سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :34

 

هيءُ ’باڊليئر‘ جو شعر منهنجي روح جي سيپاري جو هڪ ورق آهي. پر انهيءَ جي مقابلي ۾ شاهه جو ’سُر سارنگ‘ رکي ڏس، ۽ اها سٽ پڙهه:

’آگميو آهي، لڳهه پس، ”لطيف“ چئي.‘

ڇا، تو کي ان سٽ ۾ اها ڪيفيت محسوس نٿي ٿئي، جا ’باڊليئر‘ جي نظم ۾ آهي؟ هر شاعر ۽ اديب جي تخليقات ۾ هن جي ماحول جون روايتون ۽ توهمات پوشيده آهن - توڙي هو قديم شعرا مان هجي يا جديد مان. هن جو روح اهو تلاءُ آهي، جنهن جي ڇَرَ هيٺان سَرَ ۽ چڪڻي مِٽي آهي: تون ان ڇَرَ کي چانڊوڪيءَ وانگر چُمي ڏس، ان جي سَرن ۽ چڪڻي مٽيءَ کي ڇا ڪندين؟ تون ان ۾ هنج وانگر ٽُٻِي ڏي ته تو کي موتي ملن، فقط ڪنهن ڪانوَ جي ڪانگيري ۾ ويهي ڇو ٿو چيخ پڪار ڪرين؟ بهتر آهي ته ڪلاسيڪي شعر جي انهيءَ حصي کي نظر انداز  ڪري ڇڏ، جنهن ۾ آفاقيت نه آهي، جنهن ۾ شاعر جي دور جا توهمات ۽ بي ڪيف تصورات آهن. ممڪن آهي ته هڪ صديءَ کان پوءِ، تنهنجي منهنجي ڪلام لاءِ به ڪئنچيءَ جي ضرورت پوي.“

هو ٿورو کنگهي چوڻ لڳو، ”مان ته سمجهان ٿو ته تصوف ۽ مذهبي پس منظر کان سواءِ، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري هڪ کَنڊي مثال آهي.---“

مان سوچي رهيو هوس ته ڪٿي هيءُ ديوانو شاعر سچ ته نٿو چوي!

اڄ  هڪ سنڌي ادب جي پانڌيئڙيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن سان هيٺين گفتگو ٿي:

”اوهين ترقي پسند آهيو ڇا؟“

”جيڪڏهن ترقي پسند ٿيڻ لاءِ ’مارڪس‘ جي جدلياتي مادّيت ۽ انسان جي لازمي مادّي ارتقا ۾ اعتبار، ۽ ادب کي فقط طبقاتي ڪشمڪش جو آئينو ۽ ذريعو تسليم ڪرڻ ضروري آهي، ته  مان ترقي پسند نه آهيان.“

”پوءِ ته اوهين رجعت پسند چئبا.“

”منهنجيءَ نظر ۾ رجعت پسند اهو آهي، جو ڪنهن صدين جي جهونيءَ تهذيب ۽ تمدن، معاشي ۽ اقتصادي نظام، ۽ مذهبي عينيت پسند قدرن جو قائل هجي: جو زندگيءَ جي هر نئين مسئلي جي حل جي تلاش  ڪنهن اُڏوهيءَ کاڌل ڪتاب يا قول ۾ ڪري: ۽ جو زندگيءَ ۽ ادب جي هر نئين رجحان جي ان ڪري ترديد ڪري، ڇاڪاڻ جو اهو رجحان هن جي موروثي خيالن جي خلاف آهي. نه، مان رجعت پسند نه آهيان.“

”اهو ڪيئن: نه رجعت پسند، نه ترقي پسند! تڏهن اوهين ڇا آهيو؟“

”مان فقط ’مان‘ آهيان.“

”يعني؟“

”يعني، مان ’منصور‘ آهيان؛ مون کي هر بيسمجهه ڦاهي تي چاڙهيندو.“

”اهو ڪو ’اناالحق‘ جو نئون نعرو آهي ڇا؟“

” - ’اناالاِنس‘ جو!“

”اوهان جي خيال ۾ نئون ادب ڇا آهي؟“

”زندگيءَ ۽ ادب جي هر صحتمند رجحان جو خير مقدم.“

”سنڌي ادب ۾ تنقيد جي ارتقا متعلق اوهان جو ڇا رايو آهي؟“

”سنڌي فنِ تنقيد انهيءَ جانور جو نالو آهي، جنهن کي جهرڪيءَ جو مٿو، ڪاريهر جي ڄڀ، چمڙي جون اکيون، ۽ اُٺ جي اوجهري آهي.“

