سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :31

ان مان ظاهر آهي ته هن نظريي جو ظاهري تضاد گهٽ ٿي وڃي ٿو ته مصنف جو شعر يا نثر کي اظهار جو ذريعو منتخب ڪرڻ اڪثر اتفاق آهي:  يعني هي انتخاب هن جي حياتيءَ جي دور جي رواجن ۽ انهن ٻن صنفن- شعر ۽ نثر- ۾ زبان جي اضافي ارتقا تي مدار رکي ٿو.

مگر هيءَ تصريح بذات خود هڪ نئين سوال جو بنياد آهي: جيڪڏهن جامع ۽ سنئين سڌي چيز پنهنجي نموني ادب جو بهترين سرمايو آهي، ۽ شعر يا نثر ڪنهن به صورت ۾ اظهار جي قابل نه آهي ته پوءِ، ڇا، ڪو اهڙو به مضمون آهي جو پنهنجي اظهار لاءِ شعر جو محتاج بڻجي، يا جو صرف نثر جو طالب هجي؟  هن سوال جي پهرئين حصي جو جواب اسين شيڪسپيئر جي سانيٽ، ۽ ڊوني جي حوالي ۾ ڏيئي چڪا آهيون؛  هينئر ٻيو حصو اسان جي اڳيان آهي، ڇا، ڪو اهڙو مضمون آهي، جنهن جي اظهار جو خصوصي ذريعو نثر آهي؟

ظاهر آهي ته ڪنهن به موضوع تي صحيح سوچ  ۽ ويچار جي لاءِ نثر جي ئي ضرورت پوي ٿي. وزن ۽ قافيي وغيره جون پابنديون ۽ بندشون اهڙيءَ سوچ  ۽ ويچار جي لاءِ قطعي ناگوار آهن. ڪو به منطقي يا سائنسدان اهڙا لفظ ۽ ترڪيبون استعمال نٿو ڪري، جي مفهوم کي منجهائي ڇڏين، يا ضرورت کان زياده سادو بنائي ڇڏين. نثر علمي سوچ ۽ ويچار جي زبان آهي، ان ڪري وجود ۾ آيو آهي.

نثر نه صرف سوچ ۽ ويچار جي زبان آهي، بلڪ ٺيڪ ٺيڪ بيان (description) به ان جي ئي مدد سان ممڪن آهي. بيان خواهه ڪنهن به ملڪ جو هجي، ڪنهن به مجرم جو هجي، يا ڪنهن به ڪمري جي چيزن جو هجي- صرف نثر ۾ ئي ان جو پورو پورو بيان ٿي سگهي ٿو. ڪنهن نباتات جي ماهر جو گل جي متعلق ڏنل بيان، شاعر جي بيان کان بلڪل مختلف هوندو. نباتات جو ماهر ان کي اهڙي نموني پيش ڪندو جو اوهين ان کي ٻين چيزن کان ممتاز سمجهندا، يا جيڪڏهن اوهين اهو ڪٿي ڏسندا ته جلدي ئي سڃاڻي ويندا؛ پر جيڪڏهن اوهين ان جي اصطلاحن ۽ لڪل حقيقتن کان واقف آهيو، ته ممڪن آهي ته هو اوهان کي خيالن ئي خيالن ۾ گل ڏسڻ جي قابل بنائي ڇڏي. ان کان اڳتي هن جي عمل جو دائرو ختم ٿي وڃي ٿو؛ ۽ هن کي انهن جذباتي تاثرات سان دور جو به واسطو نه آهي، جي ڪنهن شاعر جي دل ۾ گلن جي منظر کي ڏسي پيدا ٿين ٿا. اهڙي قسم جو نثر دراصل حقيقي نثر آهي؛ مگر اصلوب جي بحث ۾ ان کي ڪا به جڳهه نه آهي، سواءِ انتهائي مثال يا پس منظر جي، جنهن ۾ تخليقي نثر جي تميز ٿي سگهي ٿي.

