سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2004-3ع

 

صفحو :1

مهراڻ 2004-3ع

نفيس احمد شيخ

هيءَ جا لات ”لطيف“ جي

 

مَحروُم ئي مري ويا، ماهِر ٿي نه مُئا،

چِڙيءَ جئن چُهنج هڻي، لَڏِيائون لُئا،

حُباب ئي هُئا، انهيءَ وادي وِچَ ۾!

 

مُئي هاٿيءَ تي مامرو، اچي ڪيو انڌن،

مَناڙين هٿن سين، اکئين ڪِينَ پَسن،

في الحقيقت فيل کي، سَڄاَ سُڃاڻن،

سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.

 

اِن پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين،

دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،

مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين.

 

ڪُوڙو تون ڪفر سين، ڪافرُ مَ ڪوٺاءِ،

هندو هَڏِ نه آئين، جَڻيو تو نه جُڳاءِ،

تِلڪ تنين کي لاءِ، سَچا جي شرڪ سين.

 

مُنهن ته آهيريان ئي اُجرو، قلب ۾ ڪارو،

ٻَهران زيب زبانَ سين، دل ۾ هَچارو،

اِن پَر ويچارو، ويجهو ناهه وصال سين.

 

تون ڪا ڪاني پاءِ، وَنِنِ ۾ وصال جي،

دوبينائي دوُر ڪري، معرفت ملهاءِ،

سُپيريان جي سونهن ۾، رُخنو ڪونه رهاءِ،

اک اشهد چاءِ، ته مسلماني ماڻئين.

 

سُتوئي سيڄ گهرين، جفا ڏئين نه جانِ،

صُلح رِءَ سيڻانِ، متان نُونڌين نه چڙهين.

]سُر آسا_ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي سهيڙيل رسالي تان)

 

 

”.... اسان جي لطيف ۾ اعليٰ اديب، عالم ۽ مفڪر وارا اُهي سڀ گڻ موجود آهن. هو ڪنهن مخصوص طبقي جو شاعر نه آهي. هڪ مذهب وارن جو شاعر نه آهي. هڪ نظريي وارن جو شاعر نه آهي. شاعر کي هر مذهب، هر نظريي ۽ هر طبقي وارو پنهنجو ٿو سمجهي ۽ سندس پيغام ۽ ڪلام ۾ پنهنجي نفيس جذبن، ڏکن، مصيبتن، اميدن ۽ آشائن جي ترجماني جو عجب جهڙو اکُٽ خزانو ٿو پسي_ شڪر آهي جو شاهه پاڻ کي ڪنهن تنگ ۽ محدود دائري ۾ قابوڪونه رکيو، ورنه سندس ڪلام ڪڏهوڪو بي جان بڻجي هڪ گروهه جي ميراث ٿي وڃي ها يا صرف ڪتابن ۾ ڪفن پوش هجي ها. شاهه رڳو هڪ سيڪڙي جو شاعر نه پر سو سيڪڙي جو شاعر آهي. جي صرف ان هڪ سيڪڙي جو شاعر هجي ها ته اڄ هماليه جي ڪُٽيائن ۾ قيد هجي ها

شاهه وٽ اوندهه ۽ نااميدي جو نالو ئي ناهي. هو Pessimist ناهي. هو ٽڪر ٽاڪن وارو، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ وارو، ڪڙا ۽ ڪوٽ ڀڃي ڀورا ڪرڻ وارو ۽ نچي راءُ ريجهائڻ وارو آهي. شاهه جي اها مشعال هڪ نج سنڌي تحريڪ، سنڌ جي ماحول ۽ ثقافت مطابق غير ملڪي تقليد کان پاڪ آهي، نتيجي کان بي نياز، چاهه سان چکيا تي چڙهيو پوي، مَئي مَتي ۾ ٽپيو پوي. مئو ته ٻڏيءَ جا ٻيڻا........“

                                      _ جمال ابڙو

                               ]مضمون: ”شاهه محض صوفي نه هو.“[

 

 

سوچ _ لوچ

 

1

 

تبديلي اچڻي آهي. اسين چاهيون نه چاهيون، تبديلي اچڻي ئي آهي. انهيءَ کي نه ته اسين ٿا روڪي سگهون، نه توهين!

جمال ابڙي جو لاڏاڻو به هڪ اهڙي تبديلي آهي. هاڻي اسين جمال ابڙي جي ڪابه نئين لکڻي نه پڙهي سگهنداسين.

ٿوري وٿيءَ سان، سنڌي ادب جون ٻه وڏيون هستيون اسان کان وڇڙيون آهن_ هري درياني دلگير ۽ جمال ابڙو!

ٻيئي تخليقي ادب سان واڳيل_ شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ کي اهڙي وقت اوڄ ڏيندڙ، جڏهن اُن جي گهرج گهڻي هئي. هري درياني دلگير ۽ جمال ابڙو_ ٻيئي شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون اتهاس جوڙيندڙ...... هڪ نئون اتهاس..... امر اتهاس!

اڄ جمال ابڙو اسان ۾ نه آهي! اُهو هٿ، جيڪو تخليق ڪندو هو، ڪهاڻيون لکندو هو، ڪٿا لکندو هو، سرد ٿي ويو. پر انهيءَ هٿ پنهنجي سموري گرمي، سڄي حرارت مون کي نه ارپي، بلڪ هن اُها گرمي، اُها حرارت پنهنجين ڪهاڻين کي ارپي. اهي ڪهاڻيون اسان جو روح سدائين گرمائينديون رهنديون. جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي هڪڙي وياکياڻ ته اها به ڪري سگهجي ٿي ته اُهي وقت سر لکيون ويون. سنڌي ڪهاڻيءَ جو سنڌ توڙي هند ۾، اُهو دور هڪ سونهري دور آهي. ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن زندگيءَ جي مختلف شعبن وانگر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي به ڏکيا ڏينهن آيا_ هند توڙي سنڌ ۾_ تڏهن اُهي سنڌي اديب، شاعر ۽ عالم ئي هئا، جن سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ جاکوڙيو. جمال ابڙي جو، ان ڏس ۾، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾، هڪ منفرد ۽ اهم ڪردار آهي.

ٽماهي ”مهراڻ“ کي اهو فخر حاصل آهي ته جمال ابڙي جون ڪجهه پهريون ڪهاڻيون: ”بدمعاش“، ”پاشا“ (ميڪسم گورڪي)، ”پِشو پاشا“، ”شاهه جو ڦر“ ۽ ”ڪارو پاڻي“ اُن ۾ ڇپيون.

