سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1/ 1968ع

غلام محمد گرامي

گـــذارش

فن ۽ پيشڪش جو اعليٰ معيار:

        ادب جي تعريف ڪندي، ائين چيو ويو آهي ته ادب آهي زندگي جو ترجمان ۽ شاعري آهي زندگي جي تنقيد، اهو بلڪل درست آهي پر هيءَ تعريف ان ادب ۽ شاعريءَ جي آهي، جنهن جي رسائي ۽ پهچ، تنقيد ۽ گرفت، زمان ۽ مڪان ٻنهي تي حاوي ٿئي ٿي، ڇا لاءِ ته ان قسم جي ادب العاليه جو بنياد، اهڙن جذبن ۽ خيالن، ويچارن ۽ نتيجن، زاوين ۽ تقاضائن تي ٿئي ٿو، جي هر زماني ۾ ، هر ملڪ ۾، هر قوم ۾، بلڪه هر باشعور انسان جي دل ۽ دماغ ۾ موجود رهن ٿا، ان ڪري ئي اهو ادب ۽ ذخيرو ڄڻ ته بني نوع انسان جو هڪ مشترڪ ورثو بنجي پوي ٿو، پوءِ ڀلي ته اهو ڪهڙي به زبان ۾ هجي اتي پهچي، هوند ائين چئي ڏجي ته گويا ”ادب آهي باشعور انسانيت جي زبان“: اها زبان، جنهن کي هر انسان سمجهي سگهي ٿو، اها زبان، جا انسانذات جي مجموعي تاثرات ۽ اجتماعي تقاضائن جي ترجماني ڪري ٿي، اها زبان جا انسانيت جي شعور ۽ لاشعوري سوچ ويچار تي تنقيد ڪري ٿي ۽ اها زبان، جا اڪتسابي ۽ درسي مطالع کان مٿئين سطح تي پهچي مسئلن ۽ نتيجن جو تنقيدي جائزو وٺندي رهي ٿي.

      ادب جي اها مجموعي ۽ تنقيدي ڪيفيت ئي آهي جنهن جي تعريف ڪندي، هڪ بنگالي شاعر، جسيم الدين چيو آهي:

        ”ادب جي مڪتب جو درس ۽ تدريس ان مقام تان شروع ٿئي ٿو، جتي اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي تعليمي نصاب جي پڄاڻي ٿئي ٿي“.

مطلب هي آهي ته ڪاليجن ۽ اسڪولن جي نصاب جي مطالع جو ڪتب بينيءَ ۽ ورق گرداني جو ذوق پيدا ٿئي ٿو، ادب ان ۾ جامعيت ۽ گهرائي پيدا ڪري ٿو، ادب ان ۾ تحقيق ۽ تنقيد جي سلسلي ۾، هڪ صالح سليقو ۽ بالغ شعور پيدا ڪري ٿو، جنهن سان هڪ طالب العلم، ”زندگيءَ، انسان ۽ ڪائنات“ تي  مجموعي طرح سان سوچ ويچار ڪري سگهي ٿو، بس اهو ايترو ئي آهي، مطالعي ۽ علم جو مقصد.

        حيات ۽ ان جي مختلف النوع مظاهر ۾، اگرچ ترتيب ۽ ظهور جي حيثيت سان اختلاف ۽ تضاد آهي، پر افاديت ۽ اصليت جي لحاظ سان سندس رخ، وحدت ۽ يڪسانيت ڏانهن آهي، ان ڪري چيو ويو آهي ” ماتريٰ في خلق الرحمان من تفاوت“، هل تريٰ من فتور“، بيشڪ تعميري ۽ ترقي پذير نگاهه ۾ ڪائنات نهايت جمال آفرين، حيات نهايت روح پرور، ۽ انسان نهايت ترقي پذير آهن، اتي اچي، جن عينيت پسند مفڪرن، انسان ، ڪائنات ۽ حيات ٽنهي کي هڪ وحدت سڏيو آهي، سي به پنهنجي فيصلي ۾ غلط نه چئي سگهبا، هت نه قديم آهي ۽ نه جديد! هن مانڊاڻ ۾ جا رنگيني ۽ دلڪشي آهي، اها نت نئين آهي، سندس هر ظهور نئون آهي، سندس هر پهلو جدت پذير آهي، سندس هر حرڪت ارتقا پسند آهي.

