سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :16

ايوب عمراڻي

 

جهرڪيءَ جي اک سان دنيا ڏسو

 

بهار جو هڪ سهانو ڏينهن:

اڄ پنهنجي نرم آکيري ۾ دير تائين ستل هيس پر جڏهن سج جا تيز ڪرڻا آکيري جي ڳڙکن مان ٽپي منهنجي اکين ۾ اچي چڀيا ته منهنجون اکيون کلي ويون اڄ خبر نه آهي ڇو انسانن جيان سُست ٿي ويهي رهيس. دراصل ان سُستيءَ ۾ ڏوهه منهنجو به ناهي. ڪڻڪ جي ڪانهين جو نئون آکيرو ايڏو ته نرم آهي جو اُن تان اُٿندي دل ئي نٿي چوي!

اڄ ننڊ مان اٿندي، مون سڀ کان پهرين ’صبح جو گيت‘ پنهنجي سُريلي آواز ۾ ڳاتو. پوءِ داڻي پاڻي جي تلاش ۾ ڪڻڪ جي فصل تي اچي نڪتيس، جتي لابارو هلي رهيو هو. بس عجيب ميڙاڪو متل هو. مرد ڪڻڪ لڻي رهيا هئا، عورتون ۽ ٻار ڪڻڪ جا گڏا ٻڌي رهيا هئا. ڪي عورتون وري ڪانبن ۾ چونڊو ڪري رهيون هيون. هڪ هارياڻي ته ڏاڍي سريلي آواز ۾ ڪو لوڪ گيت جهونگاري رهي هئي. مون ڪڻڪ جي گڏي مان اڃان هڪ سنگ کي چهنب ئي مس هنئي هئي جو عورت ”هُر... هُر“ چئي مون کي اُتان اُڏائي ڇڏيو! هي انسان ۾ ڏاڍا لالچي آهن، کين اَن ميڙڻ جي ايڏي ته لالچ آهي جو هڪ داڻو به نٿا ڇڏين، ته ڪو پکي پکڻ کائي، کين دعا ڪري. مان اڃا ٻنيءَ ۾ ئي هيس جو اوچتو هڪ ٿلهو متارو بيڊولو شخص گهوڙي تي چڙهي اچي نڪتو. سندس مڇون ڪڻڪ جي سنگ جيان کنڊريل هيون ۽ اکين ۾ باز واري وحشت هيس. مان ته کيس ڏسڻ سان ئي ڊڄي ويس! اهڙو ڀوائتو شخص مون سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. ٻنيءَ ۾ پهچندي ان شخص رڙ ڪري چيو: ”ميرل! هيءَ زمين منهنجي آهي! اڌ بٽئيءَ جو حساب مون کي ڏيڻو پوندئي!“ اها ڳالهه ٻڌي هڪ  ڪمزور ۽ پوڙهو ماڻهو اڳتي وڌي آيو ۽ خوفناڪ شخص کي ٻانهون ٻَڌندي چيائين: ته ”سائين! هيءَ زمين ته مون ورهين جي ڪمايل پونجيءَ، گهر واريءَ، ڌيئرن ۽ نهرن جا ڳهه وڪڻي خريد ڪئي آهي، مون وٽ هن زمين جا ڪاغذ به آهن.“

پوڙهي جي ڳالهه تي خوفناڪ شخص کي ويتر ڪاوڙ آئي. کيس گهوڙي هڪلڻ وارو چهبڪ هڻندي چيائين: ”تنهنجا ڪاغذ ڪوڙا آهن، اصل ڪاغذ مون وٽ آهن. هاڻي مان بٽئيءَ واري ڏينهن ايندس، ڏسان ته ڪيئن نٿو اڌ حصو ڏين!“