 

2

 

جمال ابڙو ادب لاءِ هڪ نظريو رکي ٿو:

”هونئن به ادب ڇاهي؟ سونهن، سچ، نيڪي ۽ خالق، سونهن، سچ ۽ نيڪي ته آهن ئي خالق، سونهن، سچ ۽ نيڪي ته آهن ئي خالق جا جلوا ۽ نيڪي آهي ان تائين پهچڻ جي عملي راهه.“

اڃا به ان ڏس ۾ چئي ٿو ته:

”منهنجي نظر ۾ صحيح ادب اهو آهي جو عام ماڻهن ۾ نه رڳو پنهنجي حقن جي ڄاڻ ڏئي، پر انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ منجهن اُمنگ ۽ اُتساهه ]جاڳائي[ ۽ پاڻ ۾ مڪمل اعتماد ]پيدا[ ڪري ته هو ئي پنهنجي طاقت سان پنهنجا حق ڦورو طبقن کان حاصل ڪري سگهن ٿا.“

جمال ابڙي جي هڪڙي ڪهاڻيءَ ”بدتميز“ جا آخري جملا اسان جو ڌيان لهڻن:

”ڦيٿا ڦرندا ويا، سنبن جي ٽاپ ٽاپ، ٽانگي جي کڙ کڙ ۽ بيل گاڏيءَ جي چيڪٽ ملي هڪ ٿي ويا........“

اهي ڦيٿا ڦرندا رهن ٿا. تاريخ جا ڦيٿا اڳتي ئي ڦرندا رهن ٿا_ پر اسان جي تقدير نه ڦري سا نه ڦري! ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏهن اُن کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي! اُها موهن جي دڙي واري ڏاند گاڏي آهي_ ۽ اُن ۾ هڪ اگهو ماڻهو آهي، جنهن وٽ نه دوا لاءِ ڏوڪڙ آهن، نه کائڻ لاءِ مانيءَ ڳڀو! ۽ اسان جا مسيحا؟ هٿ ٺوڪيا مسيحا! پر اسان جا سچا مسيحا ته اُهي ليکڪ_ ڪهاڻيڪار، شاعر، اديب ۽ عالم_ آهن، جن سنڌ، جيڪا ڪڏهن سُکي سَتابي هئي، جي درد کي محسوس ڪيو ۽ اِن درد کي اکرن ۾ اُکيلي پني تي پلٽي ڇڏيو. جمال ابڙو به ان اگهي_ بُکي سنڌ جو هڪ اهڙو مسيحا آهي، جنهن انهيءَ اگهائيءَ ۽ بُک جو علاج ڏسيو آهي_ اهو علاج نه رڳو هڪ_ ٽِڪ آهي، پر اسان جي پهچ ۾ به آهي ۽ اُهو آهي:

پاڻ سڃاڻڻ

اُمنگ ۽ اُتساهه

پاڻ تي اعتماد ڪرڻ

پنهنجا حق حاصل ڪرڻ!

 

  

3

 

تبديلي اچڻي آهي، اوس اچڻي آهي. اسين چاهيون نه چاهيون، اوهين چاهيو نه چاهيو، تبديلي اچڻي آهي. انهيءَ تبديليءَ کي اچڻ کان ڪير به نه ٿو روڪي سگهي، نه اسين_ نه توهين! سمجهڻو رڳو اهو آهي ته اڻ چاهي تبديلي اسان جي لاءِ گهڻي ڀاڱي ناڪاري هوندي آهي. انهيءَ/ اهڙي تبديليءَ سان اسان جي حالت ۾ ڪابه هاڪاري تبديلي نه ايندي آهي. اڄ سنڌ جي ، سنڌي ٻوليءَ جي ، سنڌي ادب جي، سنڌي سڀيتا جي، سنڌي سماج جي جيڪا صورتحال آهي، اُها انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ۽ اها وڌيڪ گڻتيءَ جوڳي تڏهن ٿي لڳي، جڏهن اسان کي ان ڪوبه احساس نه ٿو ٿئي ! ملڪي توڙي عالمي سطح تي جيڪو منظر نامو آهي، اُهو اُن کان به وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ۽ اسان کي اُن جو به ڪو احساس ڪونهي!

انهيءَ سڄي ڳالهه جو چٽو پٽو ثبوت اُهي تحريرون آهن، جيڪي لکجي، ڇپجي ۽ پڙهجي رهيو آهن. اسان جو شاعر سکيءَ جي نڪ جي ڪوڪي ۽ وارن جي سڳيءَ ۾ ڦاسي رهجي ويو آهي. لکڻين مان محاوري واري ٻولي ختم ٿي رهي آهي. اُن ۾ ڌاريا اجو ڳا لفظ ڀرتي ڪيا پيا وڃن. ايستائين جو سنڌي لهجو اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ خود سنڌين جي گهرن مان تڙجي رهي آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي نه پئي پڙهائي وڃي_ بلڪ انهن جو نصاب ئي ڌار آهي. سماج جي مڙني پرتن جي لاتعلقيءَ سبب سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم تباهه ٿي رهي آهي. ائين اعليٰ تعليم تائين پهچڻ جو انگ به گهٽجي رهيو آهي. ائين نوڪرين ۾ اسان جو انگ به گهٽجي رهيو آهي. پرائمري تعليم کان _ اعليٰ تعليم کان_ نوڪرين تائين اسان جو گراف عمود تي اُڀرڻ ته پري رهيو، اُفقي به نه رهيو آهي_ ماڳهين عڪسي ٿي هيٺ لاڙائو ٿي رهيو آهي!

ٿوري لکئي کي جيڪڏهن گهڻو سمجهيو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ حقيقي خطرا موجود آهن:

الا اينءَ نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولــــي

ملڪي سطح تي ٻولين جو مسئلو جيترو حساس آهي، ان کي اوترو ڳنڀيرتا سان نه ٿو ورتو وڃي! اسان جي سنڌ توڙي وفاقي سرڪار کان اها جائز گهر آهي ته اُهي سنڌي ٻوليءَ جي جائز حقن جي، جيڪي انگريز سرڪار جي غلاميءَ ۾ به ان کي حاصل هئا، پا سداري ڪنديون ۽ سنڌي ٻوليءَ توڙي ٻين پاڪستاني ٻولين ڏانهن پنهنجون ذميواريون محسوس ڪنديون ۽ انهن جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو فرض ادا ڪنديون.

اها ساڳي سنڌي شاعرن،اديبن ۽ عالمن سان به لاڳو ٿئي ٿي ته اُهي به سنڌي ٻوليءَ ڏانهن پنهنجون ذميواريون محسوس ڪن ۽ اُن جي بچاءُ ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجو فرض منصبي پوري ايمانداريءَ سان ادا ڪن.

لپيءَ جو مسئلو ڌار آهي. سنڌي_ عربي لوپي[سنڌ ۾]، سنڌي_ ديوناگري لپي[هند ۾]، ۽ سنڌي_ رومن لپي[انٽرنيٽ تي] رواج ۾ آهن. ساڳئي وقت سنڌ ۾ رائج تعليمي سرشتي جي جائزن وٺڻ جي ضرورت آهي . موجوده دور ۾ ان حوالي سان ٿيندڙ اٿابنديءَ جا سنڌي ٻوليءَ ۽ سماج تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيندا؟ ان بابت  پڻ سنجيدگيءَ سان ڳڻ ڳوٺ ٿيڻ کپي، ڇاڪاڻ جو اهي فيصلا سڌا سنوان قومن جي تقدير تي اثر انداز ٿيندا آهن. پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين سنڌيءَ سان گڏ انگريزي پڙهائڻ_ ۽ هاءِ اسڪولن کي انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ _ سان اڳتي هلي، سنڌي ٻوليءَ تي هاڪاري/ناڪاري، ڪهڙا اثر پوندا؟ انهن سڀني سوالن جا جواب اسان کي لهڻ گهرجن.

 

4

 

* حاجي گل محمد شيخ جي لاڏاڻي تي ادارو انعام شيخ ۽ امان شيخ سان ڏک جو اظهار ڪري ٿو. ڌڻيءَ در دعا آهي ته مرهيات کي جنت ۾ جايون ڏئي ۽ پوين کي صبر جي سگهه عطا ڪري.

