سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1963ع (1-2)

 

صفحو :1

مهراڻ 1963ع (1-2)

ايڊيٽر: غلام محمد گرامي

”افيجينيا“ جي هيءَ تصوير ائنسم فيورباخ نالي هڪ جرمن مصور اڄ کان  سو سال اڳ ٺاهي هئي. هو سترهن سال اٽليءَ جي گاديءَ روم ۾ رهيو، ۽ هن تصوير ٺاهڻ ۾ وڏي جفاڪشي ڪيائين. 17 مئي 1858ع تي هن پنهنجيءَ ماءُ کي خط ۾ لکيو، ”مان هن تصوير ۾ نيڪ امنگ ڏيکارڻ گهران ٿو...“ ۽ ”شال هيءَ تصوير ڏسندڙ تي سانتيڪي سنگيت وانگر اثر ڪري.“

        اصل تصوير 99 انچ ڊگهي ۽ 66 انچ ويڪري آهي. تصوير ۾ نيرو رنگ، وڻراهه جي ٿڌيءَ نيرانجهڙيءَ ساوڪ ۽ سمنڊ جي ڏورانهينءَ نيراڻ تي غالب ڏيکاريل آهي. پوشاڪ ۾ به ڳاڙهي چوغي جو رنگ حقيقت ۾ نيرو-ڳاڙهو آهي، ڄڻ ته ”امنگ“ ڄمي ويا آهن. سٻاجهڙيءَ عورت جو گهاٽن وارن سان ڍڪيل مٿو پاڇائون ڏيکاريل آهي، جنهن مان غم ۽ ڳڻتي بکي ٿي. سندس چوغي تي پوندڙ اُس ۽ پريان روشن افق جو نظارو، اميد جا آثار آهن.

”افيجينيا“ قديم يونان جي نينگري هئي. سندس نالي جي هڪ معني آهي، ”وڏي شهزادي“. يوناني ديو مالا جي قصي موجب، افيجينيا ”آگامينن“ جي ڌيءَ هئي. جڏهن يونانين جو آرماڙ ٽراءِ ڏانهن وڃي رهيو هو ته ”آرٽيمس“ ديويءَ، اڻائو واءُ آڻي، انهيءَ آرماڙ کي سمنڊ ۾ هڪ هنڌ روڪي ڇڏيو. آخرڪار آرماڙ کي انهيءَ شرط تي ڇوٽڪارو مليو ته آرٽيمس ديويءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ افيجينيا جي قرباني ڏني ويندي. پر جڏهن افيجينيا کي قربانيءَ لاءِ پيش ڪيو ويو ته ديويءَ کي مٿس ڪهل اچي ويئي، سو سندس ساهه ته ڪونه ورتائين، پر پنهنجيءَ روحاني طاقت سان کيس اتان کڻي وڃي هڪ ڏورانهين ڏيهه، ڪريميا ۾ قيد ڪيائين. هوءَ ڪيئي سال وطن کان وڇڙي، قيد ۾ رهي، هن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي ته افيجينيا ڌارئين ديس ۾ ويٺي وطن ڏانهن واجهائي رهي آهي.

يونان جي افيجينيا ڄڻ ته اسان جي سنڌ جي ”مارئي“ آهي. هوءَ انهيءَ روپ ۾ به مارئي آهي، جنهن لاءِ سوين سال اڳ سنڌ جي شاعرن چيو هو:

واجهائي وطن کي، آءُ جي هِتِ مُيَاس،

گور منهنجي سومرا، ڪجهه پنهوارن پاس،

ڏِج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙن واس،

مُيائي جِياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!

۽ هوءَ انهيءَ معنيَ ۾ به مارئي آهي، جنهن لاءِ اڄ جا شاعر چون ٿا:

آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي،

سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانهي سرهائي،

اڄ به هيڻن سان هلن، ڏاڍا ڏاڍائي،

نڌڻڪين سان نت ڪرن، عمر ارڏائي،

سُڪر سڻائي، ڪانهي ملڪ ملير ۾!

*

 

 

وَرُ سي وطنَ ڄائيون، صحرا سَتر جنّ!
گولاڙا ۽ گگريون، اوڇڻ آباڻنّ،
ويڙهياگهمن وَليهين، جهانگي منجهه جهنگن،
مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيڄ ۾.
 

--لطيف

 

گذارش

 

تنقيد نگاري ۽ سنڌي نقاد

 

        تنقيد، ادب جي شهپارن کي پرکڻ لاءِ، هڪ ذهني ۽ فڪري ڪسوٽي آهي. ۽ ’نقاد‘، پنهنجي فني جامعيت جي لحاظ سان، هر فنڪار کان ذهني ۽ فڪري طور بلند ۽ بالا آهي، ’نقاد‘ شعر ۽ ادب، لغت ۽ لسانيات، تاريخ ۽ فلسفه، ثقافت ۽ دينيات، عمرانيات ۽ معاشيات جي مختلف النوع شاخن تي، ڪنهن حد تائين، جامعيت رکي ٿو ۽ سندس مطالع جو دائرو وسيع ٿئي ٿو.

        جڏهن ته هڪ شهپاري ۾ علوم و فنون جا ڪيئي مختلف مسئلا بيان ٿي وڃن ٿا، تنهنڪري ’نقاد‘ جيستائين سڀني فنن تي دسترسي نٿو رکي، تيستائين سندس ’پرک ۽ اصلاح‘ جي ڪابه حيثيت قائم نٿي رهي سگهي.

