سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :6

مهرالنساعه ”مهر“ پروين

غزل

اڄ عجيبن جي اچڻ جي انتظاري ٿي اٿم،

آهه بي چيني وڌي، ۽ بي قراري ٿي اٿم.

اوچتو قاصد قريبن جي چيو، هو ٿا اچن،

شڪر جو ورهن کان پوءِ ڀي، پوئواري ٿي اٿم.

محب ڪئڙي مهرباني، وصل جو وعدو ڏئي،

گوندرن جي اگس ڊهي ويا، برقراري ٿي اٿم.

هوندوري نانءُ ڌريل، يار سهڻي کان سواءِ

ميٽجي ويو منٽ ۾ سو نامداري ٿي اٿم.

آس اندر ۾ هئي جا، يار جي ديدار جي،

سا پني، ساجن مليو، اڄ آبياري ٿي اٿم.

ٻانهه ٻيلي ”مهر“ جو، محبوب مشفق آهه ٿيو،

اڄ عجيبن کان وري، امداد جاري ٿي اٿم.

نثار بزمي

غزل

هونءَ ڌار ته آهيون پر سپنن ۾ ته گڏ آهيون.

ڳائن ٿا ڳائڻ وارا. نغمن ۾ ته گڏ آهيون.

هڪ ٻئي کي ڏسون ته نه ٿا، آواز ته ٻڌجن ٿا،

سوچي جي کڻي ڏسبو، لفظن ۾ ته گڏ آهيون.

طوفان لٽيا ناهن، برسات پٽيا ناهن.

پيرن جي انهن پختن، نقشن ۾ ته گڏ آهيون.

تون ڌار اتي آهين، مان ڌار هتي آهيان،

ميلو ته نٿو ٿئي پر، مهڻن ۾ ته گڏ آهيون.

تون ۽ مان ٻئي پنهنجن، لڙڪن کي لٽايون ٿا،

نفعو ته مليو ڪونهي، خرچن ۾ ته گڏ آهيون.

تون مون ۾ پيل آهين، مان تو ۾ پيل آهيان،

اکين کان پري آهيون، مان تو ۾ پيل آهيان،

تون مون کي سنڀارين ٿو، مان توکي تنوار يان ٿو،

جلون کان جدا آهيون، جذبن ۾ ته گڏ آهيون.

هڪ ٻئي جي جدائيءَ جو، افسوس ته ڏاڍو آ،

خوشين ۾ کڻي ناهيون، صدمن ۾ ته گڏ آهيون.

ٿيو حال نه جي حامي، ڏک ڪهڙو ڪجي ان تي.

ماضيءَ جي مٺن پيارن، لمحن ۾ ته گڏ آهيون.

هر پاسي هلن ڳالهيون، ٿيون پيار اسان جي جون،

هن ملڪ جي ماڻهن جي، گفتن ۾ ته گڏ آهيون.

معشوق ٿو سڏ جين تون، عاشق ٿا سڏن مون کي،

”بزميءَ“ جا سڄڻ! اهڙن، لقبن ۾ ته گڏ آهيون.

رشيد ”ارشد“

غــــــزل

پنهنجي وطن ۾!

اي منهنجا خدا، منهنجا خدا! پنهنجي وطن ۾،

قائم رهي آزادي، اها پنهنجي وطن ۾،

 

تابنده، زنده رسم وفا پنهنجي وطن ۾،

مفلوج وتبه دست جفا پنهنجي وطن ۾.

 

آهن سڀئي ”ارشد“ کان خفا پنهنجي وطن ۾،

خود ساخته، مصنوعي خدا پنهنجي وطن ۾.

 

هن ديس تان جي ڪو جڏهن قربان ٿئي ٿو.

ماڻي ٿو شهادت جا مزا پنهنجي وطن ۾.

 

مقصد جي محبت ۾ يڪ آواز ۽ يڪ روح،

گرچه ٿا ڏسو لهجا جدا پنهنجي وطن ۾.

 

هر ذري ۾ رت آهي شهيدن جو سمايل،

ڄڻ قوس قزح ارض وسما پنهنجي وطن ۾.

 

محرومي عه منزل جي اها وجه آ شايد،

هر گام تي صد راه نما پنهنجي وطن ۾.

 

خوش منظرو خوش رنگ به هرڪس نظر آيد،

سڀني کي وڻي رنگ حنا پنهنجي وطن ۾.

 

دل خوش ٿي ٿئي، نيڻ ٺرن ٿا ڏسي ”ارشد“،

الفت ۽ اخوت جي فضا پنهنجي وطن ۾.

مير محمد پير زادو

گيت

ڇا لئه بند ڪيئون ساز،

وري اڄ،

ڇيڙيئون ڪائي تار،

ڏيندا مينهن ميار!