* ويجهڙائيءَ ۾ اُستاد سينگار علي سليم لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سندس لاڏاڻي سان سنڌي سنگيت کي وڏو نقصان رسيو آهي. استاد سينگار علي سليم هڪ ٻهڳڻو راڳي، سنگيتڪار ۽ فقير منش ۽ درويش صفت انسان هو. ادارو سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو. ڌڻيءَ در دعا آهي ته مرهيات کي جنت ۾ جايون ڏئي ۽ پوين کي صبر جي سگهه عطاڪري.

*محمد بخش سميجوٽي. وي پروڊيو سر به هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي:

اِنا لله و اِنا اليـﮧ راجعون

محمد بخش سميجو هڪ سڄاڻ  ۽ تجربيڪار پروڊيوسر هو، جنهن سنڌي توڙي اردوءَ ۾ بهترين ناٽڪ پروڊيوس ڪيا. سندس وفات سان ٽي. وي ناٽڪ کي ڌڪ رسيو آهي. ڌڻي کيس مرهي ۽ پوين کي صبر عطا ڪري. آمين.

* ”مهراڻ“ڇپائيءَ جي آخري مرحلن ۾ هو ته ڊاڪٽر ثرياسوز ڏيپلائيءَ جي لاڏاڻي جي خبر آئي. پاڻ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي نياڻي هئي. پر ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائيءَ جي پنهنجي ڌار سڃاڻپ به آهي. پاڻ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. سندس ڪمهلي وڇوڙي تي اسين ڏک جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ڌڻيءَ در دعا ڪريو ٿا ته کيس جنت ۾ جايون ڏئي ۽ پوين کي صبر عطا ڪري. آمين.

 

5

 

ٽماهي”مهراڻ“ اچڻ سان ادب ۾ ڪو انقلاب اچي ويو آهي، اسين ائين نه ٿا چئون. پر اهو ضرور چونداسين ته ان سان هڪ تبديلي ضرور آئي آهي. هڪ تحرڪ ضرور پيدا ٿيو آهي. جنهن لاءِ اسين پنهنجن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جا ٿورائتا آهيون، جن پنهنجو فرض نڀائي اسان کي به پنهنجي فرض ادا ڪرڻ جو اُتساهه بخشيو آهي.

”مهراڻ“سرءُ 2004 جي مواد بابت اسين اڳواٽ ڪجهه چئي، پڙهندڙن جي راءِ تي اثر انداز نه ٿاٿيڻ چاهيون. اسان کي سندن تنقيدي راءِ جو انتظار رهندو_ ۽ تنقيد مان مراد ڪنهن به ادب پاري جي مُلهه ڪَٿ ئي آهي_ ۽ اُن لاءِ ڄاڻ ۽ سچائي ضروري آهي. ادب ۾ خاص طور تي، ۽ سماج ۾ عام طور تي، اختلاف راءِ جي اهميت کان انڪار ممڪن ئي نه آهي. ساڳئي وقت، اسين جيڪي ادب سان لاڳاپيل آهيون، ۽ اظهار جي آزاديءَ جا هر صورت ۾ حمايتي به آهيون، اُنهن کي ’سچ‘ ۽ ’ڪچ‘ ۾ تميز پڻ ڪرڻ جڳائي اسين سڀ کان پهرين پنهنجي ضمير آڏو جوابده آهيون_ اُن کان پوءِ پنهنجن پڙهندڙن آڏو ! ان ڏس ۾، لاکيڻي لطيف جي هيءَ سِٽَ، اسان جي سدائين سونهي رهندي:

مفتي منجهه وِهارِ، ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيين !

ٽماهي مهراڻ اونهارو 2004 ۾ ڀُل چُڪ جي ڪري ڪجهه سٽون اهڙيون ڇپجي ويون آهن، جن سان ڪن ڌُرين جي دل آزاري ٿي آهي، اُن لاءِ اسين معذرت ٿا ڪريون.   _ادارو

 

 

گذارش جا ٻه اکر

 

اڄ کان لڳ ڀڳ هڪ سال اڳ جڏهن مون بورڊ ۾ سيڪريٽريءَ جي ذميواري سنڀالي هئي ته اُن وقت جي حالتن ۾ اهو عهدو قبول ڪرڻ ۽ بورڊ کي ”تبديل ڪري سگهڻ“ جي حوالي سان گهڻن حلقن وٽ مختلف نوعيت جا تحفظات هئا. اُنهن تحفظات ۾ بورڊ جي بگڙيل صورتحال کي ڏسندي ڪيترن ئي اعتراضن ۾ وزن به نظر پئي آيو. سچي ڳالهه اها آهي ته اُن وقت مون کي به پڪ نه پئي ٿي ته ٽن سالن جي مقرر مُدي اندر بورڊ جو ماحول تبديل ڪرڻ ۾ ڪاقابل ذڪر ڪاميابي حاصل ٿي سگهندي. اُنهن مڙني خدشن ۽ اُلڪن ۾ مون الله توهار ڪري نيڪ جذبن ۽ اڻٿڪ محنت ذريعي هن اداري جي خدمت شروع ڪئي ... ۽ اڄ هڪ سال جي اندر ٿيل ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي، اطمينان محسوس ڪريان ٿو ته ادارو هاڻي ترقيءَ جي مُهڙين ڏاڪي تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي.

بورڊ ۾ آمد کان پوءِ مون پنهنجي رٿابنديءَ ۽ ترجيحن جي حوالي سان سوچيو هو ته پهرئين سال اندر بورڊ کي مالي ۽ انتظامي طرح پاڻڀرو بنائڻ جي ڪوشش ڪبي ۽ اُن جي ڪارڪنن کي نئين جذبي سان سرشار ڪري بورڊ کي فعال بنائڻ لاءِ تيار ڪبو. خدا جو شڪر آهي ته انهيءَ هڪ سال اندر اداري جي مٿان اضافي 36 ملازمن جو ٻوجهو هٽي چُڪو آهي، جيڪي سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ضم ٿي ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن. اداري جي سالياني گرانٽ50لک رپين مان وڌي75لک ٿي چڪي آهي، جڏهن ته اها اڃا به وڌائي هڪ ڪروڙ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ان کان علاوه سنڌ جي وڏي وزير طرفان اعلان ڪيل ٻه ڪروڙ رپين جي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ جاکوڙ جاري آهي، پر اڃا وڏي خوشيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته بورڊ ۾ بين الاقوامي سطح جو آڊيو وزيوئل سينٽر جوڙڻ ۽ ڪتابن جون نيون اسڪيمون تيار ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي رٿابندي واري کاتي وٽ ٽن ڪروڙ رپين جي رٿا منظور  ٿي چڪي آهي، جنهن منجهان ٽيهه لک رپيا ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن. گذريل ٻارهن مهينن دوران بورڊ طرفان تقريبن 50 ڪتاب ٻيهر ڇاپي پڌرا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽيهه نوان ڪتاب ڇپائيءَ جي مختلف مرحلن ۾ داخل ڪرڻ کان علاوه ٻارن جي رسالي ماهوار ”گل ڦُل“ جا 12 پرچا، عورتن جي مئگزين ”سرتيون“ جا 5 شمارا ۽ توهان جي هٿن ۾ پهتل ٽماهي ”مهراڻ“ جي هن پرچي سميت 5 شمارا پڌرا ڪري سڀ رسالا ريگيولر ڪيا ويا آهن ۽ انهن جي ڇپائيءَ جي ڳاڻيٽي ۾ پڻ قابل قدر واڌارو ٿيو آهي. بورڊ جو خبر نامو جاري ڪرڻ کان علاوه ڪتابن جي نئين فهرست ڇاپي ويئي آهي. ويب سائيٽ تياريءَ هيٺ آهي ۽ بروشر ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.

