سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :11

محمد پنهل ڏهر

 

خانقاه عاليه ڀرچونڊي شريف جي ڪتبخاني ۾

قرآن مجيد جي قلمي نسخن جو ناياب ذخيرو

 

ديني ۽ روحاني تعليم و تربيت ۽ رُشد و هدايت جي لحاظ کان سنڌ جي مشهور معروف خانقاه عاليه ”ڀرچونڊي شريف“، شهر ڏهرڪي (ضلعو گهوٽڪي) کان تقريباً چار ڪلوميٽر اُتر طرف آهي. هن خانقاه جو بنياد وقت جي جيد عالم، مفڪر ۽ روحاني رهبر حضرت حافظ محمد صديق رحه (وفات 1308هه) رکيو هو.

هن خانقاه عاليه جي عظيم الشان ڪتبخاني جو بنياد پڻ علامہ حافظ صديق رحه جن ئي وڌو هو. اُن ۾ هن وقت به ڇپيل ڪتابن جو تعداد تقريباً ٽي هزار آهي ۽ قلمي نسخن ۾ قرآن پاڪ جي نسخن کان سواءِ ٻيا 17 عربي ۽ 23 فارسي جا نسخا موجود آهن. اهي سمورا نسخا حديث، فقہ تصوف، منطق، سير، صرف و نحو ۽ طب وغيره جي موضوعات متعلق آهن.

خانقاه عاليه جي انهيءَ ڪتبخاني ۾ مٿي ڄاڻايل عربي ۽ فارسي جي 40 قلمي نسخن سان گڏ قرآن پاڪ جا 46 ۽ قرآن پاڪ جي تفسير جا ٽي متبرڪ نسخا پڻ موجود آهن. جيئن ته هن ڪتبخاني ۾ موجود قلمي نسخن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد قراڻ پاڪ جي نسخن جو آهي، تنهنڪري هيٺ صرف قرآن پاڪ جي اُنهن قلمي نسخن جو تفصيلي تعارف پيش ڪجي ٿو ته جيئن آئنده جا محقق ۽ مؤرخ انهيءَ ڪتبخاني ۾ موجود قرآن پاڪ جي انهيءَ قيمتي ۽ ناياب قلمي نسخن جي عظيم ذخيري کان واقف ٿي سگهن ۽ تحقيق ڪرڻ دوران کين ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.

اُنهن متبرڪ  قلمي نسخن جي تعارف کان اڳ هي ڄاڻائڻ ضروري آهي ته قلمي نسخن جي ڪئٽلاگ تيار ڪرڻ جي اصول مطابق هر هڪ نسخي جا صفحا ڄاڻائڻ لازمي هوندا آهن، ليڪن هن فهرست ۾ قرآن پاڪ جي انهن نسخن جا صفحا نه ڄاڻايا ويا آهن (سواءِ اُنهن چند نسخن جي، جن تي ڪاتبن پاران صفحا لکيل آهن)، جنهن جو سبب اهو آهي ته اُنهن نسخن مان تقريباً گهڻن نسخن تي ڪاتبن طرفان صفحا لکيل ئي ڪونه آهن ۽ اهي نسخا ڪتابت جي ڪري ۽ گهڻو ڪري ٿلهن اکرن جي لکائي سبب ضخامت ۾ گهڻو وڌيل آهن، تنهنڪري وقت ٿورائيءَ سبب اُنهن سڀني نسخن جي صفحن جي ڳڻپ ممڪن ٿي ڪانه سگهي.

ڪئٽلاگ جي اصول موجب، اهو به ضروري هوندي آهي ته هر هڪ نسخي جي شروع ۽ آخر واري عبارت مان چند سٽون ڄاڻايون وينديون آهن، ليڪن هتي ائين نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ قرآن پاڪ جا نسخا آهن، جنهنڪري هر هڪ نسخي جي شروعات لازماً ”سورةفاتحه“ سان ۽ خاتمو ”سورة الناس“ سان ٿيل آهي، جنهن کي هتي بار بار دهرائڻ مناسب نه سمجهيو ويو. البته جنهن نسخي جي اول يا آخر ۾ سورة فاتحه يا سورة الناس کان سواءِ ٻي ڪا عبارت لکيل هئي ته اُن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ۽ جيڪو نسخو اول يا آخر کان يا ٻنهي طرفن کان ناقص هو ته پوءِ اهڙن نسخن جي شروع ۽ آخر وارين ”آيتن“جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي.

هن ڪتبخاني جي ڇپيل خواه قلمي نسخن جي داخلا جو ڪوبه رجسٽر وغيره نه آهي، تنهنڪري هن فهرست ۾ شامل قرآن پاڪ جي سڀني نسخن تي ڪتبخاني طرفان ڪوبه داخلا نمبر لڳل نه آهي. چنانچه، هن فهرست ۾ شامل هر هڪ نسخي جو سيريل نمبر (1 کان 46) راقم طرفان طئه ڪيو ويو آهي ۽ اهو ئي ساڳيو سيريل نمبر ڪتبخاني ۾ موجود قرآن پاڪ جي سڀني نسخن تي پڻ تازو راقم پاران ئي سڃاڻپ خاطر لکيو ويو آهي.

قرآن مجيد جا نسخا:

 

نسخو، 1:

سائيز،ڊيگهه 23 + ويڪر 14 س م/لکيل تختي جي سائيز،ڊيگهه ساڍا 12 + ويڪر ساڍا 8 س م.

ڪاتب: نا معلوم/ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره ڪونه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: شروع کان وٺي 88 صفحن تائين، هر هڪ صفحي جي چوڌاري ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل ۽ هر هڪ صفحي تي شروعاتي، وچين ۽ آخري سِٽ به ڳاڙهي مس سان ۽ اعراب به ڪٿي. ڪٿي ڳاڙهي مس سان ڏنل آهن. صفحي 89کان وٺي آخر تائين بارڊر ڏنل نه آهي. متن تي ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. چرمي جلد چڙهيل آهي ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 2:

سائيز ڊيگهه 22 + ويڪر ساڍا 12 س م/ لکيل تختي،ڊيگهه 17 + ويڪر ساڍا 8 س م.

