سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :1

مهراڻ 1980ع (3 ۽ 4)

غلام محمد گرامي

بسم الله الرحمان الرحيم. خدا جي بندي ۽ اُن جي رسول محمد ﷺ جي طرفان مقوقس بادشاهه قبط ڏانهن، سلام هجي انهيءَ تي جيڪو هدايت جي پيروي ڪري. اما بعد آءٌ توکي اسلام جي دعوت ڏيان ٿو. اسلام آڻ ته سلامت رهندين ۽ خدا توکي ٻيڻو ثواب ڏيندو ۽ اسلام نه آندو ته تنهنجي مٿان سڄي قبط کي تڪليف پهچائڻ واري مصيبت ٿيندي. اي اهل ڪتاب! اچو انهيءَ ڳالهه ڏانهن، جيڪا اسان، توهان ۾ هڪجهڙي آهي ته خدا کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي کي خدا نه بنايو سواءِ الله جي. بس، جيڪڏهن اهي نه مڃين ته کين ٻڌائي ڇڏ ته اي اهل ڪتاب! شاهد رهجو اسين ته مسلمان آهيون.


 

ناشر طرفان پيش لفظ

 

پنج سال اڳ بورڊ، مولوي محمد عظيم شيدا جو ڪتاب ”سيرتِ مصطفيٰ“ شايع ڪيو هو، جنهن کي حڪومت پاڪستان ان سال جو سيرت جي موضوع تي بهترين ڪتاب قرار ڏنوهو.

سيرتِ مصطفيٰ جي پيش لفظ ۾ مون عرض ڪيو ته ”حضور جن جي سيرت مبارڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي سنڌي زبان ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي..... سنڌي زبان ۾ سيرت جي موضوع تي معياري لٽريچر نه هئڻ جي برابر آهي ..... ٻيو ته ٺهيو، ابن هشام جي سيرت النبي ئي اڃا تائين سنڌي زبان ۾ شايع ٿي نه سگهي آهي.“

اڄ پورن پنجن سالن گذرڻ کان پوءِ به سيرت جي موضوع تي سنڌي زبان ۾ معياري لٽريچر جو جائزو وٺبو، ته صورتحال ساڳي نظر ايندي. (ممڪن آهي ته هڪ اڌ ڪتاب جو اضافو ٿيو هجي). ظاهر آهي ته مهراڻ جو سيرت نمبر ايڏي وڏيءَ کوٽ جي پورائي ته نٿو ڪري سگهي.البت ايترو آهي ته ان ۾ پڙهندڙن کي ڪجهه ڪارائتو مواد ملي ويندو.

هن سيرت جي اشاعت ۾، تعليم کاتي جي شعبه ثقافت جي مالي معاونت بورڊ کي مهل سر ڪم آئي، جنهن جو بورڊ دلي طرح شڪرگذار آهي. سنڌ سرڪار اها مالي معاونت بورڊ جي پندرهين صدي هجريءَ واري اشاعتي پروگرام لاءِ ڏني هئي. جنهن موجب بورڊ کي قرآن ڪريم جي مخدو نوح واري فارسي ترجمي ۽ پنهنجي هڪ پراڻي ڪتاب ”برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ“ جو نئون ڇاپو شايع ڪرڻو هو. مذڪور فارسي ترجمي جي ڇپائي شروع ڪئي ويئي آهي ۽ جيئن ته اسلامي تعليمات ۾ قرآن پاڪ کان پوءِ حضور جن جي اقوال (احاديث) ۽ سيرت جو درجو آهي، ان ڪري بورڊ ”برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ“ بدران سيرت تي معياري ۽ مستند مواد جي اشاعت کي ترجيح ڏني.

مهراڻ جي انچارج ايڊيٽر مسٽر نفيس احمد شيخ ۽ رسالي گل ڦل جي ايڊيٽر مسٽر انورهالائي سيرت نمبر ۾ قابل قدر محنت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ممتاز عالم دين ۽ بورڊ جي محترم چيئرمن اشاعت جي هر مرحلي ۾ رهنمائي ڪئي آهي. هونئن، دستور موجب اشاعت کان اڳ سمورو مواد اول بورڊ جي معزز اراڪين تي مشتمل ايڊيٽوريل ڪاميٽيءَ غور سان ڏٺو آهي ۽ اشاعت کان پوءِ سنڌ سرڪار جي انفارميشن کاتي ان جي چڪاس (C E N S O R) ڪئي آهي. ظاهر آهي ته لکندڙن وٽان علمي مواد هٿ ڪرڻ، ان کي ايڊٽ ڪرڻ، مختلف مرحلن مان منظور ڪرائڻ، ڇاپڻ ۽ شايع ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، ان ڪري اسان سيرت نمبر سويرو شايع ڪري ڪونه سگهياسون. پر اسان لاءِ اها ئي سعادت جي ڳالهه آهي، جو خدا جي ڪرم سان سيرت نمبر، هجري پندرهين صديءَ جي مبارڪ موقعي تي شايع ٿي رهيو آهي.

انشاء الله سيرت تي بنيادي ۽ مستند ڪتاب پڻ بورڊ طرفان شايع ڪيا ويندا.