ٻئي طرف بورڊ جي ڪتاب_ گهر جي جديد انداز ۾ جوڙجڪ ڪندي ان کي سنڌ جي ٻين ادارن جي ڪتابن سان سينگاريو ويو آهي. انهيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ ڪتاب گهر جي آمدني تقريباً 3 لک رپيا ساليانه مان وڌي چوويهه لکن تي پهتل آهي. بورڊ جي پريس يونيسيف، Esra ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ سميت مختلف ادارن کان مليل لکين رپين جو خانگي طرح جاب ورڪ حاصل ڪيو ويو آهي. اداري ۾ نون ڪمپيوٽرن ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان ”ڪميونيڪيشن سينٽر، قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اديبن کان وٺي عالمي ادارن تائين رابطا بحال ڪيا ويا آهن ۽ بورڊ جي حدن ۾ سمورن سرشتن جي نئين سر بحالي ڪندي فالتو ۽ اجاين خرچن تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.

ان کان علاوه نون ڪتابن لکرائڻ لاءِ ناميارن لکيڪن سان رابطا جاري آهن. بورڊ جي ڦٻايل مخطوطات واپس ورائڻ لاءِ هنگامي اُپائن سميت ميوزيم، ڪانفرنس هال ۽ ڊسپلي سينٽر جوڙائڻ خاطر به نهايت سنجيدگيءَ سان ويچار هلي پيو. تمام جلد مختلف شهرن ۾ بورڊ پاران ڪتابي ميلا لڳرايا ويندا . تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ بورڊ جي بُڪ اسٽال سان لڳ ”رائيٽرس ڪافي شاپ“ جي رٿاتي عمل جي باقاعدي شروعات به ٿيڻ واري آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته بورڊ جي ملازمن جا پگهار ريگيولر ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي ڪنهن به ملازم کي اها ڳڻتي ناهي ته ايندڙ مهيني کين پگهار ملندو يا نه؟

سنڌي ادبي بورڊ جو ڀلو چاهيندڙ دوست، ڪارڪردگيءَ جي انهيءَ مختصر جهلڪ تي نظر وجهي چئي سگهن ٿا ته ادارو ٻيهر پنهنجن اصل مقصدن جي حاصلاحيتن لاءِ تيار ٿي چڪو آهي. موجوده انتشاري دور ۾ جڏهن چـؤطرف ادارن، شخصن ۽ سوچن جي ڀَڄڻ ڀُرڻ جا ٽڙڪاٽ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا، تڏهن هاڪاري طرح سان شروع ڪيل سفر ۾ ڪيتريون مشڪلاتون ۽ تڪليفون پهتيون هونديون. انهيءَ جو اندازو ديس جو ڪو به گهڻگهرو ڪري سگهي ٿو، پرمون هن مٽيءَ جو قرض چُڪائڻ لاءِ ڀٽائيءَ رحه جي اُمنگ:

توڻي لهين نه پير، ته پڻ راحت رڻ ۾.

تي عمل ڪندي پنهنجين سمورين صلاحيتن کي بورڊ لاءِ ارپي ڇڏيو. انشاءُ الله ايندڙٻن سالن ۾ سنڌ جو هيءُ تاريخي ادارو اُنهيءَ پَدَ تي پهچندو، جو سنڌواسي نه رڳو ملڪ ۽ دنيا آڏو اُن کي ماڊل طور پيش ڪري سگهندا، پر اُن جي انتظام کي ايترو سولو ۽ سادو بڻائبو، جو مون کان پوءِ ايندڙ ڪنهن به باضمير منتظم کي بورڊ جي انتظام هلائڻ ۾ ڪابه مشڪل پيش نه ايندي.ها، البت اها سموري مُمڪنات پنهنجي پورڻتا کي تڏهن ڇُهي سگهندي، جڏهن سنڌ جا سڀ پڙهيل لکيل ۽ سوچيندڙ انسان هاڪاري جذبي سان پنهنجي سهڪار جو سڳو اداري سان ڳنڍيو ايندا. سنڌي عوام کي حق ٿو پهچي ته اُهي بورڊ جي هر شعبي /ڪارڪردگيءَ مٿان ڪرڙي اک سان نگراني ئي نه ڪن،پر گڏوگڏ اداري کي مضبوط ۽ فعال بنائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جي فرض ادائگي به ڪن.

 

انعام الله شيخ

سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ

 

 وکر سو وِهاءِ....!

 

شاعري

 

ميٿيو آرنلڊ شاعريءَ کي ”خيال“ ۽ ”فن“ جو اتحاد سڏي ٿو ۽ چئي ٿو ته ”اها ڳالهه ياد رکڻ کپي ته عظيم فنپارن جي تخليق هر دور ۾ ممڪن نه آهي. ”ان سان گڏوگڏ ميٿيو آرنلڊ اهو به چئي ٿو ته ”جيڪڏهن ڪو دور ۽ اُن دور جون حالتون اهڙيون نه آهن، جن ۾ عظيم ادب تخليق ڪري سگهجي، ته پوءِ سڄو پورهيو ۽ جاکوڙ اَڪارٿ ويندي ! ان صورت ۾ اهو وڌيڪ بهتر آهي ته عظيم ادبي دور کي آڻڻ جي تياري ڪئي وڃي.

”تخليقي صلاحيتن جو جوهر ته تڏهن ٿو کلي جڏهن ذهني ۽ روحاني فضا سازگار هجي.“ اسان وٽ شاعريءَ لاءِ اهڙي ذهني ۽ روحاني فضا سازگار نه آهي ۽ اسان کي ، جيڪي شاعر آهيون، يا شاعريءَ سان چاهه رکون ٿا، انهيءَ ذهني ۽روحاني فضا کي سازگار بڻائڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي. (سچ ته اهو آهي ته اسين اهڙيءَ تياري لاءِ به تيار نه آهيون!)_

قاضي قادن

 

ڪَنِزُ قُدُوري ڪافِيان ڪِي ڪونه پَڙِهئوم،

سو پاڙهه ئي ڪو ٻيو، جِئان پرين لڌوم.

 

لوڪان نَحو صرفُ، مون مطالع سپرين،

سوئي پڙهئو سو پڙهان، سو ئي سو حرف.

 

سيئي سيلَ ٿِئامَ، پڙهئا جي پاڻ لَ ءِ،

اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي ورئام.

 

سڄڻ منجهِه هئامِ، مون ويٺي واءُ ٿئا،

هيڏان هڏانهن هٿڙا، هِيَئِن جاڙ وڌام.

 

سائر ڏيئي لَتَ، اوچي نيچي ٻوڙئي،

هيڪائِين هِڪُ ٿِئو، ويئي سڀ جِهَتَ.

 

’لا‘ لاهِيندي ڪن کي، ’لا‘ مُرهِين ناهه،

’بالله‘ ري پريان، ڪَٽُ نه ڏسي ڪي ٻئو.

