سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :43

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ورسي

(1)

(ڀٽ شاهه، سنڌ: 28 ۽ 29 جولاءِ، 1961ع)

سنڌ جي سدا حيات صوفي شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ورسي هن سال به نهايت اهتمام ۽ عقيدت سان ملهائي ويئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هر طبقي جي خلق هزارن جي تعداد ۾ ڀٽشاهه تي ڀيرو ڪيو. هر سال جي روايت موجب، 28 ۽ 29 جولاءِ 1961ع تي، ٻن ڏينهن لاءِ، وڏي پيماني تي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي، جنهن جو افتتاح پاڪستان جي قدرتي وسيلن جي وزير، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيو. سنڌيءَ جي مڙني عالمن، اديبن ۽ شاعرن کان علاوه، لاهور جي ’رائيٽرس گلڊ‘ ۽ ’پنجابي اڪيڊمي‘، ۽ اولهه بنگال جي ادبي اڪيڊميءَ جا نمائندا، آمريڪي سفارتخاني جا آفيسر پڻ انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.

پهرئين ڏينهن، 28 جولاءِ، ڪانفرنس جي پهرين افتتاحي نشست شام جو ٿي، ۽ ٻئي ڏينهن تي ٻه نشستون، صبح ۽ شام جو، مقالن ۽ راڳ جون ٿيون.

ڀُٽي صاحب پنهنجيءَ افتتاحي تقرير ۾ ’شاهه‘ جي زندگيءَ ۽ ڪلام بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، ۽ ’شاهه لطيف ڪلچرل سينٽر‘ جي تعمير ۽ ترقيءَ بابت حڪومت کان امداد ڏيارڻ جو وعدو ڪيو. هن چيو ته”شاهه پنهنجي شاعريءَ ذريعي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي آهي. هن انهن ماڻهن جي زندگيءَ کي پيش ڪيو آهي، جيڪي رات ڏينهن محنت ڪري پنهنجي روزي ڪمائين ٿا. شاهه بين الاقوامي حيثيت جو شاعر آهي، جنهن تي نه صرف مشرق کي پر مغرب کي پڻ فخر رهندو؛ تنهنڪري ضروري آهي ته سندس ڪلام جو سڀني پاڪستاني ٻولين ۽ دنيا جي مکيه ٻولين ۾ ترجمو ڪيو وڃي.“

’شاهه لطيف ڪلچرل سينٽر‘ ڪاميٽيءَ طرفان ڀُٽي صاحب کي سپاسنامو پيش ڪندي، ڪاميٽيءَ جي چيئرمين، مسٽر نياز احمد (ڊويزنر، ڪمشنر، حيدرآباد)، ’سينٽر‘ جي تعميري ترقيءَ جو مختصر جائزو ورتو، ۽ ٻڌايو ته ’سينٽر‘ جي پنجٽيهن لکن واري اصل اسڪيم، 1954ع ۾، تڏهوڪيءَ سنڌ سرڪار تيار ڪئي هئي، ۽ اسڪيم جي ٻئي مرحلي تي ايندڙ مالي سال کان پندرهن لکن جي اڏاوت ٿي چڪي آهي، ۽ اسڪيم جي ٻئي مرحلي تي ايندڙ مالي سال کان ڪم شروع ٿيندو. مسٽر نياز احمد چيو ته سينٽر کي جلد ۽ موثر نموني ترقي وٺائڻ لاءِ وڌيڪ رقم جي ضرورت آهي، ۽ وزير موصوف کي هن درخواست ڪئي ته مرڪزي حڪومت کان به ان ڪم لاءِ هو امداد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري – جنهن لاءِ ڪوشش وٺڻ جو ڀُٽي صاحب يقين ڏياريو.

