سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :3

 پشپا ولڀ

 

اِسٽل لائيف

(Still Life)

 

اُتي جي هر شيءَ سمهيل هئي

ٽيبل، ڪرسيون، ڪٻٽ

۽ ڪٻٽ ۾ پيل ڪتاب

هر طرف چُپ

خاموشيءَ جي اسپائيڊر

پنهنجو سنهو نفيس ڄار وڇائي ڇڏيو هو

نلڪو جيڪو ڄڻ ڪڏهن کليو ئي نه هو

آئينو جنهن ڪڏهن ڪجهه ڏٺو ئي نه هو

خوبصورت، بدصورت، ڊبل

ڪجهه به نه، هُو چُپ هو.

پراڻو پيلو ٿيل پنکو

بس پنهنجي زندگي گهيلي رهيو هو

ڄڻ صدين کان ائين ئي

آهستي آهستي هلي رهيو هو.

وڏيون وڏيون شيشي جون بوتلون ۽ جار

پنهنجي پنهنجي رئڪ ۾ سمهيا پيا هئا.

ٽيليفون چُپ چاپ پير پٿاري آرام ڪري رهيا هئا

اهي ڄڻ ڪڏهن وڳا ئي نه هئا

انهن ڪڏهن ڪنهن جو آواز ٻُڌو ئي نه هو

ڪڏهن ڪڏهن ڪٿان ٻُڌجندڙ

هلڪي هلڪي سُرٻاٽ

يا قدمن جي آهٽ زندگيءَ جو احساس ڏياري رهي هئي.

ٽيبل جي مٿان نوان پراڻا ڪتاب

اخبارون ۽ رسالا

هڪ ٻئي مٿان سٿيا پيا هئا

۽ ديوار جي مٿان ٽنگيل پراڻو

ڪئلنڊر پنکي جي هوا ۾

هلڪو هلڪو اُڏري رهيو آهي

ڪمري جي هڪ سمهيل ڪرسيءَ تي

مان ويٺي آهيان

۽ سامهون پلاسٽڪ جي گلاس ۾

پلاسٽڪ جا گُلابي گُل

مسڪرائي رهيا آهن.

 

فهميده شرف بلوچ

 

ٽيڙو

 

هيکل آهيان آءٌ،

ڪوبه نه اچڻو آ هِتي،

ڇو ٿو ٻولي ڪانءُ!

 

ڳوٺ ڳلي، هر گهر،

ڪنهن کي ڳولن ٿا پيا،

هيءُ شرير ڪَڪر!

 

ڏسان ڪيئن لقاءُ،

ڊڄي اُڏرن ٿا پکي،

ٻُڌي هلڪو ٺڪاءُ.

 

منهنجو نانءُ نه ڪو،

چنڊ ستارن اُڀ کان،

منهنجو ڏس پُڇو!

 

منهنجو هاريل هانَو،

تنهنجو ائين آسرو،

جهڙي وڻ جي ڇانوَ.

 

وکري وئي هر آس،

سرتا! توبن ساهه جي،

ڪانه ٻُجهي ٿي پياس!

 

رم جهم نيڻ رُنا،

ڇير ته منهنجي پير جي،

پئي ٿي ٽهڪ ڏنا.

 

جيون ڄڻ ڪا جنگ،

تنهن ۾ سرجي ڪئن ڀلا،

من جي ڪابه امنگ؟

 

***

 ايوب کوسو

 

معصوم خوابن جي ڪشمڪش

 

مُحبت بي چَئي موسم جي نيڻن جي ڪهاڻي آ،

حياتي انتهائن جا ڇُهيا هِن جسم ڪي ڀُورا.

صليبن جي سياهي تي اکيون اڪثر کُتيون آهن،

اميدون اشڪباري جي درن تي ئي کُٽيون آهن!

اسان جي چاهه جون ٻانهُون رهيون آخر ٻُٽيون آهن،

گلابن جي شهر ڏي پنڌ آسن جو رهيو آهي،

سدائين سمنڊ وانگي درد دل ڏي ئي وهيو آهي!

ڪجي ڇا يادگيري بي چئي ڇوري جيان آهي،

اُنهي جي سينڌ ۾ موتئي جا گلڙا ئي رهيا آهن!

وڄي ٿِي روح ۾ جنهن پل ٽِڪي ٿي درد جي موسم،

اچن ٿا ياد تنهنجي ڀاڪرن جا سؤ ڀَرم جانان!

اچي ٿِي جسم پنهنجي مان سڳنڌ تنهنجي حَيائَن جي،

ڪجي ڇا هِي خدائي ڄڻ ته آهي ڪئين خدائن جي!

نچي ٿي چاندني پنهنجي اڱڻ تي ڪنهن رقاصا جيئن!

سڄي معصوم خوابن جي خُدائي هڪ طرف آهي،

تنهنجي مُرڪن جي جوڀن جي ڏنگائي ٻئي طرف آهي!