 

جوڳي جاڳايوس، سُت هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سنڌي پريان پيچري.

 

(”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، ڊاڪٽر بلوچ، ص 228-229)

”...قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن جو وڏي مقدار ۾، باسَنَدَ، لکيت ڪلام اسان کي ملي سگهيو آهي. هيستائين هن جا فقط ست بيت موجود هئا، جيڪي علامـﮧ ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽي جي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ، اصلي ماّخذن مطابق، ڪافي صحيح صورت ۾، علم ادب ۾ چاهه رکندڙن جي ڌيان تي  آيا هئا. تازو ئي هرياڻا [ڀارت] مان مليل سندس 112 بيتن (ڇنڊڇاڻ بعد) کي ملائي، سندس بيتن جو ڪل تعداد وڌي هاڻي 117 ٿيو آهي. (اڳين بيتن ۽ تازو مليل بيتن ۾ 2 بيت عام آهن).

قاضي قادن سمن جي دور جي آخرواري وقت جو شاعر آهي. اُن وقت تعليم جي ٻولي عربي هئي ۽ سرڪاري ڪمن ۽ ڪاروبار وغيره لاءِ پارسيءَ جو واهپو به شروع ٿي ويو هو. موجود سامگريءَ موجب، اُن وقت تائين سنڌي شاعري اڃا چارڻن، ڀٽن_ ڀانن ۽ سگهڙن جي زباني روايتن تائين محدود هئي، جيڪي اُن وقت جي سردارن جي بهادري ۽ سخاوت جا قصيدا ڳائيندا ۽ عشقيه داستان بيان ڪندا هئا. بعد ۾، ڳاهن وارين ڳالهين ذريعي سنڌيءَ ۾ قصـﮧ خواني ۽ داستان گوئيءَ جي روايت اُسري، ساهتڪ معيار کي پهتي.

اُن وقت تائين جي سنڌي شاعريءَ جون  مکيه طرح ٽي ڌارائون هيون. هڪ اُها شاعري، جنهن ۾ مڪاني لوڪ ڪهاڻيون ۽ اُن وقت جون ٻيون ڪهاڻيون ۽ نيم تواريخي ڪهاڻيون، جهڙوڪ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي وغيره بيان ٿيل هيون. ٻي اُها شاعري جنهن ۾ اُن وقت جي سردارن جي سُورهيائي ۽ سخاوت جو گڻ گان ڪيو ويندو هو. اِن قسم جي شاعريءَ کي عام طرح درٻاري شاعري سڏيو ويندو آهي. تئين قسم جي شاعري وري اها هئي، جيڪا مذهبي پرچارڪ، دين ۽ اخلاق جي تبليغ لاءِ ڪندا هئا. اُن ۾ زور هدايتن ۽ نصيحتن تي هو. پير صدرالدين ۽ پير ڪبيرالدين جا ’گنان‘ انِ قسم جي شاعريءَ جوئي مثال آهن.

_هيروٺڪر

[”قاضي قادن جو ڪلام“ ،دهلي، 1978ع، ص 70_71]

 

مخدوم نوح سرور

 

پيئِي جا پِرڀاتِ سا ماڪَ مَ ڀانيو ماڻُهئا،

روئِي رِڙهي راتِ، ڏسِي ڏکويَن کي.

 

اُپَٽيان تان اَنڌِيون، پَوريُون پرين پَسَنِ،

آهي اَکَڙيَنِ، عجب پَرِ پَسَڻ جي.

 

نه سي جوڳِي جُوءِ ۾، نه سا سَکِي چاٽَ،

ڪا پڙين ڪَنواٽَ، وڏيءَ ويلَ پَلاڻِيا.

 

مَتان ڏسِي موهجِين، دنيا وارو ڌَڄُ،

جدا ڪجئين جُودَئون، ڇائيءَ کي ٿي ڇَڄ،

نرمل ’نوح‘ فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رَڄ،

اڄ نه ٿئي سُڀاڻِ ۽ سُڀاڻِ نه ٿئي اڄ،

مُٺيون ڀيڙي ڀَڄُ، وقت وڃي ٿو ويسلا.

 

سَمو به ساٿين گڏ، تون به لوچج لَڄَ کي،

هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪيرت ڪَج،

ته تو پڻ ٿئي ڌَڄ، سمي به سوڀَ ٿئي.

(مهراڻ: نمبر 3 سال 1972ع)

 

مخدوم نوح عليـﮧ رحمـﺔ جا ڪل پنج بيت مليا آهن. اُنهن بيتن جي گهاڙيٽو، ٻولي ۽ معنيٰ _پاڻ ۾ ائين رلمل آهن، جيئن ماکيءَ ۾ رنگ ۽ ميٺاج.

مخدوم نوح عليـﮧ رحمـﺔ جي بيتن جي حوالي سان ، اُنهيءَ دور کي اوائلي ڪلاسيڪل دور چئي سگهجي ٿو. انهيءَ دور/ عصر ۾ سنڌ جي ڪونج ڳچيءَ ۾ ڪهڙا ڳٽ پيل هئا، تن بابت محبوب علي چنا لکي ٿو:

”سرور سائينءَ جن 27_رمضان 911هه بطابق 21_فيبروري 1506ع هن ناسوتي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ 27_ ذوالقعد 998هه بطمابق 27_سيپٽمبر 1590ع ۾ هن مجازي محلات مان اُسهيا. هيءُ عرصو سنڌ ۽ سنڌواسين لاءِ هڪ صبر آزما زمانو هو. سمن بادشاهن جو سونهارو ۽ سونهري سمو ڄام نظام الدين [متوفي 914هه/1508ع] جي وفات حسرت آيات تي هڏڪيون ڏيڻ لڳو. چنانچه 928هه/1522ع ۾ سنڌ تي ڌارين جو اهو تسلط ٿيو. جو تقريباً اڍائي سو سالن تائين سنڌ پاڻ کي ٻاهرين جي غلاميءَ کان ڇڏائي نه سگهي.“ [مهراڻ4_1964ع،ص128]

مخدوم نوح عليـﮣ رحمـﺔ جي انهن بيتن ۾ ٻن سٽن وارا ٽي بيتَ، ٽن سٽن وارو هڪ بيت ۽ پنجن سٽن وارو هڪ بيت آهي. انهن بيتن ۾ سورٺو دوهو_ سورٺو ميل وارا بيت به آهن. مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ “ انهن بيتن کي ”ڏهر“ سڏي ٿو، جيڪي مخصوص سر سان چيا ويند آهن: ”ڏهر ڏيڻ جو طريقو اڄ به سروري جماعت ۾ رائج آهي. اهو طريقو ڪيترو پراڻو آهي ۽ ڪڏهن شروع ٿيو، اُن بابت پڇا ڪرڻ تي به معلوم نه ٿي سگهيو ته ڏهر ڏيڻ جو طريقو ۽ ايجاد ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪئي، پر حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليـﮧ رحمـﺔ جا چيل ڏهر به اسان وٽ موجود آهن، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ”ڏهر ڪلمي“ جو طريقو ڪيتريون صديون پراڻو آهي.“ [مهراڻ 1_1990ع]

مخدوم نوح عليـﮧ رحمـﺔ جا اهي بيت اڄ به اوترائي تازا توانا آهن، جيترا سندن مک مبارڪ مان اچارڻ ويل هئا. اهي پنج بيت، پنج املهه موتي آهن، جن جي جوت اڄ به جڳمڳائي رهي آهي.                                 [امداد حسيني]

 

شاهه عبدالڪريم

تُون چوءَ اَلله هيڪَڙو، وائي ٻِي مَ سِکُ،

سَچو اکَرُ مَنَ ۾، سوئي لِکئِو لِکُ.

