سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :20

 

پردو ٻيو

امل بستري تي سمهيو پيو آهي.

امل. - چاچا، ڇا اڄ مان دريءَ جي ويجهو نٿو وڃي سگهان؟ ڇا، ويد ان تي به خفا ٿيندو؟

ماڌو. -  ها، پٽڙا، ڏسين نٿو ته هر روز انهيءَ هنڌ ويهي ويهي تو پنهنجي طبيعت اڳي کان به وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي آهي!

امل . -  خبر ناهي، انهيءَ هنڌ ويهڻ ڪري يا ٻئي هنڌ ويهڻ ڪري طبيعت زياده خراب ٿي ويئي آهي، پر جيستائين مان اتي ويٺو هوندو آهيان، طبيعت ڏاڍي خوش رهندي آهي.

ماڌو. -  نه، ائين ٺيڪ ناهي!  تون اتي ويهي هر ڪنهن ماڻهوءَ سان ڳالهيون ٿو ڪرين؛ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ڪو ميلو لڳو پيو آهي. منهنجا ٻچڙا، اهڙيءَ حالت ۾ طبيعت تندرست ٿي نٿي سگهي. ڏس ته تنهنجو منهن ڪهڙو نه زرد ٿي ويو آهي.

امل . -  چاچا، مون کي شڪ ٿو پوي ته منهنجو فقير هليو ويندو: هو مون کي دريءَ وٽ نه ڏسندو ته هليو ويندو.

ماڌو. -  تنهنجو فقير! ڪهڙو فقير؟

امل . -  هو هڪ سيلاني آهي، ۽ جن ملڪن جو سير ڪري آيو آهي، انهن جا قصا مون کي ٻڌائيندو آهي. مون کي هن جون ڳالهيون ڏاڍيون وڻنديون آهن.

ماڌو. -  عجيب ڳالهه آهي! مان ته ڪنهن به فقير کي ڪونه سڃاڻندو آهيان.

امل . -  چاچا سائين، هو ٺيڪ هن وقت ايندو آهي... مان توهان جي پيرين ٿو پوان، جهٽ پل واسطي هن کي مون سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪوٺي اچو.

(جعفر فقير جي ويس ۾ داخل ٿئي ٿو.)

امل . -  اوهو، فقير، تون اچي وئين! اچ، اچ، مون ڏانهن اچ!

ماڌو. -  اڙي، هي ته....

جعفر. -  (اک ڀڃي) مان فقير آهيان!

ماڌو. - سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون ڇا آهين، ۽ ڇا نه آهين.

امل . -  فقير، تون ڪٿان پيو اچين؟

فقير. - طوطن جي ٻيٽ کان!هينئر مان اتان پيو اچان.

امل. - طوطن جي ٻيٽ مان!

فقير. -  توکي ايترو عجب ڇو ٿو لڳي؟ مان تو وانگر ٿورو ئي آهيان. سفر ۾ خرچ ته ٿئي ڪو نه ٿو؛ منهنجي دل جيڏانهن چوندي آهي، اوڏانهن هليو ويندو آهيان.

امل. - (تاڙي وڄائي) ڪهڙي نه مزي جهڙي ڳالهه آهي! تو کي پنهنجو وعدو ياد آهي يا نه؟ جڏهن مان چڱو ڀلو ٿيندس، تڏهن مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندين نه؟

فقير. -  ها ها، آءٌ توکي ضرور وٺي هلندس؛ ۽ مسافريءَ جا اهڙا منتر سيکاريندس جو جهنگل هجي يا پهاڙ، ڪٿي به، ڪو به تنهنجو رستو نه روڪيندو.

ماڌو . -  هي اجايون ڳالهيون آهن.

فقير. -  منهنجا گلڙا! سمنڊ هجي يا پهاڙ، مان ڪنهن جي به اڳيان سر نه نوائيندو آهيان، پر جڏهن تنهنجو هي چاچو ۽ ويد گڏ هوندا آهن ته مون کي پنهنجي سموري منتر ياد هوندي به هار قبول ڪرڻي پوندي آهي.