” ڇا مطلب؟“

”ادبي تنقيد لاءِ نه فقط جديد ۽ قديم ادب جو وسيع مطالعو، زبان ۽ ادب جي مزاج جي پرک، ۽ فنِ تحرير تي قدرت ضروري آهي، پر تنقيد نگار جي گونا گون، گهري ۽ متوازن شخصيت ئي تنقيد کي صحيح تنقيد بنائي ٿي: مون کي اهي خوبيون سنڌ جي ڪنهن به ’ناقد‘ ۾ نظر نٿيون اچن.“

”نئين ادب ۾ فحش نگاري آهي ڇا؟“

”اهو ان تي منحصر آهي ته اوهين نئون ادب ۽ فحش نگاري ڇا کي ٿا سمجهو. اوهان کي معلوم هوندو ته جيمس جوائس (James Joyce) جي ڪتاب ’يوليسز‘ (Ulessys) تي فحش نگاريءَ جي الزام هيٺ مقدميبازي هلي هئي؛ ۽ آخر آمريڪا جي عدالت، فتوا ڏيئي، ان کي فن جو عظيم شهپارو تسليم ڪيو. ساڳيءَ طرح، ڊي. ايڇ. لارينس (D.H. Laurence)  جي ڪتاب ’ليڊ چئٽرلي جو عاشق‘ (Lady Chatterley’s Lover)  تي به اهڙي قسم جي قانوني فتوا ملي چڪي آهي - جنهن تان پڻ تازو اها بندش هٽائي ڇڏي ويئي آهي. خير، ته هتي جنسيات جو مهذب تصور ناممڪن آهي. هتي جيڪڏهن اهو لکيو وڃي ته فلاڻو صوفي شاعر ڪنهن هندو ڇوڪري سان عشق ڪندو هو، ته سنڌي ناقد، مجاز کي حقيقت جي پُل  سمجهي، درياهه ٽپي ويندو؛ باقي جيڪڏهن ڪنهن حقيقت نگار اديب ڪنهن به جنسي حقيقت جو اشارتاً ئي ذڪر ڪيو ته اَڏ  تي بيٺو گاريون ڏيندو. هن جو گاريون به اهو گارو آهن، جنهن جي چڪڻ ۾ ٿاڦوڙا هڻي، ڦينگون اُڏاري، هو فقط پنهنجي روح کي پليد ڪندو رهي ٿو. مونکي جڏهن به چيو ويو آهي ته اهڙيءَ تنقيد جو جواب ڏيان، ته مون فقط اهو چيو آهي ته فقير رمندو رهندو، ڪُتا ڀونڪندا رهندا: ڪُتن کي ڪهڙي خبر ته فقير جي گودڙيءَ ۾ ڇا هو؟ مان ڀانيان ٿو ته اهي عريان مجسما ۽ تصويرون، جن کي ساري مهذب دنيا فنپارا تسليم ڪري ٿي، اسان جي تنقيد نگارن کي فحش لڳندا. جن کي فنون لطيفه جي وصف، ۽ انهن جي تاريخي، اخلاقي، جنسياتي، نفسياتي ۽ معاشرتي مناسبتن جي ڪافي معلومات نه آهي، انهن کي ڪنهن ادبپاري جي مهذب ۽ فحش هجڻ جي ڪهڙي خبر؟ پنهنجو قلم ته تلوار کان به تکو آهي، پر اهو ڪنهن جيتامڙي جي رت ۾ ٻوڙي ڇا ڪبو؟

”هن ڪائنات جي طلسم ۾ جسم جي رعنائي ڪيتري نه هوشربا آهي، سو لطيف سائينءَ هيٺين سٽن ۾ نهايت پياري انداز سان سمويو آهي. (جي اهي سٽون منهنجيون هجن ها ته ڪج فهم نقاد انهن تي به فهش نگاريءَ جو الزام آڻين ها.)