        نقاد، پنهنجي انفرادي حيثيت سان ساڳئي وقت ’شاعر‘ به آهي، سخن سنج به آهي، سخن فهم به آهي، قادرالڪلام استاد به آهي، انشا پرداز به آهي، عروضي به آهي، لغوي به آهي، لسانيات جو ماهر به آهي، موّرخ به آهي، فلسفي به آهي، تهذيب و ثقافت جو ڄاڻو به آهي، عالم دين به آهي، عمرانيات ۽ معاشيات جو ماهر به آهي، ڄڻ هڪ شخص تن تنها، هڪ بزم ۽ انجمن جي حيثيت رکي ٿو، ان ڪمال ۽ مقام جو ماڻهو ئي صحيح نقطهء نگاهه سان ڪنهن فني چيز کي نه فقط پرکڻ جي لائق آهي پر ان سان گڏ کيس ’اصلاح‘ جو به حق حاصل آهي.

        اگر نقاد جي مٿين تعريف، قرين قياس آهي ته پوءِ ادبي ميدان ۾ نظر ڊوڙائبي ته ڪاريءَ وارا ڪک نظر ايندا. تنقيد جي ميدان ۾ ڪنگ پيا رڙن! اجھ ڪلهه جا ’نقاد‘ ڇا آهن؟ تمام معمولي مطالع وارا، سطح بين، يا انڌو منڊو شعر چئي سگهندا، يا ٻه_ چار افسانه لکي نقاد بنبا، يا ڌارين جا چند خيال مستعار سنڀالي، وتندا ٻين جي فن کي لوئيندا.

        نقاد، اهو باشعور، صاحب بصيرت، ديانتدار ۽ غير جانبڀدار شخص ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي مطالع سان ڪنهن گوهر ناياب کي اجاري ۽ جرڪائي. محض فن تي ’جرح ۽ قدح‘ ڪري. جانبداراڻه عصبيت کان بچي، صحتمند خيالن جو اظهار ڪري ۽ کري ۽ کوٽي کي الڳ ڪري بيهاري.

نقاد نه ڪو قصيده گو آهي، جو پنهنجي پسنديده اديب لاءِ ويهي مداحون گهڙي، ۽ نڪو حجام آهي جو مڏيءَ پاڪيءَ سان ويٺو اديبن جا مٿا ڪوڙي!

        نقاد جامع العلوم هجڻ سان گڏ، انشا پرداز به هئڻ گهرجي، ان سان گڏ تنقيد جي شرطن ۽ اصولن کان به آگاهه هجي.

هڪ حاسد، ڪينه پرور، متعصبّ ۽ انتقامي جذبات رکندڙ ماڻهو نقاد ٿي نٿو سگهي. نقاد، ته هڪ سريف النفس، وسيع القلب ماڻهو ٿي سگهي ٿو، جو رحمت ۽ رافت جي جذبن سان سرشار هجي. جو ذاتي ۽ شخصي تعلقات کان بالا هجي، جو مک وانگر حسين ۽ جميل، عطربيز ۽ روح پرور فني گلستان مان رس چوسي، مٺي ماکي بڻائي سگهي.

        اڄڪلهه جا نقاد، نيش زني ۽ طعنه و تشينع، گارگند ۽ ذاتي ڇيڙڇاڙ کي تنقيد ٿا سمجهن، فن کان اول فنڪار جي ذات ۽ صفات کي موضوع بحث ٿا بنائين، اول فنڪار جي شخصيت کي لوئي خراب ڪري پوءِ ٻه چار ڪچا پڪا جملا، فن متعلق لکي وڃي ٿا مٿي چڙهن، ۽ سمجهن ٿا ته تنقيد جو حق ادا ٿي ويو.

        مزو اهو آهي ته اڄڪلهه ڪنهن جي شعر تي اهي تنقيد ٿا لکن، جي بذات خود ’شاعر‘ نه آهن. ان مان اهو سمجھڻ گهرجي ته نقاد لاءِ هروڀرو شاعر هئڻ ضروري آهي، پر منهنجو مطلب آهي ته شاعر به هئڻ ضروري آهي، سندس فن شاعريءَ ۽ مختلف استادن جي ڪلام تي ايترو عبور حاصل هجي جو هو ڪڏهن معياري شعر به چئي سگهيو هجي، يا چئي سگهي. باقي جنهن نه شاعريءَ جا مختلف دور مطالع ڪيا آهن، نه قادرالڪلام استادن جو ڪلام مطالع ڪيو آهي، نه ڪو بتدريج، اعليَ، متوسط ۽ نمشق شاعرن جي ڪلام کي ڪڏهن هٿ لاتو آهي، اهو اگر شعر و سخن، جي جنس کي ويهي پرکيندو ته پوءِ اهو ٿيو، ’بوز نه راچه ڪار نجّاري‘! جي مصداق، ڀولي جو ڊکڻ بڻجڻ! حالانڪه ڀولي جو منصب ڇا ۽ ڊکاڻڪو ڌنڌو ڇا؟ فن ۽ فنڪار جي مناسبت سان ئي تنقيدي شعور پيدا ٿئي ٿو. سنڌي سٻاجھڙن ان مام کي خوب نباهيو آهي، چون ٿا:

رڍ ڇا ڄاڻي راڳ مان، جنهن جي ٻولي ٻي.

ان طرح چون ٿا:

سر منڊل جي ساز مان سانڊو ڇا سمجهي.

ان طرح:

رڍن اڳيان رُبابُ، وڄائيندي ورهيه ٿيا.