”ڪل يوم هو في شان“ جو اهو ئي مطلب آهي.

        اديب جي نگاهه، جڏهن عارف جي نگاهه ٿي بنجي، تڏهن هو هن منڊيل مانڊاڻ جي دلاويز رنگينيءَ ۽ ان جي حسن آرائي وارن مختلف روپن ۽ مظهرن جي تهه تائين پهچي ٿو وڃي ۽ اتي پهچي چئي ٿو ڏئي:

زمانه ايڪ، جهان ايڪ، ڪائنات ڀي ايڪ،

دليل ڪم نظري، قصهء جديد و قديم.

لطيف به اشارو ڪيو آهي:

ڏسڻ ڏسين جي، ته همه کي هڪ چئين!

        بلڪل ان طرح سان، ادب جي تنقيدي افاديت جو راز به وحدت ۾ سمايل آهي، ادب سان اهو شعور تربيت ٿو حاصل ڪري، جو علم ۽ فن جي مختلف مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، وحدت عمل، وحدت خيال، وحدت فڪر ۽ ان کان پوءِ ”مقصد جي وحدت“ تائين پهچي ٿو.

ان گفتگو جي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي ته ادب، پنهنجي وحدت نگاهه توڙي منفرد خصوصيات جي لحاظ سان زندگي جي ڪهڙي معيار ۽ پهلوءَ سان واسطو ٿو رکي ۽ زندگي جي وحدت کي ڪيئن ٿو سمجهي ۽ ڪيئن ٿو نباهي.

ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي ته انسان  رڳو گوشت ۽ پوست جو پتلو ناهي، دل ۽ دماغ، هٿ ۽ پير، نڪ ۽ ڪن، اک ۽ وات، اگرچ ڪنهن نه ڪنهن مقرر ٿيل عمل لاءِ پيدا ٿيل آهن، پر ان سان گڏ خيال ۽ فڪر جي هڪ وسيع دنيا ۽ حواس باطني جي هڪ وسيع دولت به کيس مليل آهي،غور ۽ فڪر جي ڪسوٽي سان غلط ۽ درست، کي پروڙڻ به سندس فرض ۾ داخل آهي.

جيئن اک جو ڪم، ڪن نٿو ڪري ۽ نڪو هٿ جي هاج، پير ئي ڪري ٿا سگهن، ان طرح سان علم ۽ فن، ادب ۽ معلومات جي دنيا ۾ مختلف قسم جا مظاهر به آهن، ته انهن جا محرڪات به آهن، انهن جا مقصد به جدا جدا آهن ته انهن جي پس منظر ۾ حقيقت جا به مختلف رخ ۽ پهلو ٿين ٿا، جن جو مجموعي طرح سان مطالع ۽ جائزو وٺڻ، هڪ اديب جو ڪم ٿئي ٿو.

ادب جي مجموعي ذخيري ۾ جتي شعر ۽ شاعري، افسانه نويسي ۽ ڊرامه نگاري اچي وڃن ٿا، اتي تاريخ، اقتصاديات، سائنس ۽ فلسفي جي حيثيت به نظر انداز ڪري نٿي سگهجي، شاعري هڪ پخته ۽ بالغ شعور جي پيداوار آهي، افسانو ۽ ڊرامو ، موجوده زندگي جي لطيف ۽ ڪثيف پهلوءَ جا نگران ۽ ترجمان آهن، ان طرح تاريخ، انسان جي گذريل واقعات ۽ آثار جي نشاندهي ڪري ٿي، گذريل واقعات جا اسباب ۽ نتيجا ٻڌائي ٿي، ماضيءَ جي داستان سرائيءَ سان،  حال جي اصلاح لاءِ دعوت فڪر ڏئي ٿي، معاشيات جو تعلق حيات ۽ ان جي مادي وسيلن سان آهي، سائنس، انسان کي مغيبات ۽ عالم اسرار سان هم آشنا ڪري ٿي،  ۽ فلسفو، زندگي جي پيچيده ۽ ماوراءِ العقل مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ان طرح سان ادب گويا انسان ۽ ڪائنات جي وچ ۾ هڪ معقول توجيهه هڪ صحتمند تطبيق ۽ هڪ ترقي پذير تعبير جي حيثيت رکي ٿو.