ٻئي ڏينهن، صبح جي ڏهين بجي، جناب حسام الدين راشديءَ جي صدارت ۾، ڪانفرنس جي ٻي نشست  شروع ٿي، جنهن ۾ مقالا پڙهيا ويا. انهيءَ نشت ۾ رائيٽرس گلڊ، پنجابي اڪيڊمي ۽ بنگالي اڪيڊميءَ جي نمائندن تقريرون به ڪيون، ۽ وچ وچ ۾ راڳ ۽ ساز به پيش ٿيندو رهيو. ڪارروائي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هلائيندو رهيو، جو ڪلچرل سينٽر ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري آهي. آخر ۾ راشدي صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن شاهه جي رسالي جي مستند شرح تيار ڪرڻ تي گهڻو زور ڏنو، ۽ پڻ ڪلچرل سينٽر ڪاميٽيءَ کي ڪيتريون ئي مفيد ترقياتي تجويزون پيش ڪيون.

ساڳئي ڏينهن، شام جو ساڍي ستين بجي، جناب مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘ جي صدارت ۾، سنڌي راڳ جي نشست شروع ٿي. ڪانفرنس جي اها آخري نشست هئي.

هن نشست جو آغاز اڳي مرحوم بسنت جي شرناءِ سان ٿيندو هو، پر هن ڀيري، سندس جدائيءَ سببان، علڻ فقير ۽ ان جي پارٽيءَ پهرين شرناءِ جي وڄت پيش ڪئي، جنهن بعد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل راڳيندڙن ۽ سازيندڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ڳائڻ وارن مان قاسم علي شاهه، لغاري فقير، سرائي محمد جمن، ٽول فقير، حافظ محمد اسحاق، دوست محمد، ماستر گل بيگ، فقير يار محمد، جڙيل شاهه، نارو ڀڳت، رسول بخش ڀٽ ۽ استاد منظور علي خان جا نالا قابل ذڪر آهن؛ ۽ موسيقارن مان جوڳي فقير، عبدالحڪيم، مير محمد بلوچ، بخشل، قادر بخش جوڳي، لونگ فقير ۽ مصري خان جا نالا قابل ذڪر آهن. وچ ۾ ڳجهارتن جي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ فقير ٻيڙي ڪنڀار، حاجي فقير ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب حصو ورتو. محمد مسخرو به موقعي تي موجود هو، جنهن پڻ پنهنجو وارو وڄايو.

آخر ۾ مخدوم صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي، جنهن ۾ موصوف سنڌي راڳ جي واڌاري ۽ سڌاري بابت خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ان لاءِ ڪيتريون ئي اصلاحي تجويزون پڻ پيش ڪيون. مخدوم صاحب سنڌي موسيقيءَ جي تحقيق تي گهڻو زور ڏنو، ۽ ٻڌايو ته ان لاءِ باقاعدي هڪ تربيتي درسگاهه کولڻ جي رٿ پڻ ڪلچرل سينٽر جي تعميراتي پروگرام ۾ شامل آهي. هن چيو ته سنڌي موسيقي پنهنجو ڌار وجود رکي ٿي، پر افسوس آهي جو انهيءَ موضوع تي اسان وٽ اڃا تائين ڪا به تصنيف جُڙي نه سگهي آهي.

ڳائڻن، سگهڙن ۽ موسيقارن کي متوجهه ڪندي، مخدوم صاحب چيو:

”شاعر وقت جي زبان آهي، ته ڳائڻ وارو شاعر جي زبان آهي: شاعر لکي ٿو، ۽ ڳائڻو پنهنجي سُر سان انهيءَ ڪلام کي مختلف جاين تي پهچائي ٿو: انهيءَ لاءِ تمام ضروري آهي ته شاعر جي ڪلام کي صحيح ڪري پڙهيو وڃي. جيڪڏهن ڪو هڪڙو ڳائڻ وارو ڪنهن ڪلام کي غلط ڳائيندو ۽ ٻيا سندس همعصر ان جو نقل ڪندا، ته پوءِ اها غلطي عام طرح پکڙجي ويندي. شاعر جو ڪلام نياپو آهي، ۽ ڳائيندڙ انهيءَ نياپي کي پهچائيندڙ آهي: اهو نياپو، ضروري آهي ته صحيح طرح سان پهچايو وڃي.“