 

سنڌي ادبي بورڊ                              - غلام رباني

31-12-1980ع

 

 

گذارش

رب العزت جي فضل و ڪرم سان مهراڻ جو سيرت نمبر پنهنجن معزز پڙهندڙن جي خدمت ۾ وڏي عقيدت سان پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون.

سرڪارِ دو عالم حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي حيات طيبه جي تذڪري تي مشتمل مهراڻ جو هي خاص پرچو، توقع آهي ته قارئين  وٽ قبوليت حاصل ڪندو ۽ اداري جي ناقص خدمتن کي قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو.

مهراڻ جي قارئين کي معلوم  آهي ته 15 - صدي هجري جي آمد جي مبارڪ  موقعي تي، قومي تقريبات ۾ حصو وٺندي، سنڌي ادبي بورڊ ٻن اشاعتي رٿن جو اعلان ڪيو هو، لهٰذا، مهراڻ جو هي ”سيرت نمبر“ ان جو هڪ حصو آهي، جيڪو بفضل تعاليٰ پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيا آهيون.

بورڊ جي ٻي رٿا ڪلام مجيد جي انهيءَ تاريخي نسخي جي اشاعت آهي، جيڪو برصغير ۾ شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي مشهور فارسي ترجمي کان به تقريباً ٻه صديون کن اڳ سنڌ جي هڪ جليل القدر روحاني بزرگ غوث الحق مخدوم نوح سرور رح، فارسي زبان ۾ ڪيو آهي. ان تاريخي نسخي جي ايڊيٽنگ جو ڪم سنڌ جي نامور عالم ۽ بورڊ جي فاضل چيئرمين علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب انجام ڏنو آهي. رب ڪريم جي فضل سان قرآن شريف جي ڇپائي شروع ڪئي ويئي آهي. گذريل 14 آڪٽوبر 1980ع تي هڪ ساده پروقار تقريب ۾ حيدرآباد ڊويزن جي علم دوست ڪمشنر جناب عبدالله ميمڻ صاحب اُن جو افتتاح ڪرڻ فرمايو. انشاءَ الله العزيز ڪلام الله جو اهو قيمتي ۽ تاريخي نسخو جلد شايع ٿي ويندو، جيڪو بلاشبه بورڊ جو هڪ قابلِ فخر اشاعتي ڪارنامو تصور ڪيو ويندو.

مهراڻ جو هي سيرت نمبر سنڌ ۽ پاڪستان جي برک عالمن جي تحريرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ رسول ڪريم ﷺ جي حيات طيبه ۽ اسوه حسنه بابت نهايت سير حاصل مضمون شامل آهن. ادارو انهن مهربان لکندڙن جو احسانمند آهي، جن پنهنجا معياري مقالا ۽ دلاويز ڪلام موڪلي تعاون ڪيو آهي. پرچي کي وڌ کان وڌ معياري بنائڻ جي جا ڪوشش ڪئي وئي آهي، اُن جو اندازو قارئين بخوبي لڳائي سگهندا.

- نفيس احمد شيخ

 

بُرو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو،
لاٿو ساري لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هور،
ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏک وهاريون.
 

----- شاهه لطيف


 

ڊاڪٽر نبي  بخش خان بلوچ

مَولُود شَريف سنڌِي شَاعِريءَ ِجي اَهم صنفَ

 

نبي ﷺ جي صفت ۽ ساراهه لاءِ سنڌ کان ٻاهر"نعت"،"ثنا" وغيره الفاظ استعمال ٿيندڙ آهن، مگر اهڙي ساراهه وارن نظمن جي ڪا خاص هيئت ڪانهي، ۽ نڪي وري اُنهن کي ڪو مخصوص نالو ڏنل آهي. سنڌ ۾ ڪافي آڳاٽي وقت کان وٺي نبي ﷺ جي ساراهه لاءِ "مولود" مروج آهن، جي معنيٰ ۽ مقصد توڙي نظم جي نوعيت جي لحاظ سان هڪ اهم ۽ اصولي درجو رکن ٿا.