 

ڌَڪين ڌاتِ پئو، هِينئڙو لوهَ سَنداڻ جيئن،

سنڀاري کي سَڄَڻين، وِرڄِي تان نه وِئو.

 

چرِين جِئن چِت ڪري، سڱ سَڀيئي ڇِن،

جي ڀانئِين پِرِين مِڙان، ته مَت منهنجي ڳِن.

 

وائِي ٻِي م ڀُل، مروئان مُوران پَکڻان،

بالله سندو سَڄَڻين، هُو هُلاچو هُل.

 

کُڏِيُون ۽ کروٿون، اِي پُڻ سَڳَرَ ٿوڪَ،

هِنيُون ڏجي حبيبَ کي، لِڱ گڏجن لوڪَ.

 

وِهاڻِيءَ ئِي وَڃُ، تو نه سَرَندو تن ري،

تان سا وَڃي ڀَڄُ، پِيئِي جا ڪاڻِ پرين سين.

 

جي جاڳندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،

مَنُ پِريان نيئي، پَڳهيو پاڻَ ڳري.

(”بيان العارفين“، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ص 18-26)

 

”.....شاعر جي معنيٰ آهي اُهو شخص، جنهن کي ”شعور“ يا احساس هجي، ۽ نه اُهو شخص، جو ڪاغذ ۽ قلم کڻي قافين جي لانڍ تيار ڪري، وزن ٺاهي، شعر گهڙيندو وڃي. اُن کي سگهڙ چئبو، شاعر نه چئبو. شاعر اُهو آهي جنهن جي دل ۾ جذبو هجي، ۽ جو اُنهيءَ جذبي کي سهڻو لفظي لباس پهرائي سگهي. شاهه ڪريم ۾ اُها وصف اعليٰ درجي جي موجود هئي. هُو شعور ۽ جذبي وارو انسان هو. سماع ۾ جڏهن قوال ڪو سهڻو بيت چوندو هو ته مٿس اهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي. جووجد ۾ اچي نچندو هو يا غش ٿي ويندو هو. اهي بيت به وجد ۽ شوق جي حالت ۾ چيا اٿس. تنهنڪري انهيءَ لحاظ تي کيس ”شاعر باڪمال“ چئي سگهجي ٿو. شاهه ڪريم سنڌ جي شعر جو ”وِهائُو تارو“ ۽ سنڌ جي سرتاج سهڻي شاهه عبداللطيف جو ”مبشر“ آهي...“

 

_ شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو

[”شاهه ڪريم بُلڙيءَ واري جو ڪلام“، ص 37]

 

 

 

پير علي گوهر شاهه ”اصغر“

 

ڪافي

 

جهاما ڏِئي جيئن جهُڙ، سائين!

تيئن رت روئن اکيون تولئي، وو.

 

روهه رڱيم روئي وو رت سان،

ماڻَ ڀريا ڪِين ته مُڙ.

 

مِرُن ٻڌي وو ماٺ ڪئي،

لَڪَنِ ۾ منهنجو لُڙ.

 

ويڻَ ڪَڙا تو قريب جا،

هِن مِٺا جيئن ڳُڙ.

 

پانڌي ڏجان پوڻائِنِ تي،

ڍاڪُون ڍڪي جيئن پُڙ.

 

محبت جي ميدان ۾،

”اصغر“ عاشق پيو گُڙ.

(”ڪافيون“ جلد 1، ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ص 118)

”.....اصغر سائينءَ جون ڪافيون عشق جو آواز آهن. سڪ جو سڏ ۽ درد جي دانهن آهن. اصغر سائين حقيقي معنيٰ ۾ ’عاشق شاعر‘ آهي، ۽ خود پاڻ کي ’عاشق‘ چوايو اٿس. سندس ڪلام رڳو زباني ’قال‘ ناهي، بلڪ دل جو ’حال‘ آهي. رڳو عشق جون ٻُڌل ڳالهيون ڪونه ٿو ڪري. پر پنهنجو حال ٿو اوري. دماغ مان نڪتل عقل جون ڳالهيون ڪونه ٿو ڪري، پر هُو دل مان دل_سَٺيون ڳالهيون ٿو ڪري....دلي جذبن ۽ احساسن جي اظهار توڙي ذهني نازل خيالن ۽ فڪر جي نڪتن کي نروار ڪرڻ لاءِ بيان جي قوت هئڻ لازمي آهي. بيان جو معجزوئي شاعريءَ جو مکيه محور آهي. اصغر سائينءَ کي سنڌي ٻوليءَ تي جيڪا مهارت آهي. سا فقط اعليٰ سطح وارن ڪن ڳاڻ ڳڻين سنڌي شاعرن کي حاصل آهي. اهو انهيءَ ڪري جو هڪ ته سنڌي سندس پنهنجي ٻولي هئي ۽ ٻيو ته ٻولي ۽ بيان واري صلاحيت سندس طبع جو فطري جُز هئي. ان کان وڌيڪ درگاهه عاليه جو مرڪزي پس منظر توڙي جماعت وارو وسيع ماحول سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان سندس مهارت لاءِ مکيه سبب بنيا. سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان وڏي ڄاڻ وارا فقير سندس خدمت ۾ رهيا ۽ پڻ جماعت جي دعوتن تي سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ سندس وڃڻ پئي ٿيو. سندس زندگيءَ جي انهيءَ عملي تجربي توڙي ٻوليءَ ۾ ذهني ۽ فطري ملڪي، ڄڻ ساري سنڌ جي لغتن ۽ اصطلاحن کي سندس پنهنجي زبان جو جز بنائي ڇڏيو، سندس پنهنجي ٻولي ’اترئين‘ محاوري واري هئي، پر کيس ’اُترئين‘ توڙي ’لاڙي‘ ٻنهي لهجن تي ساڳي دسترس حاصل هئي. اهڙي ڪُلي مهارت جهڙي اصغر سائينءَ کي هئي. تهڙي ڪافيءَ جي ’ٻئي دور ‘ وارن شاعرن مان ڪنهن کي ورلي هئي. زبان تي عبور ۽ بيان جي قوت جو جادو سندس سڄي ڪلام ۾ نمايان آهي. انهيءَ مهارت سببان اصغر سائينءَ جي ڪلام ۾ نه فقط ’اُترئين‘ ۽ ’لاڙي‘ ٻولين جو سنگم پيدا ٿيو، پر ان سان گڏ سندس ڪافين ۾ گوناگون لغات جو استعمال ۽ فني نزاڪتون نمودار ٿيون....“

_ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[”مقدمو“:”اصغر سائينءَ جو ڪلام“_ص 43 ۽ 50]

 

سيد مصري شاهه

 

ڪافي

 

کنيائون کِلي نيڻ گَهرا گُلابي،

ڀري ٻاجهه نرگس، عجب نيم خوابي!

ذري سونهن يوسف کي بازار نيو،

بنا ملهه مُقيد خريدار ٿيو.

مصر نه منظور ٿي ماهتابي.

