سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :6

 

گيت

سروپچندر ’شاد‘

صبح

رات جي پيٽ مان ڏڪندو ڏڪندو،

نڪتو آهي صبح سڀاڳو!

رات لنگهي ويئي تارا ڳڻيندي،

آهون ڀريندي،سڏڪا ڀريندي:

توکي ڳولڻ لئه ننڊ اُڏري،

اکڙين سان پرتو اوجاڳو......

صبح آيو، تقديرون جاڳيون،

سپنن جون تعبيرون جاڳيون:

کيت جوان به جاڳيان، سائين!

جاڳيو منهنجو درد نڀاڳو......

کيت اڳي وانگي ٿا مشڪن،

پورهيت خوش ٿي ٻهڪن ٽهڪن

منهنجي تون قربت ۾ ناهين،

مان ڀي ساڳيو، غم ڀي ساڳيو.

هاري گڏجي سنگ لڻن ٿا،

مون کي تنهنجا پُور پون ٿا:

پنهنجي سونهن جي صدقي هلي آ،

آهي حياتي ڪچڙو ڌاڳو!......

 

 

 

گوورڌن محبوباڻي

آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي!

سر جو سانگو لاهي، سهڻي، آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي!

گهيڙ نه تڪ تون، گهِڙ گهاگهائي،

پريت ڇڏيندءِ پار پڄائي:

لُڙَ لهرن کان ڇرڪين ڇو ٿي؟

گهِڙ، ڇولين ۾ ڇاهي؟-سهڻي، آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي!

ڇا ٿيو جي آ رات انڌاري،

ڪاري ڪاري، هيبت واري؟

موٽ نه، سهڻي، سڪ وارن جو

هي ته نمونو ناهي! – سهڻي، آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي!

هِت تون، ۽ هُت ميهر ماندو،

وچ ۾ آ دريا هيڪاندو:

دور نظر کان، دل کي ويجها،

عشق ته اهڙو آهي! – سهڻي، آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي!

ڏَم ڏيندءِ ڏاڍا ڏوراپا،

اچ، لاهي لڄ ۽ لاڳاپا:

’مان ميهر جي، ميهر منهنجو‘،

چئه تون سينو ساهي! - سهڻي، آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي!

ساهڙ، سائر، سهڻي - ٽيئي،

آهن ساڳي ڳالهه سڀيئي:

ٻڏندا جيڪي، ترندا سي ئي،

آدُ انتُ هڪ آهي! - سهڻي، آءُ ڪُنن ۾ ڪاهي!

 

بشير مورياڻي

منهنجو من نادان

منهنجو من نادان،سکي ري، منهنجو من نادان!

پل ۾ جياري، پل ۾ ماري،

کن ۾ کلائي، کن ۾ رئاري،

گذريل ڳالهيون ياد ڏياري،

ڏئي لڙڪن جو دان!--- سکي ري،.....

تنهنجي مٺڙي ياد ستائي،

رسيل من کي ٿي پرچائي،

هڪڙي لحظي ۾ ٿي بنائي

مشڪل کي آسان!--- سکي ري،....

 

ڪشن ’ساٿي‘

جاڳ، مسافر، جاڳ!

سورج جاڳيو، پورب جاڳيو، جاڳيو سارو لوڪ؛

ڪوئل جاڳي، مئنا چهڪي، ٻهڪيو سارو باغ؛

دنيا تان ڀئتا جو سارو مٽجي ويو آ داغ؛

مندر جاڳيو، مسجد جاڳي، جاڳيو سارو ڀاڳ:

جاڳ، مسافر، جاڳ!

جاڳي آشا، جڳمڳ جاڳي، جاڳيو سڀ سنسار؛

دنيا ساري توکي گهوري، جاڳ اُٿي هڪوار؛

من-مندر جي جوت ڪري ٿي اوچو اوچو ڳاٽ:

ديپڪ دل ۾ ڪير جلائي، ڪير لڳائي آڳ؟

جاڳ، مسافر، جاڳ!

