سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :16

سندري اتمچنداڻي

’لکي ڏي!‘

چنڊڙا، تون اڃا بيٺو کلين! شايد تو اها ڳالهه ٻڌي ئي ناهي. ڀلا، ٻڌي به ڇا ڪندين؟ گهر جي ڀتين ته ٻُڌي، پوءِ اهي ڇو ڪين لُڏيون؟ جنهن وقت ٻنهي ماءُ- پٽن گڏجي چئي هئي اها ڳالهه، تنهن وقت هوا به ته زور شور سان پئي ڦري گهري، پوءِ به چِڪَ کي منهن ۾ ڦهڪائي هلي ويئي!

مگر نه، چنڊ، تون اهڙو ناهين؛ تون ٻڌين ها ته ضرور روئي وجهين ها. هيڏا سال جو تو سان رهاڻيون ڪيون اٿم، سو ڪو ته ناتو ٻڌجي ويو هوندو! مگر، ڪيئن چئجي، شايد گڏ رهڻ سان به ناتو نه ٻڌبو آهي.

هاءِ، ائين به شايد ٿي سگهندو آهي، نه ته ڀلا هاڻي ڪيئن چونم ها ته ”لکي ڏي!“ هڪ ٻن ڏينهن جو ناتو ته ناهي هن سان! هوءَ راهه شاهد آهي.... چوڏهن سال اڳ، ڪهار ڏولي کڻي پئي آيا، تڏهن هن راهه منهنجيون سڀ من مستيون ٻڌيون هيون. ڪيڏي پئي کل آئي ان مهل، انگ انگ ٿي ٺريو! پيرن جي آڱرين تي زيور؛ هٿن جي آڱرين تي منڊين جا وڪڙ؛ ٻانهون، ڳچي...... پر مان ته نڪ جي هيري جي چمڪ تي ئي موهت ٿي پيئي هيس! تازي ٽوپيل نڪ سور به ڪيڏو پئي ڪرايو، پر نئين ناتي جي خوشي ڪا هئي! ڪهڙي سَکِي  هئي، جنهن منهنجي سڄڻ جي سونهن جي ساراهه نه ڪئي هئي: ويندي ائين به چئي ويٺيون ته ”ههڙو جو گهوٽ سهڻو اٿس، سو ٻار به جهڙا پَرين جا ٻچا ٿيندس!“  هئي ته عجيب ڳالهه: شام تائين جا ڪنيا هئي، سا ويڏيءَ تي ويهڻ سان ئي امڙ بنجڻ جي لائق عورت ٿي پيئي!

مگر عورت ٿيندي ڪيڏو فخر هو! - ايڏو ئي وڏو، جيتري اڄ ٻيهر موٽي ڪنيا ٿيڻ جي بيوسي آهي. ڪهارن جو هلڻ ڪيڏو ڌيمو ٿي لڳو. اهو ڳورو ڳورو هٿ جو ويڏيءَ تي ڏٺو هوم، ان جي چانديءَ جهڙي چهري واري مالڪ کي ڏسڻ لاءِ ڪيتري نه بيتاب هيس! سوچيم، ’سوني هوندي اها مهل!‘ مگر اها مهل آئي ئي ڪانه، ۽ جڏهن آئي، تڏهن به سوني بڻجي نه آئي. پتيءَ امتحان ڏنو، پوءِ آئي اها مهل. شاديءَ کي پورا چاليهه ڏينهن گذري چڪا هئا. ايتريون راتيون ڪنهن جي قدمن جي آهٽ ٻڌڻ لاءِ ڪَنَ پريشان رهي رهي، نا اميد ٿي چڪا هئا.

ليڪن، هاءِ ڙي ناريءَ جي بيوسي! پوءِ به جڏهن قدمن جي آهٽ آئي، تڏهن، ڪَنَ سرلا ڪري، منهن ڍڪي، سڌي ٿي ويٺيس. هن منهنجو گهونگهٽ مٿي کنيو. اُها مهل، اُها گهڙي اچي پهتي هئي. لڄ ڀرين اکين پورو ديدار ڪرڻ به نه ڏنو!الائي ڇا  ٿي ويو ان گهڙيءَ کي!