       

هاڻي ’نقاد‘ آهي، رڍ ۽ سانڊي، جي صلاحيتن وارو ته پوءِ اهو ’راڳ‘ تي ڇا تنقيد ڪندو! ان جو ’راڳ‘ سان ڪهڙو واسطو! ’نقاد‘ کي شاعريءَ جي ’شين‘ جي به پرک ڪانه آهي، سو ڪيئن ويهي مختلف اصناف سخن جا معائب ۽ محاسن بيان ڪري سگهندو، افسوس جو اسان جي ادب ۾ ان مرتبي جا لائق ۽ جامع وسيع القلب ۽ ڪريم النفس نقاد پيدا ئي ڪين ٿا آهن. شاهه صاحب خوب چيو آهي:

ويا سي وينجھار، هيرو لال ونڌين جي،

تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار،

ڪٽين ڪٽ لُهار، هاڻي انهين ڀيڻيٻين.

        اهڙن ’صرافن‘ ۽ لائق نقادن جي اڻهوندي، صحيح قسم جي ’فن ۽ فنڪار‘ جي ڪهڙي حالت بنجي ٿي. ان متعلق شاهه سائينءَ کان ٻڌو:

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

پلوء پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

        جڏهن وينجهار ئي نه رهندا، بزارون صرافن کان خالي ٿي وينديون.تڏهن ’ماڻڪن‘ کي ڪير پڇندو؟ خلق وڃي ’ڪچ‘ تي ڪرندي. تڏهن ’سچ‘ جي ڪهڙي بها ٿيندي! سچ پچ ته ’سچ ۽ ڪچ‘ جي پرکڻ جو امتياز ئي نقاد جي بهترين ۽ اصولي ڪسوٽي چئي سگهجي ٿي جا اڄڪلهه آهي ئي ڪانه!

        اڄڪلهه جي نقادن ۾ ٻيو به هڪ مرض پيدا ٿي چڪو آهي، جو هو، نه ڪو فنڪار جي ڳالهه کي سمجهندا هوندا نه ڪو ان جي اصلوب ۽ طرزِ نگارش، خيال ۽ مواد جي نازڪ ۽ نفيس لچڪ کي ئي ڄاڻندا هوندا، نه ڪو ان جي فن ۽ متقدمين ۾ اهڙن ساھن خيالن جي موجودگيءَ کان واقف هوندا. باوجد ان جهالت جي، هٿ ڌوئي ان فنڪار جي پويان ڪاهي پوندا، ۽ الاجي ڇا جو ڇا چئي وڃي مٿي چڙهندا، شعر و شاعريءَ جي ’مراعات ۽ تعليءَ‘ کان ته واقف نه هوندا پر ”شاعرانه تعليءَ“ کان به اڻڄاڻ هوندا. انهن کي ڪير سمجهائي ته ’مراعات ۽ تعليءَ‘ جي دنيا گهڻو وسيع آهي.

شاعر ته ’من نه مي گويم اناالحق يار مي گويہ بگو‘ به چئي ويو آهي.

۽ ’آهيان پاڻ الله، اديون مون کي ڪير ٿيون ڄاڻُون‘ به چئي سگهيو آهي. پاڻ ته ڇا:

عطار نه بود آن ڪه خدا بود خدا بود

به چئي سگهيو آهي. ان طرح:

ڪفر ڪافر را و دين ديندار را

ذره دردِ دل عطار را

به چئي ويو آهي. ان طرح:

عارف هم از اسلام خراب ست، هم از ڪفر

پروانه چراغ، حرم و دير نه دانہ

به چئي ويو آهي. ان طرح:

الله ڇڏيائون اوري، پرانهون پنڌ پيا،

بنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،

واڪيندا ويا، صادق ٻڌيو سندرا.

به چوڻ وارا چئي ويا آهن. پر کين ڪير به ’ڪافر‘ نه ٿو سمجهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ’شطيحات ۽ تعليءَ‘ لاءِ به ڪنهن بلند مرتبه شخصيت جي ضرورت آهي. ايئن نه ته هر ڪو ’ايرو غيرو نٿو خيرو‘ مجاز آهي ته اهڙيون دعوائون ۽ دمزنيون ڪري، ان لاءِ ته ’هر بوالهوس ني حسن پرستي شعارڪي‘ ئي چوڻ گهرجي. حلوي کائڻ لاءِ به مهانڊو درڪار آهي نه هرڪو ’منصور‘ آهي ۽ نه هرڪو ’بايزيد بسطامي‘ ۽ نڪو هرڪو ’شاهه‘ آهي ۽ نه هرڪو ’عطار‘ نه هرڪو ’رومي‘ آهي نه هرڪو سچل سرمست! جن جي عمل ۽ اخلاق، قال ۽ حال کي بين الاقوامي شهرت حاصل ٿي چڪي آهي. تڪلف سا، ’ڪجهه بڻجي پوڻ، آسان آهي، پر پوري دنيا مڃي اٿي، اهو ته مشڪل مرحلو آهي.

