال    وفات جي تاريخ

1         مير علي شير قانع         1760ع           ؟                 1165هه

2.         رچرڊ برٽن           1851ع           1680ع         1161هه

3.        فريئر وارو ڪتابڙو  1851-1885ع     1102هه/ 1690ع   1125هه/ 1751ع

4.        ڊاڪٽر ٽرمپ    1866ع          1680ع              1161هه

5.        ڏيارام گومل سگما   1882ع          1097هه          1160هه

6.           مرزا قليچ بيگ          1887ع       1102هه/1688ع   14صفر 1165هه/1751ع

  1887ع       1102هه/1689ع   14صفر 1165هه/1752ع

7. مير عبدالحسين سانگي         1888ع     1102جج/1690ع  1165هه/1751ع

8. ليلارام وطڻ مل                  1890ع  1102هه/1688ع 14 صفر 1165هه/1751ع

(ب) ويهين صديءَ جي ڪجهه عالمن جي تحقيق

نمبر     عالم جو نالو      تحقيق جو سال   ڄم جو سال       وفات جي تاريخ

1.       ڊاڪٽر گربخشاڻي         1923ع 1102هه/1690ع 14  صفر 1165هه/ 1751ع

2.       ڄيٺمل پرسرام    1924ع   1680-1690ع     1747ع

3.       ڊاڪٽر سورلي     1940ع    1689ع      1752ع

4.         مولانا دين محمد وفائي       1950ع 1102هه/1690ع 14 صفر 1165هه/1751ع

5.             علامه غلام مصطفيٰ قاسمي     1951ع  1102هه/1690ع 14 صفر 1165/1752ع

6.       ڪلياڻ آڏاوڻي    1958ع     1689ع      14 صفر 1165هه/ 1752ع

(ت) هن مقالي ۾ ڪڍيل نتيجو

ڄم جو سال                               وفات جي تاريخ ۽ ڏينهن

هجري   عيسوي          هجري ڪئليندر موجب   عيسوي سن موجب       ڏينهن

1102هه     1690ع     14 صفر 1165هه   22 ڊسمبر 1751ع       آچر

        ان بعد سوال آهي ته، 14 صفر 1165هه تي عيسوي سن موجب ڇا تاريخ هئي، ۽ ان تاريخ تي ڏينهن ڪهڙو هو؟

        عيسوي ۽ هجري تقويم جي ماهرن جي کجان آهي ته پهرين صفر 1165هه تي ڏينهن سومر جو هو، ۽ ڊسمبر 1751ع جي نائين تاريخ هئي. ان ريت 14 صفر 1165هه تي آچر جو ڏينهن، ڊسمبر سن 1751ع جي ٻاويهين تاريخ هئي. يعني ته حضرت شاهه صاحب 14 صفر 1165هه برابر 22 ڊسمبر 1751ع تي وفات ڪئي ۽ اهو ڏينهن آچر جو هو.

        شاهه صاحب جي وفات وقت سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو هو. ان وقت هي ملڪ مغل ۽ ايراني اثر مان آجو هو. ستت ئي پوءِ 13 اپريل 1752ع 9 جمادي الثاني 1165هه، سومر ڏينهن هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب سنڌ جو ملڪ وري افغان تسلط ۾ اچي ويو. ٻه سال پوءِ هتي جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو پڻ، تاريخ 12 صفر 1167هه/9 ڊسمبر 1753ع تي فوت ٿيو.

حوالا ۽ واڌارا

(1) قريشي حامد علي خانائي مضمون ”ڪوٽڙي مغل“، ڇپيل رسالو مهراڻ نمبر 4، سال 1983،

(2) لطائف لطيفي فارسي، ص 204 سال 1967ع،

(3) مير صاحب جي وڌيڪ ٻن ڪتابن: شجره اطهر اهل بيت ۽ طومار سلاسل گزيده ۾ پڻ شاهه صاحب جو حوالو اچي ٿو.

(4)”مقالات الشعرا“، ص 29، 428، ۽ ”تحفته الڪرام“ فارسي، ص 3_ 152، مطبع ناصري دهلي، سال 1304 هجري.

(5) ”مقالات الشعرا“، ص 429، ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي، ناشر سنڌي ادبي بورڊ، سال 1957ع

-- رجا جي شعر جا ٽي بيت هن ريت ملن ٿا:

(i)     زد مــــــــــغز در فراق دگر کرد سينه چاک

شد محو در مراقبه جسم لطيف پاک

(سيد حسام الدين راشدي، مقدمو ص 21، حديقته الاولياءُ)

(ii)    زد نـــــــــعره در فراق دگر کرد سينه چاک

شد محو در مراقبه جسم لطيف پاک،

(iii)    گفــــــــت اين راجا مريد سن ارتحال پير

گـــــــرديده محو عشق وجود لطيف مير،

هنن ٽنهي بيتن جي آخري سٽ ابجد جي حساب موجب، سن 1165هه ڏيکاري ٿي (ڏسو لطائف لطيفي، ص 8-204).