ڪتاب: نا معلوم/ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 16.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو گلڪاري بارڊر سان آهي، بارڊر ۾ ڳاڙهي ۽ ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. باقي صفحا سادي ڳاڙهي بارڊر سان آهن. سڀني صفحن تي بيهڪ جون نشانيون[1] ۽ لفظ ”الله“ ڳاڙهي مس سان لکيل آهي، باقي متن تي ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. صورتخطي سٺي آهي. پڪو جلد چڙهيل اٿس ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 3:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 23 + ويڪر 15 س م/ لکيل تختي: ڊيگهه 19 + ويڪر ساڍا 10 س م.

ڪاتب: نا معلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل .

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره وارو پهريون صفحو گلڪاري بارڊر سان آهي. بارڊر ۾ ڳاڙهي ۽ ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. بقايا ٻيا سڀ صفحا سادي ڳاڙهي بارڊر سان آهن ۽ متن تي ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. صرف بيهڪ واريون نشانيون ڳاڙهي مس سان ڏنل آهن. هي نسخو آخر ۾ ناقص آهي. ”سورة لهب“ تائين مڪمل آهي، جلد چرمي اٿس ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 4:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 19 + ويڪر 12 س م/ لکيل تختي،ڊيگهه 15 + ويڪر ساڍا 8 س م.

ڪاتب: آخري صفحي تي ڪاتب جو نالو ۽ سن ڪتابت هن طرح ڄاڻايل آهي:

(ڪلمي طيب ۽ درود شريف کان پوءِ)، قد وقع الفراغ من التابة المصحف الشريف في يوم اربع في تاريخ اربعة عشر، شهر جماالثاني سن 1273، بيد فقير حقير راجي الي رحمة الله تعاليٰ سيد غلام مصطفيٰ. (ان کانپوءِ دعا ختم القرآن آهي.)

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو ۽ سورة بقره وارو پهريون صفحو بهترين نقش نگاري بارڊر سان آهي. بارڊر ۾ ڳاڙهي، ڪاري ۽ هيڊي مس استعمال ٿيل. بعد وارا سڀ صفحا سادي ڳاڙهي بارڊر سان، متن تي ڪاري مس استعمال ٿيل، صرف بيهڪ جون نشانيون ڳاڙهي مس سان ڏنل آهن. آخري چند صفحا اڏوهي کاڌل ۽ آخري چار صفحا اڌ کان ڦاٽل آهن. صورتخطي سٺي، حالت ڪجهه زبون.

 

نسخو، 5:

سائيز: ڊيگهه 22 + ويڪر 14 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 18 + ويڪر 10 س م.

ڪاتب: نا معلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 17.

وڌيڪ ڪيفيت: شروع کان ناقص. سورة فاتحه ۽ سورة بقره جا پهريان چند صفحا ڦاٽل آهن.

شروع ”الَّذِي سُتَو قَدَنَاراًه فَلَمَّا اَضَاَءَت مَاحَولَہ ذَهَبَ (سورة بقره، پاره 1، آيت 17.)

هر هڪ صفحو سادي ڳاڙهي بارڊر سان، هر هڪ صفحي تي لفظ ”الله“ ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي، باقي ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. پڪو چرمي جلد ۽ حالت ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 6:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 12 + ويڪر ساڍا 8 س م/ لکيل تختي،ڊيگهه 10 + ويڪر ساڍا 5 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل .

صفحا: 512/ هر هڪ صفحي تي سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: هي نسخو ننڍي سائيز ۾ يعني حمائل شريف آهي ۽ مڪمل هر هڪ صفحو پلاسٽڪ ڪوٽنگ ٿيل آهي. هي نسخو هميشه حضرت حافظ محمد صديق رحه جن پاڻ سان گڏ رکندا هئا. سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو خوبصورت سُنهري گلڪاري واري بارڊر سان مزين آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي. هر هڪ صفحي تي (هر آيت جي ختم ٿيڻ جو نشان) سنهري رنگ سان ڏنل آهي، باقي سموري متن ۾ ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. صورتخطي خوبصورت اٿس. پڪو جلد اٿس ۽ حالت ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 7:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 26 + ويڪر ساڍا 25 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 20 + ويڪر 13 س م.

ڪاتب: نا معلوم / ڪتابت جو هنڌ ۽ سن نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو رنگين بارڊر سان. انهيءَ بارڊر ۾ ڳاڙهو، ڦڪو،  نيرو، خاڪي ۽ ڪارو رنگ استعمال ٿيل آهي. باقي ٻين سڀني صفحن جي چوڌاري ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان سادو بارڊر نڪتل آهي. هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون، لفظ الله ۽ هر هڪ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ۽ باقي متن ڪاري مس ڪم آندل آهي.

صورتخطي سٺي آهي. جلد چرمي ليڪن حالت زبون آهي.

 

نسخو، 8:

سائيز: ڊيگهه 25 + ويڪر ساڍا 15 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 20 + ويڪر ساڍا 11 س م.

ڪاتب: آخر ۾ ڪلمي طيب کان پوءِ ڪاتب جو نالو هن طرح ڄاڻايو ويو آهي. ”اِني قرآن فتي لنوشي دوپاره... ڪاتب فقير حقير پر تفصير خاڪ پاءِ عالمان وفاضلان وعبدان و استادان غريب قاشم بن عالي قوم ڪوته.“ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره ڪونه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 17.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو رنگين بارڊر سان آهي. بارڊر ۾ ڳاڙهو، ڪارو ۽ هيڊو رنگ استعمال ٿيل آهي. باقي سمورا صفحا ڳاڙهي سادي بارڊر سان آهن. متن تي ڪاري مس استعمال ٿيل آهي، صرف هرهڪ صفحي تي لفظ الله ۽ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. آخري ٻن پارن جي صورتخطي معمولي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شايد اهي ٻه پاره پهريائين ختم ٿي ويا هئا، جو بعد ۾ وري ڪنهن ٻئي اهي لکي ڇڏيا آهن. شروع کان وٺي 28 پاري تائين سڀ ورق هڪئي (پهرئين) ڪاتب جا لکيل آهن، جنهن جي صورتخطي تاهم سٺي  آهي. جلد پڪو اٿس ۽ حالت ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 9:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 22 + ويڪر ساڍا 15 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 17 + ساڍا 11 س م.

