سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :21

 

علمي خط

 

چاڪر خان رند

مهراڻ (4/1999ع) ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو تنقيدي اڀياس ”ماضي جي تاريخ کي وڏي ويچار سان سامهون آڻڻ گهرجي“ شايع ٿيو آهي، جيڪو دراصل منهنجي مقالي ”بلوچن جو عظيم هيرو، چاڪر اعظم“ (”مِهراڻ“ 1-2/1999ع) جي موٽ ۾ لکيو ويو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ادب، ٻولي، تعليم ثقافت، تاريخ، لسانيات، لطيفيات، لغت، موسيقي ۽ لوڪ ادب جي موضوعن تي مڃيل ۽ ممتاز شخصيت آهي، جنهن تي سنڌ وارن کي هميشه ناز ۽ فخر رهيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ڪيترائي تنقيدي اڀياس نظر مان گذريا آهن، جيڪي محققن ۽ ادب جي پانڌيئڙن لاءِ هميشه مشعل راه رهيا آهن. سندس ڪنهن به تنقيدي اڀياس مان ايڏي رنجش نظر نه آئي آهي، پر راقم الحروف جي مذڪوره مقالي تي جنهن نموني سان لکيو اٿن، ان تي وڏي غور ۽ ويچار جي ضرورت آهي.

جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب صحيح نموني سان مقالي جو خالص علمي ۽ ادبي دليلن سان ۽ عالمانه ۽ محققانه انداز سان تنقيدي اڀياس پيش ڪري ها ته اهو راقم سان گڏ پڙهندڙن لاءِ به شعور جو سامان ۽ معلومات ميسر ڪري ها. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا هي لفظ خاص طور قابل غور آهن ته:

”... هت مقصد هن مقالي جو رد لکڻ ناهي، پر اصلاح خاطر ڪي تنقيدي اشارا ضروري آهن، انهيءَ لاءِ ته اوڻايون معلوم ٿين ۽ اهو احساس پيدا ٿئي ته ’ماضيءَ جي تاريخ کي وڏي سوچ ويچار سان سامهون آڻجي‘، جيئن ملڪ جي قومن ۽ قبيلن جي وچ ۾ وڌيڪ ويڇا نه پيدا ٿين...“ (صفحو 51)

هتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب تسليم ڪري ٿو ته پاڻ راقم جي مقالي جو ”رد نه لکيو اٿس.“ پر، پنهنجي مضمون جي اٺن صفحن ۾ مون کي ”نفاق جو ٻج ڇٽيندڙ“، ”نفاق جي پوءِ ڦهلائيندڙ“، ”سامراج ايجنٽ“، ”نفرت جو ٻج ڇٽيندڙ“، ناعاقبت انديش“، ”سماجي امن جو بنياد اُکيڙيندڙ“ ۽ ”سازشي“ جي لقبن سان نوازيو اٿن. سندن تحرير جي انهي انداز کي نظرانداز ڪري، اسان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڏنل تنقيدي اڀياس جو علمي ۽ ادبي جائزو وٺون ٿا.

(الف) ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”شاڪر بروهي صاحب هن مقالي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي اڳين حاڪمن ۽ حڪومتن جي متضاد تاريخي مسئلن کي ڇيڙيو آهي، ۽ انهن کي پنهنجي مخصوص آئيني ۾ ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪنهن کيس اهڙي مقالي لکڻ تي آماده ڪيو سو معلوم ناهي، پر سندس لکڻ موجب هن هي مقالو ’پروفيسر غلام محمد لاکي جي اٿاريل سوال‘ کان متاثر ٿي لکيو.“ (صفحو 51)

اڳتي هلي لکيو اٿس ته:

”مقالي جي لکندڙ ’شاڪر‘ بروهي صاحب کان سوال پڇي سگهجي ٿو، جنهن پنهنجو وڏو وقت صرف ڪري، وڏي محنت سان هر قسم جا حوالا جمع ڪيا آهن. مقالي جو حاصل مطلب ڇا؟ مير چاڪر خان جي وجود جي انڪار سان ڪهڙو فائدو ٿيندو ۽ ڪنهن کي فائدو ٿيندو...؟“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خيال موجب هيءُ مقالو ڪنهن جي ”اشاري“ تي لکيو ويو آهي. پاڻ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جن جو نالو به وڏيءَ ڪاوڙ مان کڻن ٿا. ”اشاري“ وارو سندن گُمان درست ڪونهي. اصل ۾ سال 1987ع ۾ ڊاڪٽر لاکي صاحب جو ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ ڇپيو هو. ان ۾ پاڻ 21 صديءَ جي ’سبي‘ بابت لکيو اٿن ته:

”ائين ٿو لڳي ته ”سبي“ سورهين صديءَ جي سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شهر جو ارغونن جي قبضي ۾ اچڻ هڪ متضاد مسئلو آهي. مثال طور محمود شاهه بخاري ٻين عالمن جي برعڪس لکي ٿو ته ”مير چاڪر سبي قلعو فتح ڪيو. هن کان چند سال اڳ سبيءَ جي حاڪم ڄام نندي، شاهه بيگ ارغون کي 1486ع ۾ بيبي نانيءَ جي ڀر ۾ جلوگير وٽ شڪست ڏني هئي ۽ هاڻي مير چاڪر سما خاندان کي سبيءَ مان تڙي ڪڍيو. مير چاڪر هٿان شڪست کائي ڄام نندي مخفي طرح سبي شاهه بيگ کي ڏني ته جيئن ان ريت مير چاڪر کي تنگ رکيو وڃي.“ (ص 182). هن صورتحال ۾ هن مسئلي بابت تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي.“