ان کان سواءِ، لکڻ واري ۾ جا جذباتي حرارت جي ڪمي ٿئي ٿي، سا به فطري طرح نثر جي اظهار جي ذريعي ئي پوري ٿي سگهي ٿي. هڪ ئي قسم جي مضمون تي جڏهن انتهائي حدت رکڻ وارا ٻه مصنف لکن ٿا، ته ان جي اظهار ۾، بحيثيت شعر ۽ نثر جي، اختلاف ٿيڻ فطري آهي. ماسينجر جي نثريت اسان کي هن ڳالهه جو شديد احساس ڏياري ٿي ته هن جي زماني جي اظهار جو ذريعو هن لاءِ قطعي غير موافق هو، ۽ هن جي جذباتي حرارت جي ڪميءَ جو هڪ نتيجو هو. جذبات جي حدت جي اها سندس گهٽتائي خاص فطري هئي؛ مگر ڪن جڳهين تي، انهيءَ احساس جي اثر هيٺ ته هن کي پنهنجي انتهائي حدت جي جذبات کي ظاهر ڪرڻو آهي، هو هرزه سرائي شروع ڪري ٿو ڏئي، ۽ اهي جڳهيون انتهائي اڻوڻندڙ ٿيو پون ٿيون. ماسينجر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي، جا هن کي هر ڳالهه کي ٿڌي سيني سان قبول ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي؛ ۽ واقعات  هن تي ڪو به گهرو اثر وجهي نٿي سگهيا. هن کي پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو فقط ان ڪري الميه (tragedy) لکڻ تي صرف ڪرڻو پيو، ڇو ته هن ۾ لکڻ جي حقيقي صلاحيت موجود هئي، ۽ زماني جي لکڻ جو رواج به الميه هو؛ ورنه هو ته زندگيءَ جي انهيءَ خاص احساس کان بي بهرو هو، جو الميه جي اظهار لاءِ هڪ فطري چيز آهي. الميه جي باري ۾ هن جو تصور بلڪل مصنوعي آهي. ٻين لفظن ۾، زندگيءَ جي باري ۾ هن جو رويو انتهائي دانشمندانه ۽ منطقي هو. زندگيءَ  جي جنهن ڪسوٽيءَ تي هو پرکيندو هو، سا ڪسوٽي اهڙي نه هئي، جا مصنف جي پنهنجي ذاتي تاثرات ۽ رد عمل جي پيداوار هجي، پر هيءُ معيار ڪي قدر هن جو موروثي هو، ۽ ڪجهه پنهنجي زماني جي سماجي احساس مان ورتل هو. واقعات بذات خود هن لاءِ توجهه جي قابل نه هئا؛ هن جي دلچسپي صرف ان ۾ هئي ته هو اعتدال کان ڪيستائين انڪار ڪري سگهيو ٿي.

نثريت جو هي رجحان، ماسينجر جو هڪ اهم ۽ فطري جزو هو. الميه پڙهڻ وارن لاءِ هيءَ ڳالهه حيرانيءَ جو سبب نه آهي، ته هن جا اصلي ڪارناما طربيه (comedies) هئا. ”قرض ادائي“ (A new way to pay old debts) ۽ ”شهري خاتون“ (A city madam) واضح طور تي هن جي ادبي قابليتن جي اظهار جون انتهائي فطري صورتون آهن. هي طربيه به جيتوڻيڪ ظاهري طرح شعر ۾ آهن،مگر جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته هيءَ شاعري، دراصل، خالص ترين نثر آهي، ۽ شعرسازي رڳو ان ۾ اٽڪائي ويئي آهي. انهن طربين جو مصنف حقيقت ۾ هڪ اهڙِ زماني ۾ هو، جنهن ۾ پراڻيون ڳالهيون هن جي مطابق ۽ موافق نه هيون، ۽ نوان خيال اڃا پنهنجي صحيح صورت اختيار نه ڪري سگهيا هئا. هيءُ زمانو  ايلزبيٿ ۽ بادشاهت جي قائم ٿيڻ جو وچيون  دور هو. اگرچ هو خود ايترو قابل نه هو جو انهن نين اڀرندڙ چيزن کي پنهنجن هٿن ۾ ڪا شڪل ۽ صورت ڏيئي سگهي، پر تڏهن به ان حقيقت کان انڪار ناممڪن آهي ته هن ۾ طربيه نثر لکڻ  جي پوري پوري اهليت هئي.