’ڪنواريون ۽ ڪنول، هل ته پسون ڪاڪ جا!‘

(مٿينءَ سٽ ۾ ’ڪنول‘ جو تصور ائين آهي، جيئن ڪنهن منڱينديءَ جو هانءُ ٽڙي پوندو هجي.)

’هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل،

نڪا جهل نه پل، جي ويا سي وڍيا.‘

’مومل کي مجاز جا، اکين ۾ انبور!‘

(اها سٽ پڙهي، ڪو نيم دماغ ناقد ائين نه چوي ته اکين ۾ انبور ڪيئن ٿيندا؟ مومل جون اکيون ٿيون يا لوهار جو دڪان!

”لطيف سائينءَ انسان جي تن جي تَونس، سُر سُهڻيءَ ۾ هڪ نهايت باڪمال فنڪار وانگر چٽي آهي:

’کامان، پچان، پڄران، لُڇان ۽ لوچان،

تن ۾ تَنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان.‘

 ۽ اها تن جي تَونس انسان کي ڪيترو نه مجبور ٿي ڪري، ان جو اظهار هيئن ٿو ڪري:

’ساهڙ مون جئن، سرتيون، جي ڏسو سڀيئي،

ته سمهو ڪين سُک ٿي، پاسو وَرَ ڏيئي،

مُنهان اڳيئي، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.‘

”شاهه جي شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال ملندا، جن ۾ جسم جي حسين ترين شاعري آهي. آخر عورت کي به ته جسم آهي؛ اها به ’کَٽن تي کِهه‘ ۽ ’پلنگ پُراڻا‘ ڏسي راڻي لاءِ روئي ٿي سگهي. انهيءَ جنسي محبت کان، چون ٿا ته فرشتا به رهي نه سگهيا هئا، جي اڃا تائين ’چاهِ بابل‘ ۾ ٽنگيا پيا آهن. زندگي ڀلي روز ’چاهِ بابل‘ ٺاهي، اسين اها محبت ادب ۾ چٽيندا رهنداسين، ڇو ته اسان کي فرشتي جو روح آهي.

”تعجب آهي ته مذهب ۽ سياست جيڪڏهن ادب ۽ فن جا موضوع ٿي سگهن ٿا، ته جنسي نفسيات ڇو نه ٿي سگهن ٿا! شرط اهو آهي ته نگاهه صالح ۽نگارش ادبي هجي- ۽ جي ائين نه آهي، ته پوءِ مذهب خواهه سياست خواهه جنسي نفسيات، سڀيئي الڳ الڳ وجوهات سبب اعتراض جي قابل ٿي سگهن ٿا.“

”ڇا، نئين ادب ۾ دهريت آهي؟“

”ادب انهن معاملن کان بلند آهي-- ۽ نئون ادب به ادب ئي آهي؛  بلڪ ان ۾ ڪيئي تخليقات اهڙيون به آهن، جن ۾ ڪنهن ازلي حسن ۽ حقيقت جي جستجو ملي ٿي. دراصل، ڪيترائي اديب، روايات جا زنجير ٽوڙي، زندگيءَ جي زندان کي ڊاهي رهيا آهن. انهن اڃا زندگيءَ ۽ ادب جا مثبت اقدار طي نه ڪيا آهن. ڪنهن ڪنهن دور ۾ ادب ۾ طوفان ايندو آهي، جو جهونن سفينن جا بادبان اُڏائي ڇڏيندو آهي؛ انهن جو تختو تختي سان نه ملندو آهي؛ ۽ پراڻن ناخدائن کي سندن ناخدائي به بچائي نه سگهندي آهي... ۽ پوءِ نوان مانجهي ساحل ڏانهن وڌندا نظر ايندا آهن. بار بار انهيءَ طوفان جي گواهي اسان کي دنيا جي تواريخِ ادب ۾ ملي ٿي. اسان جو ادب به اڄ اهڙي دور مان گذري رهيو آهي.“

