سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون (1999)

 

صفحو :1

مهراڻ 1999 (2-1)

نفيس احمد شيخ

 

گذارش

 

سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا هر ڪنهن کي معلوم آهي. بلڪ، حقيقت اها آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان کان ٻاهر به علمي ۽ ادبي دنيا ۾ بورڊ جي ساک ۽ مڃتا آهي. ڊاڪٽر شمل جهڙيءَ مستشرقہ ته سڄي يورپ کي بورڊ جي شاندار علمي ڪارنامن سان متعارف ڪرايو آهي.

بورڊُ ڪجهه عرصي کان وٺي مالي بحران ۾ مبتلا آهي. ان جو مکيه سبب اُهو آهي ته سنڌ سرڪار، تجويز موجب، بورڊ جي گرانٽ چاليهن لکن مان وڌائي سٺ لک ڪانه ڪئي؛ ورندو ڪاٽي، ويهه لک ڪري ڇڏي، جيڪا رقم پگهارن لاءِ به پوري ڪانهي. هونئن ته سڄو ملڪ مالي بحران  آهي، پر پاڪستان سرڪار سنڌي ادبي بورڊ جهڙي ساڳئي اداري يعني ايڪيڊمي آف ليٽرس جي گرانٽ ڪانه گهٽائي آهي. ڪو ته سبب هوندو؟

خدا جي رسول جي حديث آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ کائڻ لاءِ فقط هڪ ماني آهي ته اُن جو اڌ وڃي وڪڻو ۽ گلاب جا گل خريد ڪيو.مانيءَ جو اڌ اوهان جي پيٽ جي غذا آهي ۽ گلاب جا گل اوهان جي روح جي غذا آهن.

ادبي ادارا روح جي غذا فراهم ڪن ٿا.

مولانا عبيدالله سنڌي جڏهن هي جهان ڇڏي رهيو هو، تڏهن عقيدتمندن کي چيائين ته ڀٽائيءَ جا بيت پڙهو. شاهه ڀٽائي جڏهن هيءُ جهان ڇڏي رهيو هو، تڏهن هڪ ئي شيءِ طلب ڪئي هئائين: ”موسيقي.“

اهڙا ادارا جيڪي ثقافت، علم ۽ ادب سان وابسته هجن، تن جي امداد ۾ ڪاٽا ڪوٽي ڪرڻ عقلمنديءَ جو ڪم نه آهي. پاڪستان سرڪار جي پاليسي صحيح آهي. سنڌ سرڪار کي به اُن جي پيروي ڪرڻ گهرجي.

خدا جي فضل سان، هن وقت، سنڌ جي هڪ علم نواز ۽ ادب دوست سڄاڻ شخصيت، محترم سيد غوث علي شاهه صاحب، سنڌ جون واڳون سنڀاليون آهن. سائينءَ کي سنڌ لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

محترم غوث علي شاهه صاحب جي علم دوستي ۽ ادب نوازي، سنڌ جي ڪنهن به ادبي ۽ ثقافتي حلقي کان ڳجهي ڪانه آهي. پاڻ جڏهن سنڌ جا صوبائي وزير تعليم هئا، تڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي مدد ڪئي هئائون. بعد ۾، جڏهن پاڻ سنڌ جي چيف منسٽريءَ جو منصب سنڀاليائون، تڏهن ته هيڪاري بورڊ کي نوازيائون. بورڊ کي هن وقت سائينءَ جي شفقت جي ضرورت آهي. اسان سائين جي خدمت ۾ ادب سان عرض ڪريون ٿا، ته بورڊ جي مالي بحران ختم ڪرڻ لاءِ سالاني گرانٽ وڌائي، ڪرم فرمائي ڪن. سنڌي ادبي بورڊ سدائين سندن ڳڻ ڳائيندو رهندو ۽ دائما دعاگو رهندو.

جوڳي جيڪس ويا جبروت!

ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جي خذمتگذارن- مرزا عباس علي بيگ، وحيد علي راڳي، ڪيهر شوڪت، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، ناظم منگي ۽ عبدالله ورياهه- هيءُ جهان ڇڏيو آهي. انهن سنڌ دوست سڄڻن، سنڌ جي ادب، تحقيق، ثقافت ۽ سماج سُڌار جاڳرتا لاءِ جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ادب حلقن کان لِڪل ڪانه آهي. سندن جُداين سبب پيدا ٿيل خال ڀرجڻ مشڪل آهن. اسان پنهنجن انهن ساٿين جي روحن لاءِ مغفرت جي دعا گهرندي، سندن پونيرن سان سندن ڏک ۾ شامل آهيون. رب ڪريم مرحومين کي جنت ۾ جايون ڏئي.

سنڌ ۾ سامونڊي طوفان

تازو ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ آيل سامونڊي طوفان اهڙو ڀيانڪ هو، جنهن کي ”قيامت صغريٰ“ ڪوٺيو ويندو آهي.

ڪراچيءَ کان وٺي بدين تائين، انهيءَ سامونڊي طوفان جي لپيٽ، سموري علائقي کي اُجاڙي ڇڏيو! سون جي تعداد ۾ انساني جانيون لهرن جي لپيٽ ۾ لُڙهي ويون، لاتعداد لاش ويرن جي وهڪرن ۾ الوپ ٿي ويا، هزارن جي تعداد ۾ مسڪين ماروئڙا بيمارين جو بَک بنجي ويا! وڏي پيماني تي سندن مال متاع مري ويو ۽ سنڌ جي قيمتي جهنگلي ۽ آبي جيوت کي سخت نقصان پهتو. طوفان سندن اَجها اُڏائي ڇڏيا ۽ ٻيڙياتن جي روزگار جا وسيلا هوڙها ۽ لانچون هميشه لاءِ برباد ٿي ويا. جهانگيئڙن جو الهو تلهو چٽ ٿي ويو ۽ ارڪو ترڪو تباهه ٿي ويو! ايڏي وڏي پيماني تي آيل بربادي انساني ضمير کي ايترو ته جنجهوڙيو، جو واهرو به متين منجهائي ويٺا. وزيراعظم پاڪستان سامونڊي طوفان جي متاثرين جي مدد لاءِ اُتان جا دورا ڪيا، سندن امداد ڪئي ۽ کين آٿت ڏنو. ان طرح غير سرڪاري تنظيمن به متاثرين جي سهائتا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ جي پوئتي پيل انهيءَ سامونڊي پٽي جي مسڪين مارو ماڻهن تي آيل انهيءَ هولناڪ تباهي ۽ تڪليف تي هر ذي فهم جي اک آلي آهي ۽ خاص ڪري اديبن ۽ دانشورن، ليکڪن ۽ شاعرن صحافين ۽ اهل علم طبقي جي دل رت جا لڙڪ ٿي هاري! سنڌ جي لکيڪن جي طرفان اسان پنهنجي ملڪ جي مارو ماڻهن جي انهيءَ پيڙا تي انهن سان دلي همدردي ڪريون ٿا ۽ سندن ڏک کي اسان پنهنجو غم تصور ڪريون ٿا. اسان جي دعا آهي ته خدا متاثر مسڪين ماڻهن کي انهيءَ صدمي سهڻ جي سگهه عطا فرمائي ۽ کين وري پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي سگهه ڏئي.                   ن. ا. ب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com