اگر ٿورن لفظن ۾ چئجي ته پوءِ ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته ادب ۽ شعر و شاعريءَ جو واسطو، جذبات نگاريءَ ۽ خيال آرائي سان آهي: پر صحتمند ۽ ڪارگر ادب تڏهن چئي سگهبو، جڏهن ان ۾ خيال ۽ لطافت به هجي، جذبات جي پاڪيزگي به هجي، روح پرور اسلوب به هجي ۽ دلنشين پيشڪش به هجي، جيئن تاريخ جي بيان ڪندي، واقعات ۽ اسباب جي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ کي نظر انداز ڪري، ڪو مورخ رڳو خيال آرائي ۽ سخن گستريءَ ۾ ڪاهي پوي ته پوءِ چئبو ته هو پنهنجي منصب کان هٽي چڪو آهي، ان طرح ادب ۾ اگر حسن ۽ لطافت، پاڪيزگيءَ ۽ صحت خيال جي آميزش ناهي ته پوءِ ان کي ادب نه چئبو، اهو بيروح، بيرنگ ۽ بيڪيف ذخيرو هوندو، جنهن ۾ نه افاديت هوندي ۽ نه جنهن ۾ مقصد ۽ عمل جي نشاندهي هوندي، لفظن ۽ جملن جو اهو جامد ۽ بيروح سلسلو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ته ايندو پر ان ۾ ڪو مفهوم نه هوندو ۽ نه ڪا معنيٰ هوندي!

لکڻ هوندو، پر بي معنيٰ، ۽ ان تي ”ڪهڙي ڪاتب ٿو ڪرين، مٿي پنن پيهه!“ جي تنبيهه به وارد ٿيندي،! پڙهڻ به هوندو پر ان تي ”پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير“ جي تنبيهه به هوندي!

پر جي اهو به سڀ ڪجهه آهي ۽ ”نيت“ ۾ فتور آهي ته سڀ ڪجهه ناس ٿيو!

اديب، هڪ مصلح ۽ مبلغ آهي، انسانذات جي اصلاح لاءِ ته ايتري جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪري ٿو پڙهي ٿو، ۽ نور نچوئي ٿو، سندس نيت ۾ شهرت طلبي آهي يا نيڪنامي جي طلب آهي، ته پوءِ اهو ٿيو بيروح ۽ بيسود مٿو هڻڻو، جنهن مان نه ڪنهن فرد جي اصلاح ٿيندي ۽ نڪا مجموعي طرح سان ڪا مفيد چيز پيدا ٿيندي.

شاعر ۽ اديب جي روح ۽ قلم ۾ اگر باليدگي ۽ زندگي آهي ته پوءِ ان جو هر لفظ زندگي کي سنواريندڙ ٿيندو ۽ انسان جي غم ۽ مسرت ۾ شريڪ رهندو، ۽ اهو اديب امن ۽ ايمان، صلح ۽ محبت جو پيغامبر ثابت ٿيندو، پر جي سندس روح ۾ نه حرارت آهي ۽ نه زندگي، ۽ سندس نگاهه ۾ نه روشني آهي ۽ نه تلاش ته پوءِ، ان جو ذخيرو، ”انڌن واريون  هٿوراڙيون“ چئبو، جنهن مان نه سود نه بهبود!

سادن لفظن ۾ اگر چئجي ته پوءِ رڳو ان تي اڪتفا ڪرڻ جڳائي ته خيال آرائي، جذبات نگاري، سخن گستري، فڪر آفريني ۽ حال جي ترجماني، ادب جي هر صنف لاءِ روح روان جي حيثيت رکڻ گهرجي، انهن کان سواءِ هر ادبي شاهڪار مرده ۽ بي معنيٰ رهندو پر ان سان گڏ اهو به خيال ۾ رکڻ گهرجي، ته اڄڪلهه معياري ۽ غير معياري ادب جي تقسيم جو سوال به پيدا ٿي چڪو آهي، آخر اهي ڪهڙا معيار ۽ قدر ٿي سگهن ٿا، جن جي هوندي ڪنهن ادب کي معياري ۽ ڪنهن کي غير معياري چئي سگهجي ٿو؟