محبت ۾ وسارڻ جو ڪُفر ڪنهن کان ڀَلا ٿيندو؟

تُنهنجي ڇاتي جي ڇُلڪڻ جا سڀئي سُرتال ياد آهن!

هوائن جو قسم آهي هجر جا سال ياد آهن!

اکيون خانه بدوشن جي کُليل خيمن جيان تنهنجون،

اُنهن ۾ بيقراري جي لُڇڻ جو رَقص هر پيارو،

گهٽائن جي کُليل ٻانهن جي نيري دلفريبي جيئن،

تُنهنجي چَپڙن جي صُبحن جي صدائُن جا اِهي چرچا،

تُنهنجي ڪنوارن هٿن تي زندگي جا ڪئين غزل پکڙيل،

غضب جي ۽ قيامت جي رهيا تحرير ڄڻ آهن!

وسارڻ لئه زمانو ڇا حياتيون سؤ اڃان گهرجن!

گُلابن جو قسم آهي ته تُنهنجي ياد جو سورج،

اسان جي هِن جياپي جو رهيو ڪوئي بهانو آ،

اسان جي عاشقي جي سو خُدائي جو زمانو آ!

 

***

بخشل ”باغي“

 

غزل

 

چري دل امتحانن جي صليبن تي ٽنگيل آهي،

مگر پو ڀي اڃا تائين ارادن ۾ اٽل آهي.

اُهوئي کيل آ ساڳيو، اُها ڊُڪ ڊوڙ جاري آ،

اڃا ڀي زندگي پويان، ازل کان ئي اَجل آهي.

هوا ۾ تارڙا لهرون، سڄو آڪاش ڪينجهر جيان،

۽ هو چنڊ چوڏهينءَ جو به ڄڻ اُجلو ڪنول آهي.

ڏسي عالم سموري کي ڪيئي تخليق نيڻن مان،

عمل تنهنجي ڏسڻ جي جو اِهو ردِ عمل آهي.

نٿو چهرو سُڃاڻپ ۾ اچي جيڪر ته ڇا ٿي پيو،

اِهو آواز ساڳيو گيت ڀي پهرين ٻُڌل آهي.

سموري سونهن سان ئي سونهن هي سنسار جي آهي،

۽ ٻيو پيار آ جنهن سان سڄو ميلو مَتل آهي.

مان جُگنو جان ٻَري اُن ۾، ڪيان پيو روشني دل سان،

جو منهنجي چؤطرف تنهنجي ئي ڳولا جو جهنگل آهي.

الائي تون ڪٿي آهين، الئي آهين به يا ناهين،

نه ڪو آواز آ تنهنجو، نه ظاهر ئي شڪل آهي.

تون جنهن کي ميل ٿو سمجهين، اُهوئي موت آ تنهنجو،

فراقي هر پهر تنهنجو، اصل ۾ ئي وَصل آهي.

اِها اوندهه رڳو اوندهه نه آهي اِن جي اندر ۾،

تون ڳولا ڪر اِنهيءَ ۾ لاٽ جيون جي لڪل آهي.


ستار سُندر

 

 غزل

 

مون کي دنيا نئين ڏيکاري ويا،

خواب تنهنجا اکيون اُجاري ويا.

ڦُول وانگر يقين آ ٽڙبو،

هو جي هڪڙو دفعو نِهاري ويا.

مان ته ابدي سُتل هيس ننڊ ۾،

سڏ تنهنجا مگر اُٿاري ويا.

پاڻ سان هُو کڻي ويا سڀڪجهه پر،

پيار جا خواب هِت وساري ويا.

اڄ سُندر هو قبر تي روئي،

نيٺ لُڙڪن جا ديپ ٻاري ويا.

 

روبينه ابڙو

 

غزل

 

ڇا هي پيار پرستيءَ اندر،

آهي پڇندو مستيءَ اندر.

 

شايد پريَن پير آ پاتو،

مهڪارون هن وستيءَ اندر.

 

ڳجهه، ڳجهارت، پريت، پهيلي،

سڀڪجهه تنهنجي هستيءَ اندر.

 

اوچائي ۾ ڪجهه ڀي ڪونهي

سڀڪجهه آهي پستيءَ اندر.

 

پاڻ ئي مُرڪي پاڻ ئي سُڏڪي،

ڪير رهي ٿو سرتيءَ اندر.

 

مهڪ مٽيءَ مان تنهنجي آئي،

تون جو آهين ڌرتيءَ اندر.

 

هو ته هليو ويو ڏور آ، ڏاڍو،

مهڪ بدن جي بستيءَ اندر.

 

جاويد سوز هالائي

  

غزل

 

چمن ۾ پوپٽن وانگر ٽڙياسين،

شهر ۾ دربدر تنها رلياسين.