(6) مير علي شير قانع ”تحفته الڪرام“ فارسي، ص 3-152، پراڻو ڇاپو.

(7) رچرڊ برٽن ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ قومون“ انگريزي، ص 83، آڪسفورڊ ايڊيشن ڪراچي 1975ع.

        هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي ۾ ڏنل سال، اصل ڪتاب جي متن سان ٿيل هٿ چراند جي نشاندهي ڪن ٿا، (ڏسو: سنڌي ڇاپو، ص 81-80، از محمد حنيف صديقي، ناشر سنڌي ادبي بورڊ).

(8) ڊاڪٽر دائود پوٽو ”مضمون ۽ مقالا“، ص 98 ۽ 108، سال 1978ع.

        سائودي وارو انگريزي ايڊيشن، وري سنڌ اطلاعات کاتي جي ڪتاب ”عوامي شاعر“، انگريزيءَ ۾، سال 1972ع ۾ ڇپيو آهي، ان ۾ ڏنل سال، مرحوم دائود پوٽي واري ايڊيشن کان مختلف آهن (ڏسو: دي پوئيٽ آف پيپل“ ص 44 ۽ 51، سال 1972ع).

(9) ڊاڪٽر ٽرمپ ”ديوان شاهه عبداللطيف“ انگريزي مهاڳ، ص Vii ڇپيل سال 1866ع جرمني.

(10) ڏيارام گدومل سگما ”ڪجهه سنڌ جو ذڪر“، انگريزي، ص 8، بليو ٽئسڪي پريس حيدرآباد سال 1882ع.

(11) حوالو (10)، ص 8 ۽ 9.

(12) مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ انگريزي، ص 2 ۽ 25، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال 1980ع.

        مرزا صاحب حاشيي (ص 25)، ذريعي ٽرمپ جي ڏنل سالن تي ڀرپور تنقيد ڪئي آهي.

(13) مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، سنڌي، ص 9 ۽ 43، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال 1972ع.

(14) مير عبدالحسين سانگي ”لطائف لطيفي“، ص 29 ۽ 188 ۽ پڻ حاشيو ص 188، از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سال 1967ع.

(15) ”لطائف لطيفي“، ص 204.

(16) ليلا رام وطڻ مل ”شل جي سوانح، مذهب ۽ شعر“، انگريزي، ص 2، 16 ۽ 3، سنگ ميل پبلشرز لاهور، ڇاپو ٻيون، سال 1978ع.

شاهه صاحب جي شعر تي پارسيءَ جو اثر

سدا رنگاڻي ”خادم“

        (نوٽ: شامل مضمون منهنجن وقت بوقت ورتل نوٽن جي آڌار تي لکيل آهن.* مون کي ياد آهي ته شاگرديءَ واري زماني ۾، حيدرآباد سنڌ جي نئشنل ڪاليج ۾، مون هڪڙي موقعي تي (1934ع، ”اقبال ۽ شاهه لطيف تي روميءَ جو اثر“ جي سري سان ننڍڙو مقالو پڙهيو. چڱي حوصله افزائي ٿي. ايم اي واري زماني دوران (1936_ 1938ع) بمبئيءَ جي اسماعيل ڪاليج ۾ استاد ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪرم ۽ فيض جي نظر انهيءَ اتساهه کي ٻيڻو ڪيو.


 1. هي اشارو ڪمشنر لائبريري واري قلمي ڪتاب ڏي آهي. ديوان صاحب ان ڪتاب جو ذڪر پنهنجي ڪتاب جي صفحي 7 تي ڪيو آهي ڏسجي ٿو ته کيس سائوديءَواري ڇاپي جي خبر نه هئي

 

*  پارسي ۽ عربيءَ جي برک عالم ۽ بزرگ سنڌي اديب ۽ شاعر محترم ڊاڪٽر هرومل ايسرداس سدا رنگاڻي ”خادم“ دهليءَ مان، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي هڪ معياري ڪتاب شايع ڪيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ڪنور پارون پاتار ۾“ ان ڪتاب ۾، لائق ليکڪ ڀٽائي صاحب جي ڪلام تي عربي، پارسي،هندي، پنجابي ۽ سنڌي شاعريءَ جي اثرن جو عالمانه اڀياس پيش ڪيو آهي. هي مضمون، ان ڪتاب جو ٻيو باب آهي، جيڪو ڪتاب جي پيش لفظ سان گڏ، مضمون جي صورت ۾، مهراڻ جي قارئين لاءِ پيش ڪجي ٿو. ڪتاب جا باقي باب پڻ ساڳئي نهج تي لکيل اهن. ڪتاب جو پهريون باب، جيڪو عربيءَ جي حوالي سان آهي، قارئين مهراڻ گهڻو پسند ڪيو آهي، جيڪو اسان مهراڻ جي گذريل اشاعت ”مقالا نمبر“ (4---84ع) ۾ شايع ڪيو هو (ادارو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com