لفظ ”مولود“ جي معنيٰ

"مولود" هڪ مخصوص نالو آهي، جو سنڌ وارن ئي کنيو ۽ رائج ڪيو آهي. ڪنهن اهو نالو تجويز ڪيو ۽ ڪڏهن کان اهو نالو رائج ٿيو، سو چئي نٿو سگهجي، پر مفهوم ۽ مقصد جي لحاظ سان اهو نالو هڪ انوکي ۽ اصولي حيثيت رکي ٿو. هن برعظيم ۾ اسلام اول سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ وارن جي دلين ۾ نبي ﷺ جي محبت سڀ کان اول جائگير ٿي. نبي ﷺ جيڪو"توحيد" جو پيغام آندو تنهن انسان ذات کي ٻين انسانن، جسمن ۽ وهمن جي غلاميءَ کان آزاد ڪيو، انساني برابريءَ جو بنياد رکيو، ۽ فقط علم، فڪر ۽ نيڪيءَ ۾ گوءِ کڻندڙ جي بلندي ۽ برتريءَ کي تسليم ڪيو. اهو هڪ"نئون نياپو" هو جو نبي ﷺ آندو. سندن ڄائي ۽ آئي، علم جي روشنائي هر جاءِ سهائو ڪيو ۽ حِّهل جي اونداهيءَ جو هميشه لاءِ خاتمو شروع ٿيو. انهيءَ ڪري نبي ﷺ جي ولادت ۽ ورود انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ لاءِ هڪ اهم پيش خيمو هئا. نبي ﷺ سان محبت رکندڙ عقيدتمندن جي جذبات جي لحاظ سان جڳ ۾ ڪو آيو ته محمد ﷺ آيو ۽ جي ڪو ڄائو ته محمد ﷺ ڄائو. انهيءَ ڪري سنڌ وارن نبي ﷺ جي ڄم ۽ ولادت کي پنهنجي صفت ۽ ساراهه جو مرڪز ۽ محور قرار ڏيئي سندن شان ۾ چيل شعر کي"مولود" سڏيو. لفظ "مولود" جي معنيٰ ئي آهي"انسان ڄائو" يا "ڄاول ٻار"(1) . اهڙي معنيٰ خيز لفظ کي جن آڳاٽن سنڌي عقيدتمندن چونڊيو ۽ رائج ڪيو، تن جي دانائي ۽ روشن ضميريءَ جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري جڳائي.

صنف ”مولود“ جي نوعيت

صنف شعر جي حيثيت ۾ مولود،"وائي" يا"ڪافي" واري دفعي ۾ شامل آهي ۽ ٻنهي جو قالب ساڳيو آهي. اصولي طور"مولود" وائي يا ڪافي جو هڪ خاص قسم آهي، جنهن جو موضوع ۽ موسيقي آهستي آهستي مستقل ۽ مخصوص بنجي ويا. قالب ۽ هيئت جي لحاظ سان وائي ۽ مولود ۾ فرق ڪونهي، مگر پنهنجي تاريخي ارتقاءَ بعد موجوده صورت ۾ معنيٰ توڙي موسيقيءَ جي لحاظ سان "مولود"  وائيءَ کان هڪ نرالي حيثيت رکي ٿو. موسيقي،"وائي" توڙي"مولود" جو لازم ملزوم جز آهي: ٻئي محض شعر خاطر منظوم ڪيل نه آهن، مگر ڳائڻ خاطر جوڙيل آهن. "وائي" وانگر "مولود" به ڳائڻ لاءِ آهي، پر"مولود" جي"لئي" وائيءَ جي "لئي" کان اصولي طور الڳ آهي. "مولود" جو الحان ۽ ڍار، کڻڻي ۽ وراڻي، توڙي مولود پڙهندڙن جي سنگت جي سٽاءَ نرالي آهي.

وائي يا ڪافي جي ارتقاء سان ان جي مضمونن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو، تان جو ان ۾ قصن، ڪهاڻين، روز مره جي عام ڳالهين توڙي محض مجازي رنگ جا عنوان پڻ داخل ٿيا، ٻئي طرف ان کي هڪ فن طور سازن سرودن جي وڄت سان، ۽ موسيقي جي اصول موجب ُسر تار ۽ راڳڻين جي لحاظ سان ڳايو ويو. انجي برعڪس "مولود" جو موضوع محض نبي ﷺ جي ذات ئي رهيو، جنهن جو تعلق عقيدتمندي ۽ روحاني خوشيءَ سان هو. انهيءَ ڪري مولود کي راڳ جي فن طور سازن سرودن تي ڪين ڳايو ويو، پر ان کي"قرائت"(سهڻي آواز سان صحيح ۽ چٽو پڙهڻ) ۽ "اِنشاد"(لئي سان پڙهي ٻڌائڻ) جي فن مطابق اَلاپيو ويو. انهي ڪري ئي ”مولود ڳائڻ“، جي بدران "مولود پڙهڻ" جي رسم رائج ٿي، ۽ مولودن کي بنا سازن سرورن جي ديني محفلن ۽ درويشن جي مجلسن ۾ پڙهيو ويو ۽ اڄ تائين پڙهيو وڃي ٿو.

نتيجي طور چئبو ته تاريخي طور مولود خاص سنڌي ماحول جي پيداوار آهي ۽ سنڌ ۾ ئي رائج آهي. صنف شعر جي لحاظ سان "مولود" وائي جو هڪ قسم آهي، جنهن جو موضوع اصولي طور نبي ﷺ جي ذات آهي ۽ جنهن کي بنا ساز سرود جي مخصوص الحان ۽ لئي ۾ احترام سان پڙهيو وڃي ٿو.