”اوهين ڪهڙن شاعرن کان متاثر ٿيا آهيو؟“

”اهو ڏکيو سوال آهي. مون مشرق ۽ مغرب جا صدها شاعر پڙهيا آهن، ۽انهن مان ڪيترن منهنجي ذهن ۾ پنهنجو پنهنجو تاثر ڇڏيو آهي. ڪن جون ته فقط ٻه- چار سٽون مدت تائين منهنجي ذهن ۾ ائين ٻُرنديون رهيون آهن، جيئن ڪنهن روح پرور موسيقيءَ جو ڪو لازوال آلاپ. مثلاً، معلوم نه آهي ته هيءُ فارسي شعر ڪنهن جو آهي، پر اڄ مدت کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ اُڀري آيو آهي:

’باده ڪہ شيشہ دلِ منصور را گداخت،

در ساغرِ شبينہ من جوش جي زند.‘

(جنهن شراب منصور جي دل جي شيشي کي ڳاري وڌو، اهو منهنجي راتوڪي پيالي ۾ اُٻڙڪا ڏيئي رهيو آهي.)

”بهر صورت، مان شاهه لطيف، ڪَوي ٽئگور، ميران ٻائيءَ، حافظ، خيام، خليل جبران، گوئٽي، پشڪن، ماياڪو وسڪي، ۽ باڊليئر کان ڪافي متاثر ٿيو آهيان. لطيف، ٽئگور، ميران ۽ حافظ، وحدت الوجود جي فلسفي جا قائل آهن، باقي ٻين جا متضاد نظريا آهن، جي سڀ منهنجيءَ شخصيت ۾ ائين رلي ملي ويا آهن، جيئن مختلف رنگ روشنيءَ ۾. باقي، جذباتي طرح، مون کي ’خيام‘ ۽ ’ميران‘ سان سڀني کان زياده رغبت آهي.“

”فقط ’خيام‘ ۽ ’ميران‘ سان ڇو؟“

”اها ڳالهه مون هن وقت تائين ڪنهن کي به نه ٻڌائي آهي. توکي مون سان شخصي اُنس آهي، ان ڪري توکي ٻڌايان ٿو.

”اَلست‘ جي عهد کان پوءِ جڏهن انسان عالمِ بالا مان ڌرتيءَ طرف ٿي آيا، تڏهن مان تنها پنڌ پيو هوس. جڏهن پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيس، تڏهن هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته پريان ڪجهه درخت نظر آيا. مون ويجهو وڃي ڏٺو ته انگور جي وَل هيٺان هڪ رندِلااُبالي پنهنجي صراحيءَ مان جام تي جام ڀري پي رهيو هو. مون هن سان اڃا ڏيٺ ويٺ ئي نه ڪئي هئي، ته هن صراحيءَ مان جام ڀري مون ڏانهن وڌايو. مون حيرت ۾ هن کان پڇيو،’تون ڪير آهين؟‘هن جواب ڏنو، ’منهنجو نالو عمر آهي، عمر ”خيام“.‘

”ايتري ۾ مون کي پريان گيڙوءَ رتي لباس ۾ هڪ جوڳياڻي نظر آئي، جنهن کي هڪ ڪلهي تي يڪتارو هو، ۽ ٻئي تي چونئري. هوءَ ڳائيندي ٿي آئي:

’موري جنم مرن ڪي ساٿي،

توهي نا بسرون دن راتي.‘

(منهنجي ڄمڻ مرڻ جا ساٿي! تون مون کان ڏينهن رات نٿو وسرين.)