امل. -  نه، چاچو ويد کي ڪجهه نه ٻڌائيندو؛ ۽ مان چپ چاپ سمهي پوڻ جو اقرار ڪريان ٿو. پر جنهن ڏينهن مان بلڪل خوش ٿيندس، انهيءَ ڏينهن تو سان هليو هلندس، ۽ پوءِ جهنگل، سمنڊ، پهاڙ، ڪا به شي منهنجو رستو نه روڪيندي!

ماڌو. - اونهون! بابلا، هر وقت وڃڻ جي ٻولي نه ٻوليندو ڪر. تنهنجون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.

امل. - فقير، ڀلا ٻڌاءِ ته طوطن جو ٻيٽ ڪهڙو ٿيندو آهي؟

جعفر. -  جادوءَ جو ملڪ آهي اُهو. اتي صرف پکي ئي پکي ڏسڻ ۾ ايندا آهن؛ اتي ماڻهو هڪ به ڪونهي. اهي پکي رڳو پيا اڏامندا آهن ۽ مٺڙيون ٻوليون ٻوليندا آهن.

امل. - ڇا،اهو ٻيٽ ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي آهي؟

جعفر. - ها، بلڪل سمنڊ جي وچ ۾ آهي.

امل. -  ٻيو ڇا؟ ڀلا اتي سرسبز پهاڙ به آهن؟

جعفر. - هائو، اهي پکي انهن ساون پهاڙن تي رهندا آهن، ۽ سج جي لهڻ ويل جڏهن انهن پهاڙن جون چوٽيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن، تڏهن اهي ساون پرن وارا پکي، اڏري، پنهنجن آکيرن ڏانهن هليا ويندا آهن.

امل. -  اتي پاڻيءَ جون واهيون به آهن؟

جعفر. - ها، ڇو نه! اتي جون واهيون ته رجيل هيرن جهڙيون لڳنديون آهن..... ۽، منهنجا ٻچڙا، آءٌ توکي ڇا ٻڌايان ته اهي ڪهڙيءَ ريت نچنديون ٽپنديون وهنديون آهن، ۽ جڏهن اهي ننڍڙين ننڍڙين پٿرين جي مٿان وهي وڃي سمنڊ سان ملنديون آهن ته ڏاڍا وڻندڙ نغما ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.  ڪو به ويد، هڪ منٽ تائين به انهن جو رستو روڪي نٿو سگهي!.... اتان جا پکي مون کي بنا پرن وارو هڪڙو حقارت جهڙو جانور سمجهندا هئا، ۽ مون سان ڪنهن به قسم جي گهرائپ ڪا نه رکندا هئا.... جي ائين هجي ها ته آءٌ جيڪر انهن جي آکيرن جي وچ ۾ پنهنجي جهوپڙي اڏي، سمنڊ جون لهرون ڳڻيندي پنهنجي زندگيءَ جون گهڙيون  پوريون ڪري ڇڏيان ها!

امل. - ڪاش، مان به پکي هجان ها!

جعفر. - مگر مون ٻڌو آهي ته تون ڏهيءَ واري سان فيصلو ڪري چڪو آهين ته وڏي هوندي تون ڏهي وڪڻندين: پکين ۾ ته تون اهو  ڪم نه ڪري سگهندين، ۽ تو کي گهڻو نقصان سهڻو پوندو.

ماڌو. -  اف، حد ٿي ويئي، اوهان ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي، منهنجو ته مغزئي خراب ٿي ويندو! چڱو، مان وڃان ٿو!

امل. - چاچا سائين، ڇا ڏهيءَ وارو هتان لنگهي ويو؟

ماڌو. - هائو، هو لنگهي ويو. هو ڪو چريو ته ناهي جو خواهه مخواهه جو طوطن جي ٻيٽ ۾، آکيري آکيري ۾، تنهنجي فقير جا پيغام پهچائيندو تي. پر هو تنهنجي واسطي ڏهيءَ جو پيالو رکي ويو آهي، ۽ چئي ويو آهي ته هو پنهنجيءَ ڀائٽيءَ جي شاديءَ جي انتظام ۾ رڌل آهي، ۽ کيس ’ڪملي‘ پاڙي ۾ وڃي باجن جو بندوبست ڪرڻو آهي.  