اسان کي ”هن صورتحال ۾ هن مسئلي بابت تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي“، جي جملي هن عنوان تي تحقيق ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. راقم جي مقالي لکڻ مان اهو فائدو ٿيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ ۽ ڪن مؤرخن جيڪا غلط تاريخي بنيادن تي ڪوڙي ڪهاڻي گهڙي هئي، اها وائکي ۽ نروار ٿي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي مؤرخن ۽ محققن کي تاريخ ۾ جيڪو تضاد يا پريشاني هئي اها ختم ٿي. پر ٿيڻ ته ائين کپي ته سنڌ جي تاريخ سان منسلڪ ڪن مؤرخن جيڪي به تاريخي تضاد اُڀاريا آهن، تن جو نئين سر سائنسي بنيادن تي تجربو ڪري اصل حقيقتن ۽ سچاين کي پڌرو ڪيو وڃي.

(ب) ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:

”مير چاڪر جي شخصيت تاريخي آهي، جنهن جو پڪو پختو ثبوت ان دور جي معاصرانه ’تاريخ شير شاهي‘ (مصنف عباس خان) توڙي اُن بعد ويجهي دور جي تاريخ ’طبقات اڪبري‘ جي چٽن حوالن مان ملي ٿو.“ (ص 55)

هرات جي سلطان حسين بايقرا (862،911هه) جي هڪ لشڪر جي ڪنهن ڪاميابي ۽ فتح بابت فرمان يا پڌرنامو آهي، جنهن کي سلطان جي وڏي منشي خواجه عبدالله ان وقت جي دستور موجب وڏي عبارت آرائي ۽ آب تاب سان لکيو... جنهن کي پوءِ حسام الدين راشدي 1967ع ۾ ’مڪلي نامه‘ ۾ نقل ڪيو، جوڀانيائين ته ڄام نظام الدين جي دور ۾ ”هرات جي حڪومت... سنڌ جي ڪنهن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي. ميان حسام الدين به مبهم نموني ۾ ڄاڻايو ته سنڌ جي ڪنهن حصي تي حملو ٿيو.“ (ص 53)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته ’شير شاهي‘ ۽ طبقات اڪبري‘ معاصرانه تاريخون آهن، جيڪا ڳالهه درست ڪانه آهي، ڇو ته ”شير شاهي“ 994هه/ 86-1585ع ۾، ”طبقات اڪبري“ 1002هه/94، 1593ع ۾ لکيون ويون. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جنهن واقعي جي ڳالهه ڪيو ٿا، يا شخصيتن (يا هڪ شخصيت) جو ذڪر ڪيو ٿا، اهي تاريخون انهن کان ”سو سال پوءِ“ لکيون ويون. ٻيو ته پهرين تاريخ افغانن جي آهي ۽ ٻي هندوستان جي آهي ۽ انهن جو سنئون سڌو تعلق اسان جي عنوان سان آهيئي ڪونه.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ’فتح نامه سنڌ‘ ۾ آيل مواد جي تشريح ڪندي، سنڌ جي نامور عالم ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي صاحب جن سان به نا انصافي ڪئي آئي. ان طرح سان پير صاحب تي به آڱر کڄي ٿي. راشدي صاحب کي ته فارسي زبان جي هاڪاري ۽ مڃيل عالم جي حيثيت ۾، خود ايران وارن به خوب مڃيو هو. هت ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پير صاحب جي قابل صداحترام شخصيت ۽ سندس ڪيل قابل فخر علمي، ادبي ۽ تاريخي تحقيقن کي تضادي شخصيت طور اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا پير صاحب جهڙي اعليٰ عالم ۽ مؤرخ سان سراسر ناانصافي آهي.

(ج) ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”مير چاڪر جي سبيءَ ۾ سرداري کي رد ڏيڻ خاطر هڪ ڊگهي فارسي عبارت نقل ڪئي ويئي آهي...

حالانڪ ان جو مير چاڪر ۽ سبيءَ سان ڪو تعلق آهي، نڪو وري ان دور جي سنڌ سان ئي ڪو واسطو آهي. هيءَ سڄي عبارت، هرات جي سلطان حسين بايقرا (862،911هه)... جي وڏي منشي خواجه عبدالله...آب تاب سان لکي... جنهن کي پوءِ حسام الدين راشديءَ 1967ع ۾ ’مڪلي نامه‘ ۾ نقل ڪيو، جو ڀانيائين ته ڄام نظام الدين جي دور ۾ ”هرات جي حڪومت... سنڌ جي ڪنهن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي.“... پر جيئن ته نڪي هن قطعي ۾ ’سنڌ‘ ملڪ جو نالو آهي ۽ نه وري هيٺ متن ۾ سنڌ جي ڪنهن به فتح ڪيل شهر جو نالو ڏنل آهي، انهيءَ ڪري ميان حسام الدين راشدي به مبهم نموني ۾ ڄاڻايو آهي ته ”سنڌ جي ڪنهن حصي تي“ حملو ٿيو.