دور وڃي ٿي دور، نراشا، پنهنجي وٺندي واٽ؛

ساريءَ دنيا جي سامهون ٿئي نُور کُلي نروار؛

جيوَن سارو بنجي پوندو امرت جو ڀنڊار؛

جيوَن-ساگر جي لهرن تي ڳاءِ تون ڪو راڳ:

جاڳ، مسافر، جاڳ!

ويڻا وڄندي، سئنا ٺهندي، وسندو مينگهه ملهار؛

آسا نچندي، مکڙيون کلنديون، دامن ٿئي ڀرپور؛

خوش ٿي توکي هر هر ڏسندو هاري ۽ مزدور؛

هرڪو چوندو، آهه سرڳ جهڙو ئي منهنجو ماڳ:

جاڳ، مسافر، جاڳ!

 

خواجا سليم

گيت خوشيءَ جا ڳايون!

گيت خوشيءَ جا ڳايون، ساٿي، گيت خوشيءَ جا ڳايون!

پرهه پلئُه سُرهو ڦڙڪايو،

رات ڀڳي اونداهه لڪائي؛

اوڀر شفقي سون رجايو،

تيج سندس ٿو کيتَ وهنجائي:

آءُ، ڏنگيندڙ اونداهين ۾

پاڻ به جوت جڳايون، ساٿي،

آءُ، شفق ڦهلايون، ساٿي،

گيت خوشيءَ جا ڳايون!

ڏس گلشن ۾ گلن ڦلن کي،

وايو کي تن آ مهڪايو؛

پنهنجي جَلَ جو گنج لُٽائي،

رات آهي تن کي ٻهڪايو:

ڌوئڻ لئه مُکَ جڳ جي گلن جا،

آءُ ته لڙڪ وسايون، ساٿي،

پوءِ تن کي مهڪايون، ساٿي،

گيت خوشيءَ جا ڳايون!

پرهه پَسي سڀ نڪتا آهن،

پنهنجي پنهنجي هاج ڪرڻ لئه؛

پاڻ به نڪرون گهر مان، ساجن،

پنهنجي ڏيهه جو ننگ رکڻ لئه:

ڪاڻ سڀيتا، ڏولاون ۾،

ڦاسي ڀي مسڪايون، ساٿي،

پنهنجو پاڻ وڃايون، ساٿي.

گيت خوشيءَ جا ڳايون!

ساٿي، گيت خوشيءَ جا ڳايون!

 

ڪمل ڪيولراماڻي، ’پياسي‘

لک لهي ٿي لوڏ

لَک لهي ٿي لوڏ، پرين جي، لَک لهي ٿي لوڏ!

مُرڪ ۾ هُن جي آ پنهنجائي،

هُن جي نيڻن ۾ سرهائي؛

تون، مان، سارو جڳ شيدائي،

هن آ اهڙي ڄار وڇائي:

ڦاسون ٿا ۽ ڦٿڪون ٿا،

پروا ناهي تڙڦون ٿا.

چاهت هن لئه وياڪل آهي،

هن لئه سڀڪجهه ٿي سهسائي:

دل ۾ جوڙي جاءِ ائين،

جيئن جوڙن ڀِت اوڏ:

لک لهي ٿي لوڏ، پرين جي، لک لهي ٿي لوڏ!

هن لئه هر هر خيال نماڻا،

لُڇن، ڦٿڪن، ٿي ويڳاڻا؛

پلڪ، گهڙيون، سؤ سال پڄاڻا،

ڀنڀٽ دلين جا ڪين وساڻا:

گونگا ڳوڙها، آنهون دانهون،

هُن بِن ڏيندو ڪير دعائون،

هن کي ڏسندي، دل ۾ دڪ-دڪ

شروع ٿئي ٿي، هاءِ، اچانڪ:

درد جا آنسون، ڌارا بڻجي،

ڪَپ ٽوڙي، ڪَن ٻوڏ:

لک لهي ٿي لوڏ، پرين جي، لک لهي ٿي لوڏ!