امل. - پر پنهنجيءَ ننڍڙيءَ ڀائٽيءَ سان ته هو منهنجي شادي ڪندو!

جعفر. - هاڻي ته اسان جي سمجهه ۾ ئي ڪجهه نٿو اچي!

امل . -  هن چيو هو ته هوءَ منهنجي ننڍڙي ڪنوار ٿيندي؛ هن جي جسم تي لال لال ساڙهي هوندي، ۽ ڪنن ۾ موتين جا جهومڪ.... صبح جو هوءَ پاڻ ڪاريءَ ڳئونءَ کي ڏهندي ۽ مون کي گرم گرم کير مٽيءَ جي پيالي ۾ پياريندي، ۽ شام جي وقت ڳئن جي واڙي ۾ ڏيئو ٻاري ايندي؛ جڏهن هوءَ انهن ڪمن مان واندي ٿيندي، ته مون وٽ ويهي، مون کي ’چمپا‘ ۽ ان جي ڇهن ڀائرن جو قصو ٻڌائيندي.

جعفر. - واه واه! ڪهڙي نه چڱي ڳالهه آهي؛ مون جهڙي سنياسيءَ کي به ريس پيئي اچي!

خير، منهنجا مڍڙا، انهيءَ شاديءَ جو ڪو به خيال نه ڪر، ڀل اها ٿي وڃي: مان چوان ٿو، جڏهن تون شادي ڪندين ته هن جي گهر ۾ ڀائٽين جي کوٽ ڪا نه هوندي.

ماڌو. -  بس بس، هاڻي اهي ڳالهيون منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهن! (ماڌو وڃي ٿو)

امل. -  فقيرَ، هاڻي چاچو ته هليو ويو، ٻڌاءِ ته بادشاهه منهنجي نالي ٽپال ۾ چٺي موڪلي آهي؟

جعفر. -  منهنجو خيال آهي ته بادشاهه جي چٺي رواني ٿي چڪي آهي؛ بس، رستي ۾ هوندي.

امل. - رستي ۾! ڪهڙي هنڌ؟ انهيءَ سڙڪ وٽ ته نه، جيڪا وڻن جي جهڳٽي وٽان ور وڪڙ کائيندي ٿي وڃي - جنهن تي هلندي تون جهنگل ۾ هليو ويندو آهي؟

جعفري. -  ها ها؛ توکي ته سڀڪجهه معلوم آهي!

امل. -  مان سڀڪجهه ڄاڻان ٿو.

جعفر. -  اهو ته آءٌ به ڏسان ٿو؛ پر توکي اهي سڀ ڳالهيون ڪهڙيءَ ريت معلوم ٿي وڃن ٿيون؟

امل. -  الائي ڪيئن، پر مون کي معلوم ٿي وڃن ٿيون. ائين پيو محسوس ٿئي ته گذريل ڏينهن ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن انهيءَ سڙڪ کي ضرور ڏٺو اٿم؛ ڪڏهن، اهو مان چڱيءَ ريت  چئي نٿو سگهان. اتي بادشاهه جو ٽپالي پهاڙ تان لهندو نظر ايندو آهي. هن جي کٻي هٿ ۾ لالٽين هوندو آهي، ۽ چيلهه وٽ چٺين جو ٿيلهو. هو نه ڄاڻان ڪڏهن کان وٺي، ڏينهن ۽ رات، هميشه ائين لهندو رهندو آهي، ۽ پهاڙ جي دامن ۾ جنهن هنڌ واهيون نديءَ سان ملي ٿيون وڃن،  اتي پهچي، ڪناري واري راهه وٺندو آهي؛ ۽ پوءِ،  انهيءَ راهه تي هلندي هلندي، وڏن وڏن ڪمندن واريءَ پوک ۾ غائب ٿي ويندو آهي؛ انهيءَ کان پوءِ هو کليل ميدانن وٽ پهچي ويندو آهي، جتي ڏيڏر رڙيون پيا ڪندا آهن ۽ ڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي: ڪٿي پاڻيءَ جا پکي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي پنهنجا پڇ لوڏي لوڏي، پنهنجين چنهنبن سان گپ ۾ سوراخ ڪندا رهندا آهن...... مان ائين سمجهندو آهيان ته هو مون ڏانهن اچي رهيو آهي، ۽ ان وقت منهنجي خوشيءَ جي حد ئي نه رهندي آهي.