        جيئن چون ٿا ته هڪ محب اهلبيت موالي پنهنجي دائري ۾ هميشه ويٺو صدائون هڻندو هو ته ’سر سيد تان صدقي‘، هڪ ڀيري، ڪنهن مصيبت زده ’سيد‘ اچي پاسو ڏنس. ۽ چيائينس ته ميان، تون هميشه کان پيو اهي صدائون هڻندو آيو آهين، اڄ ته اچي مون کي مدد ڪر، ۽ دشمنن سان وڙهه! جواب ۾ مواليءَ فرمايو! ’شاهه سائين قبلا، اوهان جا به انصاف آهن، ڪو گهر ۾ ويٺو.... هڻي ۽ ڳالهيون ڳڻي، ته ان تي به کڻي ٿا ڳنڍ ٻڌو!‘

        بلڪل اهڙيءَ طرح سان ’تنقيد براءِ تنقيد‘ ڪندڙ ناقد، جڏهن ڪو ٻيو ’وکر‘ نه ڪو پرکي ٿو سگهي نه ڪو سوڌي ٿو ڄاڻي، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن ’مواليءَ جي دانهن ۽ صدائن‘ تي تنقيد شروع ٿو ڪري. حالانڪه کين سمجهڻ گهرجي ته اڄ ڪُٽيءَ کائڻ وارا مجنون جام آهن. سچا پچا مجنون ته ويچارا توائي ٿي چڪا آهن. ڪوڙا ۽ اوباش، ’ڍَ وَ جون اٽون‘ پيا هڻن ۽ منصور وارا نعرا پيا بلند ڪن، منجهن نه منصور جو دم آهي ۽ نه حال. منصور ٿيڻ ڪا سٿري ۽ سولي ڳالهه ته نه آهي، ان لاءِ به مهانڊو گهرجي. پيالو چاڙهي، ڇير ڇمڪائي تندون وڄائي، کڙتالون کڙڪائي ته هرڪو منصور ٿي سگهي ٿو پر اهڙن ’سڌڙين‘ کي جڏهن ’ڪات‘ ٿو ڏيکارجي، تڏهن ايئن ٿا ڀڄن جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان! اڄوڪن ’منصورن‘ کي ڦاهي جي ويجهو آڻجي ته هوند روئي روئي کڻي رَڄَ ڪن! ڦاهيءَ کان اڳ همراهن جون ’هارٽ فيل‘ ٿي ويندو! ۽ وڃي برزخ ۾ پهچندا. اهڙن بيخبر، سڌڙين کي شبهي ۾ نه کڻي جهلين، ۽ ڪن کان وٺي ’سرڪڻ ڦاهيءَ‘ جي ويجهو آڻين ته پوءِ همراهن کي پتو پئجي ويندو ته گهڻين ويهين سو آهي. اهڙن لاءِ ئي شاهه فرمايو آهي:

سڌڙيا شرابن جون ڪوهه پچارون ڪن،

جهه ڪات ڪلالن ڪڍيا، موٽيو پوءِ وڃن،

پڪون سي پين، سر جنين جا سٽ ۾.

پِڪُن پيڻ وارا مرد ئي مري ويا، باقي:

اين مدعيان در طبلش بي خبر انند!

وڃي بچيا آهن. جن ۾ نه ڪو علم و ادب، نه فڪر و فهم، نه عشق نه اخلاص نه جلال نه جمال. رڳو ٽرڙي ڪڪڙ وانگر پيا بي هنگام ٻانگون ڏين. حافظ واهه جو چيو آهي:

اي مرغ سحر عشق ز پروانه بياموز.

        اهي ’ڪڪڙ ‘ رڳو ’ٽان ٽان‘ ڪري ڄاڻن، منجهن نه پرواني وارو سوز آهي نه ساز! پروانو سڙي خاڪ ٿي ويندو پر ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندو، يا نهائينءَ وانگر:

سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

        وانگر ئي صاحبِ حال رهندو، باقي قال جو ٻائيتال ته کٽڻ جو نه آهي، ناقد نه اهڙن ’مدعين ڪڪڙن‘ جي ’ٽان ٽان‘ ۽ دمزنيءَ تي ويهي ڪاڳر ڪارا ڪندا ۽ وقت وڃائيندا ته پوءِ انهن کي ڪير سمجھائيندو؟

        تنقيد جي لائق به اهو فن آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جو ڀرپور شعور موجزن هجي، جو انساني حيات جي سماجي ۽ فڪري مسئلن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي، باقي ’بي مقصد ٻُهَرا‘ ۽ ’بي معنيَ گندَ‘ تي مٿو کپائڻ ٿيندو؛ ’ڍنگهرن تي اٽو هارڻ‘، جنهن مان نه هوند نه شڪر!.

        ادب ۽ زبان، تعليمي نصاب ۽ مادري زبان جا مسئلا پيدا ٿيا. ۽ سنڌي تهذيب جي اشاعت ۽ حفاظت لاءِ جدوجهد جو دور پيدا ٿيو، پر اسان جي ڪُٽيءَ کائڪ مجنوئن، ۽ ٽان ٽان ڪندڙ منصورن مان هڪ به نه وڌيو، نه ڪو ڦاهيءَ تي چڙهيو! فقط شعر و شاعري ڪندا رهيا، صدارتون ٿينديون رهيون، ۽ خوشامدڙيا تعريف ۾ دهلڙيون ڪُٽيندا رهيا! ۽ اخبارن ۾ ڪار گذاريون اينديون رهيون. اهڙن فنڪارن کي جيئري ئي زنده درگور سمجهڻ گهرجي، نه سڄڻن کي آسرو نه دشمن کي ڀوء.

        اڄڪلهه جي تنقيد، کي اگر ترديد ۽ تضحيڪ، هجو ۽ تمسخر ڪوٺجي ته بجا آهي، کين اها ’پرک‘ به ڪانه آهي ته ڪهڙو ’وڙ ۽ وکر‘ پرکڻ جهڙو آهي، هو هر ’جنس‘ تي پيا جک ماريندا.