”غلط فهمي جو سبب پڌرنامي جي عنوان ”فتح نامه بلاد سند“ ۽ هيٺ متن ۾ آندل فقري ”ديار سند“ جا الفاظ آهن، جن ۾ سنڌ جو نالو اچي ٿو... ان آڳاٽي دور ۾... تڏهن، ’بلاد سند‘، ۽ ’ديار سند‘ جا اصطلاح وسيع معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ هئا... هن پڌر نامي ۾ خراسان جي واپارين جي فرياد جو ذڪر آهي... ”انهن جو لنگهه ۽ اچ وڃ سنڌ جي سرزمين جي ڪنهن ڀاڱي مان هئي.“... 892هه ۾ اهو لنگهه ۽ گذرگاهه هيٺ سنڌ مان نه هو، بلڪ اوچه، ملتان واري سرحد کان هو... اهو به صاف ڄاڻايل آهي ته واپارين تي حملا ڪندڙ ”ڪافر دين ۽ شرع جا مخالف آهن“ ۽ سلطاني لشڪر چڙهائي ڪري انهن ”تباهه ڪار دشمنن بدبخت هندن... کي تباهه ڪيو.“

اهي حوالا ان وقت جي سنڌ سان هرگز نٿا لڳن. ان وقت سنڌ ۾ ڄام نظام الدين جهڙي ديندار سلطان جي حڪمراني هئي، ۽ سنڌ اندر مسلمانن جي مخالفن هندن جي ڪابه رياست ڪانه هئي. هن پڌرنامي جي صاف بيان توڙي ان وقت سنڌ جي ارغونن جي حملن جي سلسلي مان ثابت ٿئي ٿو ته هي حملو سنڌ تي ڪونه ٿيو. ان دور ۾ هرات جي سلطان بايقرا سنڌ خلاف ڪا فوج ڪانه موڪلي.“ (ص 53، 54)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”ان جي برعڪس شاڪر بروهي صاحب، هن حملي کي سنڌ تي هرات جي سلطان ۽ ارغونن جو حملو ڪري سمجهيو آهي. لکي ٿو ته ”سلطان حسين بايقرا ڪجهه واپاري ماڻهن جي شڪايت تي، امير ذوالنون کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. ذوالنون جو پٽ شاهه بيگ 1475ع ۾ قنڌار کان اچي اڪڙي، چانڊوڪي (لاڙڪاڻو)، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇي ڳوٺن کي ڦريو لٽيو ۽ سبيءَ جي طرف پيشقدمي جاري رکيائين. سبيءَ تي ڄام نندي طرفان امير بهادر (مير بهادر خان) نگران هو. منگولن جي موتمار فوج امير بهادر کي موت جي ننڊ سمهاري سبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي طرفان پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي سبيءَ جو گورنر مقرر ڪيائين. ان فتح جي خوشيءَ ۾ عام اطلاع لاءِ ’فتح نامه سنڌ‘ جي نالي سان هڪ فرمان جاري ڪيو ويو ته جيئن ساري ملڪ ۾ اها خوشخبري پهچائي وڃي.“

”هيءُ سڄو تفصيل مقاله نگار جي پنهنجي وهم ۽ گمان جي اُڏام آهي. پڌرنامي ۾ اهڙو ڪوبه اشارو ڪونهي... پڌرنامي ۾ صاف طور تي دين اسلام جي مخالفن ڪافرن ۽ هندن جو ذڪر آهي، جن تي لشڪر چڙهيو ۽ فتح حاصل ڪئي. ان مونجهاري کي شاڪر بروهي صاحب سولائيءَ سان ائين حل ڪيو آهي ته شاهه بيگ جڏهن سبيءَ تي قبضو ڪيو ته ”عارضي طور فتح جي گهمنڊ ۾ مسلمانن (سنڌين) کي ’ڪافر‘ ۾ ’غدار‘ ڪوٺيائين.“ هن قسم جو نتيجو هن مقالي جي باقي اهميت ۽ افاديت کي به ختم ڪري ٿو.“ (ص 54، 55).