جعفر. -  منهنجيون اکيون هينئر تنهنجين اکين وانگر تيز ناهن، پر تون مون کي انهن سڀني جي ڏسڻ لائق بنائي ٿو ڇڏين.

امل. -  چڱو، فقير، ٻڌاءِ، تون به انهيءَ بادشاهه کي سڃاڻندو آهين، جنهن جو هيءَ ٽپال گهر آهي؟

جعفر. -  ها، سڃاڻندو آهيان؛ آءٌ هر روز هن وٽان خيرات وٺڻ ويندو آهيان.

امل. -  واه وا! چڱي ڀلي ٿيڻ کان پوءِ مان به ضرور هن وٽان خيرات وٺڻ ويندس.... ٺيڪ آهي نه؟ هو ڏيندو نه، فقير؟

جعفري . -  توکي گهرڻ جو ضرور ڪونهي، منهنجا گلڙا، هو پاڻمرادو توکي ڏيئي ڇڏيندو.

امل . -  نه، مان هن جي دروازي تي وڃي زور سان سئن هڻندس، --’بادشاهه جو خير!‘ ۽ جڏهن تنبور وڄندو ته مان ان جي آواز تي نچندو، ڳائيندو، خيرات گهرندس.... ائين ٺيڪ ٿيندو نه؟

جعفر. - ائين وڌيڪ ٺيڪ ٿيندو؛ ۽ جيڪڏهن مون سان گڏ هوندين ته مون کي به وڌيڪ ملندو.... مگر تون بادشاهه کان ڇا گهرندين؟

امل. -  مان چوندس، ’مون کي پنهنجو ٽپالي مقرر ڪر‘، جيئن مان هٿ ۾ لالٽين کڻي گهر گهر ۾ چٺيون ڏيندو وتان، ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ بيڪار نه پيو هجان.

جعفر. -  منهنجا ٻچڙا، جيڪڏهن تون سڄو ڏينهن گهر ۾ ئي هجين ته ان ۾ ڏک جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

 امل. - نه، ڏک جي ڳالهه ڪانهي... پهرين پهرين جڏهن ماڻهن مون کي گهر ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ته ڏينهن کٽندوئي ڪو نه هو، پر جڏهن کان بادشاهه  جو ٽپال گهر سامهون بنجي ويو آهي ته مان گهر ۾ ئي رهڻ زياده پسند ٿو ڪريان؛ ۽ جڏهن مان خيال ٿو ڪريان ته هڪڙي ڏينهن بادشاهه جي چٺي منهنجي نالي ايندي ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، ۽ اڪيلائيءَ جو خيال نه ٿيندو آهي.... خبر ناهي، مان بادشاهه جي چٺي پڙهي سگهندس، يا نه ---

جعفر. -  نه پڙهي سگهندين ته ڇا ٿيندو؟ ڇا، ايترو ڪافي ناهي ته خط تي تنهنجو نالو لکيل هوندو!

 (ماڌو داخل ٿئي ٿو)

 ماڌو. - اوهان کي خبر آهي، اوهان ٻنهي مون کي ڪهڙيءَ مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي؟

جعفري. - ڇو؟ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟

ماڌو. - اوهان ٻنهي اها ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي آهي ته بادشاهه پنهنجو ٽپال گهر هتي انهيءَ ڪري بنايو آهي، جيئن اوهان ٻنهي ڏانهن هميشه چٺيون موڪليندو رهي!