ان مسئلي جو حل اهو آهي ته انسان رڳو ظاهري قوتن کان سرافراز نه آهي پر منجهس ڪي باطني صلاحيتون به آهن، جن جي وسيلي سان هو خارجي شين متعلق تخيل جي دنيا ۾ هڪ خيالي پيڪر تيار ٿو ڪري، انسان جي تخيل مان پيدا ٿيل خيالي هيوليٰ گويا سندس روح ۽ احساس جو عڪس آهي، جو خارجي شين تي پوي ٿو، يعني روح جون تقاضائون ۽ احساس جون تنقيدي نگاهون، ان خيالي هيوليٰ ۾ نظر اچڻ لڳن ٿيون، جڏهن ته روح انهن تخيلاتي چيزن ۾ پنهنجي تمنائن جو تصور پيدا ڪري ٿو، تڏهن لازمي طرح سان روح ۾ هڪ قسم جو سرور ۽ حضور پيدا ٿئي ٿو، اهو سرور ۽ حضور، هن دور جي زبان ۾ جذباتي ۽ نفسياتي علو ۽ بلنديءَ جو هم معنيٰ چيو وڃي ٿو، جديد نفسيات وارا ان قسم جي خيالي پيڪر کي ”حسن ۽ جمال“ سڏين ٿا، جڏهن ان خيالي پيڪر، تصوير، حسن و جمال تي تفڪر ۽ استغراق کان نگاهه وڌي وڃي ٿي، تڏهن ان ۾ هڪ قسم جي معنويت ۽ رمزيت، پيدا ٿئي ٿي، ۽ ان جي اشاريت ۾ هڪ صحتمند ۽ تنقيدي نگاهه پس منظر مان جهاتيون پائڻ لڳي ٿي، ان نگاهه جو هر ردعمل هڪ معيار ۽ قدر کي جنم ڏئي ٿو، اڳتي هلي هر قدر ۽ هر معيار ۾ هڪ ڪُل ۽ اصول بنجي ٿو، جنهن سان روح ۽ خارجي شين ۾ هم آهنگي ۽ عينيت پيدا ٿئي ٿي.

روح هميشه علوّ ۽ بلنديءَ کي پسند ڪري ٿو، ۽ روح هميشه زندگي جي اسرار ۽ رموز کي پنهنجي بقا لاءِ ڳوليندو رهي ٿو، روح جي اها تمنا مادي چيزن ۾ نه پر تخيلاتي چيزن ۾ غذا حاصل ڪري ٿي، مثلا موسيقي، مصوري ۽  شاعري، روح ، خارجي نظارن کي راڳ، آرٽ، ۽ شاعري جي رنگ ۾ ڏسي وجداني ڪيفيات جو آماجگاهه ٿو بنجي ۽ بلڪل ٺيٺ ۽ ظاهري نموني وارن سادن ۽ روز مره جي مشاهدن ۾ به  عجيب قسم جي معنويت پيدا ٿو ڪري، روح جي ان نگاهه ۾ ڪڏهن ته گل جو تبسم حيات آفرين ٿو ٿئي ۽ ڪڏهن ماڪ به ڳوڙهن ڳاڙيندي نظر ٿي اچي، ماڪ جي ڳوڙهن ڳاڙڻ جي ڪيفيت متعلق مون کي هڪ وجد انگيز بيت ياد ٿو اچي، جنهن ۾ اشاريت ۽ معنويت جي روح آفرين منظرڪشي موجود آهي.

اهو بيت سنڌ جي مشهور اهل الله، حضرت مخدوم نوح رحه جو آهي، ان بيت جو پس منظر هي آهي:

هڪ ڀيري، سندن ڪي مريد زيارت لاءِ آيا، پاڻ سندن دلجوئي فرمايائون، ۽ کانئن حال احوال ورتائون، هنن ويچارن پنهنجن سورن جا داستان دهرايا، پاڻ کين اطمينان ڏيندا رهيا ۽ کين مسجد ۾ رهڻ ۽ ”الله الله“ ڪرڻ جي هدايت ڪري واپس ڪيائون.