او يار،

ڏيندا مينهن ميار!

سائي سائي ساوڪ ڇائي، مند ملڻ جي آهي آئي.

پکي به لاتيون خوب لنون ٿا، سڀڪنهن جي لئه آ سرهائي.

اهڙيءَ موسم ۾ او مٺڙا! رهڻ نه گهرجي ڌارئون ڌار.

ڏيندا مينهن ميار......

سمو سهانو آهي آيو، گيت ڪڪر آ روئي ڳايو،

منهنجي من جا گهاؤ انوکا، شايد مون جيان هو ڀي گهايو.

راتيون جاڳي آئون ران ٿو، هو به ڪڍي ٿو اڀ ۾ پار.

ڏيندا مينهن ميار........

جواني پنهنجيءَ گئونچ نه ڪڍيا، جذبن جا وڻ پاڙئون وڍيا.

هڪڙي ڇڻيا ٻيا گل ڦٽندا، توسان ايندا ڳنڍيا ڳنڍيا،

آءُ ته وري اڄ ڦولون ڦهلون گلڙا ٽيڙي جهولئون ڏار

ڏيندا مينهن ميار.......

تنهنجي خوشبو منهنجي خوشبو، دنيا ۾ جي گڏجي پونديون،

نفرت نفرت، ڪلفت ڪلفت، دنيا ۾ پوءِ مور نه رهنديون،

هر ڪنهن جي لئه هڪجهڙائي مينهن مثل ڪي پکڙيئون پيار.

ڏيندا مينهن ميار.........

ڀوتر ڀوتر ڀتيون ڀوريون، جهونا، ڪوڙا ويڇا جهوريون،

گڏجي جهومون، گڏجي ڳايون، گڏجي چنگ چڙن کي چوريون،

اونداهين سان الجهون اٽڪون، کنوڻين جيان ڪيون ان تي وار.

ڏيندا مينهن ميار........

او يار،

ڏيندا مينهن ميار!

عابد لغاري

غزل

منهنجي حالت کي ڏسي اڄ آسمان روئي ڏنو،

هن جهان سان گڏ، مڪان ۽ لامڪان روئي ڏنو.

حسرتن سان گڏ اميدن ۾ سدا هلندو رهيس،

هر قدم جي ڪهڪشان ۽ آسمان روئي ڏنو.

منهنجي حالت کي ڏسي هو به ديده تر ٿي ويو،

ٿو خوشي ۾ اڄ رئان جو، جان جان روئي ڏنو.

دل جي ٽڪرن کي ڏسي، منهنجو جگر تڙپڻ لڳو،

روح هڪ هو رازدان، تنهن رازدان روئي ڏنو.

اوچتو ٺوڪر لڳي ۽ منهنجي حالت غير ٿي،

همسفر ششدر ٿيا ۽ ڪاروان روئي ڏنو.

مون مسيحا کي چيو، اڄ زندگي مون کي ڏئي،

مون کي ڀاڪر ۾ وٺي روح روان روئي ڏنو.

منهنجي روئڻ ۽ لڇڻ جو ڪو اثر ايڏو ٿيو،

مهربان هر ڪو رنو، نامهريان روئي ڏنو.

بعد منهنجي موت جي آ بي وفا محفل ڪئي،

ياد عابد ۾ ڏٺم، اڄ ميزبان روئي ڏنو.

اسحاق ”راهي“

نظم

مگر تون مان نه هونداسين

ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،

نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

موافق باغ سان باد صبا پئي هر گهڙي ٿيندي،

گلن ۾ رنگتون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

چمن ۾ چهچٽا هوندا، ڪلين ۾ تازگيون هونديون،

بهارون اينديون ۽ وينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

نوان عشاق پيا ايندا، نوان محبوب پيا ملندا،

نديون پيون نينهن جون وهنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

حياتي واري ڪان ميلا محبت جا پيا ايندا،

دليون ڪي پرچنديون رسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

هميشه بره جون بجليون ۽ هوندا پيار جا بادل،

نيون پيون بارشون وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

اسان کان پوءِ ڀي آباد هوندا ويڙها خوشين جا،

وري عيدون پيون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

اهي راتيون رسيليون ۽ رهاڻيون، تنهنجو ۽ منهنجو،

پيون هر گام تي پڇنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

سنڀالي دل ۾ دل واريون نشانيون نينهن واريون خود

لڪائي پيون لڪائينديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

اهائي حسن جي پوڄا ۽ هوندا سونهن کي سجدا،

پچارون پيار جون هلنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

 

اسان جي پيار جي خوشبو سان ويندا واسجي ”راهي“،

سڀئي واهڻ سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

نظم

هيڪل ماڻهو

هن جڳ ۾ جي هيڪل آهن،

سي سڀ ڪجهه ناهن،

سڀ ڪجهه آهن:

هڪڙا جيڪي

پيار محبت لئي آسا پياسا،

روڳي جوڳي آسا نراسا،

تن جو جيون خالي آهي،

تن لئي دنيا اوندهه آهي،

دنيا تن لئيه ڪجهه به ته ناهي،

سي هن جڳ ۾ هيڪل آهن،

سي ئي سائين! سڀ ڪجهه ناهن.