محترمه ڊاڪٽر بلوچ صاحب هتي پڻ سنگين غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو آهي. پهريون ته ارغونن طرفان، سبيءَ تي ڪيل حملي جي فتح جي خوشيءَ ۾ جاري ڪيل پڌرنامي ’فتح نامه سنڌ‘ ۾ آيل لفظن ’بلاد سند‘ ۽ ’ديار سند‘ مان ’ملتان‘ واري سرزمين مطلب ڪڍيو اٿس، پر معاصرانه ۽ بعد جي مستند مؤرخن جي ثبوتن جي آڌار اها ڳالهه پڌري پٽ پيئي آهي ته ان دور ۾ ’ملتان‘ هڪ الڳ ۽ آزاد رياست هئي. اُتي جا رهاڪو توڙي ان وقت جو سلطان حسين لانگاهه مسلمان هئا، نه ڪي ڪافر يا دشمنان اسلام. جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ جي مطابق ’ديار سند‘ ۽ ’بلاد سند‘ مان ’ملتان‘ واري سرزمين يا آس پاس وارو خطو آهي ته پوءِ هراتين ’فتح نامه سند‘ ۾ ’سند‘لفظ بدران ’فتح نامه ملتان‘ يا ’بلاد ملتان‘ ۽ ’ديار ملتان‘ لفظ ڇو نه استعمال ڪيا؟ ٻيو ته ’فتح نامه سند‘ جي جاري ٿيڻ جي دور ۾، سنڌ ۽ هند جي تاريخي ڪتابن ۾ سبيءَ تي ڄام نظام الدين جي طرفان مقرر ڪيل گماشتي ’بهادر خان‘ جو نالو زير بحث اچي ٿو، جنهن جي ثابتي طبقات اڪبري، تاريخ معصومي ۽ تاريخ فرشته کان وٺي تحفةالڪرام تائين جا مصنف ڏين ٿا. جي اهو حملو ملتان واري رياست تي يا آس پاس واري ڪنهن خطي تي ٿيو هجي ها، ته اهي مؤرخ ارغونن جي حملي وقت ’بهادر خان‘ جي ذڪر ۽ موجودگي کان پرهيز ڪري، کين ملتان واري رياست يا آس پاس واري خطي جي (جي ارغونن يا هراتين حملو ڪيو هجي ها) گورنر يا حڪمران جو نالو درج ڪن ها، يا وٺن ها. پڌرنامي ’فتح نامه سند‘ ۾ آيل لفظ  ’سند‘ ۽ ان ۾ استعمال ٿيل ’بلاد سند‘ ۽ ’ديار سند‘ لفظن سان گڏ ان دور ۾ هراتين ۽ ارغونن جي حملي وقت سبيءَ تي ’بهادر خان‘ جو مقرر هجڻ مان اهو صاف ظاهر آهي ته اهو حملو ارغونن سبيءَ تي ڪيو ۽ پڌرنامي ۾ ’سبي‘ شهر بدران پوري ملڪ يعني ’سنڌ‘ جو لفظ ڪتب آندائون. پير حسام الدين راشدي صاحب پڻ ان دور جي تاريخي واقعن، سنن ۽ مستند تاريخي ڪتابن جي پرک ۽ پروڙ بعد پڌرنامي ۾ استعمال ٿيل لفظ ’سند‘ مان ’سبي‘ جو شهر مطلب ڪڍيو آهي، جيڪا هڪ وقت تائين تسليم ٿيندي پئي آئي آهي.

ڄام نندي جي شروعاتي دور 866هه/1461ع کان وٺي 914هه/ 1508ع تائين ارغونن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ٻه جنگيون ۽ حملا ٿيا، سنڌ ۽ هند جي تاريخي ڪتابن مان طبقات اڪبري، تاريخ معصومي، تاريخ فرشته ۽ تحفةالڪرام، انهن حملن کي گڏي بيان ڪيو آهي.

خواجه نظام الدين احمد بخشي پنهنجي ڪتاب طبقات اڪبري (سن تاليف 1002هه/1593،94ع) ۾ ٻنهي حملن ۾ جنگين کي گڏي بيان ڪندي لکي ٿو:

”درزمان او، شاهه بيگ از قندهار آمده، درسنه تسمع و تسعين وثمانمائہ (899هه) قلعه سيوي را که در تصرف بهادر خان گماشتهء او بود، مفتوح ساخت. و برادر خود سلطان محمد را آنجا گذاشته، خود بقندهار مراجعت نمود. وجام ننده، مبارک خان نام را برسر سلطان محمد فرستاد و سلطان محمد درين جنگ بقتل رسيده، باز سيوي در تصرف جام درآمد.“ (قانع، مڪلي نامو: ص 178)

مير محمد معصوم بکري، پنهنجي تصنيف ’تاريخ معصومي‘ (سن تاليف 1009هه/ 1600ع) ۾ پڻ ٻنهي حملن کي گڏ بيان ڪندي لکي ٿو:

”و در آخر سلطنت ڄام نظام الدين، لشکر شاهه بيگ از قندهار آمده مواضع اکري و چندوکه وسيديچه را تاخت نمود. جام، لشکر بجهة دفعه فساد مغولان فرستاد. و آن لشکر تاقريه که مشهور است به جلوگير رسيده جنگ صعب نمودند. و دران جنگ برادر شاهه بيگ بقتل رسيدو هزيمت يا فت عنان بجانب قندهار برتافتند.“ (ص 179، 180)

مير محمد قاسم هندو شاهه، پنهنجي ڪتاب ’تاريخ فرشته‘ (سن تاليف 15 10هه/7، 1606ع) ۾ پڻ ٻنهي جملن کي گڏي لکندي بيان ڪري ٿو:

”در سنه تسعين و ثمانمايہ  (890هه) شاهه بيگ ارغون از قندهار آمده قلعه سيوي که در تصرف يکي از امرايء نظام الدين بود، بهادر خان نام داشت، محاصره نمود، وبجبر و قهر مفتوح ساخته، به برادر خود، سلطان محمود سپرد، وخود بقندهار رفت،و در غيبت او جام نظام الدين، يکي از امرايء خود راکه مبارک خان نام داشت و مردانه وشجاع بود، با ستخلاص قلعه سيوي نامزده فرمود. وبين الجانبين چند کرت جنگ واقع شده. عاقبت سلطان محمد بقتل آمد. وقلعه سيوي باز بتصرف جام نظام الدين المشهور به جام ننده در آمد.“

مير علي شير قانح ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ (سن تاليف (1181هه/ 1767،68ع) ۾ شاهه بيگ جي حملي ۾ دولهه دريا خان جي حملن کي بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾ ’شاهه بيگ‘ جي لشڪر قنڌار کان اچي. اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان، درياخان، سيويءَ تائين ڪاهي ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاهه بيگ جي ڀاءُ ابو محمد مرزا کي ڪُهي، فتح سان موٽي آيو.“

سنڌ ۽ هند جي مستند مورخن، ارغونن جا سبي ۽ سنڌ جي شهرن تي اِهي ٻيئي حملا ترتيب وار، پهريون حملو، جنهن ۾ شاهه بيگ بهادر خان کي شڪست ڏني ۽ پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي سبيءَ جو گورنر مقرر ڪري ٿو، 890هه/ 1485ع ۾ ٿيو، ۽ ٻيو حملو، جنهن ۾ دولهه دريا خان سبيءَ تي ارغوني گورنر ”سلطان محمد‘کي قتل ڪري، سبي واپس وٺي ٿو 895هه/ 1490ع ۾ ٿيو (ڊاڪٽر لاکو: ص 44) ڄام نظام الدين جي دور 1461ع کان وٺي 1508ع تائين ارغونن ۽ سنڌين جي وچ ۾ آهي ٻيئي جنگيون لڳيون. ان کان پوءِ سندس زندگيءَ ۾ ڪوبه حملو ارغونن يا غير سنڌين نه ڪيو. مير محمد معصوم بکري ۽ قانع جهڙن مؤرخن ان جي تصديق هنن لفظن ۾ ڪئي آهي.

مير معصوم بکري، 1490ع واري آخري جنگ بابت لکي ٿو:

”ٻيا شڪست کائي قنڌار موٽي ويا ۽ ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ وري سنڌ ۾ نه آيا.“ (معصومي، 1985ع: ص 114)

قانع ”تحفتہ الڪرام“ ۾ پڻ انهي جهنگ بعد وري منگولن جي سنڌ تي حملي کي رد ڪندي لکيو ته:

”هن جي ڏينهن ۾ شاهه بيگ وري سنڌ تي لشڪر نه موڪليو.“ (ص: 136)

ان طرح قانع ”مقالات الشعراء“ ۾ به لکيو آهي ته ”ڄام نندي لشڪر موڪليو، محمد ارغون قتل ٿيو، ارغون وري ڄام جي دؤر ۾ سنڌ تي حمله آور نه ٿيا.“ (ص 715، 816)

هتي هي سوال وڏو وزن رکي ٿو ته ارغونن 1485ع ۾ سبيءَ تي حملو ڇو ڪيو؟ ۽ ڄام نظام الدين جي، سبيءَ تي مقرر ڪيل گورنر بهادر خان کي شڪست ڏيئي، پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي ڇو مقرر ڪيو؟ انهن نقطن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين ارغونن جي سياسي طاقت جي اڀار جو تاريخي جائزو وٺون ته پوءِ اسان آسانيءَ سان محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي غلط فهميءَ کي سمجهي سگهنداسون.

سلطان حسين بايقرا جي ڪرندڙ ساک ۽ ڪمزور سلطنت کي ارغونن سهارو ۽ سگهه ڏيئي مضبوط ڪيو. خراسان جي هن مثالي بادشاهه کي جڏهن هزاره ۽ تڪدري جي ماڻهن تنگ ڪيو، تڏهن حسين مرزا طرفان امير ذوالنون ارغون کي غور ۽ داور جي علائقن تي مقرر ڪيو. (ڊاڪٽر لاکو: ص43) امير ذوالنون 884هه 80/1479ع کان پوءِ ٽن چئن سالن جي عرصي ۾ مٿن فتح حاصل ڪئي. سلطان کيس احسن خدمات طور غالباً 887هه 1482ع ۾ فره ۽ غور جا علائقا سندس قبضه اقتدار ۾ ڏنا (ترخان نامو سنڌي، ص6)، ۽ بعد ۾ امير ذوالنون (يا سندس پٽ شاهه بيگ) شال ۽ مستونگ تي قبضو ڪيو. ائين ٿو ڀائنجي ته 888هه 1480ع ۾ يا آخر ۾ انهن تي قبضو ڪيائين.