ڪاتب: نه ڄاڻايل / ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره به نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة تافحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو سادي ويڪري بارڊر سان آهي. بارڊر ۾ ڪاري ۽ ڳاڙهي مس استعمال ٿيل، ٻيا سڀ صفحا سادي ڳاڙهي بارڊر سان آهن. هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون، ۽ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. باقي سمورو متن ڪاري مس سان لکيل آهي. آخري پنج صفحا ڪنهن ٻئي ڪاتب بعد ۾ لکيا آهن. آخري ڪجهه صفحا اڏوهي جا کاڌل آهن. صورتخطي سادي آهي. چرمي پڪي جلد ۾ محفوظ آهي، حالت بهتر اٿس.

 

نسخو، 10:

سائيز: ڊيگهه 27 + ويڪر 8 س م/ لکيل تختي - ڊيگهه ساڍا ايڪيهه + ويڪر ساڍا ٻارنهن س. م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره به ڄاڻايل نه آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 17.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو سادي ويڪري بارڊر سان آهي. بارڊر ۾ ڳاڙهي ۽ هيڊي مس استعمال ٿيل، باقي ٻيا صفحا سادي ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. آخر وارا 34 صفحا ڪنهن ٻئي ڪاتب بعد ۾ لکيا آهن. هن جي صورتخطي اصل ڪاتب کان سٺي نه آهي. اصل ڪاتب جي صورتخطي بهترين آهي. اهي آخر وارا 34 صفحا ڪاري مس جي بارڊر سان آهن. چرمي جلد سان حالت سُٺي اٿس.

 

نسخو، 11:

سائيز ڊيگهه 25 + ويڪر 15 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 17 + ويڪر 10 س م.

ڪاتب: نامعلوم / ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره به نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 12.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة  فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو خوبصورت رنگين بارڊر سان. بارڊر ۾ سُنهري، ڳاڙهو، ڪارو ۽ خاڪي رنگ استعمال ٿيل آهي، باقي ٻين صفحن تي به ڪاري هيڊ سنهري رنگ سان بارڊر نڪتل آهي. هر هڪ صفحي تي، هر هڪ سٽ جي هيٺيان به ڪاري ۽ هلڪي هيڊي رنگ سان خوبصورت لڪير ڏنل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي باقي سمورو متن ڪاري مس سان آهي. صورتخطي تمام بهترين آهي. آخر ۾ هڪ خالي صفحي تي هن نسخي جي مالڪ جو نالو ”فقير محمد ولد قبول فقير“ ڄاڻايل آهي ۽سندس مهر به لڳل آهي. پڪو چرمي جلد چڙهيل ۽ حالت ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 12:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 21 + ويڪر 13 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 180 + ويڪر 11 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 15.

وڌيڪ ڪيفيت: هن نسخي جا شروع وارا 47 صفحا ۽ آخر وارا ٻه صفحا شايد بعد ۾ ختم ٿي ويا، جو ڪنهن ٻئي ڪاتب بعد ۾ وري اهي صفحا لکي ڪري هڻي ڇڏيا آهن. اصل ڪاتب جي صورتخطي تمام سٺي آهي. البته بعد واري ڪاتب جي لکائي ايتري سُٺي نه آهي. ٻئي ڪاتب جي لکيل صفحن ۾ سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو سادي ڳاڙهي بارڊر سان آهي ۽ سندس لکيل ٻيا صفحا به ڳاڙهي بارڊر سان آهن. انهن صفحن مان صفحو 17 ۽ 18 تقريباً ڦاٽل آهن. اصل ڪاتب جا لکيل صفحا ڳاڙهي بارڊر سان آهن،  سندس لکيل هر هڪ صفحي جي پهرين وچين ۽ آخري سِٽ، بيهڪ جون نشانيون، سورة جو نالو ۽ لفظ الله به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. باقي سموري متن تي ڪاري مس استعمال ڪئي ويئي آهي. اصل ڪاتب جا لکيل ڪيترائي صفحا زبون ٿي چڪا آهن، جنهنڪري بعد ۾ ڪنهن ٻئي ڪاتب انهن هنڌن تي ٻئي ڪاغذ تي نئين سر لکي، ان کي انهيءَ جاءِ تي لڳائي ڇڏيو آهي. جلد پڪو چڙهيل اٿس، حالت ڪجهه زبون اٿس.

 

نسخو، 13:

سائيز ڊيگهه 17 + ويڪر ساڍا 11 س م / لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 13 + ويڪر 8 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 9.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو رنگين بارڊر سان آهي. بارڊر ۾ ڪارو، هيڊو ۽ ڳاڙهو رنگ استعمال ڪيل آهي. ٻين صفحن تي ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. هر صفحي تي بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي، باقي متن ڪاري مس سان آهي. هي نسخو آخر ۾ ناقص آهي. آخري صفحي جي آخري عبارت هئي اٿس، ”غُلٰماً فَقَتَلَہٗ قَالَ اَقَلُتَ نَفساً زَڪِيَّةً، بِغَيُرِ نَفُسِ لَقَد جِئُتَ شَيئاًنُّکُراً.. (پاره 15 سبحٰن الذي، سوره الڪهف، آيت 74). انهي صفحي جي ٻئي طرف کان ڪنهن ٻئي شخص ”سورة النصر“ لکي ڇڏي آهي. صورتخطي سٺي آهي. جلد پڪو چرمي اٿس ۽ حالت ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 14:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 14 + ويڪر ساڍا 10 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 10 + ويڪر 7 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي تي سٽون، مختلف صفحن تي مختلف تعداد.

وڌيڪ ڪيفيت: هي نسخو اول ۽ آخر کان ناقص آهي. هن جي شروع واري 29 صفحن تي وظيفا وغيره لکيل آهن. ان کانپوءِ هن جي شروعات ”سورة يوسف“ سان ڪئي ويئي آهي. ان بعد سورة ڪهف، سورة رحمٰن ۽ چند ٻيون سورتون لکيل آهن، سورتن وارا سڀ صفحا تقريباً 197 آهن. جنهن ڪري بدر ۾ ڪنهن ٻئي شخص آهن ڦاٽل ورقن تي ٻيو ڪاغذ هڻي اُهي الفاظ دوباره لکي ڇڏيا آهن. انهن سورتن وارن هر هڪ صفحي تي سورة نالو بيهڪ جون نشانيون ڳاڙهي مس سان ڏنيون ويون آهن، باقي متن ڪاري مس سان لکيو ويو آهي. سورتن کان پوءِ تقريباً 23 صفحن تي درود شريف، چند عربي دعائون، قرآني آيتون، وظيفا ۽ تعويذات لکيل آهن. هي نسخو زبون حالت ۾ آهي.