مولودن جا مضمون

جيتوڻيڪ مولودن جو موضوع اصلي نبي ﷺ جي ذات مبارڪ آهي، مگر هر عقيدتمند شاعر پنهنجي حال ۽ قال، فڪر ۽ فهم مطابق نبي ﷺ جي ذات بابرڪات بابت مولود چيا آهن، ۽ انهيءَ ڪري اندروني طور مولودن ۾ جدا جدا مضمون پيدا ٿي پيا آهن. مثلاً، نبي ﷺ ڌڻيءَ جو ڌڻيل پيغمبر، سندن اعليٰ شان ۽ رتبو، سندن سوانح جا جدا جدا پهلو، سندن ساٿين سڳورن جي ساراهه، سندن عام فيض ۽ ڪرم، سندن شفاعت ۾ آسرو، کانئن دعا ۽ مهر جي طلب، ساڻن محبت ۽ عقيدت جو اظهار، مٿن صلوات ۽ سلام ۽ سندن روضي جي زيارت ۽ حج پڙهڻ جي تمنا وغيره مولودن جا مکيه مضمون آهن، جن کي سنڌي شاعرن پنهنجي زبان حال سان عجب نموني ۾ نباهيو آهي:

"جنهن تي ڇٽ جهليو"لولاڪ"، اعليٰ شان ٿيو محمد جو"

(مقيم)

"محمد آئي سڀ سور لٿا، آجي ٿيڙس آئون"         (خير محمد)

"سرهو ٿيو سڀڪو، تو سامائي سيدا" (ڀاڳو)

"تو سامائي سيدا! لٿا ملڪن تان مونجهارا" (دلاور)

مولودن جو تاريخي ارتقاءَ

مٿي چئي آيا آهيون ته "مولود" هيئت ۾ "وائي" يا "ڪافي" آهي، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته مولود تڏهانڪر  رائج ٿيا جڏهانڪر"وائي" وجود ۾ آئي. ڪن آڳاٽن حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ستين صدي هجريءَ کان وٺي سنڌ ۽ ملتان جي سهروردي بزرگن ۽ سندن عقيدتمند خليفن ۽ احبابن جي سماع جي مجلسن ۾ سنڌي درويش سنڌي ڪلام ڳائيندا هئا، ۽ غالباً دوهڙا ۽ وايون ڳايون وينديون هيون. جيئن ته نبي ﷺ جي محبت ”فنا في الرسول“ جي سالڪانه منزل کي صوفي بزرگن جي طريقي ۾ خاص اهميت هئي، انهيءَ ڪري اهي وايون جن ۾ نبي ﷺ جن جي حب ۽ محبت جو اظهار هو، سي انهن سماع جي مجلسن ۾ وجد طاري ڪرڻ لاءِ هڪ خاص ذريعو بنيون، مگر انهن آڳاٽين واين يا ڪافين جا سالم نمونا اسان وٽ موجود نه آهن، جو انهن مان مولود جي مضمون وارن مثالن جو پوريءَ طرح اندازو لڳائي سگهجي. واين جا سربستا متن ۽ مختلف نمونا اسان کي ٻارهين صدي هجريءَ  جي شروع کان شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام ۾، ۽ ان بعد شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ ملن ٿا، جن ۾ "مولود" جي مضمون واريون وايون پڻ شامل آهن. اهو چئي نٿو سگهجي ته ”وائي“ کان الڳ، مولود جي مستقل ۽ جدا گانه حيثيت ڪڏهن کان عام طور تسليم ٿي. غالباً جڏهن "وائي" جو دائرو وسيع ٿيو ۽ ان ۾ مجازي رنگ جا عاشقانه عنوان توڙي سنڌ جي رومانوي داستانن جا مضمون عام رائج ٿيا، تڏهن "مولود" جي مضمون واريون وايون هڪ مخصوص دفعي ۾ شمار ٿيڻ لڳيون. ٻيو ته جڏهن"وايون" سماع جي مخصوص مجلسن کان ٻاهر پڻ عام خاص جي تفريح خاطر سازن سرودن سان ڳائجڻ لڳيون، تڏهن "مولود"جي مضمون واريون وايون سماع جي مجلسن لاءِ مخصوص بنجي ويون، ۽ سازن سرودن جي سنگت جي بجاءِ انهن واين جي الحان ۽ لئي ۾ گونا گون رنگيني پيدا ڪئي ويئي، انهيءَ لاءِ ته بنا سازن جي پڻ انهن جي پڙهڻي ۾ رس ۽ ميٺاج پيدا ڪري سگهجي. غالباً مغلن جي دور ۾ موسيقيءَ جي ترقيءَ سببان ڪافيون سازن سرودن جي سنگت سان علم موسيقي مطابق پوري ُسر تار ۽ مختلف راڳڻين ۾ ڳائجڻ لڳيون ۽ مغلن جي دور جي آخر(ٻارهين صدي هجريءَ جي شروعات) ڌاري اهو چلامان  عام ٿي ويو. انهيءَ ساڳئي وقت مولود جي مضمون واريون وايون خاص سماع جي مجلسن جو سينگار بنجڻ لڳيون، ۽ الحان ۽ لئي جي لحاظ سان انهن جي پڻ هڪ مستقل حيثيت قائم ٿي. يارهين صديءَ جي آخر کان وٺي سنڌ ۾ علمي درسگاهن پڻ وڏي ترقي ڪئي، ۽ "مولود" جي مضمون واريون وايون، جن جو ارتقاء درويشن جي سماع جي مجلسن ذريعي ٿيو، سي هاڻي علمي درسگاهن، مسجدن ۽ عالمن جي مجلسن توڙي عرسن ۽ عيدن برادن جي موقعن ۽ عام خاص جي"شغل وارين محفلن" ذريعي پنهنجي مستقل مضمون ۽ مخصوص لئي سان مشهور ٿيڻ لڳيون، ۽ انهيءَ جداگانه حيثيت سببان سندن خاص نالو "مولود" پڻ رائج ٿيڻ لڳو. بهرحال يارهين صديءَ جي آخر تائين الحان، لئي توڙي مخصوص نالي جي لحاظ سان"مولودن" جي هڪ مستقل حيثيت قائم ٿي چڪي هئي، ۽ لفظ "مولود" پنهنجي مخصوص معنيٰ ۽ مفهوم سان رائج ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته ميون شاهه عنات رضوي، جو يارهين صدي هجريءَ جي آخر ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل جو شاعر آهي، تنهن لفظ "مولود" استعمال ڪيو آهي ۽ پنهنجي هڪ "وائي" کي "مولود" سڏيو آهي:

"چئو صلوات صدق سين، ِايءُ مولود مدام."