جذبا جنهن لئه ڪڍن سياپا،

تنهن جا ڪهڙا ڪاٿا ماپا؛

آنسن سان گڏ اچن نياپا،

عشق ڏئي ان جا ڏوراپا:

گهُنڊ وجهي ۽ چپ ڀڪوڙي،

هاءِ، خدا، هيءَ دل ٿي ٽوڙي:

مرڪ اُها جا ورهيه پُراڻي،

سگهندس ان کي اَڄ به سڃاڻي:

ڪيئن ڀلا دل تان ٿي وسري،

هن جي حشمت هوڏ!

لک لهي  ٿي لوڏ، پرين جي، لک لهي ٿي لوڏ!

 

احمد خان ’آصف‘

بادل، ڪر وسڪارا

وَسُ وَسُ، بادلَ، ڪر وسڪارا!

مينهن گهرن ٿا مالن وارا،

ڀالَ ڪري، ڀر ٻنيون ٻارا!

 

تاس لڳي آ تاڙن کي، ٿا تڙ تي روز تنوارن،

مالن جا ڌَڻَ  ماندا ٿي، شب روز ٻَهون ٻاڪارن:

ٿَرُ بَرَ وانگر ٿو ڏسجي،

ڪين ٿي ساوڪ ڪٿهين پسجي،

ٺوٺ سُڪي ٿيا وڻ ٽڻ سارا،

وس وس، بادل ڪر وسڪارا!

ڪاڇي ۾ ڪِي ڪين ٿيو آ، اُڏري ٿي پئي واري،

ملڪ سڄو ويران ٿيو، ٿي گرمي توبهه زاري!

هر پَٽُ رٽُّ  تپي ٿيو کوري،

عاجز آهي خلق سموري،

ڇوهه منجهان ڏي اُت ڇڇڪارا:

وس وس، بادلَ، ڪر وسڪارا!

جنهن کي سنڌ سڏن ٿا اُت ڀي، پاڻي ناهي پورو،

واٽر شاخون وهن اڌوريون، فصل ٿيو اڻپورو:

آهه زميندران کي جهوري،

هارين کي به گذر جي لوري،

ترت وهن شل گهارا نارا!

وس وس، بادلَ، ڪر وسڪارا!

ور ور ڏيئي وڄڙين سان،چمڪار ڪري چوڌاري،

ڊوڙ ڀري،گجگوڙ ڪري، ڪر بوندن ساڻ بهاري:

پاڻي هر هنڌ جام ٿئي،

ساوڪ ۽ سبزي عام ٿئي،

خوش ٿئي هرڪو، لهن خسارا!

وس وس، بادلَ، ڪر وسڪارا!

 

احمد خان ’اختر‘

محبت مينهن وسايا

ڪڪرن ڪيئڙو ويس وسڻ جو،

نيڻن نير وهايا، وي،

اکين اوتيو آب اِئين،

جيئن بادل برسي آيا، وي!

سانوڻ آيو سڀ ٿيا سرها،

من منهنجي ۾ مونجهارو، وي،

خوش ٿي خوب ٿا ڳائن ڳوٺي،

مون ڳچ ڳاري ڳارو وي،

ڪُٺل تي ڪاوڙ ڪانڌ ڪري ڪُہ،

وصل جا ورق ورايا، وي!

خوب وهن ٿا نديون نالا،

محبت ۾ متوالا، وي،

عرش ۽ فرش رنگين ويسن ۾،

ڪيئڙا رنگ نرالا، وي،

اندر اُسرسي، اکيون اُدا جو

مون مِڙ وقت وڃايا، وي!

خوب خوشيءَ ۾ خلق ٿيخوش،

۽ منهنجو اندر اُداسي، وي،

ويَلَ وٿاڻن وريا، وَسَ ٿي،

پِريَم آءٌ پياسي، وي،

پَرتا پکِي پَرَ پنهنجا پکيڙي،

مون لئه سور سوايا، وي!

ڇانگي چوري ڇيئه ڇپر ۾،

گهايل گهاري گهڙيون گنگهر ۾،

ڪاڻيتي ڪُہ ڪيئڙيئه، ڪامل!

ويڳاڻي ٿي ويئي جا وڳر ۾،

اچ ته چون سڀ اڱڻ تي،’اختر‘،

محبت مينهن وسايا وي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com