ان دور ۾ سنڌ ۾ قنڌار جو واپار ايران ۽ مٿين علائقن سان ٻن رستن تان ٿيندو هو. هڪ موله ۽ بولان درن وارا رستا، جي مهراڻ جي خوش نصيب وادي کي قنڌار، هيلمند ۽ ايران جي مٿانهين پٽ وارن اڀرندي حصن سان ۽ ايراني نار تائين ملائيندا هئا. ٻيو رستو مڪران جي ڪناري وارو رستو، جتان اسڪندر مقدوني لشڪر سميت موٽندي لنگهيو هو ۽ عرب فاتح هن رستي کان سنڌ ۾ وارد ٿيا هئا. اڄ ڪڇي جو ٽڪنڊو ميدان ۽ سيستان ويران آهن، مگر ان زماني ۾ سيستان ايشيا کنڊ جو زراعتي باغ هو. (مولائي شيدائي، تمدن سنڌ، ص 473، 474)

ارغوني امير، پهريائين ئي شال ۽ مستونگ تي قبضو ڄمائي چڪو هو ۽ هاڻي واپاري، سياسي ۽ فوجي مصلحت خاطر سبيءَ تي قبضو ڪرڻ ضروري ڄاتائين. ان حوالي سان واپارين جي دانهن جو بهانو بنائي. 1485ع ۾ پنهنجي پٽ شاهه بيگ جي هٿان سبيءَ تي قبضو ڄمايائين. ان عارضي فتح جي خوشيءَ ۾ هڪ پڌرنامو ”فتح نامه سنڌ“ جي نالي سان هرات ( مرڪزي حڪومت) مان جاري ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ ”بلاد سند“ ۽ ”ديار سند“ جا لفظ صاف صاف سنڌ يعني ”سبيءَ“ طرف اشارو ڪن ٿا. انهن سمورن تاريخي واقعن، سنن ۽ تاريخي ڪتابن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، محترم پير حسام الدين راشدي ”مڪلي نامه“ ۾ پنهنجي حتمي راءِ ڏيندي لکي ٿو:

”فتح نامه سنڌ سنه 892هه: هن هيٺ سلطان حسين با يقرا بادشاهه خراسان (862، 911هه) جو جاري ڪيل فتح نامه سنڌ، سنڌي اختصار سان درج ڪري رهيا آهيون، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هرات جي حڪومت سنه 892هه ۾ چند واپارين جي شڪايت تي سنڌ جي ڪنهن حصي تي لشڪر ڪشي ڪئي، جنهن ۾ ٿيل فتح جي اطلاع لاءِ اهو ”فتح نامو“ ملڪ جي مختلف حصن ۾ پڌرو ڪيو ويو.“

پير صاحب اڳتي وڌيڪ چٽائي سان لکي ٿو:

”انهيءَ دور ۾ هرات جي طرفان اميرذوالنون ارغون قنڌار تي نائب هو، جنهن جي پٽ شاهه بيگ سنه 890هه ۾ ڄام نظام الدين جي حدن ۾ ٽپي سيويءَ جو قلعو سندس گما شتي بهادر خان کان کسي، ان تي پنهنجو ڀاءُ سلطان محمد کي قابض ڪيو، جنهن کان پوءِ جلد ئي، مبارڪ خان (دريا خان دولهه) قلعو موٽائي ورتو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو.“ (مڪلي نامه)

بعد جي مؤرخن مان ايم. ايڇ پنهور صاحب ۽ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جي لکيتن پڻ پير حسام الدين راشدي صاحب جي تحقيق ۽ بيان ڪيل تاريخي واقعن جي تصديق ڪئي آهي. پنهور صاحب لکي ٿو:

1485-86 A.D 890 A.H

 In the days of mongol, sultan Hussian mirza Baiqra of khurasan, on getting complaints of the merchants of Central Asia (Heart and Qandhar), that they were looted by Sindhis, sent an armed expedition to sind border which after initial raids returned back to their country. A declaration of victory was issued in herat 892 A.H. (1487 A.) lt states that the infidels (sindhis) having come to know of Mongol Movements, collected a large army and wanted to make a surprise attak but the lslamic forces (mongols) came to know of it and made offensive attacks killing many of these Hindus (forces of Jam Nizamuddin). As a result of this success, the declaration of victory was issued.

This may have been an attack on sindh border wothout any results. Amir Zul noon arghun, then was Herats naib at Qandhar, He seems to here dispatched his son shah beegon this expendition. The latter coptureds sibi fort from jam Nizamuddin,s agent Bahadur khan and installed his brother surtan Mohammad, who later on was defeated or killed by Mubarak khan (darya khan dullah) at jalwagir. In bolan pass, close to Bibi Nani" ("chronological Dictionary of Sindh: Page 365)

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، مٿين سڀني مؤرخن جي تصديق ڪندي، ان سموري حملي ۽ پڌرنامي جي جاري ٿيڻ جو سبب ڄاڻائيندي ”سمن جي سلطنت“ ۾ لکيو آهي:

”سن 1485ع (890هه) ۾ ڪجهه واپارين جي شڪايت جي آڙ وٺي، قنڌاري لشڪر سنڌ جي اهم شهر ”سبي“ تي حملو ڪيو. (ص 44) هن شهر تي امير بهادر، ڄام جو نائب هو. منگولن جي موتمار حملي ۾ سنڌي فوج شڪست کاڌي ۽ شهر تي هراتين قبضو ڪيو... هتي محمد ارغون (ڀاءُ: شاهه بيگ ارغون) کي عملدار مقرر ڪيو ويو. سوڀ جي نشي ۽ طاقت جي غرور ۾، منگولن هن واقعي بابت هڪ اعلان جاري ڪيو، جنهن ۾ حملي کي جائز قرار ڏيڻ ۽ پنهنجي فتح جو اظهار هن ريت ڪرڻ کي ترجيع ڏنائون: ”صبح تائين ٻيئي فوجون منهن مقابل اچي ٿيون. اسلامي فوج انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. خداتعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح عظيم حاصل ٿي.“ منگولن عارضي سوڀ جي نشي ۾، پنهنجي پڌرنامي ۾ مسلمانن (سنڌين) کي به ’هندو‘ سڏيو.“ (ص 33، 34)