اڄ تائين عام طور ائين ڀانيو ويو آهي ته مخدوم عبدالرؤف ڀٽي مولودن جو موجد آهي يا پهريون شاعر آهي جنهن مولود چيا، يا جنهن جا مولود اسانکي ملن ٿا. اهو گمان صحيح نه آهي:تاريخي طور "مولود" تڏهن کان رائج ٿيا جڏهن کان وايون يا ڪافيون رائج ٿيون، ۽ هڪ الڳ حيثيت ۾ پڻ "مولود" پنهنجي خاص مفهوم، الحان ۽ لئي سان يارهين صديءَ جي آخر ۾ رائج هئا. ميين شاهه عنات رضوي جي ڪلام ۾ لفظ "مولود" پهريون دفعو استعمال ٿيل نظر اچي ٿو.

پر ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ڪنهن آڳاٽي شاعر جو ڪلام ملي جنهن ۾ مولود جي مضمون واريون وايون موجود هجن يا خود لفظ مولود استعمال ٿيل هجي. البت موجوده تحقيق جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته مولودن جي عام مقبوليت ۽ مشهوريءَ جي لحاظ سان پهريون دور ميين شاهه عنات رضوي وارو هو.

ميين شاهه عنات رضوي بعد، سندس ننڍن معاصرن مثلاً شاهه عبداللطيف (1102-1165 هه)، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1094-1166هه)، مخدوم غلام محمد بگائي (1145هه ۾ زنده) ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي (وفات 1174هه) جي ڪلام ۾ مولود عام طور ملن ٿا. مولودن جي مقبوليت جو اهو ٻيو دور هو، جنهن کي "مخدوم عبدالرؤف ڀٽي وارو دور" چئجي ته بجا  ٿيندو. مخدوم عبدالرؤف ڀٽي پهريون شاعر هو، جنهن فقط مولود ئي مولود چيا.ظاهر آهي ته اُنهيءَ وقت مولود ايترو ته عام مقبول هئا جو بزرگ عبدالرؤف"مولودن" کي ئي پنهنجو مخصوص موضوع بنايو. سندس انهيءَ سموري توجه سببان، مخدوم عبدالرؤف پهريون آڳاٽو سنڌي شاعر آهي جنهن گهڻي ۾ گهڻا مولود چيا. ٻن سون سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ بعد، هن وقت پڻ سندس چيل مولود ايترو ته عام رائج ۽ مشهور آهن جو سڄا سارا اسي هٿ ٿي سگهيا، جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ۽ يقيني طور انهن کانسواءِ اڃا ڪي ٻيا به هوندا جي سردست هن ڪتاب واسطي ملي نه سگهيا.

مخدوم عبدالرؤف جي مولودن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پهريون شاعر آهي جنهن مولود جي عنوانن کي وسيع ڪيو. معنوي لحاظ سان، نبي ﷺ جي ولادت ۽ انسان ذات جي سر بلنديءَ لاءِ سندن پيغام مولود جو اصلي ۽ اصولي عنوان هو. عبدالرؤف جا ٽي مولود انهيءَ عنوان تي چيل آهن، ان کانسواءِ نبي ﷺ جي خالص ساراهه ۽ ثنا، سندن لاءِ دلي محبت ۽ سچي سڪ، کانئن مهر ۽ شفاعت جي طلب ۽ اميد، سندن چئن يارن ۽ پنجتن جي سڪ ۽ ساراهه، نبي ﷺ جي مڙني محبن ۽ مشتاقن جي تعريف، مديني پهچي زيارت ڪرڻ جي دلي تمنا ۽ حاجين جي حج وڃڻ جو ذڪر ۽ ٻيا عنوان آهن، جن تي عبدالرؤف پنهنجا مولود چيا آهن. ان کانسواءِ نبي ﷺ جي سوانح جي مکيه پهلوئن، مثلاً نبي ﷺ جو ساٿ سان موٽڻ ۽ بيبي خديجة جو سڪ سان واجهائڻ، نبي ﷺ جي شادي، سندن هجرت ۽ سندن معراج کي پڻ عبدالرؤف پنهنجي مولودن جو عنوان بنايو. نه فقط ايترو پر نبي ﷺ جي وفات تي پڻ مولود چيا. عنوانن جي انهيءَ انوکائي ۽ گهڻائي سببان، مولودن جي موضوع جو مرڪز، سو نبي ﷺ جي ذات رهي، باقي ان جو دائرو ايترو وسيع ٿي ويو جو ان ۾ ڪئين عنوان سمائجي ويا. نبي ﷺ جي ذات کان ٻاهر،مخدوم عبدالرؤف ڌڻي تعاليٰ جي مناجات کي پڻ وائي واري سانچي ۾ سموهيو، ۽ سندس اهڙي هڪ وائي هن ڪتاب ۾ شامل آهي، جيئن ته اها وائي پڻ مولودن سان گڏ مجلس ۾ پڙهي ويئي انهيءَ ڪري مولودن ۾ شمار ٿيڻ لڳي.