        ٻيو ته اڄوڪا نقاد، فن جي اصولي ۽ فروعي جاچ جوچ ۽ ڇنڊ ڇاڻ کان اول ايندا ذاتيات تي. پهرئين ئي ڌڪ سان، شخصيت کي لوئڻ ۽ بدنام ڪرڻ شروع ڪندا. فنڪار پوريءَ طرح لتاڙي، خوار خراب ڪري، ان ئي طرز انشاءَ ۽ اسلوب بديع سان، سندس ’فن‘ کي تختهء مشق بڻائيندا. ۽ ان ئي تلخ ۽ تُند، ترش ۽ اڻ سهائيندڙ لب و لهجي ۾ پنهنجي غلط ۽ بي وزن راءِ جو اظهار ڪري، قلم رکندا. سندن ان قسم جي راءِ کي نه ڪو صائب چئبو ۽ نه ڪو اهڙي تمسخر آميز ۽ جانبداراڻه تنقيد کي ڪو علمي ۽ ادبي سرمايهء فن ئي ڪوٺي سگهبو.

        اصل ۾، ناقد کي فنڪار جي ذات ۽ صفات سان، سندس مشرب ۽ مذهب سان، سندس مزاج ۽ طبيعت سان ته ڪو واسطو ئي نه رکڻو آهي. فنڪار هندو آهي يا مسلم، يهودي آهي يا مجوسي، ڪافر آهي يا ملحد، فاسق آهي يا ديندار، اڇو آهي يا ڪارو، چڱو آهي يا مَددو؛ ان جي قطع نظر، سندس پيش ڪيل ’فن‘ جو جائزو وٺڻو آهي. سندس شهپاري جي افاديت ۽ معيار کي پرکڻو آهي، فقط اهو ڏسڻو اهي ته لسانيات جي حيثيت سان، لغت جي حيثيت سان، انشاءَ ۽ صرف و نحُ جي حيثيت سان، اسلوب بيان جي حيثيت سان، ڪهڙا ڪهڙا سقم رهجي ويا آهن. ٻيو ته مواد ۽ ان جي انتخاب ۽ ترتيب ۾ ڪيتري ڪاوش ۽ علمي تحقيق کان ڪم ورتو ويو آهي، ٽيون ته اهو ’فن‘ پنهنجي هيئت توڙي موضوع جي لحاظ سان، سماج ۽ ان جي تقاضائن کي ڪيتري قدر پورو ڪري سگهيو آهي. انساني شعور جي بلنديءَ ۽ پاڪيزگيءَ لاءِ ڪهڙا ۽ ڪهڙي نموني ۾ صحتمند ۽ سلجهيل قدر پيش ڪري سگهيو آهي. ۽ ڪهڙن تهذيبي ۽ عمراني، تاريخي ۽ سماجي، فڪري ۽ اخلاقي مسئلن کي حل ڪڻ لاءِ عقده ڪسائي ڪري سگهيو آهي، ’فن‘ ڪٿي پنهنجي اصلي مقصد کان هٽي ويو آهي، يا سندس موضوع ڪيتري قدر پائمال، غير افادي، بيروح ۽ بي مقصد رهجي ويو آهي. نقاد جي منصبي فرائض ۾ اهو داخل آهي ته هو مذڪور بالا اصولن کي هر حال ۾ مدنظر رکي، ۽ فنڪار جي ذات سان ڪو به واسطو نه رکي.

        تنقيد جي انهن اصولن سان گڏ، نقاد تي اڃا هڪ ٻيو فرض به عائد رهي ٿو ته هو، تنقيد ۽ نڪتچينيءَ کي اصولي حدن اندر رکندي، تنقيد ۽ جائزي سان گڏ، مناسب ۽ موزون رايا ۽ مشورا به ڏيندو رهي، غلطين ۽ لغزشن جو ازالو به ڪندو هلي. فن جي ناقابلِ برداشت ڪجروين جي تلافي به ڪندو رهي. جيئن پڙهندڙ جو ذهن ’ڇا نه هئڻ گهرجي‘- سان گڏ ’ڇا هجڻ گهرجي ها‘- کان به واقف ٿيندو هلي. مطلب ته مثبت ۽ منفي - ٻئي پهلو پڙهندڙ جي اڳيان آڻڻ گهرجن، جيئن پڙهندڙ جو ذهن ڪا به فني طور تشنگي نه محسوس ڪري، نه ڪو ڪنهن هڪ قسم جي نظرياتي اثر ۾ تقليدي طور جڪڙجي وڃي، بلڪه ديانتدار ۽ قادرالڪلام، مشفق ۽ پخته نقاد جي ديانتداراڻه ڇنڊڇاڻ ۽ ڄاڻ سڄاڻ جي آڌار تي هو ڪجهه پاڻ به سوچي سگهي ۽ هو پاڻ به پرکڻ ۽ سڃاڻڻ جي لائق بڻجي سگهي. اها ’سوچ ۽ پرک‘ جي وَٿُ ئي ته آهي، جا هرڪو مصنف ۽ اديب، نقاد ۽ خطيب، ٻين ۾ پيدا ڪرڻ گهرندو آهي. ’فڪر‘ جي ان صلاحيت کي پيدا ڪرڻ لاءِ ئي ’علوم و فنون‘ جي اشاعت لاءِ مختلف ذريعا ۽ وسيلا پيدا ڪيا ويا آهن. شعر گوئيءَ ۽ افسانه نگاريءَ، ڊراما نويسيءَ ۽ تقرير ۽ تحرير جو اهو ئي هڪ مقصد آهي.