ائين چئي هن گهوڙي جي واڳ ڇڪي ۽ ڌوڙ اُڏائيندو گم ٿي ويو. ڏٺم ته ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني مردن ۽ عورتن کي ڄڻ ڪو نانگ سُنگهي ويو هو. سڀ چپ هئا. پوڙهي ميرل جي وساڻيل اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ ڪجهه وقت اڳ جيڪا عورت سريلي آواز ۾ گيت ڳائي رهي هئي هاڻي اُها آهستي آهستي سُڏڪي رهي هئي. مون کي اڄ پهريون ڀيرو محسوس ٿيو هو ته انسان سڀ هڪجهڙا ناهن، انهن مان ڪي انسان اسان جهرڪين جهڙا هيڻا ۽ ڪمزور آهن، ته ڪي وري بازن جيان طاقتور ۽ وحشي! ڪي سڄي عمر جي پونجي ڏيڻ کان پوءِ به زمين جا مالڪ بنجي نٿا سگهن، ته ڪي وري بنا محنت جي رعب تاب ۽ چهبڪ جي ڌڪ سان هر شيءِ جا مالڪ بنجي وڃن ٿا. شڪر آهي جو اسان جهرڪين ۾ اهڙي ورهاست جو ڪوبه تصور ناهي، اسان سڀ پنهنجي مرضيءَ جون مالڪ آهيون. جڏهن به، جتي به، مرضي پوي اُڏامي سگهون ٿيون، آکيرا ٺاهي سگهون ٿيون، خوبصورت گيت ڳائي سگهون ٿيون. اسان مان ڪابه جهرڪي ڪنهن ٻيءَ جهرڪيءَ سان انسانن وانگر دشمني نٿي رکي

 

ساڳي بهار جو هڪ ٻيو ڏينهن:

اڄ داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ مون کي هڪ کري تي وڃڻو پيو. اتفاق سان اهو کرو ساڳئي هاريءَ ميرل جو هو. کري ۾ اَن صاف ٿي ”راهه“ جي صورت ۾ ڍڳ لڳو پيو هو. هاڻي رڳو ان کي ٻورين ۾ ڀرڻ وارا هئا ته اوچتوئي اوچتو اهو ساڳيو خوفناڪ شخص ڪجهه ماڻهن سان گڏ اچي ڪڙڪيو ساڻس گڏ ٻين ماڻهن جي ڪلهن ۾ بندوقون لٽڪي رهيو هيون. خوفناڪ شخص ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو: ”ميرل! توکي اڌ حصو بٽئي جو ڏيڻو پوندو!“

ميرل عاجزيءَ سان ٻانهون ٻڌندي چيو سائين! مان غريب آهيان، منهنجي معصوم ٻچن تي رحم ڪريو!“

ان ڳالهه تي خوفناڪ مُڇوءَ کي ويتر ڪاوڙ آئي. ڪاوڙ مان بندوق وارن کي چيائين: ”جمعدار جڙيل ۽ سپاهيو! گرفتار ڪريو هن ڏوهاري کي. منهنجي زمين تي زوريءَ قبضو ڄمايو ويٺو آهي!“

بندوقن وارا ماڻهو اڳتي وڌي آيا ۽ بندقون سڌيون ڪري، ميرل ۽ ان جي پٽن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ مُڇو سمورو اَن پنهنجي گهر کڻائي ويو. ميرل جي عورتن مڇوءَ جي اڳيان ڏاڍا ايلاز ڪيا؛ پر هن هڪ به نه ٻُڌي. اڄوڪي منظر ڏسي مان ڏاڍي اداس رهيس. منهنجي دل چاهيو ته، ڪاش! مان باز هجان ها ته هڪ ئي جهڙپ ۾ مُڇوءَ جون اکيون ڪڍي ڇڏيان ها. پر افسوس جو مان جهرڪي آهيان.

 

اونهاري جو هڪ گرم ڏينهن:

اڄ ايتري ته گرمي هئي جو مان پنهنجي آکيري مان نڪري نه سگهيس. منهنجو هي آکيرو ٻيلي ڀرسان هڪ ننڍڙيءَ ڍنڍ جي ڪناري ٻٻر جي وڻ تي ٺهيل آهي. جڏهن به منهنجي دل چاهيندي آهي، مان ننڍڙي پاڻيءَ ۾ پَرپُسائي خوشيءَ جو اظهار ڪندي آهيان، يا ڍنڍ جي خوبصورت منظر ۾ اڇن پکين ۽ ڪنول جي گلن کي ڏسي خوشي ٿيندي آهيان. ان وقت ڪو مزيدار، سريلو ۽ رسيلو گيت ازخود زبان تي اچي ويندو آهي. ڪڏهن ته ڳائيندي ڳائيندي مون کي ’چو چو‘ ڏاڍو ياد ايندو آهي. اسان ٻنهي هن ئي ڍنڍ جي ڪناري تي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا وعدا ڪيا هئا، پر مون کي خبر نه هئي ته ڪو ’چو چو‘ ائين اوچتو ئي اوچتو ڪنهن شڪاريءَ جي گوليءَ جو بَک بنجي ويندو ۽ مان اڪيلي رهجي ويندس! مان اڄ تائين پنهنجي هُن جيون ساٿيءَ کي وساري نه سگهي آهيان. جڏهن به هن جي ياد ايندي آهي، دل اداس ٿي ويند آهي. ڪاش، دنيا ۾ انسان نه هجن ها ته هيءَ دنيا ڪيڏي نه خوبصورت هجي ها.