مصنف جڏهن سماجي طربيه جي ذريعي پنهنجي اندر جو اظهار ڪري ٿو،  ته ان کي اظهار جي ذريعي بنائڻ جي ضرورت، لازمي طرح، نثر جو محتاج ٿي بڻائي. سماجي طربيه (social comedy)  جنهن جو مطلب ۽ مقصد، سوسائٽيءَ يا دور جي اعتدالي حالت ۾ بي اعتداليءَ جو امتياز ڪرڻ هوندو آهي، جو تصور ئي هن ڳالهه جو خواهشمند آهي ته مصنف پنهنجيءَ حساس طبيعت ۽ معاشري جي وچ ۾ عقلي فيصلي جو هڪ هلڪو پردو پيدا ڪري. مصنف کي ان لاءِ ڪا نئين دنيا تعمير ڪرڻي نه هوندي آهي، بلڪ موجوده دنيا کي ئي نئين ترتيب ڏيڻي هوندي آهي. هن جي ترتيب جنهن اصول تي ٿئي ٿي، اهو هڪ اهڙو سماجي رواج ٿئي ٿو، جنهن کي هن قبول ڪري ورتو آهي، ۽ جنهن ۾ هن جي شخصت منعڪس ٿئي ٿي. هو انسان جي جائزي جو معيار ڪنهن مقصد يا آدرش(ideal) کي ئي مقرر  ڪري ٿو. هي آدرش به هن جو پنهنجو نه هوندو آهي، بلڪ ان سوسائٽيءَ  جو، جنهن ۾ هو گهمندو ڦرندو آهي. اگرچ هيءَ هن جي ثانوي فطرت ٿي وڃي ٿي، تڏهن به هن لاءِ اهو ئي سبب آهي جو هو پاڻ کي معاشري جو سڀ کان وڌيڪ آزاد ۽ آسودو فرد سمجهي ٿو. ان مان هيءَ مراد نه آهي ته ’سماجي طربيه‘ لکڻ واري لاءِ لطيف مشاهدا ضروري نه آهن؛  بلڪ جنهن اصول جي مد نظر اهي مشاهدا ترتيب حاصل ڪن ٿا، سي اصول خود انهن مشاهدن جي پيداوار نه آهن، ۽ انهن مشاهدن تي تصديق جي مهر هڻڻ وارو اهو پنهنجو ۽ سڌو رويو نه آهي، جنهن جي هيٺان خود مصنف جي تاثرات جو به حصو آهي، بلڪ سماج جي وڏن وڏن تجربن جي ميراث آهي. فنڪارن ۾ طرب نگار سڀ کان زياده سماجي ٿئي ٿو، ۽ ان جو بنيادي ڪم اهڙي آدرش کان سوسائٽيءَ جو انحراف ڪري ٿو، جو نه صرف سوسائٽيءَ لاءِ ممڪن آهي، بلڪ سوسائٽيءَ ۾ موجوده به آهي: ۽ نثر ان ڪري هن جي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ اظهار جو ذريعو آهي، ۽ مناسب هٿيار آهي. شاعري ان کي ڪو به سهارو نٿي ڏيئي سگهي، ڇو ته جذباتي اپيل جا شاعريءَ کي اُڀاري ٿي، اُن لاءِ صرف اها ئي هڪ دخل اندازي آهي، ۽ ناقص عنصر پڻ آهي- حالانڪه طرب نگار جي اپيل آدمين جي عقلي فيصلي ڏانهن ئي ٿئي ٿي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سماجي طربيه جي شعر ۾ لکيا ويا آهن، تن لاءِ شعري صورت بلڪل غير موزون آهي، ۽ شعر ۾ ان صنف جي لکڻ وارن کي بنيادي طرح شاعر نه سمجهيو ويو آهي. سماجي طربيه ۾ مصنف مختلف نقطه نظر پيش ڪري، پوءِ پنهنجو نقطه نظر اُنهن جي وچ مان، جئن پهريائين چيو ويو آهي ته اهو معياري ٿيندو آهي- ڪڍندو آهي. ان لاءِ کيس پهريائين نهايت ئي ٿڌيءَ دل سان حالتن کي ڏسڻو پوي ٿو، ۽ جڏهن اظهار جو موقعو اچي ٿو ته انهن کي ظاهر ڪري ٿو. ان مان ظاهر آهي ته اهڙن سرد مشاهدن جي لاءِ نثر کان سواءِ ٻيو ڪو به ذريعو نه فقط غير ضروري هوندو، بلڪ رستي ۾ رڪاوٽون به پيدا ڪندو. انهن ٻن پيش ڪيل نقطه نظرن جي وچ ۾ مقابلي جو عمل، زبان جي عينيت (exactness) جي به گهُرَ  ڪري ٿو. غير ضروري جذباتيت، جا شاعريءَ جي ذريعي اسان کي عينيت جي بدران ملي ٿي، محض بار ٿيو پوي. اسلوب جي صحيحي معنيٰ  ۾ گهُر ان عينيت ۾ آهي، جنهن جي ذريعي انهن مشاهدن ۽ انهيءَ طريقي کي، جنهن ڏانهن مشاهدا اشارو ڪري ڇڏين ٿا، ظاهر ڪيو وڃي. جڏهن اهي مشاهدا ۽ اهو طريقه ڪار لکڻ واري جي تحرير ۾ اسان کي نظر اچي ٿو، ته مستقيم بالذات ۽ واضح واردات جي طرف اسان کي فوراً هڪ اشارو ملي ٿو: ۽ اها پوءِ اسان جي پيش ڪيل حقيقي اسلوب جي انفراديت جي تعريف جي عين مطابق آهي. اهڙيءَ طرح، نثر ۾ اسان کي واضح واردات جا ڇانيل نظر اچي ٿي، سا جذباتي نٿي ٿئي.