        بهرحال هن دور جي ’نقادن‘ کي پنهنجون تنقيدي صلاحيتون، تعمير ۽ ترقيءَ، زندگيءَ ۽ روشنيءَ لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن ۽ شخصي ۽ ذاتي رنجشن، ۽ رُسامن جي ڪشمڪش ۾ ’ادب ۽ فن‘ جهڙي زندگي بخش، اصلاحي ۽ تعميري موضوع کي غير افادي بڻائڻ جي هر ارادي ڪوشش کان باز اچڻ گهرجي، ’ذاتيات‘ ۾ الجهي، جو ڪجهه به لکيو ويندو ان کي تنقيد نه، پر تضحيڪ ۽ تمسخر ئي چئي سگهبو. يا ان لاءِ ڪو ٻيو فني نالو تجويز ڪرڻ گهرجي.

        سنڌ جي اخباربين احبابن کان اها ڳالهه لڪل نه آهي ته سنڌي اخبارن ۾، ان قسم جو دل آزار سلسلو ورهين کان شايع ٿيندو آيو آهي. ان سلسلي ۾ تازو، سنڌي اخبارن ۾ ’جواب ۽ جواب الجواب‘ ڇپجي رهيا آهن، پر ان قسم جي الزام دهيءَ ۽ تهمت تراشيءَ کي نه ڪو فني تنقيد چئي سگهجي ٿو ۽ نه ڪو صحتمند تبادلهء خيالات_ هڪ ٻئي جي جواب ۾، جا تلخ نوائي ۽ صفائي پيش ڪئي وئي آهي. ان کي:

ڪلوخ انداز را پاداش سنگ است،

        ته چئي سگهجي ٿو، پر ان کي فني ۽ اصلاحي جواب نٿو ڪوٺي سگهجي.

        اهڙين تنقيدن ۽ جوابن ۾، ڪيترن غير واسطيدارن کي پڻ لويو ويو آهي. نه ڪنهن جي ’اڇن وارن‘ جو لحاظ رکيو ويو آهي ۽ نه ڪنهن جي مخلصانه ڪاوش کي ئي مدنظر رکيو ويو آهي. محض لفظي تيرن،  طنز ۽ تمسخر، گارگند ۽ ذاتي ڇيڙڇاڙ کي ته ڪو به وزن ڪونه ملندو!

        جوانن جو چوڻ آهي ته جو ’پرائي پَٽَ کي هٿ وائيندو سو پنهنجو ريشم ضرور ڦاڙائيندو!‘ اهو بلڪل درست؛ پر علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نه ڪنهن جو آهي پَٽُ ۽ نه ڪنهن جو آهي ريشم! اگر ڪي اڳرائي ڪندا ته پوءِ ديرمدار سان پيا لوڙيندا، نوجوانن کي پنهنجن پوڙهن، جي احترام ۽ عزت متعلق ايترو آزاد نه ٿيڻ گهرجي، شاهه فرمايو آهي:

هو چوني تون مَ چئو واتئون ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

        ان طرح ’پوڙهن‘ کي به گهرجي ته هو پنهنجي ’اصلاحي ۽ اخلاقي‘ تحريرن کي ’احتياط ۽ اعتدال‘ جي دائري ۾ محدود ڪن. ورهين کان وٺي، انهن جي تنقيدي ڇيڙڇاڙ کي هن دور جا نوجوان برداشت ڪندا آيا آهن، سندن ڪفر آميز فتوائن کي به ٻڌاندا آيا آهن، ايئن نه ٿئي جو اهي نا تجربيڪار نوجوان، ڪو اهڙو سخت قدم کڻي ويهن، جنهن جي تلافيءَ جي ڪا صورت ئي باقي نه بچي.

        انهن ’پوڙهن‘ کي پنهنجي ’فن‘ ۽ ادبي خدمتن، تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، انهن جو ڪجهه ڪيو آهي، اهو غنيمت آهي، پر هن دور جون تقاضائون ئي بدلجي ويون آهن، هن دور ۾ ’فرسوده خيالات‘ جي پيش ڪرڻ جي ڪا به گنجائش نه رهي آهي. هي نئون دور آهي، ان دور جا مسائل به نوان ته وسائل به نوان. ان دور تي اهي لکن، جي ’جديد ۽ قديم‘ ٻنهي دورن تي حاوي هجن، جي اڄ نه رهيا آهن. ٻيو ته پوڙهن جي ’زبان‘ ۽ طرز بيان ۾ جا تلخي ۽ ترشي پيدا ٿي چڪي آهي، هي ان کي ختم ڪرڻ گهرجي، پنهنجي طرز انشاءَ ۾ نرمي ۽ شيريني، ميٺاج ۽ محبت پيدا ڪرڻ گهرجي، ايئن نه ٿئي جو ڪو ڪَلَ ٿڙيو، جوان، کين ايئن چئي ڏئي!:

اتني نه پڙها، پاڪئي دامان ڪي حڪايت،

دامن ڪو ذرا ديک، ذرا بند قبا ديک!