اڄ ٽاڪ منجهند جو منهنجي اڃا اک مس لڳي هئي جو اوچتو ئي اوچتو هڪ وڏو ٺڪاءُ ٿيو. ٺڪاءُ سان سڄو وڻ لرزي ويو ۽ مان آکيري سميت اچي پَٽَ تي ڪرِيس. مون کي ڏاڍو ڌڪ لڳو پر پاڻ سنڀالي ورتم. سوچيو ته اڄ خير ناهي، سو جان بچائڻ لاءِ جلدي ڪري اٿي هڪ طرف اڏامڻ لڳس. ڏٺم ته مون جيان ڪيترائي ٻيا پکي جهڙوڪ ڳيرا، ڪبوتر، ڪانءَ، طوطا، ڪاٺ ڪٺا، ٻاٽير، لمڪا ڳيرا، چيها، ڪٻرون، ڦوسڻيون، وهيا ۽ ڍنڍ جا اڇا پکي به جان بچائڻ لاءِ اڏامي رهيا آهن. مون هڪ ڪبوتر کان پڇيو: ”ڀائو ڏي خبر، خير ته آهي؟“ ڪبوتر ڪاوڙ مان چيو: مائي جهرڪي، ڪهڙي جهان ۾ آهين! خير وري ڪٿي آهي. خبر نه اٿئي ته وڏيرو ڍولڻ شڪار تي نڪتو آهي!“

چيومانس: ”ڇا جو ٿو شڪار ڪري؟“

چيائين: ”جنهن به پکيءَ تي نظر ٿي پويس ته ان کي کنڀ کنڀ ڪري ٿو ڇڏي!“

چيومانس: ”ڀلا جهرڪين، وَهين ۽ ڦوسڻين جهڙن ننڍن پکين کي ته ڪجهه به نه چوندو نه؟“

ڪبوتر مون ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسندي چيو: ”بيوقوف! جڏهن وڏا ماڻهو شڪار تي نڪرندا آهن، تڏهن رونشي خاطر ننڍن توڙي وڏن ساهوارن کي ماري وجهندا آهن.“

ڪبوتر جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي مون کي ياد آيو ته منهنجو ’چوچو‘ به ائين ئي ڪنهن ظالم انسان جي گوليءَ جو کاڄ بنيو هو.

مون ڪبوتر کان پڇيو: ” ڀلا انسان باز، عقاب، سرڻ لغڙ ۽ شڪري جهڙن خونخوار پکين جو شڪار ڪندو آهي؟“

چيائين: ”نه، اِهي سمورا پکي انسان جا دوست آهن. انسان کي هرڻ ۽ ڦاڙهن جي شڪار ۾ مدد ڪندا آهن ۽ ماڻهو مٿن ساهه ڏيئي، کين اولاد جيان پاليندا آهن.“

چيومانس: ”يعني دنيا جا سمورا ظالم هڪٻئي ساٿاري آهن!“

چيائين: ”ها، دنيا جا سمورا ظالم هڪٻئي جا ساٿاري آهن.“

چيومانس: ”جيڪڏهن دنيا جا سمورا ظالم مظلومن ۽ هيڻن خلاف متحد آهن ته پوءِ پاڻ مظلوم منتشر ڇو آهيون؟ پاڻ کي به انهن جي خلاف اتحاد ڪرڻ گهرجي.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪبوتر ڪاوڙجي پيو. چيائين: ”مان ڪبوتر، امن جو پکي آهيان، مان جنگ کان نفرت ڪندو آهيان، سو مون کان اهو ٿي نه سگهندو!“

ڪبوتر جي اُن مايوس ڪُن جواب تي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. مون کي لڳو ته هو پنهنجي بزدليءَ کي امن پسنديءَ ۾ لڪائي رهيو هو، ”هون!... بزدل ڪٿان جو!“ مون سندس جواب ٻڌي هن جي پاسي وٽان اُڏامڻ ئي ڇڏي ڏنو.