هن سموري وضاحت ۽ تفصيلي بحث سان گڏ، سنڌ ۽ هند جي مستند تاريخي ڪتابن، سنن ۽ واقعن جي ڇنڊڇاڻ مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته ارغونن، دره بولان جي رستي تي قبضي ڪرڻ لاءِ واپارين جي بهانو بنائي، سبيءَ تي 1485ع ۾ قبضو ڪيو. فتح جي خوشيءَ ۾ هراتين ”فتح نامه سنڌ“ جي نالي سان پڌرنامه جاري ڪيو. پير حسام الدين راشدي صاحب جي ”فتح نامه سنڌ“ بابت ڪيل تحقيق، سنڌ ۽ هند جي مٿين سڀني مؤرخن جي تصديق جي آڌار تي صحيح ۽ درست آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ مطابق ته ”اهي حوالا ان وقت جي سنڌ سان هرگز نٿا لڳن... هي حملو سنڌ تي ڪونه ٿيو... ان دور ۾ هرات جي سلطان بايقرا سنڌ خلاف ڪا فوج ڪانه موڪلي“، حقيقتن جي بلڪل برعڪس آهي ۽ سائين جو پنهنجو ذاتي ۽ شخصي رايو آهي ۽ نه ڪه علمي، ادبي ۽ تاريخي تحقيق!

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڌرنامي ۾ استعمال ٿيل، ”اهو به صاف ڄاڻايل آهي ته واپارين تي حملا ڪندڙ ”ڪافر ۽ دين شرع جا مخالف آهن“ ۽ ”سلطاني لشڪر چڙهائي ڪري انهن ”تباهه ڪار دشمنن بدبخت هندن“ کي تباهه ڪيو.“ جملن مان غلط مطلب ڪڍي، گمان ۽ مفروضا قائم ڪري سنگين غلط فهميءَ جو شڪار ٿيو آهي، جيئن تغلقن، ڄام بابينو کي مبهم انداز ۾ ”ڪافر“، ”اسلامي دشمن“، ”شرير“، ۽ ”فسادي“ ڪوٺيو هو.

فيروزالدين شاهه ڄام انڙ اول (1351،1352ع) جي وفات کانپوءِ سندس پٽ صدرالدين ڄام بابينو سنڌ جو حاڪم بنيو. سندس چاچو علاو الدين ڄام جوڻو پڻ ساڻس اقتدار اعليٰ ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنيو. (لاکو: ص 14، 15) هنن جو دور 1353ع کان 1368ع تائين هو. هنن جي طاقت صرف لاڙتائين محدود هئي، سيوهڻ، بکر ۽ نصرپور ۽ تغلقن جا نائب موجود هئا. ملتان تي عبدالحق ماهرو جهڙو ذهين ۽ چالاڪ علمدار مقرر ڪيو ويو هو. فيروز تغلق، ڄامن کي ناڪام بنائڻ لاءِ گجرات ۽ ملتان جي نائبن کي تاڪيد ڪيو، نه همير سومري جي هر طرح مدد ڪئي وڃي ۽ کيس هر قيمت تي وري سنڌ جو حاڪم بنايو وڃي. (لاکو ص 14،15) ڄام بابينو، پاڻ وطن دوست ۽ ٻاهرينءَ مداخلت جو سخت مخالف هو. دهليءَ وارن جي بالادستيءَ جو جاني دشمن هو. ڪيترائي دفعا هن دهليءَ جي هٿ هيٺ آيل علائقن تي حملا پڻ ڪيا هئا. فيروز تغلق جڏهن لکنئو تي فوج ڪشي ڪئي، ته ان وقت ڄام، ملتان جي حدن تائين دهليءَ جي حڪمرانيءَ ۾ گهڙي ويو. (مڪلي نامو: ص 104) سيوهڻ ۾ پڻ هن ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. (لاکو: ص 16) سنڌ جي معاملن لاءِ سلطنت هند جو خاص نمائندو ۽ ملتان جو وائسراءِ عين الملڪ ماهرو، سنڌو ماٿر ۾ آيل تبديلين کي وڏي ڳڻتيءَ ۽ غور سان ڏسي رهيو هو. ان صورتحال ۾ هن تيزيءَ سان ماحول کي پنهنجي ضابطيءَ ۾ آڻڻ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا. هڪ طرف هن سنڌ جي اقتدار اعليٰ ۾ ڪمزوري پيدا ڪرڻ واسطي، ڄامن ۾ اندروني اختلاف پيدا ڪرڻ جو جتن ڪيو ۽ ٻئي طرف همير سومري کي وري سنڌ جي حاڪم بنائڻ جي مهم پڻ تيز ڪري ڇڏي. پر پاڻ 1364ع ۾ وفات ڪري ويو. فيروز تغلق 1365ع ۾ پهريون دفعو حملو ڪري ٺٽي آيو. تنگ ٿي شرم کي پرچائڻ خاطر، گجرات جي رستي کان واپس هليو ويو. (مڪلي نامو ص 104) فيروز ٻيو دفعو 767هه/66، 1365ع ۾ ڪاهه ڪري ٺٽي آيو. مقابلو تمام سخت ٿيو، آخر جهانيان جهانگشت سيد جلال الدين بخاريءَ جي وچ ۾ پوڻ تي صلح ٿيو ۽ انهيءَ صلح پٽاندر ڪجهه شرطن تي ڄام بابينو پنهنجي چاچي ڄام جوڻي سميت، سلطان وٽ هلي آيو. (ص 104)