”ننڊ ڪانه ٿي اچيئي؟“

اهو به ڪو ڀلا سوال هو! مان کڻي اڻپڙهيل هيس، ته به ڪيترين ساهيڙين کان اهڙيءَ گهڙيءَ لاءِ سوال جواب پڇي رکيا هئم. ۽ هن ڀلا ڪنهن ڪتاب ۾ به ان کان سهڻي ڍنگ جي ڳالهه نه پڙهي هئي!  مان ڀلا ڇو چوان ته ’ننڊ ڪانه ٿي اچيم‘؟ چاليهه راتيون ڪهڙي ننڊ آئي هئي جو اڄ ايندي هوندي. پر مان ڇو کيس ٻڌايان؟ کڻي ڪنڌ ڌوڻيم. بس، هو پوئين پير هليو ويو!  ويندي ويندي چوندو ويو. ”سمهي پئه.“

ڪاش، ان گهڙيءَ انهيءَ سمهي پوڻ جو مطلب سمجهي سگهان ها! تن بدن ۾ آگ لڳي ويئي. در جي چيپاٽ وٽ بيهي، چير مان جيڪي ٻڌم، تنهن ته ساري سگهه ستيا ئي ڪڍي ڇڏي: ” هر ڳالهه ۾ ضد ڪندي آهين، اما! پهرين چيئه ننهن کپي، هاڻي..... بس بس، مون کي هاڻي مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ ڏي.“

’هاءِ، رام! اڃا به اوسيڙو ڪڍڻو پوندو!‘سوچيندي سوچيندي، دماغ پاڳل ٿي رهيو هو. ڪيترا ڏينهن ته اکين مان ڳوڙها ئي نٿي سڪا. عزيز خويش رحم کائڻ لڳا: ان رحم جي پلئه کي پيار جو پلئه سمجهي، ڇڪي، ان ۾ پاڻ ويڙهي ڇڏيم. وري به کلڻ ڪڏڻ لڳيس، ۽ اميد جي ڏيئي جي وٽ کي به ڏينهون ڏينهن اڳتي سوريندي رهيس. سَکيون سرتيون به ان وٽ کي سورڻ ۾ مدد ڪنديون هيون. سندن مٺا ٻول - ” لاجوءَ جي ته لوڏ ئي لَک ٿي لهي!  ڀائي، سندس گهوٽ ٿيندو وڪيل، پوءِ ته لاجو اسان سان ڳالهائيندي به ڪانه!“.... هاءِ، ڪيڏا سيسراٽ اڀرندا هئا انهن مٺن ٻولن سان! ڪيڏيءَ وڏيءَ پونجيءَ جو انتظار هو!

۽ مليو ڇا؟ اڙي چنڊ!

....... ڏاڍي ٿوري پونجي اٿيئي منهنجي. ان لاءِ به سندس امتحان پاس ڪرڻ تائين ترسندي رهيس. شايد ان ڪري ئي ايڏي پياري اٿم اها پونجي؛ نه ته ٻالڪ جيڪي اڳڙيون ٿڳڙيون ميڙيندا رهندا آهن، تن کان ڇا وڌيڪ آهي منهنجي پونجي! - فقط ڪن راتين ۾ سندس سواسن جو ڇهاءُ، ۽ چپ چاپ ۾ ڪنهن وقت هڪ ٻار لاءِ اٻلاکا! جيءَ جان سان پوري ڪيم سندس گهُر، مگر نه رهي سگهيو اهو ٻالڪ به هن جهان ۾. ٻالڪ جي مرتيي تي ئي بس هن کي پتيءَ جي روپ ۾ ڏسي سگهي هيس - هڪ همدرد انسان جي روپ ۾. ليڪن، ٻئي ڏينهن تي ئي سڀڪجهه بدلجي ويو. هڪ ڏينهن لاءِ، کوهڻ ۾ پائڻ جو عجيب درشيه ڏٺم، ۽ بس. ڪيڏي نه وڏي پونجي آهي، چنڊڙا!