ڪافي وقت اڏامڻ کانپوءِ، جڏهن سج لهڻ وارو ٿيو ته اسين پنهنجن آکيرن ڏانهن واپس ٿياسين منهنجي نظر جڏهن ڍنڍ تي پيئي ته منهنجو ساهه سُڪي ويو. سڄو ڍنڍ جو ڪنارو مئل پکين جي کنڀن ۽ رت سان ڀريو پيو هو. اهي پکي جيڪي چند لمحا اڳي ڍنڍ جي ڪناري تي پنهنجا رنگ برنگي خوبصورت پَر کولي، مٺڙا ٻول ٻولي رهيا هئا، سي ڪنهن ظالم جي شڪار جي شوق سبب پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا هئا. هوا جي جهوٽي تي جڏهن سندن کنڀ اڏاميا، ٿي تڏهن لڳو ٿي ڄڻ هو پنهنجي موت تي ماتم ڪري رهيا هجن.

 

سانوڻ جو هڪ خوبصورت ڏينهن:

گذريل چند ڏينهن کان مينهن وسي رهيو آهي. ڪنهن وقت من لڀائيندڙ هلڪي هلڪي بوند پيئي پوي ته ڪنهن وقت وري تيز وڏڦڙو پهرئين ڏينهن تيز ڇوهي دار مينهن پيو هو، جنهن منهنجي آکيري کي ڪک ڪک ڪري ڇڏيو. جيستائين مينهن بند ٿئي، تيستائين مان انسانن جي بستيءَ ۾، هڪ گهر جي ڳڙکيءَ ۾ رهي پيئي آهيان. ڇا ڪجي، مجبوري آهي. مينهن ۾ ٻي ڪابه جاءِ ڪانه ٿي سُجهي.

اڄ منجهند جو مان جيئن ئي داڻي پاڻيءَ جي تلاش ۾ ٻاهر اُڏرڻ لڳيس ته ٿوري ئي پنڌ تي، مون جهيڻي آواز ۾ ڪنهن کي مدد لاءِ پڪاريندي ٻڌو. مون هيٺ جهاتي پائي ڏٺو. ڏٺم ته هڪ جهرڪ زخمي حالت ۾ پڪاري رهيو آهي. مان يڪدم هيٺ لهي آيس ۽ اچي کيس دلداري ڏنم. هو ٿورو ٿورو اُڏري پئي سگهيو، سو کيس آهستي آهستي پنهنجي ڳڙکيءَ تائين وٺي آيس. پاڻي پياريومانس ۽ مانيءَ جا ڀور کائڻ لاءِ ڏنامانس ته ڪجهه وقت کان پوءِ سندس حالت ۾ ڪجهه بهتري آئي. چيومانس:

”هاڻي ڪيئن آهين؟“

چيائين: ”تنهنجي ٽهل ٽڪور منهنجي زندگي بچائي ورتي آهي.“

چيومانس: ”توسان هي حادثو ڪيئن پيش آيو؟“

چيائين: انساني آباديءَ ۾ هيءَ مهرباني صرف انسان ئي ڪري سگهي ٿو.“

پوءِ اسان ڪافي وقت تائين ڳالهيون ڪندا رهياسين مون جڏهن به هن ڏانهن ڏٺو ٿي ته سندس اکين ۾ عجيب گهرائي ۽ پنهنجائپ محسوس پئي ٿي. مون کي لڳو ڄڻ ’چوچو‘ نئون جنم وٺي واپس آيو آهي. مون سندس دل جي ڌڪ ڌڪ پنهنجي دل ۾ محسوس ڪئي... ۽ مون کي نئون جيون ساٿي ملي ويو. چند ڏينهن کان پوءِ جڏهن سانوڻ جا مينهن بند ٿيا، اسان پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ واپس ٻيلي ۾ ان ساڳيءَ جاءِ تي آياسين مان ڏاڍي خوش هيس ته هاڻي هن جاءِ تي ٻه پيار ڀريون دليون، قرب ونڊيون. مون کي هو ڏاڍو ذهين لڳو. مون کانئس ڪيترائي سوال ڪيا آهن ۽ هن انهن جا ڏاڍا مطئمن ڪندڙ جواب پئي ڏنا آهن. سچ پچ ته مان خوش نصيب آهيان.