”منشات ماهرو“  نالي ڪتاب ۾ عين الملڪ، عين الدين ۽ عبدالله بن ماهيرو جا اهي خط درج آهن، جن جو تعلق فيروزشاهه تغلق، ڄام بابيني، ڄام جوڻي ۽ تماچي جي دور سان آهن. هي سڀ خط سائين پير حسام الدين راشدي صاحب ’مڪلي نامه‘ ۾ صفحي 137 کان صفحي 174 تائين تفصيل سان ڏنا آهن. خط نمبر 99 ۾، ڄام بابينو، جيڪو سنڌ دوست، قومپرست ۽ سنڌ تي غيرن جي حڪمراني برداشت نه ڪرڻ واري شخصيت جو مالڪ هو، تنهن کي تغلقن ’شرير‘، ’غارت گر‘، ’عهد شڪن‘ ’ڪافر‘ ۽ ’دشمن اسلام‘ سڏيو آهي، پر ان جي برعڪس سلطنت دهليءَ جي حڪومت ۽ فوج کي ’مسلمان‘ ۽ ’لشڪر اسلام‘ سڏيو آهي. (153، 154) خط نمبر 133 ۾ هندوستان جي حڪمران کي ’بادشاهه اسلام‘ (ص 162) سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. انهن خطن تي پير حسام الدين راشدي صاحب جن تبصرو ڪندي لکن ٿا:

”مٿين خطن مان، انهيءَ وقت جي سنڌ جو سڄو سياسي صورتحال معلوم ٿئي ٿو. سنڌ اندر ڌارين خلاف جيڪا بيچيني، بيقراري، نفرت ۽ مخالفت هئي، خطن جي لفظ لفظ مان ظاهر آهي. خطن مان اهو به ظاهر آهي ته سنڌ مٿان ظالم، جابر ۽ بي رحم صوبيدار موڪليا ويندا هئا.، دهليءَ جي لشڪر کي ”لشڪر اسلام“ تصور ڪيو ٿي ويو ۽ حق طلب ڪندڙ مسلمانن کي ڪوڙو، بدعهد، دغا باز ۽ ڪافرن کان بدتر سمجهيو ويندو هو. اِها ”سلطاني ذهنيت“ محڪومن لاءِ انهيءَ وقت به عمل هيٺ هئي. سلطاني حرم سراءِ لاءِ ماڻهن جون نياڻيون ۽ نَنگ زوريءَ ورتا ويندا هئا، انهيءَ عقوبت ۽ تعدي بعد به اميد رکي ٿي ويئي ته ماڻهو بي غيرت ۽ ڊيٺ ٿي، ساڻن وفاداريءَ جو دم هڻندا رهن، ۽ سندن اقبال جا دائما دعاگو رهن! هن خط اندر اسلامي کي ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪيو ويو آهي، سو پڻ غور جي قابل آهي.“ (ص 167، 168)

هن بحث ڪرڻ جو مطلب اهو هو ته سما ڄام، دهلي سلطنت جا مخالف هئا ۽ ”خود مختيار“ ۽ ”آزاد سنڌ“ لاءِ لڙي رهيا هئا، ان ڪري کين ”دشمن اسلام“، ”ڪافر“، ”شرير“، ”فسادي“  ۽ ”غارت گر“ ڪوٺيو ويو. ساڳي صورتحال ڄام نظام الدين سان به لاڳو ٿئي ٿي، جو هو ديندار ۽ آزاد حڪمران هو ۽ ٻئي ڪنهن جي بالادستيءَ کي برداشت نه ڪندو هو. ان لاءِ کيس ”دشمن“، ”ڪافر“، ۽ ”دشمن اسلام“ جهڙن غليظ لفظن سان ياد ڪيو ويو. پر ان جي برعڪس محترمه ڊاڪٽر بلوچ صاحب، انهيءَ صورتحال ۽ فاتح جي مفتوح لاءِ ڪتب آندل لفظن کي نظر انداز ڪري سنڌ جي تاريخ جي واقعن کي غير حقيقي رنگ ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پير حسام الدين راشدي جي سنجيده تحقيق کي رد ڪندي پڻ سنگين غلطيءَ جو مرتڪب ٿيو آهي. والسلام

- نذير احمد ”شاڪر“ بروهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com