پر هڪڙا جيڪي

جڳ ۾ جاءِ وٺڻ جي بداران،

جڳ کي پنهنجي جيءَ اندر هو

جوڙيندا هن

۽ پنهنجو پاڻ کي ٽوڙيندا هن،

سي ئي نيارا پيارا ماڻهو،

دنيا کي ڪجهه ڏيندا آهن،

گهور دنيا لئي ٿيندا آهن.

سي ئي ماڻهو محب مفڪر،

سي ماڻهو پڻ دانشور،

سي ئي ماڻهو هادي رهبر،

سي ئي ماڻهو تخليق ڪار،

سي ئي ماڻهو جڳ سنسار،

سي ئي ماڻهو ڪن هٻڪار،

سي ئي ٿورا ڪين هزار،

هو جڳ ۾ هوندي هيڪل آهن،

سي ئي ماڻهو سڀ ڪجهه آهن.

انيس انصاري

غزل

گلن سان گڏ رهن ٿا خار! ڇا چئجي،

قيامت جا اهي آثار! ڇا چئجي؟

رهي آ ڪين ڪي الفت زماني ۾،

نه ڪو ساٿي، نه ڪوئي يار! ڇا چئجي؟

پٽن کان پي ۽ ڀائر پنهن جي ڀائن کان.

زماني ۾ ڏٺم بيزار! ڇا چئجي؟

ڏسان ٿو مان گهڻو ڪجهه، تنهن جي محفل ۾،

ٻڌڻ سهنجو، چوڻ دشوار! ڇا چئجي؟

ستل آ ساڌ بي خبرو، زماني کان،

ڏٺو مون چور کي بيدار! ڇا چئجي.

پيالن تي پيالا پي به جاڳن ٿا،

رڳو تون بي پئي سرشار! ڇا چئجي؟

ڏسو سٽ جي بها تي يوسف ڪنعان،

وڪامي ٿو سر بازار! ڇا چئجي؟

رحيم بخش ”قمر“

غزل

اي ماه جبين، منهنجا سڄڻ عيد مبارڪ،

اي دل جا نشين، منهنجا سڄڻ عيد مبارڪ!

اڄ عيد جي آغوش ۾ آرام نه آهي،

خوشحال هجين، منهنجا سڄڻ عيد مبارڪ!

ڳوڙها ٿا ڳڙن توکان سواءِ عيد تي دلبر،

هنئڙي جا مڪين، منهنجا سڄڻ عيد مبارڪ!

خوشحال هجين شال تون پرديس ۾ پيارا،

ڏک ڪين ڏسين، منهنجا سڄڻ عيد مبارڪ!

گلزار ۾ گهائي ٿي مٺا توکان سواءِ عيد،

ٿوڪين اچين، منهنجا سڄڻ عيد مبارڪ!

اشعار هي ارسال ڪري توکي ”قمر“ ٿو،

سوغات حسين، منهنجا سڄڻ عيد مبارڪ!

تاج جويو

وايون

(1)

ڪڏهن ٿيندين، سچ؟

سپنا، منهنجي ساهه جا!

عشق اجاريو جيءَ کي، من ۾ ٻاري مچ

سپنا، منهنجي ساه جا!

نينهن نمازون گهوريون، اچ اچ، من ۾ نچ!

سپنا، منهنجي ساه جا!

جتي سايو سچ جو، ڪين پڄي ات ڪچ!

سپنا، منهنجي ساه جا!

سونهن سنديءَ سرهاڻ ۾، اچ اچ، راڻارچ!

سپنا، منهنجي ساه جا!

(2)

سچ نگر جي واٽ تي، پنهنجا اوچا ڳاٽ،

گهوريو گهوريو جندڙو!

ڏيئا ڏيئا هٿ ۾، روشن روشن واٽ،

گهوريو گهوريو جندڙو!

اڌي، پانڌي پنڌ ۾، مٿان وسي مات،

گهوريو گهوريو جندڙو!

اَمرنا تي نينهن جي، گهوريو گهر گهاٽ،

گوريو گهريو جندڙو!

لڪن لڱ لوساٽيا، ڄيري عشق ڄراٽ،

گهوريو گهوريو جندڙو!

خاڪي جويو

بيت

اٿندي، وهندي، سمهندي، تن ۾ تنهنجي تات،

وائي نه ٻي ڪا واٽ، سوا تنهنجيءَ سونهن جي.