اڄ پڇيومانس: ”انسان اسان پکين کي مارڻ ڇو چاهيندو آهي؟“

چيائين: ”انسان ۽ باز ٻيئي وحشي ۽ اڻسڌريل آهن. کين هيڻن ساهوارن جو خون خرابو ڪندي مزو ٿو اچي.“

چيومانس: ”جيڪڏهن انسان کي به باز جيان پَر هجن ها ته پوءِ؟“

چيائين: ”شڪر ٿيو جو انسان کي پر ناهن. جيڪڏهن کيس پر هجن ها ته هو بازن کان به بڇڙو ثابت ٿئي ها ۽ هيستائين هڪ به جاندار کي جيئرو نه ڇڏي ها.“

چيومانس: ”پر انسان آهي ڏاڍو ذهين!“

چيائين ”ذهين پر بد بخت اٿئي. انسان هٿان انسان غلام آهي. هڪ ئي ڌرتيءَ تي رهڻ جي باوجود هن پاڻ کي مختلف ملڪن جي سرحدن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، پر اسين پکي وڏا خوش نصيب آهيون جو آزاد آهيون، ملڪن جون سرحدون اسان لاءِ ڪابه معنيٰ نٿيون رکن.“

”پوءِ اسان پنهنجي لاءِ آکيرو ٺاهڻ لڳاسين. واري واري سان ڪک پن چونڊي آکيرو ٺاهيندا رهياسين. جڏهن اڌ کان مٿي آکيرو ٺهي ويو، تڏهن مون آکيري ڏانهن ڏسي سوچيو ته جهرڪي ڀلي ڪيڏي نه بيباڪ ڇو نه هجي، پر جيون گذارڻ لاءِ کيس وري به جيون ساٿيءَ جي ضرورت آهي. جڏهن اگيرو پنهنجي تڪميل جي آخري مرحلي ۾ هو ۽ ان لاءِ صرف ٿورن ڪکن جي ضرورت هئي ۽ اهي ڪک چونڊڻ لاءِ هو جيئن ئي اڏاميو ته مون اوچتو سندس دانهن ٻڌي. اهڙي دانهن جيڪا صرف مرڻ وقت ئي نڪري سگهي ٿي. مون تيزيءَ سان پوئتي مڙي هن ڏانهن ڏٺو. هڪ خوفناڪ منظر منهنجي سامهون اک ڇنڀ ۾ گذري ويو! منظر ڇا هو، ڄڻ قيامت جو نظارو هو. مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سڄي دنيا کي باهه لڳي ويئي آهي! هر طرف باهه ئي باهه آهي ۽ ان باهه ۾ مان سڙي ڀسم ٿي رهي آهيان! ها مون ڏٺو ته هڪ وحشي باز منهنجي جيون ساٿيءَ کي پنهنجن چنبن ۾ کڻي اڏامي وڃي رهيو آهي! هڪ گهر جيڪو اڃا ٺهيوئي نه هو ته ٺهڻ کان اڳ ئي اُجڙي ويو! محبتون ونڊڻ جو سپنو پرزا پرزا ٿي ويو. محبتون ونڊيندڙ دل چپ ٿي ويئي، حساس ذهن خاموش ٿي ويو ۽ منهنجي محبتن جي دنيا ٻيهر سڙي خاڪ ٿي ويئي!  

سياري جو هڪ صُبح:

مان پنهنجي آکيري ۾ هيس ۽ ننڍڙي ’چوچو‘ کي چڳائي رهي هيس. هو بلڪل پنهنجي پيءُ تي ويو آهي. اهوئي نڪ نقشو، اهائي ذهانت. جيتوڻيڪ اڏامڻ جهڙو ٿيو آهي، پر مان کيس آکيري کان ٻاهر نه ڪڍندي آهيان. مون کي پڻس جو باز هٿان موت اڃا نه وسريون آهي. اڄ ’چوچو‘ ضد ٻڌيو بيٺو هو ته هو ڍنڍ تائين چڪر هڻي اچي، پر مون يڪدم کڻي ’چوچو‘ کي پنهنجي آکيري ۾ لڪايو. ماڻهن جا قدم آهستي آهستي اسان جي آکيري واري وڻ هيٺان اچي رڪيا. مون ڳڙکيءَ ما ليئو پائي ڏٺو. ڏٺم ته چار پنج بندوقن وارا هڪ هٿين خالي ۽ هيسيل شخص قابو ڪيو بيٺا هئا. اهو شخص ڏسڻ ۾ نوجوان هو پر خوف سبب سندس منهن هيڊو ٿي ويو هو. نوجوان ڏڪندي بندوق وارن ڏانهن ٻانهون ٻڌندي چيو: ”سائين! مان غريب آهيان، مون کي خدا جي واسطي ڇڏي ڏيو،“ سندس ڳالهه ٻڌي هڪ شخص سيني تي بندوق جي نالي رکندي چيس: ”بڪواس نه ڪر، نه ته گولين سان ڇاتي پروڻ ڪري ڇڏيندوسانءِ. تون جيڪو غريب آهين، ان جي سڄي خبر اٿم!“