اهي فقير اچي مسجد ۾ رهيا، اسر جو اٿي الله الله ڪرڻ ۾ مشغول ٿيا، خيالن جي انتشار کي دفع ڪرڻ لاءِ پنهنجون چادرون ۽ گنديون مٿان وجهي مسجد جي صحن ۾ ويٺا رهيا، صبح جي ويل هجي، ماڪ جا ڦڙا سندن چادرن تي موتين وانگر چمڪي رهيا هجن عين ان وقت حضرت مخدوم نوح رحه به مسجد ۾ تشريف فرما ٿيو.

پاڻ جڏهن انهن چادرن ۾ ويڙهيل فقيرن وٽان لانگهائو ٿيا، تڏهن سندن نظر وڃي ماڪ جي ڦڙن تي پئي، منظر هي آهي، چند ڏکويل ماڻهو آهن، جي پنهنجي مشڪلاتن ۾ مبتلا آهن، رات گذري رهي آهي ۽ ماڪ پئجي رهي آهي، پرڀات جي پياري گهڙي آهي، ماڪ جا ڦڙا، چادرن تي چمڪي رهيا آهن.

حضرت مخدوم نوح جي رمز شناس نگاهه، ان منظر جي پردي ۾ جهاتي پائي چڪي هئي، تخيل  جي دنيا ۾ “معنويت ۽ اشاريت“ جي هڪ عجيب تصوير پيدا ٿي، زندگي جي مادي تصور ۽ ان جي ”رمزيت ۽ اشاريت“ ۾ هڪ عجيب ”معنوي تشبيهه“ پيدا ٿي، سندن شاعرانه شعور، ان ساري حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيون ماڻهئا،

روئي رڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي!

ظاهر بين نگاهه ممڪن آهي ان جي منظر ڪشي ڪنهن ٻئي رنگ ۾ ڪري ها پر هڪ حقيقت پسند ۽ معنوي نگاهه، جو ڪجهه محسوس ڪيو آهي ان کي سحر آفرين انداز ۾ بيان ڪيو آهي، ان ۾ ڪشمڪش به آهي، منظر ڪشي به آهي، شاعري به آهي، ساحري به آهي، تنقيد به آهي، تسلي به آهي ۽ همدردي به آهي.

فرمائين ٿا ته پرڀات جو جيڪا ماڪ پئجي رهي آهي سا طبعي طرح ته بيشڪ ماڪ ئي آهي، پر ان جي وسڻ جي ڪيفيت اها به آهي، جو هن دور جي مصيبت زده مخلوق جي غم ۽ ڏک کان رات به روئي ڏنو آهي، رات رڙهندي ٿي وڃي، صبح قريب آهي پر ويندي ويندي شدت غم ۽ احساس همدردي وچان رات جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ويا آهن! اهي ڳوڙها ماڪ جي صورت ۾ ڏکويل ۽ مصيبت زده ماڻهن جي گندين ۽ چادرن جي مٿان چمڪي رهيا آهن!

ديده ور نگاهه جي نڪته آفرينيءَ، اشاريت ۽ معنويت جي جا تخيلاتي منظر ڪشي ڪئي آهي، اها ذوقي ۽ وجداني آهي، ان ۾ تصوير حيات به آهي ۽ تنقيد حيات به آهي. شاعر، رات سان عينيت وارو پيوند پيدا ڪري چڪو آهي ۽ رات کي پنهنجي نعم البدل تصور ڪري پنهنجن ڳوڙهن پاران رات جي ڳوڙهن کي ۽ رات جي ڳوڙهن جي رعايت سان ماڪ جي ڦڙن کي بيان ڪري، هڪ حقيقي شعر جو پيڪر تيار ڪري ورتو آهي، اهو هڪ بيت پاڻ ۾ لفظي ۽ معنوي لطافت سان گڏ، رمزيت ۽ اشاريت جو وسيع تنقيدي عناصر به رکي ٿو، جنهن کي ڪي فن جا نقاد ئي سمجهي سگهن ٿا.

منهنجو مطلب اهو آهي ته شاعريءَ ۾ جيستائين رمزيت ۽ اشاريت جو عنصر ڪين آهي تيستائين نه ان ۾ اثر پيدا ٿئي ٿو ۽ نه تخيل مولانا روميءَ ان لاءِ خوب چيو آهي:

خوش تر آن باشد که سّر دلبران،

گفته آيد در حديث ديگران.