مون کان وڌيڪ ڪُروپ نارين کي پنهنجن گهوٽن سان گهر جي هر ڪاريه ۾ ويهي صلاح مصلحت ڪندي ڏٺو اٿم؛ پر، هائو، سندن گهوٽ ڀل منهنجي پتيءَ کان سندر آهن، ته به منهنجي پتيءَ کان گهٽ پڙهيل آهن. تڏهين، ڇا، علم ئي اهو ويڇو پيدا ڪيو آهي اسان ٻنهي جي جيون ۾؟ سچي هئي منهنجي هڪ سَکي، جنهن چيو هو، ” جڏهين پتي پڙهي تيار ٿيندو، تڏهين تنهنجا اوسيڙا اوجاڳا سمجهندو به ڪونه!“ پر مان جو چري هيس.... هيترو سندر، هيترو پڙهيل انسان، ڪڏهين منهنجين قربانين کي سمجهي نه سگهندو، اهڙي ڳالهه ته دماغ ۾ ويهي ئي نه پئي سگهي!

کل نه، چنڊ! ڏاڍو وڏو ڏک آهي هيءُ. خبر ناهي ڪهڙن ڪنن سان سس جا اکر ٻڌم: ”لکي ڏي!“ ۽ اکيون کڻي جو پتيءَ ڏانهن نهاريم.... هاءِ، هن به ائين ئي چيو، ”لکي ڏيندينءَ، تڏهين ئي ٻي شادي ٿي سگهندي!“ مري ڇو نه وئيس ان مهل! ساري پرٿوي اچي لُڏي:اکين جي درياءَ ۾ هر چيز کي لڏندو ٻڏندو ڏٺم، پر نه سمجهي سگهيو ڪوئي هيءَ پيڙا! هڪ سکيءَ ليلا چنيسر جي ڪهاڻي ٻڌائي هئي. ليلا کي ته سڀڪي مليل هو پتيءَ وٽان. هن پتيءَ جي آزمائش ٿي لڌي. هڪ وڏو ڀرپور وشواس پتيءَ جي راهه ۾ اڇلي، کِلڻ ويهي رهي. هاءِ، لُٽجي ويئي! روئي موٽي، مون جيان!

مگر هيءَ هئي سس! ناريءَ جي ويدنا، ناري به نه سمجهي! جڏهن پتي پڙهڻ ۾ مشغول هو، تڏهن سس کان اسڪول وڃڻ جي موڪل گهري هيم. هن ڀرون تاڻي چيو هو، ”وڏن گهرن جون نهر به ڀلا اسڪول وينديون آهن!“

- ته وڏن گهرن جون نهر فقط ٻل چاڙهيون وينديون آهن؟

اڙي چنڊ، ڇا لکي ڏيان هن سس کي؟ اِهو، ته منهنجي موهه جو ٽڪرو ٻيءَ ڪنهن جو ٿي وڃي! ڪاش، کيس هڪ ڌيءَ هجي ها، ۽ ان کي پتي چوي ها: ’لکي ڏي پنهنجي ننڍڙيءَ پونجيءَ جي وصيت!‘ ان مهل ماتري هِردو ڏري پوي ها؛ ڀڙڪي چوي ها، ’نه لکي ڏج! اصل ڪجهه به نه لکي ڏج! جنهن انسان تنهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي، ٿيڻ ڏي اُن جي جيون کي به برباد!‘ مگر مون لاءِ ڪيئن ٿو ڪوئي ائين چئي سگهي؟ ماءُ جا ڪانهيم! هيءَ ته ٿي پنهنجي اولاد جي ماءُ..... روز گروءَ جي اڳيان مٿو ٽيڪي جا سڀ پاپ ڌوئي ايندي آهي، سا مون لاءِ ماءُ ڇو، پوتنا ڇو نه ٿئي!