اهڙن ئي ڪن خيالن جي پيش نظر، يقين ٿئي ٿو ته طنز جي اظهار لاءِ نثر ئي مناسب ذريعو آهي. هن سلسلي ۾ به اگرچ تاريخي حقيقتون هي آهن ته مشهور ترين طنزون شعر ۾ ئي لکيون ويون آهن (اهڙين طنزن لکڻ وارن ۾، قديم ادب ۾ هو ريس (1) ۽ جووينل(2)،  ۽ انگريزي ادب ۾ ڊوني کان چرچل تائين مصنف آهن)، مگر، وزن جي باوجود، هوريس جون طنزون ايتريون ئي شاعراڻيون چئي سگهجن ٿيون، جيتريون ماسينجر جا بي قافيه نظم، جي درحقيقت سراسر نثر آهن. بناوت خواهه ڪجهه به هجي، طنز جو مضمون هميشه نثر ۾ ئي ٿئي ٿو؛ مگر جووينل جو هيءُ مشهور قول به مطلب کان خالي نه آهي: ”طنز نگار ۾ غصو بنيادي جذبو ٿئي ٿو.“ هن تضاد کي دور ڪرڻ لاءِ، اسان کي طنز جي ماهيت تي غور ڪرڻ گهرجي. جووينل جو هيءُ قول ڪافي حد تائين درست آهي، ۽ اسانکي ان کان انڪار نه آهي، ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو ان جذباتي انسان جي غصي جو هيءُ جذبو شعر جي صورت اختيار نه ڪري؟ سچ پچ، جيڪڏهن شعر زياده شديد قسم جي ذاتي جذبي جي فطري اظهار جو ذريعو آهي ( ۽ يقيناً آهي، جيئن پهريائين چيو ويو آهي)، ته هي غصو ان جي ذريعي ئي ظاهر ٿيندو. ان ڪري ڪيٽس جا ڪي طنزيه ٽوٽڪا به اهڙا ئي آهن جو انهن لاءِ ترنمي صورت ايتريقدر ناگزير ۽ اهم آهي، جيتريقدر هن جي گيتن ۽ نغمن لاءِ مٿيون قول پنهنجيءَ جاءِ تي بلڪل درست آهي. مگر  ان قسم جو ذاتي غوصو، باوجود طنز جي بنيادي هئڻ جي، حقيقي طنزي انداز جي لاءِ ڪافي نه آهي. طنز جو مقصد اهو نه آهي ته ڪنهن خاص فرد جي خلاف ذاتي غصي  کي ظاهر ڪيو وڃي؛  بلڪ اها ته غير ذاتي قسم جي هجو ٿئي ٿي. صحيح طنز ۽ قبيح هجو، سواءِ ڪنهن امتياز جي، هڪ ئي مقصد لاءِ ڪم اچڻ جو سبب قديم روايت به آهي؛ پر طنز ۽ هجو جي وچ ۾ بهرحال فرق قائم رکڻ گهرجي. صحيح طنز، جا حقيقت ۾ ڪنهن سماجي حوالي کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي ٿي، سا آئيڊيل هجو آهي. محض دشنام طرازيءَ يا قبيح هجو کان طنز ان ڪري ممتاز آهي جو ان ۾ ڪنهن خاص فرد تي حملو نٿو ڪيو وڃي. سماجي طربيه ۽ طنز ۾ هي فرق آهي ته ان ۾ جنهن مقصد ڏانهن اشارو ڪيو وڃي ٿو، اهو نه سماج ۾ موجود هوندو آهي، ۽ نه وري رواج ۾ ئي هوندو آهي. طرب نگار ۾ غصو ان ڪري نٿو ٿئي، ڇو ته هن جي آئيڊيل ۽ موجود حالت ۾ ايترو ته گهٽ فرق ٿئي ٿو جو اهو آسانيءَ سان ڀري سگهجي ٿو. طنز نگار وري ان ڪري گهٻرائجي وڃي ٿو، ڇو ته هن جي خوابن ۽ اصلي حقيقت جي وچ ۾ هڪ اونهي ۽ ويڪري کاهي آهي، جا ڪنهن به صورت ۾ گذر جي لائق نه آهي.