ان دڙڪي تي هٿين خالي هيسيل شخص وڌيڪ چپ ٿي ويو. هڪ ٻئي بندوق واري ٻوٿ ٻڌل شخص چيو: ”وڏا! ٻڌو اٿئون ته همراهه جو پيءُ ڏاڍو پڪو آهي!“

ٻئي بندوق واري ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندي چيو: ”پڻس نه ڇڏائيندس ته اسان جي بندوق جون گوليون ڇڏائي ڇڏينديس!“

ان جملي تي هيسيل شخص کان رڙ نڪري ويئي ۽ هو هٿياربندن کان جيئدان واسطي ٻاڏائڻ لڳو، پر هن تي ڪوبه اثر نه ٿيو؛ الٽو هو وحشيانه انداز ۾ ٽهڪ ڏيئي پنهنجي درندگيءَ جو ثبوت ڏيڻ لڳا. سندن ٽهڪن جو آواز ۽ وحشيپڻو ڏسي، مون کي انسان بدران رت پياڪ بگهڙ محسوس ٿيا. اڄ مون ٻيو ڀيرو انسان جو هڪ ٻيو روپ ڏٺو هو ۽ مان ان نتيجي تي پهتي آهيان ته انسان جهڙو ٻيو ڪو وحشي ٿي نٿو سگهي. انسان نه صرف پکين ۽ جانورن جو هزارن جي تعداد ۾ قتل عام ڪري ٿو، پر ان ساڳي بندوق جي سهاري هم رت ۽ هم جنس انسانن کي به موت جي ننڊ سمهاري ٿو ڇڏي!

هو وڻ هيٺان اڃان ترسيائي ٿورو هئا ته اوچتو هڪ شخص ڊوڙندو اتي اچي پهتو. اچڻ سان سهڪندي چيائين: ”وڏا! پوليس پهچي ويئي آهي!“ پوليس جو لفظ ٻڌي سڀني يڪ آواز رڙ ڪئي پوليس!... ۽ لوڍان ئي وقت هڪ طرف ڊوڙڻ لڳا قيدي بنايل شخص به ساڻن گڏ ڊوڙڻ لڳو. ٿوروئي اڳتي وڌيا ته قيدي شخص ٿا ٻڙجي ڪري پيو ۽ وري نه اُٿي سگهيو. هڪ بندوق واري بنا ڪنهن دير جي چار پنج گوليون سندس سيني ۾ داخل ڪري ڇڏيون. هڪ جيئرو جاڳندو رت جا ڦوهارا ڇڏي ٿڌو ٿي ويو! مون سان گڏ ’چوچو‘ به اهو منظر ڏسي ورتو ننڍڙي ذهن سان، سڀ ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر کيس ڪهڙي خبر ته اهو سڀ ڪجهه ڇا هو. کيس ڪهڙي خبر ته انسان ڇا ۽ ڪير آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪري رهيو آهي؟

انهن ئي پيرن تي ڪجهه ٻيا بندوقن وارا ماڻهو پهچي ويا. بس پوءِ ته ٻنهي ڌرين ۾ گولين جي ڏي وٺ شروع ٿي ويئي. ڪيترائي جيئرا جاڳندا انسان ڦٿڪي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا هئا. گولين جي ٺڪائن ۾ عجيب وحشت هئي، ’چوچو‘ ڊپ وچان مون کي چنبڙي پيو. چيومانس: چوچو! ڊپ نه ڪر، هيءَ انسانن جي پاڻ ۾ جنگ آهي، ان سان پاڻ کي ڪوبه خطرو ناهي.“ ’چوچو‘ چيو: ”اهي انسان وري ڪير آهن؟“

چيومانس: ”انسان اهي وحشي ۽ خونخوار جانور آهن، جيڪي سڀني وحشين کان وڌيڪ ظالم، ذهين ۽ مڪار آهن. سندن ڪرتوتن جي ڪري باقي مخلوق ڏچي ۾ پئجي ويئي آهي.“

’چوچو‘ کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، پر مون کيس شديد ڊپ ۾ ورتل محسوس ڪيو. اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته سج سوا نيزي تي لهي آيو آهي. تپش ۾ منهنجو ساهه منجهي رهيو آهي. مون سج ڏانهن ڏٺو، سج پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺل هو. پوءِ جڏهن مون وڻن ڏانهن نظر ڪئي ته ڏٺم ته ٻيلي جي وڻن مان باه جون ڄڀيون نڪري رهيون آهن شايد ان انسان هڪٻئي کي قتل ڪرڻ لاءِ به پنهنجي وحشت کي اڻپور سمجهي ٻيلي کي باهه لڳائي ڇڏي هئي. ٿوري ئي دير ۾ باهه ٻيلي جي ڳچ حصي کي وڪوڙي ويئي. باهه جون ڳاڙهيون ڄڀيون ۽ ڪارو دونهون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. هر طرف اوندهه ڇائنجي ويئي. مان ’چوچو‘ کي ساڻ ڪري ٻاهر نڪري آيس. ننڍڙي ’چوچو‘ چيو ”امان! مون کي انسانن کان ڊپ ٿو ٿئي، مون کي اهڙيءَ جاءِ تي وٺي هل، جتي اهي وحشي نه هجن!“