چنڊ، مان ڏاڍي ڪڙي ٿي پيئي آهيان نه؛ نه ته هن سس لاءِ ايترا ڪڙا اکر ڇو ڳالهايان، جنهن ڳالهه ٿي ڪئي ته سندس شاديءَ جي پورن ڇهن مهينن کان پوءِ، جڏهن چوٽ تي بيٺي پنهنجا واسينگ سُڪائي رهي هئي، تڏهين اچي ٻڌايائونس ته سندس پتي ٿي ويو جهنگل جي هڪ چيتي جو شڪار! بس، هڪ ٻالڪ جي سهاري ڪاٽي چڪي آهي زندگي هيءَ عورت، جا هئي ساري ڳوٺ جي سونهن. وهم ويڙهي ويس ته سهڻي عورت ڀاڳ هيڻ ٿيندي آهي، ۽ سڪ پائي ورتائين سانوري ننهن. مگر سانوريون به ڀاڳ هيڻيون ٿي سگهنديون آهن: سهڻيءَ سس پتيءَ کان پوءِ ڏهاڳ ڏٺو، ۽ مون... پتيءَ جي جيئري!

هاءِ، چنڊ، توکي ڏک ٿو ٿئي هي سڀ ٻڌي! تڏهن پيو ويڙهين هيءُ بادل جو آنچل؟ نه لڪاءِ پنهنجو مکڙو؛ اڄ رات پاڻ سان ڏک ونڊڻ ڏينم، پنهنجن سيتل ڪرڻن جي بارش وساءِ، هن آگ لڳل جيءَ کي ٿڌو ٿيڻ ڏي، نه ته ڪيئن گذرندي هيءَ رات! اڪيلي سر ڏک جو پهاڙ کڻي نٿي سگهان. تون به مون کان پري گگن ۾ آهين، ۽ پتي به آڪاس کان گهٽ پري ناهي. ليڪن، هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ؟... ڪڏهن ڪڏهن هو لوڪ سُتي منهنجي بلڪل ئي ويجهو هليو ايندو آهي - اصل ايترو ويجهو، جيترو ڌرتي ۽ آڪاس جبلن ۽ ٽڪرين وٽ مليل نظر ايندا آهن. ان مهل ڏاڍي رعب سان ائين به چئي سگهندو آهي، ”ائين نه سمجهج ته مان پنهنجي غرض لاءِ ٿو تو وٽ اچان!“ ان مهل مان پاڻ کي سمجهندي آهيان ڌرتي، جيڪا ٻين جي لتڙ سهندي به ماٺ رهندي آهي، پاڻ کي خوشحال سمجهندي آهي.

ڇا ٿئي ها، چنڊڙا،  جي هو مون اڻپڙهيل نينگريءَ سان سک جي زندگي گهاري ها، ڪڏهين مون کي منهنجي اوسيڙي جو اجورو ڏئي ها: پوءِ اسان جا ٻالڪ پيدا ٿين ها، اسين کين پڙهايون ها! مان جيڪر ننهن پائڻ جو لوڀ نه رکان ها: مان پوءِ اهو ئي لوڀ رکان ها ته منهنجن پٽن جون وَنيون اچن، سندن جيان پڙهيل، سندن جيان سندر. ڇا ٿو چوين، چنڊ، مان ڏک نه ڏسان ها ته پنهنجن پٽن کي به اڻپڙهيل نهر وٺي ڏيان ها؟ پيڙائن مان ئي سڌارو ايندو آهي؟ نه نه، اها بي سمجهي آهي. ڏک سهي انسان ڪڙو ٿيندو آهي. ڏس، ڪهڙا پيئي سڀن کي حرف پٽيان. ائين ٿو لڳيم، جيڪر ساري عالم کي باهه ڏيئي ڇڏيان. اها سيج جا ڪڏهين منهنجي نه ٿي سگهي، ان کي ساڙي رک ڪري ڇڏيان، ۽ مٿان هاري ڇڏيان ان تي ڪومل ناريءَ جو خون، جا اڄ منهنجي اندر گهٽو کائي مرندي. اڄ هڪ وڏو خون ٿيندو، ڪوملتا جو، مڌرتا جو خون. ڀلي لڪي وڃ بادلن ۾، نه ڏسج اهو خون! ڏس، تارا ته اڃا به آلڙ ٻالڪن جيان پيا کلن. پڇن پيا، ” تون هڪ، هن برهمانڊ ۾ آهين ئي ڇا؟“