مختصر طرح، طنز به هڪ قسم جو مابعدالطبيعاتي طربيه آهي، ۽ طربيه جيان ان جو بنياد به تقابل جي طريقي تي رکيو وڃي ٿو. طنز نگار پنهنجي ’آئيڊيل‘ سان معاشري جي عظيم انحراف جي ماپ ڪري ٿو؛ پر اهو انحراف به هڪ طرفو ئي ٿئي ٿو، ڇو ته طنز نگار، طرب نگار جيان درمياني راهه اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نٿو  ٿئي. پر هن کي، طرب نگار وانگر ئي، ٿڌيءَ دل سان ئي ڪم ڪرڻو آهي، ڇو ته هن جو ڪم گهڻو ڪري ذهني آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جنهن آئيڊيل جو هو حوالو ڏئي ٿو، سو سندس جذبات ۾ ئي جنم وٺي ٿو؛ مگر اهو آئيڊيل، جنهن کان هو انڪار ڪري ٿو، هڪ اهڙو نازڪ پيمانو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به خارجي اثر جي شامل ٿيڻ سان اهو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. ان ڪم ۾ طنز نگار جو جذبو يا جوش دٻيل هئڻ گهرجي. جوش يا غصي ۽ نفرت جو اظهار هن لاءِ ڪنهن به حد تائين مفيد نه آهي؛ ڇو ته هتي هن جي اپيل انسان جي منطقي شعور ڏانهن ٿئي ٿي. هو هڪ اهڙيءَ نمائش ۾ مصروف آهي، جنهن جو مقصد حقيقتن کي اهڙيءَ طرح ترتيب ڏيئي پيش ڪرڻ آهي، جو ٻڌڻ وارو بيخود ٿي پاڻ کي ان ڏانهن منسوب ڪرڻ لڳي. طنز نگارن جي ٽيڪنڪ جو اهو ڪمال آهي جو هو معاشري جي ڪنهن معمولي آدميءَ کي مجبور ڪري، ان جي وات مان، ڪنهن اعليٰ اخلاق واري اجنبيءَ جي اڳيان، هن جي ملڪن جي رسمن، عقيدن ۽ اخلاقي حالتن کي ظاهر ڪرائيندا آهن. سوئفٽ (1)، والٽيئر(2)، ايروهن بٽلر(3) ۽ موجوده دور جي ايناٽول فرانس (4) ۽ ايڇ. جي. ويلس (5) - سڀني اهو ئي طريقو اختيار ڪيو آهي؛ ۽ اها ئي دعوا ڪري سگهجي ٿي ته حقيقي طنز نگاريءَ جي هيءَ ئي لازمي ٽيڪنڪ آهي. ان اظهار کان پوءِ، ان معاشري جي باري ۾ اخلاق وارن جا تاثرات معاشري لاءِ شرم جو سبب ٿين ٿا.