اڄڪلهه جا نوجوان، پراڻن ۽ پوڙهن جون جنم پتريون، ٺاهيو، کنيون ٿا گهمن، ۽ مڇرجي پيا آهن. سندن آزادانه سلسله ڪلام ۾ اهو به موجود آهي ته فلاڻي جو ڪلام، اصل ۾ فلاڻي شاعر تان چوري ڪيل آهي. فلاڻي جو گيت، فلاڻي فلمي گيت جو ترجمو آهي، فلاڻي شاعر جو فلاڻو نظم، فلاڻي رسالي ۾ ڇپيل آهي، فلاڻو غزل، فلاڻي شاعر جو آهي ۽ فلاڻي رسالي ۾ موجود آهي، فلاڻي جو فلاڻُو ڪتاب، فلاڻي ڪتاب جو اکر به اکر ترجمو آهي،_ بهرحال اهو ’فلاڻي ۽ فلاڻو‘ جو سلسلو نهايت طويل به آهي ۽ دل آزار به، اهو ختم ٿيڻ گهرجي، ان مان ڪو به فائدو نه رسندو.

        اهي نوجوان، اهي ڪوششون به ڪري رهيا آهن ته هو ان قسم جا فوٽو بلاڪ، ۽ ڪتابچه شايع ڪندا جن جو عنوان هوندو:

چه دلاور است دزدي ڪه به ڪف چراغ دارد!

        نوجوانن کي عرض آهي ته هو اهڙن تڪڙن قدمن کان باز رهن، ايئن ڪرڻ سان تلخي وڌندي، ۽ اجائي بدنامي ٿيندي، اگر ٻه چار ’پوڙها‘، سرقه جي الزام ۾ جهلجي پيا ته پوءِ ٻيءَ دنيا وارا کلندا ته سنڌي اديبن جو اجھو اهو حال آهي! جن جا وڏا ’چور‘ تن جي ننڍن جي ’ساڌ‘، هجڻ لاءِ ڪهڙي ثابتي ٿيندي!

        بهرحال سنڌ جي نوجوان اديبن ۽ پراڻن ۽ پوڙهن بزرگن کي عرض آهي ته هو باهمي ڪشيدگيءَ کي ختم ڪري، ڪنهن نڪتهء اعتدال ته پهچي کير کنڊ ٿي وڃن، ۽ گڏجي سنڌي ادب جي خدمت ڪن.

اَديبن ڏانهن

        ادب، ڇا آهي؟ اهو طول طويل بحث آهي، نه ان جي ڇيڙڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ان جي نبيرڻ لاءِ ڪا فرصت ئي آهي. پر ان ۾ ته ڪو ڪلام نه آهي ته اديب، جي اڳيان ’ادب‘ کي زنده ڪرڻ ۽ سندس زندگي بخش قدرن کي روشن ڪرڻ ۽ اجتماعي فڪر سان متعارف ڪرائڻ ۽ ان جي ذهني ۽ فڪري صلاحيتن کي پختگي ڏيڻ ئي عظيم مقصد آهي. سطحي ۽ لايعني، بيروح ۽ بيرنگ، بيڪار ۽ غير مفيد تحريرن ۽ فني ڪاوشن کي ادب ۽ ان جي افاديت سان وابسته ڪرڻ نهايت غلط فيصلو سمجهڻ گهرجي.

        اڄ ضرورت آهي ته نهايت اخلاص ۽ صداقت، مطالع ۽ ڪاوش کانپوءِ، فني ذميداريءَ کي محسوس ڪندي، پنهنجي نظريات ۽ افڪار کي پرکيون ۽ هن دور جي مقتضيات کي سمجهون ۽ ان کان پوءِ پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪاوشن کي پيش ڪريون.

        ’ادب‘ تڏهن ’افادي ۽ تعميري‘ ٿيندو جڏهن دماغي عيش پسنديءَ ۽ جذبات نگاريءَ سطحي خيال آرائيءَ کان ڪجهه هٽي ڪري، انسان جي ’روح ۽ فڪر‘ لاءِ ڪو ڪارائتو ۽ زندگي بخش مواد گڏ ڪيو وڃي. پوءِ ڀلي ته اهو ٿورو ئي هجي، پر افاديت ۽ صحتمند هجڻ جي حيثيت سان ڳورو هجي، اهي ڀلي رنڍا ئي روڙيل هجن، پر ’چاهت‘ جا هجن، پر ’چائت جا نه هجن! اهو ڪجهه پيش ڪرڻ گهرجي جو علم ۽ فن جي دنيا ۾ وڌي ويجهي، وڻي ۽ رنگ پيدا ڪري. نظرياتي تنوع سان گڏ ذوق وارن لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو زندگيءَ کي سمجهن، ان جي وسيع تعلقات کي پروڙين، ان جي معاشرتي، تمدني ۽ اخلاقي ۽ اصلاحي، ديني ۽ تهذيبي قدرن کي ڇنڊن ۽ ڇاڻن، ۽ پوءِ نهايت احترام ۽ احتياط سان سنجيدگيءَ ۽ پختگيءَ سان ٻين لاءِ لکڻ جي ڪوشش ڪن.

        ’اديبن‘ لاءِ هن نازڪ ۽ اهم موڙ تي پهچڻ کان پوءِ علمي ۽ فڪري، سماجي ۽ اخلاقي مسئلن کي زير بحث ضرور آڻڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ آثباتي ذهن، جي پيدا ڪرڻ ۽ شعور جي پاڪيزگيءَ ۽ بلند نظريءَ جو مقصد به ضرور اڳيان رکڻ گهرجي.