 

نسخو، 15:

سائيز: ڊيگهه 24 + ويڪر 14  س م / لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا ڏهه + ويڪر ساڍا 10 س م.

ڪاتب نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون17.

وڌيڪ ڪيفيت: هن نسخي جا شروع 23 ۽ ٻه آخري صفحا ختم ٿي ويا هئا، جنهنڪري بعد ۾ ڪاتب اهي صفحا لکي اڳيان ۽ پويان هڻي ڇڏيا آهن. سورة فاتح (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي ويڪري بارڊر سان آهي. بعد واري ڪاتب جي لکيل ٻين صفحن جا بارڊر به ڳاڙهي مس سان نڪتل آهن. بيهڪ جون نشانيون ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان ڏنل آهن، باقي متن تي ڪاري مس استعمال ڪئي ويئي آهي. ان کانپوءِ اصل ڪاتب جي لکيل سڀني صفحن تي به بارڊر ڳاڙهي مس سان ڏنل آهي، ۽ هر هڪ صفحي تي لفظ الله به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. اصل ڪاتب جي صورتخطي تمام سُٺي آهي. جلد پڪو چرمي اٿس ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 16:

سائيز: ڊيگهه 25 + ويڪر ساڍا 15 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 19 + ويڪر 11 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتاتب جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: شروع ۾ پنجن صفحن تي فارسي نظم ۽ عربي ۾ دعا وغيره لکيل آهي. ان کان پوءِ سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو خوبصورت گلڪاري سان آراسته آهي. گلڪاري ۾ سنهري ڳاڙهي ۽ ڪاري مس استعمال ٿيل آهي، باقي ٻين صفحن تي ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان بارڊر نڪتل آهي. شروع وارن 36 صفحن تي متن جي هيٺيان ڳاڙهي مس ۾ فارسي ترجمو به ڏنو ويو آهي. صفحي 37 جي صرف متن جي چئن سٽن جي فارسي معنيٰ ڏني ويئي آهي. اهڙيءَ طرح صفحي 66 جي آخري ٻن سٽن، صفحي 67 جو مڪمل ۽ صفحي 68 جي صرف ستن سٽن جو فارسي ترجمو ڏنو ويو آهي. ۽ وري صفحي 77 ۽ 78 جو مڪمل ترجمو، صفحي 79 جي صرف ٽن سٽن صفحي 80 جي چند لفظن جو، صفحي 81 جو مڪمل، صفحي 84 جي چنڊ لفظن جو، صفحي 85 جي چار سٽن جو صفحي 87 جي چند لفظن جو، صفحي 90 جي به چنڊ لفظن جو، صفحي 98 جي صرف هڪ سٽ جو فارسي ترجمو متن جي هيٺيان ڏنو ويو آهي ۽ اڳتي به چند صفحن جي چند لفظن يا سٽن جو فارسي ترجمو ڏنو ويو آهي.

صفحي 37 کان پوءِ به ڪاتب طرفان فارسي ترجمي ڏيڻ جو ارادو هو، ليڪن ائين نه ڪري سگهيو. صفحي 105 تائين صفحو نمبر به لکيو ويو آهي ۽ سورة جو نالو به لکيو اٿس، ليڪن اڳتي ائين نه لکي سگهيو آهي.

ڪاتب هر هڪ سورة جو نالو ۽ ڪٿي ڪٿي متن جي ڪا سٽ به ڳاڙهي مس سان لکندو ويو آهي، باقي سارو متن ڪاري مس سان لکيل آهي. آخر ۾ چند ننڍين  سورتن جهڙوڪڙ: العصر، الهمزه، الفيل، الم ترڪيف، القريش، اراءيت الذي، الڪوثر، الڪافرون، الفتح، اللهب، الاخلاص، الفلق ۽ الناس جي متن جي هيٺيان به فارسي ترجمو ڏنو ويو آهي. اُن کان پوءِ هڪ صفحي تي دعا ختم القرآن ۽ آخري صفحي تي فارسي ۾ هڪ عبارت ۽ هڪ تعويذ لکيل آهي. هن نسخي جي صورتخطي سٺي آهي ۽ حالت به ٺيڪ اٿس ۽ مٿس چرمي جلد چڙهيل آهي، جيڪو ڦاٽي چڪو آهي.

 

نسخو، 17:

سائيز: ڊيگهه 24 + ويڪر ساڍا 15 س م / لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 18 + ويڪر ساڍا 10 س م.

ڪاتب: نا معلوم / ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره ڪونه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جي پهرئين صفحي تي متن جي هر هڪ سٽ جي هيٺيان ڳاڙهي مس سان ليڪ ڏنل. انهن ٻنهي صفحن جا بارڊر به ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان نڪتل آهن. اهڙيءَ طرح سان باقي ٻين صفحن جا بارڊر به ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان سادي نموني نڪتل آهن. هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان آهي، باقي متن ڪاري مس سان آهي. صورتخطي سُٺي اٿس. جلد پڪو چڙهيل اٿس، ليڪن ڦاٽل آهي. حالت ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 18:

سائيز: ڊيگهه 25 + ويڪر 17 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 20 + ويڪر ساڍا 12 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره ڪونه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 14.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه کان وٺي آخر تائين ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. سورة فاتحه ۽ سورة بقره جي صرف پهرئين صفحي تي متن جي هر هڪ سٽ هيٺيان ڳاڙهي مس سان لڪير نڪتل آهي. هن نسخي جا شروع وارا 12 صفحا پاڻي لڳڻ سبب ٿورا ڦاٽل آهن. هن نسخي جا شروع وارا پهرئين ڪاتب جا لکيل 13 صفحا ڦاٽي ويا هئا، جنهنڪري پوءِ ڪنهن ٻئي ڪاتب اهي صفحا لکي نسخي سان ڳنڌي ڇڏيا آهن. ان کان علاوه نسخي جا ڪجهه ٻيا صفحا به ڪن جاين تان ڦاٽي ويا آهن، تنهنڪري بعد ۾ ٻئي ڪاتب اهي لفظ ڪنهن ٻئي ڪاغذ تي لکي وري انهي ساڳي ڦاٽل جاءِ تي هڻي ڇڏيا آهن. انهيءَ ٻئي ڪاتب جي صورتخطي تمام سٺي آهي. اصل ڪاتب هر هڪ صفحي پهرئين، وچين ۽ آخري سٽ، سورة جو نالو ۽ بيهڪ جون نشانيون ڳاڙهي مس سان ڏنيون آهن. آخري ٻن صفحن تي متن جي هر هڪ سٽ جي هيٺيان ڳاڙهي مس سان ٻه لڪيرون ڏنيون آهن. باقي سارو متن ڪاري مس سان لکيل آهي. جلد پڪو، اٿس ليڪن اهو زبون ٿي چڪو آهي. هن نسخي جي حالت زبون آهي.

 

نسخو، 19:

سائيز: ڊيگهه 20 + ويڪر 14 س م / لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 14 + ويڪر 10 س م.

ڪاتب نامعلوم /ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون11.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو دلڪش گلڪاري سان آراسته آهي. گلڪاري ۾ نيري، ڳاڙهي ۽ ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. باقي سڀني صفحن تي ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. سورة جو نالو ۽ بيهڪ جون نشانيون به ڳاڙهي مس سان ڏنيون ويون آهن ۽ هر هڪ صفحي تي بسم الله جي هيٺيان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان ٻه ٻه لڪيرون ڏنل آهن. متن ڪاري مس سان لکيل آهي. آخري ٻن صفحن تي دعا ختم القرآن لکيل آهي. هن نسخي جي صورتخطي سٺي آهي. حالت ٺيڪ اٿس ۽ مٿس چرمي ۽ ڪپڙي جو جلد چڙهيل آهي، جيڪو زبون ٿي چڪو آهي.

 

نسخو، 20:

سائيز: ڊيگهه 24 + ويڪر 15 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 17 + ويڪر ساڍا 9 س م.

ڪاتب: نا معلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره ڄاڻايل نه آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو بهترين نقش و نگار سان آراسته آهي. نقش نگاري ۾ هيڊو، ڳاڙهو ۽ ڪارو رنگ استعمال ڪيو ويو آهي. ٻين سڀني صفحن تي ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان بارڊر نڪتل آهي. سورة جو نالو ۽ بيهڪ جون نشانيون به ڳاڙهي مس سان ڏنل آهن. باقي سمورو متن ڪاري مس سان رکيل آهي. هن نسخي جا شروعاتي ٻه ورق ۽ آخري چند ورق جدا ٿيل آهن ۽ ضعيف حالت ۾ آهن. صورتخطي سٺي آهي ۽ مٿس چرم ۽ ڪپڙي جو پڪو جلد چڙهيل آهي.

 

نسخو، 21:

سائيز: ڊيگهه 29 + ويڪر 20 س م / لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 22 + ويڪر 13 س م.

ڪاتب: نا معلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: هي نسخو اول ۽ آخر کا ناقص آهي. آخري صفحي تي سوره الناس جون صرف شروعاتي ٻه آيتون موجود آهن. صفحي 8 ۽ 9 جي متن جي هر هڪ سِٽ جي هيٺيان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان ٻه ٻه لڪيرون ڏنل آهن ۽ صفحي 10 ۽ 11 جي شروعاتي، وچين ۽ آخري سٽ به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ۽ انهن سِٽن جي هيٺيان ۽ مٿان به ڳاڙهي مس سان ٻه ٻه لڪيرون نڪتل آهن. هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ۽ هر هڪ سورة جي نالي جي هيٺيان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. هي نسخو ڪجهه قدر زبون حالت ۾ آهي.

 

نسخو، 22:

سائيز: ڊيگهه 25 + ويڪر ساڍا 16 س م / لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 20 + ويڪر 12 س م.

ڪاتب نا معلوم /ڪاتب جو نالو ۽ سن وغيره آخري صفحي تي شايد ڄاڻايل هو، ليڪن بعد ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهو انهيءَ صفحي جي ڦاٽڻ سبب، انهيءَ جاءِ تي اڇي ڪاغذ جو ٽڪرو هڻي ڇڏيو آهي، جنهنڪري اهو پڙهڻ ۾ نٿو اچي.

هر هڪ صفحي تي سٽون 15.

وڌيڪ ڪيفيت: هن نسخي جا پهرئين ڪاتب جا لکيل شروعاتي 15 ۽ آخري 6 صفحا ڦاٽي چڪا هئا، جنهنڪري بعد ۾ ڪن ٻين ماڻهن اهي صفحا لکي نسخي سان شامل ڪري ڇڏيا آهن. صفحي پهرئين کان بعد وارا 6 صفحا ۽ آخري 6 صفحا هڪ ڪاتب جا ته بقايا صفحا يعني صفحو پهريون ۽ 7 کان 15 وارا صفحا وري بعد ۾ ٻئي ڪنهن لکيا آهن. صفحي پهرئين يعني سورة فاتحه جي متن جي هر هڪ سٽ جي هيٺيان ۽ مٿان ڪاري مس سان لڪير ڏنل آهي ۽ ڪاري مس سان بارڊر نڪتل آهي. سورة بقره جي پهرئين صفحي تي متن جي هر هڪ سٽ جي هيٺيان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏني ويئي آهي ۽ بارڊر ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان ڏنو ويو آهي. صفحي 2 کان صفحي 6 جا بارڊر ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان نڪتل آهن. بقايا صفحي 7 کان 15 صفحي جا بارڊر به ڪاري ۽ هلڪي ڳاڙهي مس سان ڏنا ويا آهن. ان کان پوءِ يعني صفحي 15 کان پوءِ اصل ڪاتب جي لکت شروع ٿئي ٿي. اصل ڪاتب جي لکيل هر هڪ صفحي جو بارڊر ڳاڙهي مس سان ڏنل آهي. اصل ڪاتب هر هڪ صفحي تي لفظ الله ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيو آهي. هر هڪ سورة جي نالي ۽ بسم الله جي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏني ويئي آهي. هن نسخي جا ڪافي ورق زبون ٿي چڪا آهن ۽ هنڌان هنڌان ڪيترائي لفظ ختم ٿي چڪا آهن، جنهنڪري بعد ۾ انهن جاين تي سفيد ڪاغذ جا ٽڪرا هنيا ويا آهن. اصل ڪاتب جي صورتخطي سٺي آهي ۽ مٿس پڪو جلد چڙهيل آهي.