پيو پرتَوو طور تي نور جو،

نه ماهر ٿيو موسيٰ تنـﮧ مذڪور جو،

کڻن بار بيشڪ ڀلي بوترابي.

برهه تيغ ڀڙڪي جو جلوو ڪيو،

هٽيا عرش حامل فلڪ فرش ٿيو،

نه آيو اُتي ڪو عرب جو اعرابي.

اکين جي آڻين نـﮧ طبق کي تپايو،

جلي ويا جبل عشق آڙه مچايو.

وڄي نينهن نوبت، ڀڳي حد حسابي.

ڪيو معراج مردن مڱر مچ مچائي،

اهو راز رندي منجهان منجهه نه مائي،

اٿئي مهل ’مصري‘، سگهو ڪر شتابي!

(”ڪافيون“، جلد 2، صفحو 765)


 

”.....سمورن صوفي سالڪن وانگر سيد مصري شاهه تي پڻ پنهنجي دؤر ۾ اهوئي ’ازلي پيغام‘ پهچائڻ جو فرض عائد هو. جو کائنس اڳ شاهه عنايت رضوي ”(ميين شاهه عنات) شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻيا اولياءَ الله ڏيندا ويا. سندس سمورو صوفيانه ڪلام انهيءَ مرڪزي خيال تي ڦرندو نظر اچي ٿو ته ’ذات نسورو نور، آيو سانگ ڍڪي صورت جو.‘ ۽ جيئن سچل چيو ته ’اٿم اهو ارمان، ڇا منجهان هت ڇا ٿي آيس!‘ مصري شاهه بنهه ساڳي ڳالهه ٻين اکرن ۾ دهرائي آهي ته ’اهو آهه افسوس‘ ماڳ مسافر ٿي مالڪ ويٺو.‘ انسان کي پنهنجو اصلي ماڳ مڪان ياد ڏياريندي شاهه صاحب کيس ياد ڏياريندي هليو ته

’پکي تون ته آهين پرڏيهي، ڪهڙي وه کان ڇڏيوئي؟‘

’هستي ڇڏ هن جاءِ تي، ساڪن ملڪ عدم جو.‘

شاهه لطيف دنيائي تماشن ۾ غافل انسانن کي سڄاڳيءَ جي دعوت ڏيندي فرمايو ’ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري‘. مصري شاهه ان فڪر کي ڪافيءَ جي صورت ڏيئي چيو ته ’مانجهاندي جو ماڳ، ڀلو يار ميان، راهه مسافر رات وهاڻي.‘ مصري شاهه جو سمورو ڪلام بي خبر انسان لاءِ سجاڳيءَ جو سڏ آهي: ’جاڳ، ڏئي جيءَ کي جفا، گينوار غفلت کي ڇڏي‘... اهائي تنبيـﮧ ۽ تلقين آهي، جا الله جا برگزيده بندا وقت بوقت انسانذات کي ڪندا پئي آها آهن...“

مقبول احمد ڀٽي

[مهاڳ:”ڪليات مصري شاهه امام“، ص ڪ]

 

سيد حافظ شاهه ٽکڙائي

 

ڪافي

 

سگهو ڏي سير ۾ ساهڙ،

ميهر، مون کي مددگاري!

 

نه ٻُوڙو ٻيٽ ڪو بانڌي، تنبو ترهو نه تڙ تانگهو،

ڇني ڇولين ڇڏيس ڇولي، لڙهيس لهرن ۾ لهواري.

 

دلو درياءَ جي دهڪن، ڀڃي ڀيلو ڪيو ڀورا،

ڇڏيو ست ساهه ٻَرُ ٻانهن، هڄيس هيبت ۾ هيڪاري.

 

سوين سينسار ٿيا سامهون، ڪُڏيو ڪن ڪاهه مڇ مانگر،

وڌايو وات ڪن واڳو، چيهٽ چرڙاٽ چوڌاري.

 

گهِريو ڪُن گهور ڪَن گهيرا، هڻي هٿڙا ٿَڙي ٿڪيس،

ميهر مل تار ۾ ترتئون، پرينم ڪريوم پوئواري.

 

ميان ميهر سڄڻ ساهڙ، رسج رهبر سُڻي سڏڙا،

سندئي مشتاق ٿي ماندي، ٻُڏي ٻاريءَ ۾ ٻانهياري.

 

ٿي ”حافظ شاهه“ سين حامي، ولهيءَ واهڙ ۾ ٿي واهر،

اُتي رس ڄام مرسل تون، جتي اونداهه آنڌاري.

(”پيام غمگسار عرف ڪلام حافظ شاهه“ 1954ع، ص 18)

 

”.....سيد حافظ شاهه جي ڪافين ۾ ايتري ڪشش هوندي هئي، جو جيڪڏهن هڪ شام جو سندس اوطاق تي ڪا نئين ڪافي ڳائي ويٺي ته صبح جو اُنهيءَ ڪافيءَ جو هڪ يا ٻه بند ڳوٺ جي ٻار ٻچي، پيرو جوان جي زبان تي ٻڌيو هو. هاري ۽ ناري، ڪمي ۽ ڪاسبي، کٽي ۽ ڪوري، مزدور ۽ پورهيت، پنهنجو ڪم ڪارلاهي اچيو حافظ شاهه جي اوطاق ڀيڙا ٿيندا هئا. عشا جي نماز کان پوءِ مجلس شروع ٿيندي هئي. عيسو، موٽيو ۽ لونگ، واري واري سان  يا گڏجي ، ڳائڻ شروع ڪندا هئا. ساري محفل تي ڪيف ۽ مستيءَ جو عالم طاري ٿي ويندوهو. شاهه صاحب پاڻ به هنجون پيو هاريندو هو، ته ٻڌندڙن جي نيڻن مان به نار پيا وهندا هئا.

حافظ شاهه هڪ عوامي شاعر هو. انهيءَ جو ثبوت اهوئي آهي ته جڏهن سندس ۽ سندس همعصرن جو دور گذريو، ۽ ٽکڙ مان اُها بهار جي بوءِ ختم ٿي ويئي، ۽ ٻين شاعرن جا بياض سندس بياض وانگي گم ٿي ويا_ ۽ جڏهن پوئين دور جي اديبن سندس ڪلام جي ڳولا ڪئي، تڏهن ماڻهن کي سواءِ سندس ڪافين جي، ٻئي ڪنهن به شاعر جي ڪلام مان هڪ يا ٻن بندن کان سواءِ، ڪجهه به ياد نه هو. اهوئي سبب هو جو ماڻهن جي ساڻس ۽ سندس ماڻهن سان محبت هئي. اڄ به سندس صحبتي، سندس ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳڻيو، اکين مان آب هارين ٿا...“

_ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني

[تذڪره شعراي ٽکڙ، ص 100_99]

 

 

 

”نياز“ همايوني

 

گيت

 

تنهنجي دنيا سڀ رنگ، سانول،

مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ اَلا!

تنهنجي دنيا اِنڊلٺ ريکا،

منهنجي دنيا گدلا بادل......

تنهنجي دنيا سج جا پاڇا،

منهنجي دنيا چنڊ جا گهايل......

تنهنجي دنيا لهريون لوڏا،

منهنجي دنيا اُجڙيل ساحل......

تنهنجي دنيا چيٽ جا ميلا،

منهنجي دنيا هيڪل وياڪل......