مون کي ’چوچو‘ جي انهن لفظن تي ساڻس همدردي ٿي. ڪاش، دنيا جو ڪو اهڙو ٽُڪرو هجي جتي انسانن جي پهچ ناممڪن هجي ۽ اسين سلامتيءَ جي زندگي گذاري سگهون!


اِبن الياس سومرو

 

اَڪن وارو نمبر

 

معمولي جهيڙو خانداني دشمنيءَ ۾ بدلجي ويو ٻنيءَ جي هڪ نمبر ڀريو ڀڪليو خاندان تباهه ڪري ڇڏيو. اڄ اُنهي غير آباد نمبر ۾ اُٺ جيڏا اَڪَ بيٺا آهن، جتي ڳوٺ جا مرد ماڻهو جهنگ جي خيال کان ويندا آهن...

ڏاڏا حاجي دلمراد وضوءَ مان فارغ ٿي اُٿڻ لاءِ مون ڏانهن هٿ وڌايو ته مون کيس سهارو ڏيئي ڇڪي مٿي ڪيو. عمر ستر سالن کان مٿي هئس پر جوپ لڳو پيو هو. ڊگها وار ۽ ڏاڙهي مينديءَ ۾ سرخ، ڇاتي موڪري، قداور ڊگهي خلاصين ٻانهن واري پهراڻ ۽ وڏي سلوار ۾ هڪ حشمت وارو انسان لڳندو هو. اکيون وڏيون ۽ ڪجهه ڳاڙهاڻ تي مائل، هر وقت سُرمو پيل، ٻٽيهي سلامت. رڳو گوڏن جي وائي سور کان البت اُڇت ڪونه اُٿي سگهندو هو. اُڀو ڪيومانس ته ذري گهٽ ڪريو ٿي. پاڻ سنڀالي ورتم نه ته ڏاڏا جون ڳالهيون ٻڌڻيون پون ها: ”اڄوڪا جوان ڪاڪت ڪانه اٿن... سڄو ڏينهن چانهه... صبح جو اٿڻ يارهين وڳي... نه نماز نه روزو، ويٺو ٻڌ... سڀ گهر جا ڀاتي چپ ڪيو ويٺا هوندا هئا، رڳو ڏاڏي آسيت جواب ڏيندي هئي ته ماٺ ڪري اوطاق تي هليو ويندو هو، جتي ڪجهه هم عمر دوست ليمون کٽي ۽ حبو دايو ۽ ٻيا سنيا سي ۽ جوڳي انتظار پيا ڪندا هئا ۽ ڪجهه عجيب ۽ غريب نسخا تيار ڪندا هئا.