”جڏهن هوءَ ويجهي پهتي ته هن مون کي چيو، ’هيءَ چونئري ته وٺائي هيٺ رک، مان ڏاڍي ٿڪجي پيئي آهيان. اَلاجي، شيام ڪٿي ملندو!‘

”مون هن کان پڇيو،’مائي، تون ڪير آهين؟‘

”مان؟ مان ميران ٻائي آهيان.‘

”ڪيڏانهن ٿي وڃين؟‘

”ڪيڏانهن؟ خبر ناهي، شيام الاجي ڪيڏانهن ويو!‘

”انهيءَ چونئريءَ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟‘

’ڇا کنيو اٿم؟ ان ۾ اهي ڳوڙها ڪَٺا ڪيا اٿم، جي شيام جي وڇوڙي ۾ ڳاڙيندي آئي آهيان.‘

”هون!‘خيام کي ڳالهه نه وڻي، ۽ هن مون کي اشارو ڪيو ته سندس ڏنل جام ڳيت ڏيئي پي وڃان. مون چُڪي چکي، ته اها تارونءَ کي ايتري ته تکي لڳي جو مون جام رکي ڇڏيو.

”هيءَانگور جي رَس آهي،ڇو نٿو پيئين؟‘ خيام پڇيو.

”مون جواب ڏنو،’خيام، تنهنجي رس ڏاڍي تکي آهي.‘

”ميران ٻائيءَ  ٿڌو ساهه کڻي چيو، ’انهيءَ رَس ۾ هن چونئريءَ جو ڪجهه پاڻي ملائي پيءُ، شايد ان جي تِکَ گهٽجي وڃي.‘

”مون ’خيام‘ جي رَس ۾ ’ميران‘ جا ڳوڙها ملايا؛ ۽ پوءِ ڪيئي جام پي ويس. ان وقت خيام هيٺين رباعي ڳائي رهيو هو:

’آمد سحري ندا ز ميخانہ ما،

ڪاي رندِ خراباتيءَ ديوانہ ما،

برخيز ڪہ پُر ڪنيم پيمانہ زمَي،

زان پيش ڪہ پُر ڪنند پيمانہ ما.‘

 (صبح جو ميخاني مان صدا آئي ته اي اسان جا رند خراباتي ۽ ديوانا! ان کان اڳ جو اسان جي زندگيءَ جو پيمانو ڀرجي وڃي، اٿي ته پيمانو شراب سان ڀريون.)

”مان ٿوريءَ دير ۾ مدهوش ٿي ويس، ۽ جڏهن جاڳ ٿي ته خيام ۽ ميران ٻئي نظر نه آيا، فقط منهنجي ڀرسان خيام جي صراحي ۽ جام، ۽ ميران جي چونئري رکي هئي؛ آءٌ اهي کڻي پنڌ پيس. مون کي ڪافي گهري ننڊ وٺي ويئي هئي: ڇو ته پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته ’خيام‘ ۽ ’ميران‘ مون کان ڪجهه صديون اڳي ڌرتيءَ تي پهتا هئا. انهيءَ صراحيءَ ۽ چونئريءَ مون تي ڪافي اثر ڪيو آهي. مان لامذهب صوفي آهيان، ناستڪ جوڳي آهيان!“

 

ڪنهن چيو ته فلاڻي صاحب تنهنجي ادبي تخليقات تي تنقيد ڪئي آهي. مون پهاڙ تان هيٺ ڏٺو. هڪ وڇون، پهاڙ جي پيرن وٽ هڪ پٿر کي ڏنگي رهيو هو. پهاڙ خاموش هو، اٽل هو.

مون رات ۾ ڏٺو ته ’سامي‘، شڪارپور ۾، هاٿيدر اندران ڪنهن جاءِ ۾ ويٺو هو، ۽ پني ٽُڪر تي سلوڪ لکي مَٽَ ۾ وجهندو ٿي ويو.

مون هن ڏانهن تعجب مان ڏسي چيو، ’سامي‘ تون اڃا تائين اهي سلوڪ مَٽَ ۾ پيو ڇُپائين!‘

ساميءَ مُرڪي چيو،’اڳي ته مان ئي فقط اهو سنڌڙيءَ جو شاعر هوس جو پنهنجو ڪلام مَٽَ ۾ وري ڇڏيندو هو؛ پر هاڻي مون کي يقين آهي ته تون به ائين ئي ڪندين.‘

مون مُڪ هڻي ساميءَ جو مَٽ ڀڃي وڌو، ۽ هن جا سڀ پني ٽُڪر کڻي چيم، ”سامي، نه فقط مان پنهنجو ڪلام علي الاعلان پڙهندس، پر تنهنجو به! تون ۽ مان هن سر زمين جو ماضي ۽ مستقبل آهيون: اسان کي ڪو به مِٽائي نٿو سگهي!