 

نسخو، 23:

سائيز: ڊيگهه 24 + ويڪر 14 س م / لکيل تختي، ڊيگهه 15 + ويڪر 9 س م.

ڪاتب: نا معلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو خوبصورت گلڪاري سان آهي. گلڪاري ۾ ڳاڙهو، ڪارو ۽ هيڊو رنگ استعمال ٿيل آهي. باقي هر هڪ صفح يجو بارڊر ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي. هر هڪ سورة جي نالي جي هيٺان ۽ مٿان ڳاڙهي لڪير ڏني ويئي آهي. بقايا سمورو متن ڪاري مس سان آهي. آخري صفحي جي آخري چئن سٽن تي هڪ فارسي عبارت درج آهي هن نسخي جي صورتخطي سٺي آهي، ليڪن حالت زبون اٿس.

 

نسخو 24:

ڊيگهه 18 ويڪر 11 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 14 + ويڪر 7 س م.

ڪاتب: نامعلوم / ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل .

هر هڪ صفحي تي سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي مس سان سادين لڪيرن سان آهي. بقايا هر هڪ صفحي جي بارڊر ڳاڙهي مس سان آهي. تقريباً 100 کن صفحن کان پوءِ هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي ۽ هر هڪ سورة جي نالي جي هيٺان ۽ مٿان ٻه ٻه لڪيرون ڳاڙهي مس سان ڏنيون ويو آهن. آخري صفحي جي آخر ۾ ڪلمي طيب کان پوءِ فارسي عبارت جون ٽي سٽون ڏنيون ويو آهن. هن نسخي جي صورتخطي سٺي آهي، ليڪن حالت زبون اٿس.

 

نسخو 25:

سائيز: ڊيگهه 20 + ويڪر 11 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 15 + ويڪر ساڍا 7 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: هن نسخي جا پهريان لکيل 45 صفحا ڦاٽي چڪا هئا، جنهنڪري بعد ۾ اهي صفحا وري ٻئي ڪاتب لکي ڇڏيا آهن. سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي ۽ ڪاري مس جي بارڊر سان آهي ۽ انهن ٻنهي صفحن جي متن جي هيٺان ۽ مٿان ٻه ٻه ڳاڙهيون لڪيرون ڏنيون ويون آهن. ٻين صفحن جا بارڊر ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان نڪتل آهن ۽ اصل ڪاتب جي لکيل صفحن جو بارڊر وري ڳاڙهي مس سان آهي. بيهڪ جون نشانيون، لفظ الله ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان آهي، باقي متن ڪاري مس سان لکيل آهي. اصل ڪاتب جي تمام بهترين خوشخطي آهي. هي نسخو زبون حالت ۾ آهي.

 

نسخو، 26:

سائيز: ڊيگهه 29 + ويڪر 19 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 21 + ويڪر 12 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 12.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي مس سان نڪتل لڪيرن سان سينگاريل آهي ۽ ٻين صفحن تي ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. هر هڪ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان ڄاڻايل آهي. سورة جي نالي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهي لڪير ڏنل آهي. آخري صفحي تي ڳاڙهي مس سان مالڪ جو نالو فارسي ۾ ”محمد يوسف ۽ غلام محي الدين مولوي عبدالڪريم واعظ“ ۽ تاريخ 1 رجب 1257 هجري ڄاڻايل آهي. صورتخطي سٺي آهي، جلد پڪو ۽ حالت ٺيڪ اٿس.

 

نسخو 27:

سائيز ڊيگهه ساڍا 28 + ويڪر 17 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 21 + ويڪر 11 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: هن نسخي جي پهرئين  صفحي تي هڪ فارسي عبارت لکيل آهي. ٻئي صفحي تي چند تعويذات ۽ ٽيئن صفحي تي درود شريف لکيل آهي. سورة فاتحه ۽ سورة بقره وارو پهريون صفحو بهترين نقش و نگاري سان سينگاريل آهي. نقش و نگاري ۾ خاڪي، ڳاڙهو ۽ ڪارو رنگ استعمال ٿيل آهي ۽ بارڊر ڪارين لڪيرن سان آراسته آهي. بقايا سڀني صفحن جو بارڊر ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان نڪتل آهي. بيهڪ جو نشانيون ۽ هر هڪ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي. سورة جي نالي جي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهيون لڪيرون نڪتل آهن. متن ڪاري مس سان لکيل آهي. آخري ٻه سورتون (ٻه صفحا) ’اخلاص‘ ۽ ’الناس‘ به رنگين گلڪاري ۽ نقش و نگاري سان سينگاريل آهن. آخر ٻن صفحن تي دعا ختم القرآن. هڪ صفحي تي عربي ۽ هڪ صفحي تي فارسي عبارت لکيل آهي ۽ چند صفحا خالي به آهن. خط سٺو آهي ۽ حالت ٺيڪ اٿس. جلد پڪو آهي، ليڪن ٽٽل آهي.