هي اثر پيدا ڪرڻ صرف نثر کي سونهي ٿو، بلڪ ان جو بهتر ذريعو نثر ئي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته بيان ۾ اثر پيدا ڪرڻ ڪنهن خاص توجهه جو محتاج ٿئي ٿو. هتي صرف عقل کي ئي متاثر ڪرڻو آهي؛  ۽ ان عقلي اپيل کي جذبات سان سينگاري ان اثر کي وڌائي نٿو سگهجي، پر اُلٽو ان جي شدت ۾ فرق اچي وڃي ٿو. ڪوبه وڪيل ڪنهن جج جي سامهون پنهنجي بيان جي قوت، ۽ فصاحت ۽ بلاغت جو بيسود مظاهرو نٿو ڪري.

نثر جي وصف اها به آهي ته اهو منصفانه (Judicial) آهي. شاعريءَ جي حصي ۾ اها چيز ڪا نه ٿي اچي- مگر جيڪڏهن پيدا به ٿي پوي، ته پوءِ اها شاعري مسجع نثر ٿي پوندي.  جتي اپيل عقلي فيصلي کي ڪجي ٿي، اتي نثر ئي ڪم اچي ٿو: يعني جيڪڏهن اپيل ۾ پوري ڌيان کان ڪم ورتو وڃي، جنهن جي ڪري نتيجي تائين پهچڻ لاءِ حرڪت ۾ تيزي ۽ يقين پيدا ٿئي ٿو، ته ان ۾ قبوليت جي قوت هئڻ سان گڏ، جمالياتي مسرت (aesthetic pleasure) جو عنصر به شامل رهي ٿو. هونئن ته ائين چوڻ ۾ به زيادتي ٿيندي ته ان قسم جو نثر ئي عمدو نثر ٿي سگهي ٿو؛ يا ائين چيو وڃي ته ڪامل نثر ان وقت ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان جي ذريعي ادا ڪيل مضمون به نثر جي قابل هجي. ان ڳالهه جي خلاف به احتجاج ضروري آهي ته نثر کي پرکڻ لاءِ ان جي شعريت کي خوبي قرار ڏنو وڃي. اهڙن خيالن رکڻ وارن صاحبن لاءِ صرف ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته هنن صاحبن کي نثر جي ڪن خاص خوبين جو بنهه احساس ڪونه آهي. وري هيءَ بدعت به عام ٿي ويئي آهي ته نثر جيتريقدر شاعراڻو هوندو،  اوتريقدر عمدو هوندو.هيءُ خيال افسوسناڪ آهي، ۽ ان جو تدارڪ نه صرف انهيءَ  ڪري ضروري آهي جو اها ڳالهه بلڪل بدذوقيءَ جو مظهر آهي، بلڪ انهيءَ ڪري به، ته عملي طرح نثري اسلوب جي سينگار لاءِ ان کي شاعراڻي بنائڻ جي ڪوشش به ان لاءِ خطرناڪ آهي. هڪ سڌي سنواٽي اظهار ۽ ساديءَ روايت کي شعري خوبصورتيءَ سان سينگارڻ ته آسان آهي، مگر ان کان پاڻ بچائڻ نهايت ئي مشڪل آهي. ٻئي طرف، جيڪڏهن اوهين سادو نثر برداشت ڪرڻ جي حد تائين صحيح لکي سگهو ٿا- جا البت ڏکي ڳالهه آهي- ته پوءِ يقين رکو ته هٿرادو ۽ غلط قسم جي جذبات کان اوهين محفوظ رهجي ويندا؛ ۽ پوءِ اوهين صرف ان وقت پنهنجي سادي اسلوب کي ڇڏڻ جي ضرورت محسوس ڪندا، جڏهن اوهان جو جذباتي مضمون ايتريقدر ته شديد هوندو جو اوهان جي اها سادي طرز ان کي چڱيءَ طرح نباهي نه سگهندي: ان وقت اوهين نه فقط ان جي ضرورت محسوس ڪندا، بلڪ ان جي استعمال لاءِ به اوهين مجبور ٿي پوندا: ان کان پوءِ ئي اوهين هڪ منفرد اسلوب جا مالڪ ٿي سگهو ٿا.