شاعري، دراصل ”سّر، دلبران“ آهي، پر پيش ڪبي آهي حديث ديگران جي صورت ۾ سر دلبران جي آشنائي ۽ حديث ديگران جي پيشڪش به نظر سان وابسته آهي، اگر نظر آهي ته پوءِ شاعري به ٺهي ٿي، سر دلبران به سمجهي سگهبو ۽ حديث ديگران به وضع ڪري سگهبي، پر جي نگاهه ناهي ته پوءِ اها شاعري نه معنوي تنقيد چئبي ۽ نه صحتمند ۽ افادي پيغام چئي سگهبو، اقبال واهه جو چيو آهي:

اي اهل نظر، ذوق نظر، خوب هي ليڪن،

جو شيءِ ڪي حقيقت ڪو نه ديکي وه نظر ڪيا؟

ان شعر ۽ مٿين تشريح جي روشنيءَ ۾ دوباره بيت پڙهڻ گهرجي جو فن ۽ مشاهدي جو هڪ شاهڪار آهي:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانيون ماڻهئا،

روئي رڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي!

         (مخدوم نوح رحه)

آخر ۾ سنڌي ادب جي باشعور طبقي کي التماس آهي ته هو پنهنجي فن ۾ نه فقط رمزيت ۽ اشاريت پيدا ڪن، پر ان سان گڏ، پنهنجي روح ۾ باليدگي ۽ تابندگي به پيدا ڪن، پنهنجي تنقيدي نگاهه کي تيز ڪن، حالات جي منظر ڪشي ڪندي، استعاري ۽ محاڪات جي نقشگري ڪن، پنهنجي پيشڪش ۽ اسلوب ۾ دلاويزي ۽ ڪشش پيدا ڪن ۽ نه ابهام ۽ غير منطقي هيئت، جنهن ۾ پيچيدگي ۽ زوليدگي ته آهي، پر ڪا معنوي لطافت ۽ ڪارآمد اشاريت آهي ئي ڪانه!

اسان جي ادب نواز حلقي کي هڪ مصلح ۽ مبلغ جو فرض سونپيو ويو آهي، کين فن جي تشڪيل ۽ قوم جي اصلاح لاءِ ڪافي جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻي آهي، جيئن سندن هم زبان ساده لوح عام ماڻهو، جمود جي موت آفرين گود مان ڪر موڙي اٿن ۽ زندگيءَ جي عظيم جدوجهد ۾ ڪو شاندار ۽ پائدار ڪردار ادا ڪري سگهن:

بجهه چڪا هي، چراغ دير و حرم،

دل جلائو ڪه روشني ڪم هي!

مهراڻ جو مواد:

مهراڻ جو هي ضخيم ۽ معياري پرچو 1968ع جو پهريون پرچو آهي، هن پرچي سان مهراڻ جو سترهون سال شروع ٿئي ٿو، جو هن معياري رسالي جي مقبوليت ۽ بقا جو ضامن چئي سگهجي ٿو، ناظرين ۽ فنڪارن جي تعاون سان اميد ته سنڌي ادب جو هيءُ جامع صحيفو، وڏي حياتي ماڻيندو ۽ سنڌي ادب جي تربيت ۽ نشونما جي سلسلي ۾ مخلصانه خدمتون ڪندو ايندو.

هن پرچي ۾ علم ۽ فن جي هر صنف تي، معياري ۽ تعميري افاديت پسند ۽ صحتمند مواد پيش ڪيو ويو آهي.

حصه نظم ۾، سڀ اصناف تي، تقريبن 94 صفحن تي مشتمل مواد ڏنو ويو آهي، ان ۾ بيت، دوها، ڪافيون، وايون، گيت، لوڪ گيت، نظم، نيون طرزون، غزل، قطعا، رباعيون ۽ مختلف زبانن جي شاعريءَ (پشتو، بنگله، پنجابي، بلوچي، سرائڪي، عربي، اسپيني، روسي ۽ انگريزي) جا شاهڪار ترجمو ڪري پيش ڪيا ويا آهن، حصه نظم هر خيال کان معياري ۽ مثالي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com