 

نسخو، 28:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 27 + ويڪر ساڍا 15 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 19 + ويڪر 10 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: شروع واري صفحي تي قرآن پاڪ پڙهڻ جي باري ۾ عربي دعا ڄاڻايل آهي. ان بعد سورة فاتحه آهي. سورة فاتحه وارو صفحو ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو بهترين نقش نگاري سان آراسته آهي. ان بعد سڀ صفحا ڪاري ۽ ڳاڙهي مس واري بارڊر سان آهن. هر هڪ صفحي جي پهرئين، وچين ۽ آخري سٽ ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ۽ انهن سٽن جي مٿان ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان سنهيون لڪيرون ڏنيون ويون آهن. بيهڪ جون نشانيون به ڳاڙهي مس سان ڏنيون ويون آهن. ڪنهن ڪنهن صفحي تي سورة جو نالو ۽ بسم الله به ڳاڙهي مس سان لکي وئي آهي. ۽ انهن مٿان به ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان سنهيو لڪيرون به ڏنيون ويون آهن. آخري ٻه صفحا ۽ انهن ۾ آيل سورتون، ڪافرون، لهب، اخلاص ۽ الناس بهترين نقس ونگاري سان آراسته آهن. آخر ۾ هڪ صفحي تي دعا ختم القرآن ۽ نسخي جي مالڪ جو نالو ڄاڻايل آهي، ۽ ٻئي صفحي تي سجدي وارين آيتن ۽ سورتن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. خط سٺو آهي، مٿس پڪو چرمي جلد چڙهيل آهي ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 29:

سائيز: ڊيگهه 27 + ويڪر 15 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 21 + ويڪر ساڍا 10 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي، ڪاري ۽ خاڪي رنگ جي نقش ونگاري سان آهي. ٻيا سڀ صفحا ڪاري ۽ ڳاڙهي مس واري بارڊر سان آهن. بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. سورة جي نالي جي هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. آخر ۾ سورة الفلق جون آخري ٻه آيتون ۽ رسوة الناس مڪمل بعد ۾ ٻئي ڪنهن شخص جون لکيل آهن. شايد اصل ڪاتب جو لکيل اهو ورق ڦاٽي چڪو هو. هر هڪ صفحي جي شروع، وچين ۽ آخر واري سٽ ٿلهن اکرن ۾ لکيل آهي. متن سمورو ڪاري مس سان لکيل آهي. صورتخطي سٺي اٿس. مٿس ڪپڙي جو پڪو جلد چڙهيل آهي ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 30:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 26 + ويڪر 18 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 22 + ويڪر 12 س م.

ڪاتب جو نالو: فقير غلام حسين بن عبدالحليم عرف ڪورائي/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 14.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو بهترين نقش و نگاري سان سينگاريل آهي. نقش و نگاري ۾ خاڪي، هيڊو، نيرو، ڳاڙهو ۽ ڪارو رنگ استعمال ٿيل آهي. شروعاتي. 10 صفحا ڦاٽل ۽ زبون حالت ۾ آهن ۽ بعد وارا چند ٻيا صفحا به ڪٿان ڪٿان ڦاٽل آهن. انهن صفحن تي جيڪي لفظ ضايع ٿي چڪا آهن، سي بعد ۾ ڪنهن ٻئي شخص ٻئي ڪاغذ تي لکي اُنهيءَ جاءِ تي هڻي ڇڏيا آهن. بقايا ٻين صفحن جو بارڊر ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان نڪتل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. آخري چند صفحا به زبون حالت ۾ آهن. آخر ۾ ڪاتب جو نالو لکيل آهي. صورتخطي سٺي آهي. جلد پڪو آهي، ليڪن زبون حالت ۾ آهي.

 

نسخو، 31:

سائيز: ڊيگهه 30 + ويڪر ساڍا 19 س م/لکيل تختي ساڍا 22 + ويڪر ساڍا 11 س م.

ڪاتب: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

وڌيڪ ڪيفيت: هن نسخي ۾ صرف سورة  ”الڪهف“ لکيل آهي، هن نسخي ۾ جملي 17 ورق آهن، جنهن مان پهريون ۽ آخري صفحو خالي آهي. هي نسخو حضرت حافظ محمد صديق رحه جي وقت جو آهي، ڇاڪاڻ ته آخر ۾ هي عبارت رقم اٿس: ”مالڪ اين سورة ڪهف حضرت حافظ محمد صديق رضي الله تعاليٰ عنہ“صفحي ٻئين تي سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ۽ ان جي  هيٺان ۽ مٿان ٻه ٻه ڳاڙهي مس سان لڪيرون ڏنل آهن. هر صفحي جي چوڌاري ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. خوشخط آهي ۽ سٺي حالت ۾ آهي.

 

نسخو، 32:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 22 + ويڪر 14 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 71 + ويڪر 9 س م.

ڪاتب جو نالو: محمد محمد مبارڪ/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن ”روز شنبه بيستم ماه ربيع الاول 1198 هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت سورة فاتحه ۽ سورة وارو پهريون صفحو بارڊر کان سواءِ آهي، ٻين صفحن تي ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. سورة جي نالي جي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي، آخر ۾ ڪاتب جو نالو ۽ تاريخ ڄاڻايل آهي. لکت سٺي آهي ۽ حالت سٺي اٿس. چرم ۽ ڪپڙي جو پڪو جلد چڙهيل اٿس، ليڪن اهو ڦاٽل آهي.

 

نسخو، 33:

سائيز: ڊيگهه 24 + ويڪر 15 س م/لکيل تختي، ڊيگهه 15 + ويڪر 8 س م.

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: شروعاتي وارن ٽن صفحن تي عربي دعائون لکيل آهن. سورة فاتحه ۽ سورة بقره وارو پهريون صفحو ڳاڙهي ۽ نيري مس جي ٻن بارڊرن سان مزين آهي. وچ واري بارڊر ۽ ان جي مٿان پاسن کان هيٺان عربي ۾ حاشيو لکيو ويو آهي. ٻين صفحن تي ڳاڙهي ۽ نيري مس سان بارڊر نڪتل آهي. اهڙي طرح سڀني صفحن تي مٿان ۽ پاسن کان هيٺيان ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان عربي ۾ حاشيو لکيو ويو آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر هڪ سورة جو نالو به ڳاڙهي سان لکيو ويو آهي. سورة جي نالي جي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. اخر ۾ نسخي جي ڪاتب ۽ ڪتابت متعلق هي عبارت رقم آهي. ”تمة القرآن بتاريخ هزردهم شهر، ربيع الاول در عهد معزالدين جهاندار بادشاهه حق و ملڪ ميان محمد اسماعيل بن کيما شيخ ساڪن بچه مينس هرکه دعوي کند در شرع شريف دروغي و ڪاذب کرد رڪتبه العبد  المذنب فقير محمد علي ساڪن ڪوتله تاج خان.“ هن ورق جي کاٻي پاسي کان هڪ مهر به لڳل آهي، جنهن ۾ ”عبده سيد عبدالخالق 795“ لکيل آهي. آخر ۾ ٻئي صفحي تي هي فارسي عبارت درج آهي. ”اين قرآن مجيد وفرقان حميد خريدم منکه غلام محمد پسر اخوند عربي قوم ام بقسمت دهه روپيه خوب شاهراز دست سيادت و نقابت مرٿبت خلاصه خاندان عظام حافظ الهه ڏنه، اينچند حروف جسته يادکاري نوشته شد تحرير تاريخ سنه 1251.“ آخري صفحي تي دعا ختم القرآن ڄاڻايل آهي، خط تمام بهترين آهي، جلد چرمي اٿس، جيڪو ڦاٽل آهي، هن نسخي جي حالت ٺيڪ آهي.