جعفر. - انهيءَ ۾ آخر هرج ڪهڙو آهي؟

ماڌو. - اسان جي پئنچات جي مکيءَ اها خبر بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي آهي.

جعفر. -  ڇا، اسان کي اهو پتو ڪونهي ته هر ڪا ڳالهه بادشاهه جي ڪنن تائين پهچي ويندي آهي؟

ماڌو. -  ته پوءِ احتياط ڇو نٿا ڪريو؟ خواهه مخواهه بادشاهه جو نالو ڇو ٿا وٺو؟ جيڪڏهن اها حالت رهندي ته آءٌ برباد ٿي ويندس.

امل. -  فقيرَ، ڇا بادشاهه ناراض ٿي ويندو؟

جعفر. - ناراض؟ تو جهڙي ٻار ۽ مون جهڙي فقير کان؟ نه نه!

امل. -  فقير، اڄ صبح کان منهنجين اکين اڳيان ڄڻ اوندهه ڇانئبي پيئي وڃي؛ هر ڳالهه خواب جهڙي نظر پيئي اچي؛ منهنجي دل چپ چاپ رهڻ ٿي چاهي؛ ڳالهه ڪرڻ لاءِ من ئي نه پيو مڃي.... ڇا، بادشاهه جي چٺي نه ايندي؟.... هيءَ ڪوٺي رجي، پاڻي ٿي، وهي ته نه ويندي.....!

جعفر. -  (امل کي پکو هڻندي) اڄ چٺي ضرور اچي ويندي، منهنجا ٻچڙا.

 (ويد داخل ٿئي ٿو)

ويد. - ڇوڪر، اڄ طبيعت ڪيئن اٿئي؟

امل. - (مرڪي) اڄ ته مان ڏاڍو خوش آهيان: ائين پيو لڳي، ڄڻ سمورو درد ڪافور ٿي ويو آهي.

ويد. - (ماڌوءَ کي پاسيرو وٺي) مون کي هن جو اهڙيءَ ريت مرڪڻ، ۽ بلڪل چاڪ ٿيڻ جو اهو احساس ٺيڪ نٿو لڳي!.... چڪرڌن چيو آهي---

ماڌو. -  ڀڳوان واسطي، چڪرڌن جي ڳالهه ڇڏ، اهو ٻڌاءِ ته ڇا ٿيندو؟

ويد. - تون هن کي چڱيءَ ريت بند نٿو رکين! مون ته توکي اول ئي تاڪيد ڪيو هو... معلوم ٿو ٿئي ته وري هوا لڳي ويئي اٿس!

ماڌو. - نه، مون ته هن جي هر طرح حفاظت ڪئي آهي: ڪڏهن به دروازي مان ٻاهر پير پائڻ ئي نه ڏنو اٿمانس، ۽ سموريون دريون به هر وقت بند پيون هونديون آهن.

ويد. - اڄ هوا جي عجيب حالت آهي. جڏهن آءٌ تنهنجي گهر ۾ گهڙڻ لڳس ته هوا جو هڪڙو تيز جهوٽو دروازي مان آيو؛- اهو ڏاڍو نقصانڪار آهي! بهتر ائين ٿيندو ته تون دروازي کي هاڻي جو هاڻي بند ڪرائي ڇڏ!  جيڪڏهن انهيءَ ڪري ٻه ٽي ڏينهن تنهنجا ملڻ وارا نه آيا ته ڇا ٿي پيو؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن خاص ڪم سان اچي ٿو ته پٺيون دروازو موجود آهي. تون هُن دريءَ کي به بند ڪري ڇڏين ته بهتر آهي؛ انهيءَ مان اُس اندر ٿي هلي اچي، ۽ مريض سمهي نٿو سگهي.