 

اونداهيءَ جي انڌ جون، وٿون سڀ وسار،

اهڙو ڪوئي ٻار، ڏيئو پنهنجيءَ ڏات سان،

 

تن اسان جو تيئن، تڙپي لوندو لاتڙي،

پرهه ڦٽيءَ جو جيئر، پکي ڪن ٿا ٻوليون.

 

سرتيون ٻڌم سڏ، جڏهن جو ڀن رت جو،

گوندر سان مون گڏ، ورتي واٽ وجود جي.

 

جيئن جيئن ڪيو سڏ، سرتيون سپني سونهن جي،

تيئن تيئن مون آ گڏ، گوندر ساڻ گذاريو.

 

آدرشي انسان جو، آهي آ رنه پار،

جيسين نيڻ نهار، تيسين اور عوام سان.

 

دل اندر درياهه، ويه سونهن ورونهن جو،

جنهن کان ٿي اگاهه، چت ڀريان ٿو چاهه سان.

 

هانءُ اسان جو هنج، چڳي موتي چاهه جا،

گڏ ڪري مون گنج، من ۾ رکيو موهه جو.

 

پرين ”در پورا“، ايندا ڪڏهن مون گهرين،

”خاڪيءَ“ ۾ کورا، ٻرن جن جي ياد جا.

 

اک الستي کول، ته ماڻي مرڪ پيار جي،

ڳهلا هيئن نه ڳول، پاڻان ڌار پريتڻون.

 

اکيون منجهه آڪاس، ڦرندي فوجن وانگيان،

ٿيون نيٺ نراس، ڳوليندي ڪنهن ڳالهه کي.

 

جني ڪارڻ جيءُ،رڙيون ڪندي روهه ۾،

تني ڪارڻ ٿيءُ، پرزا پهڻن وچ ۾.

سور هالائي

غزل

ڀنيءَ جي ويل ٿي آهي،

هوا ٿڌڙي گهلي آهي.

پنهون چوري نه ٿي ويندو،

سئي جاڳي پئي آهي.

وري ساڻيهه جون ساکون،

ڏيڻ مارئي، هلي آهي.

نئين روشن سورج جي،

خبر خاصي ملي آهي.

او! منهنجي ديس جا لوڪو!

اٿو! ٿي روشني آهي.

هوا گجرا جهلي بيٺي،

سواگت جي گهڙي آهن.

شفيع چانڊيو

وائي

اکيون اڃايل يار اسان جون ساجن توکي سارين

گوندر منجهه گذارين.

توکي ساريو، ساريو سپرين هنجون روز هارين،

گوندر منجهه گذارين

ڏاڍو ڏور وڃين جو ويٺين سنجهه صبوح سنڀارين،

گوندر منجهه گذارين.

ديد لئه ڀٽڪن در در دلبر راهون روز نهارين،

گوندر منجهه گذارين.

نصير مرزا

نظم

اهو باغ

جتان هاڻ دريا وهي پيو،

اتان روز باغن ۾ ويندو هئس مان،

ابلڪ تي بابا جي پٺيان ويهي (کيس ڀاڪر وجهي)،

ڌڌڙ ڌوڙ ڌنڌلن نظارن کي ڏسندو

آيل جون، بابا سان ڳالهيون ڪندو مرڪندو.

 

اهو باغ اڄ خواب ڪوئي لڳي ٿو،

نه ڪويل، نه ڪو ڪو،

نه بلبل، نه خوشبو،

رڳو بس سڌي لهر ڌاڳي جي دريا،

۽ ان جي ڪپر سان پري تئن،

عجب رنگ بنگلن جي جهر مر قطار،

۽ ان کان اڳيان پوءِ ويران بن،

اَزل ۽ اَبد جو ڀيانڪ ملاپ،

آڪاش ۽ سمنڊ جي سرد سنگم جو منظر،

خلائي خلا ........ خلائي خلا ......... خلائي .......خلا. 

ڪڏهن شام جو،

ريل جي بند تان يا ڪ، دريا جي پل تان،

گهنٽي وڄائيندو سائيڪل جي،

اڻ ڄاڻ ڳوٺن ڏي نڪري جي پوندو آهيان مان،

ته، گهنٽيءَ جي ٽڻ ٽڻ ۽ دل جي ردم تي،

چپن منجهه چوندو پيو آهيان مان،

سدا ديس منهجي تي سورج جو پرڪاش قائم رهي،

هوائن ڏسائن ۾ دريا جي دم سان هي سرهاڻ دائم رهي.

فصل ۽ نسل مهڪندا جهومندائي رهن سڀ سدا،

پراڻي انهيءَ باغ جان مان،

هجان

نه هجان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com