        ايئن بيشڪ آهي ته علمي ۽ نظري مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي هر عالم ۽ فنڪار ڪنهن حد تائين ڪجهه آزاد ضرور آهي، ڀلي هو ڪنهن به ڏکڻي ۽ دقيق مسئلي تي قلم کڻي، پر فڪر جي آزاديءَ جو اهو مطلب هرگز نه هئڻ گهرجي ته هو هروڀرو هر موضوع تي ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکي ۽ نه ڪو اهو لازم آهي ته هر ڪو عالم ۽ اديب، هر مسئلي تي پوري يقين ۽ صحت سان بحث به ڪري سگهي ٿو. ’هر ڪسي را بهرڪاري ساختند‘.

        بيشڪ اهم ۽ نازڪ مسئلن لاءِ وڏن عالمن ۽ اديبن کي قلم کڻڻ جي ضرورت آهي، پر جي اهي سُستي ڪندا ته پوءِ ناقص العلم ۽ ڪوتاهه فهم ماڻهو ئي اچي اهڙن علمي چيزن کي تختهء مشق بڻائيندا، جنهن مان نه هوند نه شڪر! پئسا به زيان ته ڪاغذ به ڪارا! ان مان نه ڪا ادب جي تعمير ٿيندي، ۽ نه ڪو معلومات ۾ اضافو ٿيندو.

        ’اديب‘ ۽ فنڪار دوستن لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو موضوع جي اهميت سان گڏ پنهنجي مطالع ۽ فڪري صلاحيتن جو به جائزو وٺن. هروڀرو هر فن ۽ هر موضوع ۾ ڪاهي پوڻ سان ته نه ڪو ’ادب‘ وڌندو ۽ نه ڪا تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ خدمت ئي ٿي سگهندي!

        اديبن لاءِ اهو به ضروري آهي ته هروڀرو فرضي مسئلن ۽ تخيلاتي معاملن ۾ نه پاڻ کي الجهائين ۽ نه ڪو پڙهندڙن جو مٿو رُلائين. اڄڪلهه جن دماغي ڌڪن ۽ سطحي تحريرن کان بهتر آهي ته لکڻ کي ڇڏي، رڳو پڙهڻ تي زور ڏجي، علم ۽ فڪر جي پختگيءَ کان پوءِ ئي لکڻ ڪارائتو ٿيندو.

        ’اديبن‘ لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو ابتذال ۽ سطحي چيزن کان بچڻ جي ڪوشش ڪن. اجائي هاءِ گهوڙا. مرعوب ڪُن انداز بيان، طنز  مزاح جي دلخراش لب و لهجي کان به پرهيز ڪرڻ گهرجي. فڪري تطهير ۽ ذهني تعمير لاءِ سنجيدگيءَ ۽ سنئين سڌي ڳالهه پيش ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به انداز چڱو نٿو ثابت ٿئي.

        ان سان گڏ ’مايوسي ۽ جمود‘ کي به هروڀرو چنبڙي نه پوڻ گهرجي، تعميري ۽ اثباتي نشونما لاءِ اهڙيون تحريرون هئڻ گهرجن، جي فڪر ۽ نظر کي گرمائين! حدت ۽ حرارت پيدا ڪن!

        افسانه نگاري هڪ عظيم فن آهي، پر اڄڪلهه هر افسانه نگار نڪو معياري آهي ۽ نڪو حقيقت پسند! ۽ ان سان گڏ اجائي ۽ بي معنيَ طوالت ۽ ابتذال، جنسي تلذذ ۽ لفاظيءَ سان گڏ پراڻي داستان سرائي ۽ انشاءَ پردازيءَ کي به بدلائڻ گهرجي. بهرحال موضوع سان گڏ اصلوب جي اصلاح ۽ تبديل به ضروري امر آهي.

        اهي مقالا جن مان نڪو معلومات وڌي ۽ نڪو فن جو ڪو ادنيٰ مفاد حاصل ڪري سگهجي، ان کان بهتر آهي ته ڪجهه نه لکجي. ان جي مقابلت سکجي، پروڙجي ۽ پڙهجي! پر  جي هروڀرو لکڻ تي اچجي ته پوءِ قوم ۾ اجتماعي ڪردار پيدا ڪرڻ لاءِ لکجي ۽ قوم کي سندس ضمير ۽ نظرياتي اصولن ڏانهن ويجهي آڻڻ جي ڪوشش ڪجي.

        شاعرن لاءِ به ضروري آهي ته ڪجهه سوچين ۽ پروڙين، اڄوڪي ماحول کي جاچين ۽ پوءِ پنهنجي زندگي بخش فن سان ان کي سنوارين ۽ سينگارين.

        اهو به ضروري آهي ته اهو ڪجهه لکيو وڃي جنهن سان اسان جي ضمير جي آبياري ٿئي، فڪر ۾ جامعيت اچي، ثقافت کي تازگي رسي ۽ ذهن ۾ صفائي پيدا ٿئي.

        آخر ۾ ايترو عرض ڪندس ته اسان کي اهڙو ڪو به واجبي ۽ جائز سبب نظر نٿو اچي جو ويهي ان مسئلي جي ڇنڊڇاڻ به ڪريون ته ’صحتمند ادب‘ ڪهڙو ۽ تباهه ڪندڙ ادب ڪهڙو؟ ان فرق کي نه سمجهندڙ ’اديب‘ جي صحت بخش ادب نه پيدا ڪري سگهن ته پوءِ اهڙن لاءِ ماٺ ڀلي آهي. ـــــــــ غ.م.گ

 *-----------*-----------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com