آڌيءَ رات جو ننڊ مان جاڳ ٿي. مون اکيون پٽي مٿي ڏٺو. آڪاش جي مندر ۾ ڏيئا جلي رهيا هئا. ويساک جو مُنو چنڊ، ڪنهن پوڄاريءَ  جي سِيتل آتما جئن ٿي لڳو. مون چيو، ’اٿي! آرتيءَ جو وقت آهي، ويل وهامي نه وڃي!‘ پوءِ اٿي، مان ڪوٺيءَ جي ڀت وٽ آيس. سامهون اونداهو ساڌ ٻيلو، جنون ۾، سچل سرمست جي وارن وانگر ٿي لڳو. چنڊ جا ڪجهه ڪرڻا پاڻيءَ تي ٽانڊاڻن وانگر چمڪي رهيا هئا. اوچتو ساڌ ٻيلي مان مور رڙ ڪئي، جا بڙڇيءَ جي وار وانگر آسمان چيري ويئي. مون حيرت ۾ سوچيو ته هيءُ ساڌ ٻيلو ڪيترو نه تنها ۽ ويران آهي!  معلوم نه آهي ته هيءُ مور ان کي ڇڏي ڇو نٿو وڃي! رات جي هن اٿاهه خاموشيءَ ۾ رڙيون ڇو ٿو ڪندو رهي؟

مون کي منهنجي هڪ هندو استاد هڪڙي ڏند ڪٿا ٻڌائي هئي، جا ياد اچي رهي هيم - ’جڏهن ڪلجڳ شروع ٿيو هو ته سنڌو-ديش تي ڪجهه پاپي ڪاهي آيا هئا. هو نردئي هئا، ۽ اسان جا ديش واسي دياوان. هُنن جي سوڀ ٿي ته هنن چوڌاري ڦُرلٽ، اهنج انياءُ  مچائي ڏنو. اسان جا ديش واسي سڀ خاموشيءَ سان ڏسندا رهيا.  سنڌو درياهه تڏهن اروڙ جي ڀرسان وهندو هو. دريا جي ڪپ تي هڪ رشي تپسيا ڪندو هو، ۽ سڄو وقت ڌيان گيان ۾ گذاريندو هو. ڀرسان هڪ ماڙي هئي، جنهن ۾ ”سنڌيا“ نالي  هڪ پتورتا استري رهندي هئي. جڏهن پاپي هن جي ست تي هلان ڪري آيا، ته رشي ترشول کڻي ڊوڙيو ۽ ڪجهه پاپين جي ڇاتين کي ڇلي وڌائين. هڪڙي پاپيءَ، وجهه وٺي، رشيءَ کي ترار سان ٻه اڌ ڪري وڌو. ان کان پوءِ ان رشيءَ مور جو جنم ورتو، ۽ اڃا تائين مور جي جُوڻ  ۾ آهي. جڏهن اڌ رات ٿيندي آهي ته هو رڙيون ڪندو آهي ته ” ست- جُڳ وري ڪڏهن ايندو؟ هيءُ جڳ پاپ جي نگري آهي؛ هن ۾ پاپ کُٽندو ته نه، وڌندو نظر اچي رهيو آهي؛ پوءِ به هي مور رڙندو ٿو رهي!- ڇو؟ ڇو؟ مان اڌ رات جو ڇو ٿو اٿان؟ مان گيت ڇو ٿو لکان؟ هن پاپ جي نگريءَ ۾ منهنجن گيتن کي ڪهڙي معنيٰ آهي، ڪهڙي اهميت آهي! .... اوه، مون کي ڏکڻ جي واءُ ۾ ننڊڙي ٿي اچي. منهنجا آواره خيال ڪٿي جو ڪٿي وڃيو نڪرن! مور جي رڙين سان منهنجن گيتن جو ڪهڙو واسطو؟