تنهنجي دنياسُندر سپنا،

منهنجي دنيا اکڙيون اوجاڳيل......

تنهنجي دنيا مرگهه ترشنا،

تنهنجي دنيا رَمندا بادل......

مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ، اَلا!

(مهراڻ_ شاعر نمبر)

 

”نياز“ نظم جو بادشاهه آهي: هيئت جي نون تجربن ڪندي پنهنجي معاصرين احباب کان گوئي سبقت کڻي چڪو آهي. سندس ڪلام ذوق جماليات جي لطيف ۽ نازڪ، مسرت انگيز ۽ سڪون بخش پهلو تي مشتمل آهي. لفظن جو انتخاب ڪرڻ سندس زبانداني جو دليل آهي. حشو ۽ زائد کان بچندي.لفظن ۽ ترڪيبن کي اهڙي ته حسين ۽ دلڪش انداز ۾ ٿو آڻي، ڄڻ ته موتين جا هار پوئي ٿو ڇڏي. سندس طول طويل نظم ۾ ڪٿي به ابهام پيدا نٿو ٿئي. شسته زبان ۽ شائسته بيان سان گڏ بيپناهه رواني سندس فن جو خصوصي پهلو آهي.

سندس فن سوز ۽ گداز، رقت ۽ محبت جي نازڪ ترين مسئلن ۽ زندگيءَ جي اهم ۽ دقت پسند معاملن کي رمز ۽ ڪنايي سان بيان ڪرڻ ۾ جي تجربا ڪري چڪو آهي، سي واضح ٿا ڪن ته سنڌي زبان ۾ ايتري اهليت ۽ صلاحيت موجود آهي، جا اهڙا پسنديده قدر ۽ بنيادي معيار نباهي ٿو سگهي. سندس ڪلام سُريلو ۽ مترنم آهي، انڪري ترنم سان پڙهڻ کان پوءِ وجد انگيز ۽ روح پرور ڪيفيتون ٿو پيدا ڪري.

”نياز“ جي دل وطن جي پيار سان سرشار آهي، اهوئي ڪارڻ آهي جو سندس هر شعر دلين ۾ گهاءُ ڪيو وجهي. جذبات جي فراواني هن شعر دلين ۾ گهاءٌ جو ڏاج آهي.هر صنف تي قادر الڪلام فنڪار وانگرلکي ٿو....“ _غلام محمد گرامي

[”مهراڻ“_”شاعر نمبر“، 1969ع، ص 499]

 

 

ابراهيم”منشي“

 

وائي

 

پنهنجي ريت پريت، پنهنجو مذهب ماڻهو محبت،

 

پنهنجي من کي پرڀايون ٿا، پنهنجا ڳائي گيت_

پنهنجو مذهب ماڻهو محبت....!

 

جڳ جي جک کان جان ڇڏائي، جڳ جڳ ماڻيون جيت_

پنهنجو مذهب ماڻهو محبت....!

 

وير وروڌ ۽ جهيڙا جهڳڙا، ڪريون نه اهڙي ڪريت_

پنهنجو مذهب ماڻهو محبت....!

 

ڪاٽي ڪنڌ ڪلال جي اڳيان، ماڻيون من جو ميت_

پنهنجو مذهب ماڻهو محبت....!

 

ملڪ سڄي کان ’منشي‘ نرالو، پنهنجو ساز سنگيت_

پنهنجو مذهب ماڻهو محبت....!

(”گوندر ويندا گذري“، ص 160)

 

”.....منشيءَ کي مون ’عطائي‘ سڏيو آهي، ’راڳي‘ سڏيوآهي. هائو، هو عطائي آهي، راڳي آهي _ اسان جي قديم معاشري ۽ تاريخ عطائين ۽ راڳين جي موجود روايت جي عين مطابق ۽ سلسلي وارو هڪ عطائي ۽ راڳي: بيجلُ جن جي علامت آهي، جيئن حضرت شاهه عبداللطيف اُها علامت ڳائي وڄائي اسان کي عطا ڪئي آهي_ مقصد جي ’تند‘ تنوارڻ وارو، اُن لاءِ سُک ۽ سواد‘ کان پاڻ پَلي، سر _ دان جي ثواب جي موقعي ٻڌائڻ وارو ۽ رستي پنڌ، کيت کتي، گهرگهر ۽ اوطاقن آڏو بيهي هوڪي ڏيڻ وارو. جن منشيءَ کي،هن ’درويش‘ شاعر کي_ هيٺ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ”درن“ تي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ جي  ماڻهن جي ”درن“ تي _ عام خاص مارڪن، گڏجاڻين ۽ جلسن ۾، اها صداهڻندي ۽ اوچي گلي سان دانهيندي ۽ ڳائيندي ٻڌو آهي، اُهي شاهدي ڏيندا ۽ چئي سگهندا ته منشي اُهو عطائي آهي يا ڪو ٻيو _ جو سرد دليون گرمائي ٿو ۽ وڏي آواز ڳائي ٿو:

ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،

موتين کاڻ هي ملڪ سڄو آ مارن جو ۽ مارو مور.

 

_محمد ابراهيم جويو

[مهاڳ :ص 5]

 

 محمد خان مجيدي

 

ديس عمر سو منهنجو.....

 

باهه جتي ٽمڪي ٿي،

کنوڻ جتي چمڪي ٿي،

ريڻ جتي رمڪي ٿي،

ڇير جتي ڇمڪي ٿي،

ديس عمر سو منهنجو.

ويس نه پايان تنهنجو.

 

کير مکڻ جت ڌونرا،

ڏيهه سڄو ڏٿ ڏونرا،

ڀال ڀري ڪن ڀونرا،

چاهه وڌائن چونرا.

ديس عمر سو منهنجو.

ويس نه پايان تنهنجو.

 

وير چڙهي واريءَ جي،

سار نه جت ساريءَ جي،

هار نه جت هاريءَ جي،

ڪار نه جت ڪاريءَ جي.

ديس عمر سو منهنجو.

ويس نه پايان تنهنجو.

 

”....مجيدي جو ڪهڙو به نظم پڙهندا، ته ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ هو ننڊ ۾ غلطان قوم کي جاڳائيندو هجي. هو اهڙي سوچ نٿو رکي جنهن سان ماڳهين قوم جو حوصلو ختم ٿي وڃي يا سندس قوت پوئتي پئجي وڃي. هو فيشن طور نٿو سوچي بلڪ عمل ۽ جدوجهد پيدا ڪرڻ جو خواهان آهي. هو فقط نعرن ذريعي سماجي ۽ معاشي انقلاب آڻڻ نٿو گهري بلڪ هو عملي طور پنهنجي جان کپائي رهيو آهي. ڪلام ذريعي نه رڳو ڏک درد اوري ٿو بلڪ قوم ۾ روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. شاعر ڪلام ذريعي پست حالتن ۾ ڦاٿل قوم جو مورال بلند ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن اها بلندين تائين رسي وڃي. .هو معاشرتي ڪمزورين ۽ قومي وَڏن جي اهڙي طرح بيخ ڪني ڪري ٿو، جو سنڌي قوم انسانيت جي پاسبان ۽ بلند بنجي وڃي. اهائي قوم باهوش ۽ بهادر چئبي. جيڪا مشڪلاتن مان نڪري آزاديءَ جو مقام ماڻي سگهي...“

 _ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

[”مٽي منهنجي مٽي آهي“، مهاڳ، ص 33]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com