ماڌو. -  امل اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن- شايد ننڊ اچي ويئي اٿس- هن جي چهري مان ته ائين ئي پيو معلوم ٿئي. ويد صاحب، مون ڪنهن ٻئي جي ٻار کي گود ورتو آهي ۽ پنهنجي پٽ وانگر ان سان پيار ڪندو آهيان.... پر، الائي ڇو، مون کي اهو وهم ٿيڻ لڳو آهي ته هيءَ ڇوڪرو مون کان جدا ٿي ويندو!

ويد. -  هو ڏس، مُکي پيو اچي! آءٌ هاڻي وڃان ٿو.... تون ٻاهر نڪري، دروازي کي چڱيءَ ريت بند ڪرائي ڇڏجانءِ!....گهر پهچي مان نئين دوا موڪلي ٿو ڏيان، شايد اها هن کي بچائي وجهي.

 (ماڌو ۽ ويد وڃن ٿا.)

(مکي داخل ٿئي ٿو.)

مکي. -  ڪيئن؟ ڇوڪر!

جعفر. -  (جلدي اٿندي) ش.... ش، ماٺ ڪر!

امل . -  نه، فقير! ڇا تو سمجهو ته مون کي ننڊ وٺي ويئي آهي؟ مان ته جاڳيس پئي؛ مان ته سڀڪجهه ٻڌان پيو؛.... ۽ پري، بلڪل پري کان آواز اچي رهيا آهن.... ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ابو ۽ اما منهنجي مٿي وٽ بيهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

 

(ماڌو داخل ٿئي ٿو.)

مکي. -  ڪيئن، ماڌو، ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته اڄ ڪلهه تون وڏن ويچارن ۾ آهين؟

ماڌو. -  مکي صاحب، مون تي ٺٺول نه ڪريو، اسين غريب ماڻهو آهيون.

مکي. - مگر تنهنجو ڇوڪر ته بادشاهه جي چٺيءَ جي راهه ٿو ڏسي!

ماڌو. -  انهيءَ ڳالهه جو خيال نه ڪرڻ گهرجي، هي ته بيسمجهه ٻار آهي.

مکي. - واه، ڇو نه... بادشاهه کي اوهان کان اوچو خاندان ڪٿان ملندو! ڏسين نٿو، هن پنهنجو ٽپال گهر ٺيڪ تنهنجيءَ جاءِ جي سامهون جوڙايو آهي! اڙي، او ڇوڪر! اچي، هي وٺ، بادشاهه تنهنجي نالي چٺي موڪلي آهي.

امل. -  (خوشيءَ مان اٿندي) سچ پچ کڻي آيو آهين؟

مکي. -  ڪوڙ ڪيئن ٿو ٿي سگهي، تون ته بادشاهه جو پراڻو يار آهين نه؟ (سادي ڪاغذ جو هڪڙو ٽڪر ڏيکاريندي) اچي، هيءَ وٺ، بادشاهه جي چٺي.

جعفر. - ها، منهنجا پيارا ٻچڙا، هيءَ بادشاهه جي چٺي آهي.

امل. - مون کي ته ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي، هيءَ بلڪل سفيد ڏسڻ ۾ ٿي اچي! مکي صاحب، هن چٺيءَ ۾ ڇا لکيل آهي؟

مکي. -  بادشاهه لکيو آهي، ’مان جلد ئي تو سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهيان: مون واسطي ڀُڳل چڻا تيار رکجانءِ، هتان جا کاڌا مون کي هاڻي سوادي نٿا لڳن-‘ ها ها ها!.... ها.... هاها!

ماڌو. - (هٿ ٻڌي) مکي صاحب، مان وينتي ٿو ڪريان، اهڙي مسخري نه ڪريو!

جعفر. -  واه، مسخريءَ جي چڱي ڳالهه ڪيئه.... ڀلا مکيءَ جي مجال جو مسخري ڪري!

ماڌو. -  جعفر، تنهنجو دماغ ته خراب نه ٿي ويو آهي؟

جعفر. - دماغ خراب ٿي ويو! ائين ئي؟.... آءٌ ته صاف صاف بادشاهه جي هيءَ چٺي پڙهي ٿو سگهان: هو پنهنجي شاهي طبيب کي ساڻ ڪري، امل سان جلد ئي ملڻ لاءِ ايندو.