 

نسخو، 34:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 26 + ويڪر ساڍا 17 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 18 + ويڪر 12 س م.

ڪاتب جو نالو:نا معلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو گلڪاري سان آراسته آهي ۽ ٻيا سڀ ڪاري ۽ ڳاڙهي مس جي بارڊر سان آهن. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر هڪ سورت جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. هر سورة جي نالي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪير نڪتل آهي. متن تي ڪاري مس استعمال ٿيل آهي. جلد چرمي اٿس ۽ حالت به سُٺي اٿس،

 

نسخو 35:

سائيز: ڊيگهه 25 + ويڪر 19 س م/ لکيل تختي ڊيگهه 18 + ويڪر 13 س م.

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: هي نسخو شروع کان ناقص آهي. شروعات هن آيت سان اٿس، ”فَانُطَلَقاَ حَتّٰي اِذارَڪِباَ فِي السَّفِينَة خِرَقَهَاَ قَالَ اَخَر قَتهَا“ (پارو 15، سبحٰن الذي، سورة الڪهف، آيت 71) هر صفحي تي ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. هر سورة جي نالي جي هيٺان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. صورتخطي سُٺي آهي، جلد چڙهيل اٿس، حالت به سُٺي اٿس.

 

نسخو، 36:

سائيز: ڊيگهه 19 + ويڪر 14 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 14 + ويڪر ساڍا 8 س م.

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن نه ڄاڻايل آهي.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 12.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحُ گلڪاري سان آراسته آهي. شروعاتي 50 کن صفحا زبون حالت ۾ اٿس. هر صفحي جي چوڌاري بارڊر ڳاڙهي ۽ ڪاري ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. هر سورة جي نالي جي هيٺان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي متن ڪاري مس سان لکيل آهي. ۽ ڪٿي ڪٿي بِسم الله جي هيٺان ۽ مٿان به ڳاڙهي مس سان لڪير ڏني ويئي آهي. آخري صفحي تي بعد ۾ ڪنهن ٻئي شخص دُعا لکي ڇڏي آهي. صورتخطي سٺي اٿس. جلد چرمي اٿس، جيڪو ڦاٽل آهي. هن نسخي جي حالت ڪجهه زبون اٿس.

 

نسخو، 37:

سائيز: ڊيگهه 25 + ويڪر 15 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه  18 + ويڪر ساڍا 9 س م.

ڪاتب جو نالو: عثمان ولد باقر قوم کت/ ڪتابت جي تاريخ: 9 ذوالقعد سنه 1123هه.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 11

وڌيڪ ڪيفيت: هن نسخي جا پهريان وارا لکيل 35 صفحا ڦاڙجي ويا هئا، جنهنڪري بعد ۾ ڪنهن ٻئي شخص اهي صفحا ٻيهر لکيا آهن. اُن کان بعد وارا اصل ڪاتب جا لکيل چند ٻيا صفحا به جاءِ جاءِ تان ڦاٽل آهن، جنهنڪري بعد ۾ مٿئين شخص ٻئي ڪاغذ تي اِهي ڦاٽل لفظ لکي ساڳي جاءِ تي هڻي ڇڏيا آهن. اصل ڪاتب جو خط بهترين آهي. بعد واري شخص جا لکيل صفحا بارڊر کان سواءِ آهن ۽ اصل ڪتاب لکليل صفحن جا بارڊر ڪاري ۽ ڳاڙحي مس سان نڪتل آهن. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي ۽ هر سورة جي نالي جي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. آخر ۾ ڪاتب ۽ ڪتابت جي تاريخ ڄاڻائي ويئي آهي. انهيءَ صفحي جي کااٻي طرف کان نسخي جي ڪنهن مالڪ طرفان هڪ فارسي عبارت به لکيل آهي. هن نسخي جي حالت زبون آهي.

 

نسخو، 38:

سائيز ڊيگهه ساڍا 28 + ويڪر ساڍا 17 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 20 + ويڪر 11 س م.

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 12

وڌيڪ ڪيفيت: هر هڪ صفحي جو بارڊر ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان نڪڳتل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکلي آهي. هر هڪ سورة جي نالي هيٺان ۽ مٿان ڳاڙحي مس سان لڪير ڏنل آهي. ۽ ڪٿي ڪٿي بِسم الله جي هيٺان ۽ مٿان به ڳاڙهي مس سان لڪير ڏني ويئي آهي. آخري صفحي تي ڪنهن ٻئي شخص دُعا لکي ڇڏي آهي. صورتخطي سٺي آهي. چرمي جلد چڙهيل اٿس، جيڪو ڦاٽل آهي. هن نسخي جي حالت سٺي آهي.

 

نسخو، 39:

سائيز ڊيگهه 25 + ويڪر 13 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 20 + ويڪر 11 س م.

ڪاتب جو نالو: محمد بيڪ (محمد بخش؟)/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي ۾ سٽون 13

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان ڏنل لڪيرن سان آراسته آهي. اِنهن صفحن جي متن جي هر هڪ سِٽ هيٺان ۽ مٿان ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان لڪير ڏني ويئي آهي. ٻين صفحن تي ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي. هر سورة جي نالي جي هيٺان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. آخر ۾ ڪاتب جو نالو ڄاڻايل آهي. جلد چرمي اٿس ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.


[1] بيهڪ جي نشانين مان مراد، بيهڪ جا قاعدا يا ”رموز اوقاف“ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com