ائين چوڻ ته ’عمدو نثر‘ لازمي طرح شاعراڻو ٿئي ٿو، سو به صحيح نه آهي، ’ان جي اپيل جذبات کي سڌيءَ طرح تخيل ۽ ترنم جي ذريعي ٿئي ٿي ۽ اها ڳالهه اپيل لاءِ ضروري آهي‘، سو به حقيقت کان دور خيال آهي. ٻئي طرف، اهو عقيدو ته ڪو منصفانه نثر ٻين سڀني نثر جي قسمن کان اعليٰ آهي، ڇو ته ان ۾ ٻين نثر جي قسمن جون به خوبيون آهن، ۽ اهو تاثر به پيدا ڪري ٿو، جو ان جو جزو آهي، سو به برابر نه آهي. حقيقت ۾ نثر هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن جو ميدان غير محدود آهي. ۽ شايد اڃا ان جا ايترا امڪانات دريافت نه ٿيا آهن، جيترا شاعريءَ جا اسان کي معلوم آهن. اسين جيڪڏهن گذريل سؤ سالن جي انگريزي ادب کان سواءِ پوري يورپي ادب کي ڏسون، ته هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي وڃي ٿي ته ان صديءَ جا تخليقي ڪارناما زياده نثر ۾ ئي ٿيا آهن؛  ان دور جو رجحان لازمي طرح نثر ڏانهن ئي رهيو آهي. هيءُ صرف  نثر جي ڪنهن خيالي برتريءَ جي سبب کان نه آهي، ڇو ته اڻويهين صديءَ جي مصنفن کي گهٽ سمجهڻ لاءِ ڪو به سبب نه آهي، بلڪ اهو هن ڪري، ڇو ته اهو سڀڪجهه بدليل سماجي حالتن جي ڪري آهي. تعليم جي وڌي وڃڻ ڪري، ۽ ان سان گڏوگڏ جاگيرداري حڪومت جي تنزل جي سبب ڪري، ادبي تخليقات لاءِ هڪ دروازو بند ٿيو ته ٻيو کلي پيو آهي. هڪ ئي وقت، هڪ طرف سرپرستي ۽ امداد ختم ٿي ويئي، ته ٻئي طرف مصنف لاءِ ائين ممڪن ٿيو ته هو نثري قصي ڪهاڻيءَ (prose fiction) جي ذريعي گذارو ڪري سگهي. هن عوامي اپيل جي ڪري، سڀني ظاهري ۽ حقيقي خطرن جي باوجود، ادب کي ان تبديليءَ مان فائدو پهتو آهي. پڙهندڙ ۽ مصنف جي وچ ۾ هڪ رشتي جو وجود هر لحاظ کان پسنديده آهي. ڪجهه معاشي ضرورت ڪري، ۽ زياده تر ان مسرت جي احساس کان، جو مصنف پنهجي ۽ پڙهڻ واري جي وچ ۾ هڪ رشتي جي خيال کان محسوس ڪري ٿو، گذريل صديءَ جو رجحان قصي ۽ ڪهاڻيءَ جي طرف ئي رهيو آهي. هن پوري عرصي ۾، اهو گهڻيءَ حد تائين ثابت ٿي چڪو آهي ته نثري قصو يا ڪهاڻي، تخليقي قابليتن جي ضرورت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو مناسب وسيلو ضرور آهي، جهڙو ٻيءَ عظيم ادب جي صنف، منظوم ڊرامي جي لاءِ آهي