ڏاڏي آسيت بورچيخاني مان ئي ورندي ڏيندي هئي. ڇوڪرو شهر مان ڳوٺ گهمڻ آيو آهي ته حاجي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان طعنا ٽوڪ هنيون ڪڍي، ڀلا ڏاڏا حاجي ڇو نه اِهي ڳالهيون ٻڌي سهي. ڏاڏي آسيت هن جي لاءِ پنهنجي جواني قربان ڪئي. ڏاڏا پنهنجي ساهرن مان سڱ وٺڻ لاءِ شوق جي شادي ڪئي ۽ بدي ۾ ڀيڻ جي مٽي ۾ وريام لڳو ڪٿي سدا ملوڪ راڻي ڏاڏي آسيت ۽ ڪٿي وريام ڪاٽڪو، ڪارو، گرو، بندرو، ڏاڙهي گهاٽي، هر وقت سياري اونهاري ميري گوڏ ۽ پير اگهاڙا. ساڄي ٻانهن جي ڏنئوري ۾ چمڙي جو ورهين کان ٻڌل تعويذ. ڪم هئس سڄو ڏينهن وٿاڻ ۾ ڪُتر هڻڻ، ڏهائي ڪرڻ ۽ پاهوڙيءَ سان ڇيڻا ميڙي ڀاڻ واري ڍڳ تي رکڻ ڪڏهن ڏاڏا سان ملڻ ايندو هو ته پير راڦي ۾ ڀريل، ڇاتيءَ ۽ مٿي ۾ ڪُتر جا ذرڙا اٽڪيا پيا هوندا هئا. سنگت هيمشه چورن چڪارن سان، جنهن جي ڪري مهيني ڏيڍ پوليس سندس گهر تي بيٺي هوندي هئي، پر ڏاڏا حاجيءَ جي اثر رسوخ جي ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪانه ٿيندي هتي بعضي هفتو ڏيڍ يڪو گم ٿي ويندو هو. نيٺ اهڙو ويو جو وري نه موٽيو. ڪن چيو ته وڏي واهه مان مسخ ٿيل لاش وريام جو هو ته ڪن چيو ته ڌاڙيوالن سان ملي جبل ۾ مقابلي ۾ مارجي ويو. ڏاڏي آسيت کي جوانيءَ ۾ ڏهاڳ نصيب ٿيو ۽ اچي اباڻو گهر وسايائين. جيڪو نمبر ٻنيءَ جو کيس ڏاج ۾ ڏاڏا ڏنو، تنهن جي گهر ڪرڻ لڳا. بابا سائين روشن خيال ۽ انصاف پسند انسان هو، اُن  جو چوڻ هو ته جڏهن پُڦي آسيت هاڻي هتي آهي، اسين پاڻ آباد ڪنداسين. اُتان دشمني وڌي ويئي. آخر بابا کي جان ڏيڻي پيئي. منجهند جو ٻنيءَ تان گهوڙيءَ تي آيو پئي  ته ڍٻ وارن سَرن ۾ همراهه لڪا ويٺا هئا. حملو ڪري ڏنائون. خالي گهوڙي گهر پهتي ته همراهه ڊوڙيا بابا کي ڪهاڙين کائي ڇڏيو. دشمن ويندي ويندي بابا سائين جو پٽڪو به کڻي ويا، جنهن تان پرئين ڳوٺ وارا هميشه طعنا ڏيندا هئا ته پٽڪو ته ڇڏايو، جو گروي پيو اٿو! امڙ انهيءَ سال ڏک ۾ جهان ڇڏيو. آءٌ ان وقت يارنهن سالن جو هوس. ڏاڏي آسيت مون کي سيني سان لڳايو ۽ شهر ۾ هڪ پري جي مائٽن وٽ هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتان وڌيڪ پڙهي وڪالت تائين پهتس. انهيءَ وچ ۾ پرئين ڳوٺ وارن جي کونئس گهٽ نه ٿي. ڪڏهن مينهن گم ته ڪڏهن پاڻيءَ تان تڪرار ۽ ڪڏهن وري هارين کي تنگ ڪرڻ. اُنهن فسادن آخر ڏاڏا حاجيءَ کي به ڊاهي رکيو. اڌ رنگ جو حملو ٿيس ۽ ڇهين مهيني وڃي قبر ڀيڙو ٿيو. انهي ڇڪتاڻ تان نمبر رهجي ويو. مون ڏاڏيءَ کي وٺي وڃي شهر ۾ ’ماڊرن پلازا‘ ۾ فليٽ خريد ڪري رهائش اختيار ڪئي. ڳوٺ ۾ گهرن جي چوڌاري وڏين اوڏڪين ڀتين جي اندر فقط نمن جا وڻ رهجي ويا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن مائٽن جي قبرن تي فاتحه پڙهڻ لاءِ مقام تي وڃڻ ٿيندو آهي، جيڪو ڳوٺ واري رستي تي آهي. ڏاڏي آسيت هينئر ڪافي عمر رسيده ٿي ويئي آهي. جڏهن مقام تان گاڏي طرف ايندا هئاسين ته ڏاڏي آسيت رستي تي ٿورو بيهي سامهون انهيءَ ”اَڪن  واري نمبر“ کي نهاريندي رهندي هئي، جنهن ۾ هاڻ اَڪن جو جهنگ بنجي ويو هو. جڏهن گاڏي رواني ٿيندي هئي ته ڏاڏي آسيت خاموش ويٺي هوندي هئي. سندس خوبصورت وڏيون اکيو سرخ ٿي وينديون هيون. هڪڙو درياهه، جنهن جي لهرن مان اُن جي گهرائيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اسان جي سواليه نگاهن کي سمجهي فقط هيترو چوندي هئي ته ”اِهو... نڀاڳو اَڪن وارو نمبر!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com