مخدوم صاحب فنڪارن جو توجهه وقت جي انهيءَ ضرورت ڏانهن ڇڪايو ته هو گهڻو ڪري ساڳيون ساڳيون پراڻيون ڌُنون ۽ طرزون ئي ورجائيندا رهن ٿا، جنهنڪري سنڌي راڳ جو فن ترقي ڪري نه سگهندو: ”فنڪارن کي، ان ڪري، شاعرن جي نون ڪلامن کي وقت بوقت نين ڌُنن ذريعي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي.“

آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي الوداعي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن جناب راشدي صاحب ۽ جناب مخدوم صاحب جي مشورن کي عمل هيٺ آڻڻ جو يقين ڏيارو، ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ مهمانن ۽ معاونن جو شڪريو ادا ڪيو.

(2)

بمبئي جي ڪي.سي. ڪاليج جي وڏي هال ۾، اتي جي ”سنڌي ساهتيه سنگت“ جي اهتمام سان، شاهه لطيف جي سالياني ورسي تمام ڌام ڌوم سان ملهائي ويئي، جنهن ۾ سڄي شهر جي سنڌين گهڻي امنگ ۽ اتساهه سان بهرو ورتو.

”سنڌي ساهتيه سنگت“ جي پريزيڊنٽ، پرنسپال اجواڻيءَ، موقعي جي صدارت ڪئي. اجواڻي صاحب چيو ته”شاهه اسان سنڌي جي دلين جو سردار آهي. سندس شعر ۾ سنڌ جو روپ نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاهه جي رسالي کي اسين هِتي به پنهنجو ورثو سمجهون ٿا. سندس شعر وسيلي اسين هِتي غير سنڌين ۾ پنهنجيءَ سڀيتا جو ڦهلاءُ ڪري سگهون ٿا.“

پروفيسر رام پنجواڻيءَ، ماستر چندر ۽ ٻين صاحبن شاهه بابت پنهنجا ويچار پيش ڪيا.

ماسٽر چندر ۽ سندس پارٽي، پروفيسر رام پنجواڻي ۽ سندس پارٽي، ماسٽر رانجهن، ’سرونٽس آف سنڌ‘ جي ڪلاڪارن، ڀڳوان چاولا، شريمتي ويڻا واڌواڻيءَ، رام ناواڻيءَ ۽ ٻين فنڪارن، شاهه جي ڪلام جي پَلٽ ڪئي. آخر ۾ ’سنڌي ساهتيه سنگت‘ طرفان راڳ ۽ تقرير جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ ڪامياب ٿيندڙن ۾، سنگت پاران، پروفيسر رام پنجواڻيءَ انعام ورهايا.

6 – آگسٽ 61ع تي، ’سنڌونگر‘ ۾ پڻ ”سنڌي ساهتيه سنگت“ پاران شاهه صاحب جي ورسي ملهائي ويئي، جنهن ۾ پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ ۽ پروفيسر ارجن ’شاد‘ تقريرون ڪيون، ۽ ڪماري ڪملا ڇُڳاڻي، ڪماري نلني جوشي، شريمتي ويڻا، ماسٽر رانجهن، ڀڳت وشنو رام، وغيره، شاهه صاحب جو ڪلام ڳايو.

”سنڌي ساهتيه سنگت“ پاران احمد ۾ پڻ شاهه جي ورسي ملهائي ويئي.