مخدوم عبدالرؤف کانپوءِ جي شاعرن گهڻو ڪري انهيءَ وسيع دائري اندر ئي پنهنجي طبع رسا کي ڊوڙايو ۽ انهن مکيه عنوانن کي ئي نئين سر نباهيو، جيتوڻيڪ انهن نبي صلعم تي ڌڻيءَ جي ڪرم ۽ سندن اعليٰ شان، سندن آمد ۽ فيض عام، مٿانئن جان نثاري ۽ مٿن سلام، سندن حسن جمال ۽ سونهن ڪمال جهڙن عنوانن کي زياده تفصيل سان ورجايو. مخدوم عبدالرؤف نبي ﷺ جي شاديءَ جي عنوان تي مولود چيا ته کانئس پوءِ جي شاعرن وري بلڪل سهري طور مولود چيا. مخدوم عبدالرؤف جي مناجات طور چيل وائي پڻ مجلسن ۾ پڙهڻ جي لحاظ سان مولود شمار ٿيڻ لڳي، ۽ ان کانپوءِ اهو رواج پيو جو ڌڻيءَ جي مناجات، چئن يارن ۽ پنجتن جي ساراهه، بادشاهه پير ۽ ٻين ولين جي شان ۾ چيل وايون پڻ مولودن طور مجلسن ۾ پڙهجڻ لڳيون.

مولود جي اندروني سانچي ۽ سٽاء توڙي ان جي وزن ۽ ترنم ۾ پڻ مخدوم عبدالرؤف قابل قدر اضافا ڪيا. موضوع جي سٽاء جي لحاظ سان عبدالرؤف سنڌ جي ڪُهنين ڪهاڻين مان تلميحون توڙي انهن ڪهاڻين جا قالب تمثيلي طور استعمال ڪيا: مثلاً ٻن مولودن ۾ پنهل ڏانهن ۽ هڪ ۾ سمي ڄام تماچيءَ ڏانهن تلميح طور اشارو آندو اٿس، ۽ ٻه مولود سڄا سربستا سُر سسئي جي سانچي ۾ سمايا اٿس. ڪن مولودن ۾ وزن جو ماڻ ڀريو اٿس: مثلاً هڪ مولود سڄو سارو بحر هزج مان هڪ موزون مصرع آهي، ۽ ٻيو مولود سڄو سارو بحر هزج جي ماڻ ۾ ميَل آهي. ِاهو صحيح نه آهي ته مخدوم عبدالرؤف پهريون شاعر هو جنهن وزن تي شعر چيو، ڇاڪاڻ ته سندس وڏي معاصر شاعر جمن چارڻ جي چيل مداح ۾ وزن سمايل آهي(1) ، البت مخدوم عبدالرؤف انهن اوائلي شاعرن مان آهي جن موزون شعر چيو آهي. ترنم جي لحاظ سان مخدوم عبدالرؤف جا ٻه مولود سَمهه(2) جي نچ جي تار ۾ ُتريل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُن وقت سمهه جي حلقن ۾ مولودن پڙهڻ جو ايترو ته ذوق شوق هو، جو مخدوم عبدالرؤف پنهنجا اهي مولود سمهه جي نچ جي تار ترنم موافق جوڙيا. مولود جي فن ۾ اهو پڻ خاص سندس اضافو آهي.

مخدوم عبدالرؤف کانپوءِ مخدوم عبدالله عرف ميان موريو ٺٽوي، حافظ عالي(وفات 1192هه) ۽ ميان سرفراز(وفات 1192هه بعد) جا مولود ملن ٿا. اهي ٽيئي مخدوم عبدالرؤف جا ننڍا معاصر هئا. حافظ عالي جا ٻئي مولود اهم آهن: پهريون بحر هزج ۾ چيل آهي ۽ سنڌي موزون شاعري جي اوائلي مثالن مان آهي، ۽ ٻيو مولود سمهه جي نچ جي تار موافق چيل آهي، جنهن جو پهريون مثال مخدوم عبدالرؤف جي مولودن ۾ ملي ٿو.