اي چنڊ! تون هن ڪائنات جو خاموش تماشه بين آهين. اي چنڊ، ڪڏهن ڪڏهن تون انسان جي روح ۾ ليئو پائيندو آهين؛ ڪڏهن ڪڏهن توکي اها جاءِ وڻي ويندي آهي، ۽ پوءِ تون اتي واسو ڪندو آهين. تنهنجو جسم ته آسمان ۾ هوندو آهي، پر تنهنجو روح ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ جي من ۾ هوندو آهي. اي چنڊ، تون منهنجو ڀيدي آهين. تون ۽ مان، ٻئي واٽهڙو آهيون - ڪنهن دور ديس جا، اڻٿڪ، ازلي راهي: تنهنجو منهنجو پنڌ پڄندو به يا نه؟ اي چنڊ، تو هن نگريءَ ۾ مون جهڙو ٻيو به ڪو سودائي شاعر ڏٺو هو نه ئي مون ٻڌو آهي ته ’بيڪس‘ روهڙيءَ ۾ سنڌوءَ گهاٽ وٽ آڌيءَ رات جو ڪَنئيي سان اچي بيهندو هو، ۽ ڪَنئيو، ڪن تي هٿ رکي، هن جي ڪافي ڏاڍيان ڳائيندو هو:

’ساجن سائين سير ڪرڻ لئه آيو ٿي انسان،

ڪاٿي ڪافر، گبر، يهودي، ڪاٿي مسلمان:

ساجن سائين..‘

 اها ڪافي ٻڌي، ساڌ ٻيلي جو مور زور سان رڙيون ڪندو هو: ’ائين نه آهي، ”بيڪس“ سائين،ائين نه آهي! سڀ انسان ساجن جو سَروپ نه آهن. هيءُ سارو جيوَن پاپ ۽ پُڃ جي يُڌ آهي؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ يُڌ ۾ پُڃ اڪيلو آهي، بلڪل اڪيلو!‘

وڏا چوندا هئا ته مور جو آواز ٻڌي ’بيڪس‘ سانت ۾ اچي ويندو هو، ۽ ڌرتيءَ تان پٿر کڻي، پاڻيءَ ۾ چنڊ جي پاڇي کي هڻندو هو. چنڊ لهرين ۾ ڀڄي ڀورا ٿي پوندو هو؛  پر ٿوري وقت کان پوءِ چنڊ جو پاڇو هڪ جاءِ تي اچي ويندو هو. اي سچ! تون چنڊ جو پاڻيءَ ۾ پاڇو آهين، توکي ڪا به ضرب ڀڃي ڀورا ڪري نٿي سگهي!

 اڄ رات جي پوئين پهر ۾ جاڳ ٿي. پريان درياهه تي ٻيڙيءَ جا سڙهه، ڏانڊيءَ تي ويٺل پوپٽ جي پَرن وانگر لڳي رهيا هئا. آسمان ۾ ننڍڙيون آڇيون ڪڪريون ائين ڦهليل هيون، جيئن ڪنهن سهڻيءَ ماڇاڻيءَ جي تڏي تي پَلي جا ڇِلر. مون اکيون مهٽي نِيراڻ ۾ نهاريو. نظر نمرود  جي تير وانگر اڏامندي ويئي -

هن رنگا رنگ ڪائنات جو ڪوئي انت نه آهي: اها نه شروع ٿي آهي، نه ختم ٿيندي: نه ان جي مڪان ۾ ابتدا ۽ انتها آهي، نه زمان ۾:  اها اتي ۽ ائين آهي، اتي ۽ ائين رهندي: نه ان جي حسن ۾ ڪَمي ايندي، نه حيرت افزائيءَ ۾.

ڪير ٿو چوي ته هيءُ جهان فاني آهي؟-- هيءُ جهان باقي آهي، ازلي آهي، ابدي آهي!

اي شاعر! انهيءَ همه حيرت، همه حسن ۾ محو رهه ته تنهنجي شاعريءَ کي ابديت ملي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com