هائو، مان آهيان ئي ڇا، نه ته ڪيئن هڪ اڻپڙهيل کان ’لکائڻ‘ جي ڪو همت ڪري سگهي ها؟ لکي ته ڪي ڪين ڄاڻا، هائو، آڱوٺي جو نشان وٺندا مون کان. سڌيءَ طرح نه ڏينديس ته اڻسڌيءَ طرح مجبور ڪندا. پوءِ ٻن روٽين کان محروم ڪري، شايد گهر کان هڪالي به ڇڏين. ڪجهه عزت بچائڻ لاءِ، ڪجهه بک مري، شايد آڱوٺي جو نشان ڏيئي به وجهنديس. پر انصاف کي ڇا ائين ڪوڙو آڱوٺو ڏيکاري ئي شيطان هميشه دوکو ڏيندو رهندو، ۽، چنڊ، تون آسمان تي ائين ئي چمڪندو رهندين؟

نه چنڊ، نه، مان مري مٽجي وينديس! ٽيهن سالن جي ته اچي ٿي آهيان. ڪيڏن ارمانن کي گهٽا ڏيئي جيئندي رهي آهيان. بک کي به گهٽو ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديس، پر آڱوٺي جو نشان ڪين ڏينديس: ڪوڙ کي سچ مٿان سوڀ پائڻ ڪين ڏينديس! هو دروازي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا نه؟ ها، ٻاهر به نڪرنديس. شايد چري ٿي پوان، رستن تي ڦرندي رهان..... ڪئين چريون ائين ڦرنديون ڏٺيون اٿم، جن جي احساسن کي نه سمجهي، دنيا کين اِن ڪڙيءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي.

چنڊ، پوءِ به تون ماڻهن جي دلين ۾ روشني ڪين ڦهلائيندين؟ چئه، مان ڇا ڪريان: سچ جو گلو گهٽجڻ ڏيان؟ سچ کي ته مون هميشه تنهنجي ئي روپ ۾ ڏٺو آهي - پيارو پيارو، چمڪندڙ ۽ روشن. تو سان ڪيڏيون ڳالهيون ڪندي آهيان. جڏهين هو مسافريءَ تي هليو ويندو آهي، يا هيٺ بِدريءَ ۾ ڪوئي حساب ڪتاب پيو سنڀاليندو آهي، تڏهين مان تو سان ئي ته اچي ڳالهيون ڪندي آهيان. ٻيو ڪير آهي منهنجو هن سڃ منجهه؟ نه، چنڊ، مان تنهنجو گلو گهٽجڻ نه ڏينديس: نه ڏينديس آڱوٺي جو نشان! پر، چنڊ، هاڻي هيءَ دنيا منهنجي رهڻ لاءِ ناهي... ليڪن ائين ڇو؟ بيڏوهي ائين مري وڃن، مون وانگر ارمان گهٽي گهٽي جيئنِ، ۽ هڪ ڏينهن پاڻ کي به گهٽي ڇڏين؟ ڪڏهين ته انصاف جي تارازي به کڻي بيهه! بس، وس وارا ائين بيوسن کي ڏوهي ٺهرائيندا ڦرن؟ نه، چنڊ، اهو عالم بدلائي ڇڏ: کڻي اچ پنهنجي سهائي، آرپار انهن ڏاڍن جي هردن اندر ڪر اچي چاندنيءَ جو ڪومل، سيتل پرڪاش!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com