 

(3)

(گورنمينٽ هاءِ اسڪول، حيدرآباد:10 – سيپٽمبر 1961ع)

”شاهه لطيف يادگار ڪائونسل“ جي سهاري سان، 10 سيپٽمبر 1961ع تي، آچر ڏينهن، شام جي ڇهين بجي، مقامي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ميدان تي، جناب مخدوم محمد زمان طالب المولا جي صدارت هيٺ، شاهه لطيف جي ورسي وڏي پيماني تي ملهائي ويئي. جناب اي. ڪي. بروهيءَ ان ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، ۽ اجلاس جو افتتاح ڪيو. شهر جي هر طبقي جي معزز شخصيتن، شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلسي جي ڪارروائي قرآن مجيد جي تلاوت سان شروع ڪئي ويئي، جنهن کان اڳ جناب سيد ميران محمد شاهه ’ڪائونسل‘ جو تعارف ڪرايو، ۽ ان بعد مرحبائي ڪاميٽيءَ جي چيئرمين، جناب پروفيسر محبوب علي چنا، پنهنجي مرحبائي تقرير پڙهي.

ان کان پوءِ محترم امداد حسينيءَ جو تيار ڪيل ’سلام‘ ريڊيو پاڪستان جي آرڪيسٽرا پيش ڪيو، جنهن ۾ موسيقيءَ جي هدايتڪاري محترم عبداللطيف بلوچ ڪئي، ۽ ڳائڻن جي اڳواڻي محترم حسين بخش ’خادم‘ ڪئي.

ان بعد جناب بروهي صاحب پنهنجي افتتاحي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن شاهه صاحب جي ڪلام ۾ انساني ۽ روحاني قدرن جي وضاحت ڪئي، ۽ چيو ته جيستائين انسان پنهنجو پاڻ سڃاڻي، حلم ۽ ’نابوديءَ‘ جي واٽ نه وٺندو، ۽ پنهنجي تڪبر ۽ هستيءَ کي ماري نه ڇڏيندو، جنهن جو سبق شاهه لطيف ڏنو آهي، تيستائين هو ڪڏهن به ’اعليٰ‘ نه بنبو، ۽ پنهنجي اصل حيثيت هن کي حاصل نه ٿي سگهندي. بروهي صاحب چيو ته جڏهن پاڪستان جا سمورا باشندا سنڌ جي هن عظيم شاعر جي پيغام کي پنهنجو ڪندا، تڏهن هتي جي صورتحال ۾ وڏو ذهني انقلاب اچي ويندو، ۽ پاڪستان جي نئين زندگي جنم وٺندي. بروهي صاحب شاعر جي وجود ۽ مقصد بابت سمجهاڻي ڏني، ۽ ٻڌايو ته شاعر ٻين چيزن جيان ٺاهبو يا ٺهندو نه آهي، بلڪ اهو قدرت طرفان ايندو آهي ۽ پيدائشي شاعر هوندو آهي، جيڪو حق جو پرچار ڪندو آهي. آخر ۾ هن صلاح ڏني ته سنڌي ٻارن کي ننڍي هوندي ئي شاهه جا بيت ٻڌايا ۽ ياد ڪرايا وڃن، ته جيئن کين وڏي هوندي انهن مان فيض ۽ فائدو حاصل ٿئي.

صدارتي خطبي کان پوءِ، هڪ ڪلاڪ تائين، جناب احسن الهاشميءَ، شاهه لطيف جي سُر سهڻي – ميهار جي داستان تي ٻڌل، پنهنجو لکيل هڪ ميوزيڪل فيچر پيش ڪيو، جنهن ۾ هلڪي ساز جي پس منظر سان محترم حسين بخش ’خادم‘ ۽ محترم شيخ دين محمد، شاهه جا بيت ڳايا.

آخر ۾ راڳ ساز جي محفل هلي، جنهن ۾ حسين بخش ’خادم‘، دين محمد شيخ، عثمان، مٺُو ڪڇي، نارو ڀڳت، مصري خان، مهراج مولچند، استاد منظور علي خان، ۽ ٻين فنڪارن حصو ورتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com