امل. -  فقير! فقير! ٿورو ٻڌو ته... بادشاهه جي اچڻ جا باجا پيا وڄن!.... آهن نه؟

مکي. -  ها ها ها!... اڃا ته هن کي ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، ٿورو هن جو دماغ خراب ٿي پوي ته پوءِ ٻڌي سگهندو.

امل. -  مکي صاحب، مان ته سمجهندو هوس ته تون مون کان ناراض آهين؛ ۽ مون سان پيار نه ڪندو آهين؛ مون کي ته اهو گمان به نه هو ته تون بادشاهه جي چٺي مون کي آڻي ڏيندين.... اوري اچ، مان تنهنجي پيرين پوان!

مکي. -  هن ڇوڪري ۾ ڪجهه تيمز آهي؛ ڪجهه مٿي ڦريل آهي، پر دل جو صاف آهي.

امل . -  شايد چوٿون پهر ختم ٿي رهيو آهي..... هو ڏسو، گهنڊ وڄي رهيو آهي: ڊڙام! ڊڙام! ڊڙام! ڊڙام!... ڇا، شام جو تارو نڪتو آهي؟ .... پر مون کي ڇو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟

جعفر. -  اوه، سموريون دريون بند آهن! مان انهن کي کولي ٿو ڇڏيان.

(ٻاهران دروازو کڙڪي ٿو.)

 ماڌو. -  هي ڪهڙو آواز آهي؟... ڪير آهي؟

(ٻاهران آواز اچي ٿو، ’دروازو کوليو!‘)

ماڌو. -  مکي صاحب، اوهان جو ڇا خيال آهي؟ هي ڊاڪو ته ناهن!

مکي. -  ڪير آهي؟ ڪير ٿو اهڙو گوڙ ڪري؟ مان پئنڍات جو مکي آهيان... منهنجي اڳيان اهڙيءَ ريت گوڙ ڪندي خواف نٿو ٿئيوَ؟ (ٿورو ترسي) ڏس، گوڙ بند ٿي ويو... ڀلا ڪنهن جي مجال جو مکيءَ جي اڳيان گوڙ ڪري سگهي!

ماڌو. - (دريءَ مان واجهائي) گوڙ ته سچ پچ بند ٿي ويو آهي؛ شايد هو ٻاهريون دروازو ڀڃي چڪا آهن!

(شاهي نقيب اندر داخل ٿئي ٿو.)

نقيب. -  بادشاهه سلامت اڄ رات هتي تشريف فرما ٿيندا.

ماڌو. -  او ڀڳوان!

امل. -  رات جو ڪهڙي وقت؟

نقيب. -  ٻئي پهر جي شروع ٿيڻ وقت.

امل. - جڏهن منهنجو دوست چوڪيدار شهر جي دروازي وٽ گهنڊ وڄائيندو؟

نقيب. -  ها، انهيءَ وقت. بادشاهه سلامت پنهنجو خاص طبيب پنهنجي ننڍڙي دوست جي علاج لاءِ موڪليو آهي.

(شاهي طبيب داخل ٿئي ٿو)

شاهي طبيب. -  هيءُ ڇاهي؟ هي سڀ در ۽ دريون ڇو بند آهن؟ انهن سڀني کي کولي ڇڏيو! (امل جي جسم کي هٿ لائي) پٽ، تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟

امل. -  مان ڏاڍو خوش آهيان؛ سمورو درد دور ٿي ويو آهي. ڪهڙي نه سٺي هوا اچي رهي آهي! هاڻي مان انهن ستارن کي ڏسي سگهان ٿو، جي آسمان ۾ ٽم ٽم ڪري رهيا آهن.

شاهي طبيب. -  اڌ رات جو جڏهن بادشاهه سلامت هتي تشريف فرما ٿيندو، ته ڇا تون ان وقت هنڌ تان اٿي سگهندين؟

امل. -  ها، ها، مان ته ڪيتري وقت کان گهمڻ ڦرڻ لاءِ پيو واجهايان!... مان بادشاهه کان پڇندس ته قطب تارو ڪٿي آهي... مون ان کي ڪيترا ڀيرا ڏٺو ته ضرور هوندو، .... پر مون کي چڱيءَ ريت ياد ناهي ته اهو ڪهڙو آهي.