مولودن جو ٽيون دور ڄڻ تيرهين صدي هجريءَ جي شروعات سان جناب پير صاحب محمد راشد رحه عرف "روضي ڌڻي" (وفات 1233هه) سان شروع ٿئي ٿو. اهو خاص طرح اُتر سنڌ جي شاعرن جو دور آهي. هن کان اڳ ميين شاهه عنات رضوي توڙي مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ۽ سندس معاصر لاڙ طرف جا هئا، جتي ٺٽو، نصرپور، مٽياريون ۽ هالا علمي درسگاهن ۽ عالمن کان مشهور هئا. اُتر ۾ موجوده ضلعي خيرپور ۾ کهڙا علم جو مرڪز هو، ۽ کهڙن جي مخدومن بزرگن وٽ ديني مجلسن توڙي عيدن برادن تي مولودن جا شغل ٿيندڙ هئا. پير صاحب محمد راشد رحه جن کهڙن ۾ پڙهيا ۽ انهيءَ شاگرديءَ واري زماني ۾ غالباً مولود جي مجلسن کان متاثر ٿيا. ان بعد پاڻ پنهنجون تصنيفون ۽ تحريرون فارسيءَ ۾ قلمبند ڪيائون، مگر سنڌيءَ ۾ خاص طرح مولود چيائون ۽ گهڻائي چيائون. هن ڪتاب ۾ سندن اَٺ مولود ڏنا ويا آهن، جي نبي ﷺ لاءِ سچي سڪ ۽ محبت واري جذبي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. نمبر 5 ۽ 6 حقيقت ۾ ڪافيون آهن، جي پڻ مولودن سان گڏ انهيءَ الحان ۾ چيون وينديون آهن. مولود نمبر 7 موزون شاعريءَ جي قالب ۾ سمايل آهي. هن دور جو وڏو شاعر سچل سرمست(وفات 1242 هه) هو، جنهن ڪي مولود پڻ چيا. سندس ٽي مولود هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جن مان نمبر 3 بحر رمل ۾ چيل آهي. ملا صاحبڏنو(وفات 1250 هه) پڻ هن دور جو شاعر هو، جنهن فارسي ۾ غزل ۽ قصيدا ۽ سنڌيءَ ۾ مولود چيا.

مولودن جو چوٿون دور، جناب پير صاحب محمد راشد رحه جي آخري عمر وارو دور(1230 هه) هو، جنهن جو مهندار غالباً مقيم هو. مقيم جا مولود اڃا تائين مشهور آهن، ۽ زبان جي سلاست ۽ جذبي جي صداقت ۾ برک آهن. مقيم جو احوال خاطريءَ سان معلوم نه ٿي سگهيو آهي، مگر جيئن ته اشرف شاهه ڪاماري واري کيس اڳ جي بهترين مولود-گو شاعرن ۾ ڳڻيو آهي، انهيءَ ڪري اندازاً کيس هن چوٿين دور جو اڳواڻ شمار ڪري سگهجي ٿو. ميان غلام عباس شاهه دڙي واري پنهنجي خانداني روايتن جي بناء تي خاطريءَ سان ٻڌايو ته سندن وڏو ڏاڏو ياسين شاهه بن سيد محمد شريف بن سيد جان محمد بن هاشم شاهه بخاري، جو ميرن جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو آهي، سو پنهنجو تخلص"مقيم" ڪندو هو ۽ انهيءَ تخلص سان سندس چيل مولود مشهور آهن. هن پوئين دور ۾ اٽڪل پنجاهه کن سال اڳ مقيم سمون ، جو ڪاتب هو، تنهن پڻ پنهنجي نالي"مقيم" سان مولود چيا. پر اهي مولود جي مقيم جي نالي سان مشهور آهن سي ان کان اڳ جا آهن، ڇو ته اشرف شاهه ڪاماري واري (ولادت 1214 هه) پنهنجي هڪ مولود ۾ چيو آهي ته:

مجلس منجهه "مقيم" کي جڏهن غازي گڏيائون،
مقام تنهن جو مڪي ۾ آڻي اڏيائون.

جيڪڏهن اشرف شاهه اهي مولود پنهنجي پنجويهن ورهين جي ڄمار بعد (يعني 1240 هه بعد) چيا هجن ته انهيءَ جي معنيٰ ته مقيم اندازاً سنه 1240 هه کان اڳ مڪي شريف ويو جتي گذاريائين- انهيءَ لحاظ سان اهو بزرگ مقيم، ياسين شاهه"مقيم" کان غالباً اڳ جو هو. سيد خير شاهه ۽ ٻيا هن چوٿين دور جا مولود- گو شاعر  هئا.

مولودن جو پنجون دور تيرهين صديءَ جي وچ وارو دور هو. فتح فقير موٽيل وهيءَ ۾ سيد قنبر علي  شاهه ڀاڏائي رحه جو اچي مريد ٿيو. سندس رفيق تيرهيو فقير پڻ قنبر علي شاهه رحه جو مريد هو، خود درويش قنبر علي شاهه(وفات 1268 هه)،جو "رسالي جو صاحب" آهي، تنهن جي رسالي ۾ ڏنل ڪي وايون حقيقت ۾ "مولود" آهن ۽ انهيءَ ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن.

انهيءَ ساڳئي دور جو ٻيو نامور ۽ اڳواڻ شاعر پير محمد اشرف شاهه(ولادت 1214 هه) ڪاماري وارو هو. اسلوب بيان جي لحاظ سان اشرف شاهه نهايت سهڻا ۽ سلوڻا مولود چيا. اڳين نامور مولود-گو شاعرن مان اشرف شاهه کي عبدالرؤف ۽ مقيم ڪافي متاثر  ڪيو هو، ۽ انهيءَ ڪري پنهنجي هڪ مولود ۾ ٻنهي جا نالا کنيا اٿس. اشرف شاهه سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪلام چيو، جنهن ۾ مولود پڻ گهڻي تعداد ۾ هئا جي نهايت مقبول پيا ۽ مشهور ٿيا.