 ايترو چوڻ ته شايد درست نه به هجي ته ڪو نثري قصو اهي سمورا فرض ادا ٿو ڪري سگهي، جن جي اهليت شاعريءَ کي آهي؛ پر جيڪڏهن ايترو قبول ڪيو وڃي ته هيءَ شاعريءَ جهڙا گهڻا ئي ڪم ڪري ٿو سگهي، ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن ان جي ڪم عمريءَ جو به خيال رکيو وڃي، ته اسان ڄڻ پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو. مگر، ٿي سگهي ٿو، اوهين ان کي اظهار جو هڪ اهڙو ذريعو خيال ڪريو جو شاعريءَ جي اظهار سان همدوشي ڪري سگهي- هڪ اهڙو ذريعو، جنهن جي مدد سان ” ائنٽوني ۽ ڪلوپيٽرا“ جي پٺيان لڪل جذبات هڪ مختلف مگر ڪامل اظهار حاصل ڪري سگهن. ادبي صنفن جي تبديلي ته هڪ روز مره جي ڳالهه آهي؛ مگر ادب ۾ تخليقي قابليتن جي صورت ڪڏهن به نٿي بدلجي. هڪ شيڪسپيئر ۽ هڪ چاسر، اسان جي مروج چيزن کي تمام خوشيءَ سان جيڪر قبول ڪن ها، مگر انهن جون تحريرون انهن تصنيفن کان بلڪل مختلف هجن ها، جن جي ڪري اڄ اسين انهن کي سڃاڻون ٿا. ليڪن، اوهان جي لاءِ جيڪڏهن هيءُ تخيل برداشت ڪرڻ جي قابل نه آهي، يا ائين کڻي چئي ته يقين جي قابل نه آهي، ته پوءِ به اوهان لاءِ انهن ٻنهي جماعتن کي قبول نه ڪرڻ جو هڪ بنيادي جزو پڻ آهي: جيڪي ائين چون ٿا ته ظاهري طرح ’شاعراڻو نثر‘ عمده ترين نثر آهي، يا جن جو اهو عقيدو آهي ته ’منصفانه نثر‘ کي ئي عظمت ۽ برتي حاصل آهي، تن ان اختلاف رکي سگهو ٿا. اعليٰ  تاثرات ته ٻنهي ۾ ممڪن آهن: البت نثر جي باري ۾ اسان جو اهو تصور  ته اهو اظهار جي ذريعي جي بنسبت نظم سان بلڪل هڪجهڙائي ٿو رکي، ضرور اهو شڪ پيدا ڪري سگهي ٿو ته اهي ٻئي نثر جا قسم به بلڪل جامع ڪونه آهن. نثري قصي ڪهاڻيءَ ۾ ته ڪيتريون ئي چيزون سمائي سگهجن ٿيون- مثال طور بيان، گفتگو جي طرز، ۽ ڊرامائي نازڪ وقت (dramatic crisis) جي ٻنهي عنوان مان ڪنهن هڪ ۾ به نٿيون اچي سگهن؛ مگر، ان هوندي به، ان جو اسلوب تڪميل جي سڀني ضرورتن کي پورو ڪري ٿو.


(1)  هوريس- Horace، ورجل کان پوءِ، روم جو سڀ کان زياده مشهور شاعر، طنزنگار، قصيده گو ۽ مڪتوب نگار گذريو آهي.

(2)  جووينل—Juvenal، عظيم رومي طنزنگار ۽ شاعر، طنز جي ارتقا جي تاريخ ۾ نمايان مقام رکي ٿو.

(1)  J. Swift، انگريزي طنز نگار، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ڪنهن اصلاح جي خواهش کان وڌيڪ ان تي کلڻ ۾ زياده خوشي محسوس ڪندو هو.

(2)   Voltaire، مشهور فرانسيسي طنز نگار، جنهنج و فرانس جي انقلاب تي تمام گهڻو اثر هو.

(3)   Erewhon Butlre، هڪ مشهور طنز نگار.

(4)  Anatole France، هڪ فرانسيسي اديب، جو پنهنجين ظريف ۽ حسين طنزيه ڪهاڻين کان مشهور آهي.

(5)  H.G. Wells (1866-1946ع)، ” The war of the Worlds“، ” The Time & Machine”، وغيره، جو مشهور مصنف، هڪ شاعر، ناول نگار ۽ افسانه نويس، تاريخدان ۽ سائنسدان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com