شاهي طبيب. -  هو توکي سڀڪجهه ٻڌائيندو. (ماڌوءَ کي) بادشاهه سلامت تشريف آور ٿيڻ وارا آهن، ڪمري کي گلن سان سينگاري ڇڏ. (مکيءَ ڏانهن اشارو ڪري) هي ماڻهو هتي نه هئڻ گهرجي!

امل . -  نه نه، هن کي ڇڏيو، هي ته منهنجو دوست آهي، انهيءَ ته بادشاهه جي چٺي آندي هئي!

شاهي طبيب. - چڱو، جيڪڏهن هي تنهنجو دوست آهي ته ڀل هتي هجي.

ماڌو. - (امل جي ڪن ۾ هوريان چوي ٿو) پٽ، بادشاهه تو سان پيار ٿو ڪري، هو خود هيڏانهن اچي رهيو آهي: هن کان ڪنهن قيمتي چيز جي گهر ڪجانءِ!.... تون ڄاڻين ٿو ته اسين غريب ماڻهو آهيون.---

امل . -  چاچا، تون فڪر نه ڪر، مون ان بابت اول ئي ويچار ڪري ڇڏيو آهي.

ماڌو . -  ڪهڙو ويچار ڪيو اٿئي؟

امل . -  مان هن کي چوندس ته مون کي پنهنجو ٽپالي بنائي، ته جيئن پري پري هن جون چٺيون ورهائيندو رهان.

ماڌو -  افسوس!ڇا،توکي سچ پچ ايترو ئي چوڻو آهي.

امل. - چاچا، جڏهن بادشاهه ايندو ته تون هن کي ڪهڙو نذرانو ڏيندين؟

نقيب. -  بادشاهه ڀُڳل چڻن جي فرمائش ڪئي آهي.

امل. -  ڀُڳل چڻا! مکي صاحب، توهان ٺيڪ پئي چيو.

مکي . -  جيڪڏهن اوهين منهنجي گهر خبر ڪريو ته ڏاڍا سٺا.....

شاهي طبيب . -  نه، انهيءَ جي ضرورت ڪانهي هاڻي سڀئي ماٺ ڪريو، ٻارڙي کي ننڊ اچي رهي آهي..... مان هن جي مٿن کان ويهندس.... ننڊ اچي وئيس..... بتي گل ڪري ڇڏيو، صرف تارن جي روشني ڪافي آهي... چپ! آرام ٿو ڪري!

ماڌو . - (جعفر کي) تون اهڙيءَ ريت هٿ ٻڌيو، ماٺ ڪري ڇو بيٺو آهين؟ مون کي ته خواف ٿو ٿئي! ٻڌاءِ نه؟ هي ته بدسوڻ آهي! هي ماڻهو ڪمري کان اونداهو ڇو ڪري رهيا آهن؟ صرف تارن جي روشنيءَ مان ڇا ٿيندو؟

جعفر. -  چپ! چپ!

 (سڌا داخل ٿئي ٿي)

سڌا. - امل....!

شاهي طبيب. -  ننڊ ۾ آهي.

سڌا. -  مون هن لاءِ گل آندا آهن..... ڇا، مان اهي گل هن جي هٿ تي رکان؟

شاهي طبيب. -  ها، ڀلي.

سڌا. -  ڪڏهن جاڳندو؟

شاهي طبيب. -  جڏهن بادشاهه سلامت اچي هن سان ڳالهائيندو.

سڌ . -  تون هڪ ڳالهه منهنجي طرفان هن جي ڪَنَ ۾ ڪندين؟

شاهي طبيب. -  ڪهڙِي؟

سڌا . -  چئجانس، ’سڌا توکي وساريو ناهي!‘

]پردو ڪري ٿو.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com