مٿيان پنج دور ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي آزاد حڪومت واري عرصي  جي مکيه مولود- گو شاعرن جا آهن ۽ مولودن جي ابتداء ۽ ارتقا- جي سلسلي ۾ بنيادي يا ڪلاسيڪي حيثيت رکن ٿا.

پير اشرف شاهه انگريزن جو دور ڏٺو هو ۽ کانئس پوءِ ٻيا مکيه مولود- گو شاعر، جن ٽالپرن توڙي انگريزن جو دور ڏٺو، تن ۾ نواب جان محمد لغاري، غلام حيدر فقير شر، صابر ٺٽوي، خير محمد فقير هيسباڻي، مخلص علي "مخلص"، سيد مهدي شاهه بخاري، حسين فقير ديدڙ، نواب الهداد خان لغاري ۽ ٻيا سندن ساٿي هئا. انهن سڀني سنه 1300هه/1882ع کان اڳ وفات ڪئي. اهي شاعر جي تيرهين صديءَ جي آخر ۾ ساماڻا ۽ جن چوڏهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ وفات ڪئي تن ۾ شاهه محمد ديدڙ(وفات 1309 هه) ۽ رمضان ڪنڀر (وفات 1316هه/1899ع) برک هئا. ان بعد هن چوڏهين صدي هجريءَ يا ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات وارن مولود-گو شاعرن ۾رمضان واڍو(وفات تقريبا 1330 هه/1912ع) مشهور شاعر ٿي گذريو،جو پنهنجي دور جو اڳواڻ شاعر هو. رمضان واڍي جا چيل مولود گهڻو ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول پيا ۽ اڃا تائين شغل جي مجلس ۾ پڙهيا وڃن ٿا. رمضان واڍي تي مولودن جي ارتقاء جو وچون دور ختم ٿيو. انهيءَ وچين دور جي مولودن تي سٽاء توڙي اسلوب بيان جي لحاظ سان اوائلي دور جو رنگ چڙهيل هو.

رمضان واڍي بعد مولودن جو موجوده نئون دور شروع ٿيو، جو اندازاً گذريل پنجاهه سالن وارو دور آهي.هن دور ۾ گهڻن شاعرن مولود جوڙيا. گذريل عرصي جي وڏن نامور شاعرن جهڙو ڪو شاعر ڪو نه ٿيو پر جتي ڪٿي شاعر مولود جوڙڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته مقامي مولود پڙهندڙ پڻ اڳين وڏن شاعرن جي مولود پڙهڻ واري پابندي کي ڇڏي مقامي شاعرن جا مولود پڙهڻ لڳا. ويهه پنجويهه سال اڳ، مولوي غلام  رسول جتوئي ۽ جانڻ سوناري جا مولود ٻين جي ڀيٽ ۾ زياده مشهور ٿيا. هن وقت لاڙ طرف پير زين العابدين شاهه نورائي واري جا چيل مولود قدري مقبول آهن، پر هر هنڌ شغلن ۾ مقامي ننڍن وڏن شاعرن جا مولود پڙهيا وڃن ٿا.هن دور جي مولودن جو اسلوب بيان زياده عام فهم ۽ آسان آهي، پر ان ۾ شاعرانه نزاڪتن جي ڪمي آهي. زبان جي ڳوڙهائي، خيالن جي انوکائي، توڙي جذبي جي صدق ۽ سچائي ۾ موجوده دور جي شاعرن جو معيار گذريل دور جي شاعرن جي ڀيٽ ۾ ايترو بلند نه آهي.

("مولود"، لوڪ ادب سلسلي جو چوٿون ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ 1961ع، جي مقدمي مان کنيل شروعاتي حصو.)

----------

جن ماڻهن اسانجي دين جي ڪم ۾ ڪوششون ڪيون، اسان (به) انهن کي ضرور پنهنجو رستو ڏيکارينداسون ۽ ڪو به شڪ نه آهي ته الله اهڙن (ماڻهن) جو ساٿي آهي جيڪي (سچي دل سان) نيڪ ڪم ڪندا آهن.

(القرآن)


(1) عربيءَ ۾ مولود (جمع مواليد) معنيٰ نئون ڄاول ٻار يا طفل.مولود جي اها معنيٰ قرآن شريف ۾ سورة بقرة“ جي هن آيت سان پوريءَ طرح واضح ٿئي ٿيوعلي المولود لہ رزقهن و ڪسوتهن بالمعروف (والد کي نون ڄاول ٻارن جي مائرن جي کاڌي ۽ اوڇڻ جو انتظام سهڻي طريقي موجب ڪرڻ لازمي آهي.)

(1) ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو پهريون ڪتابمداحون ۽ مناجاتون.

(2) سمهه اصل ۾ سماع آهي.سماع جي مجلسن ۾ صوفي درويش وجد ۾ اچي نچندا هئا. عيدن برادن جي موقعن تي سمهه جي نچ، اصلوڪي سماع جي مجلس ۾ حال واري رقص جي يادگار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com