 

جواني ڪيئن لنگهي وئي وقت وانگر،

اڃا ڪٿ رُت بسنتيءَ ۾ ٽڙياسين.

 

ڇُليا ٿي ميڪدي ۾ جام جانان،

مگر هاءِ اسين پياسا رهياسين.

 

هليا هاسين اسين منزل کي پائڻ،

مگر راهن ۾ هارائي وياسين.

 

ٽڙيا ها گل ٽارين جي مٿان پر،

اسين تنها، اسين تنها هئاسين.

 

ذوالفقار ”زخمي“ شاهاڻي

 

غزل

 

زندگيءَ جي تلاش ۾ نڪتو،

ڪو خوشيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.

 

آ انڌيرن ۾ گم ٿي ويو جيڪو،

روشنيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.

 

ماڊرن دؤر ۾ ڏسو هُو ڀي،

سادگيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.

 

هُن جو جنهن سان نه ڪوئي رشتو آ،

اجنبيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.

 

دل جي مندر ۾ جا سَجائي اُن،

مورتيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.

 

دشمنن جي ئي شهر ۾ ’زخمي‘،

دوستيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.

***

هُماءِ. ايس

 

 غزل

 

فاصلا وڌندا رهيا،

مسئلا وڌندا رهيا.

ڪٿ ٿڪا هن پيار جا؟

قافلا وڌندا رهيا.

پيار ۽ پاٻوهه جا،

سلسلا وڌندا رهيا.

آزمائش جا هتي،

مرحلا وڌندا رهيا.

دل جي ڌرتيءَ تي سدا،

زلزلا وڌندا رهيا.

”هماءِ“ پوڀي گهٽ نه ٿيا،

حوصلا وڌندا رهيا.

***

ابرار ابڙو

 

غزل

 

ڪنهن لهجي منجهه لڙاٽيل هِن، هي منهنجي نيڻن جا منظر،

پيو روز تلاشيندو آهيان، مان تنهنجي جلون جا منظر.

 

هي صبح پهر جي چهري تي، ڇو خاموشي تڙپي آهي،

ڇا رات ستارن جي اک ۾، ڪي ڪونه ها سپنن جا منظر؟

 

هُن ماڪ ڀنل جو ڇا چئجي، جا ڪنڊن تي ئي رهجي وئي،

۽ ماڪ ڀنل جي آڏو ئي نيلا ٿيا گلڙن جا منظر!

 

مون مئخاني جي ڇانئن ۾ پئي پياس اُجهائڻ چاهي، پر

هُت ڪوئي ساقي ڪونه هيو، ويران ها ڪمرن جا منظر!

 

هُن اڄ ڀي ڪين سڃاتا هن هي جذبا منهنجي اندر جا،

هر وقت تڏهن چُپ ۾ آهن، هي منهنجي چپڙن جا منظر.

 

هن منهنجي سوچن کي هاڻي، ٻيو ڪجهه ڀي ياد رهيو ناهي،

بس روز اکين ۾ مُرڪن ٿا، پيا تنهنجي ٽهڪن جا منظر.

***


مهر خادم

 

 غزل

 

جنهن راهه تان گذرندي ٿي وڃي،

سا راهه ئي مُرڪندي ٿي وڃي.

 

هُن جي قدمن سان گڏ گڏ ئي،

دل ڌڙ ڌڙ ڌڙڪندي ٿي وڃي.

 

جَرَ جي پاڻيءَ جيئن اُجري هوءَ،

ويس اڇڙي ۾ جَرڪندي ٿي وڃي.

 

سونهن! تنهنجي خاطر، سچ،

منهنجي ڪوتا به لکجندي ٿي وڃي.

 

***

 

”خيال“ سنڌي

 

غزل

 

ڏينهن تنهنجي سکي! وفائن جا،

روپ هئا بادلن جي ڇائن جا.

 

نانءُ تنهنجو نه جي اچي تن ۾،

لفظ وسريو وڃن دعائن جا.

 

شهر منهنجي مان وئين هليو ڪاڏي؟

روپ چوري ڪري هوائن جا.

 

چنڊ، تارا، گلاب، خوشبو سڀ،

چور تنهنجي لڳا ادائن جا.

 

موت سان هن کي پيا ڏسن وڙهندي،

خالي کوکا ٻٽي دوائن جا.

 

”خيال“ چريو آن ڀر ۾ ديپ رکي،

پيو قصيدا لکين هوائن جا.

***


”ڪوثر“ هالائي

  

غزل

 

توکان پوءِ دلبر سهارا نه مليا،

مليا ڪيئي ليڪن پيارا نه مليا.

 

اونداهي اڱڻ تي جي ڪن روشنائي،

اسان کي اهي چنڊ تارا نه مليا.

 

گهڻيئي لمحا آيا ويا زندگيءَ ۾،

مگر ڪنهن به لمحي پيارا نه مليا.

 

اسان جي اکين کي جي سهڻا لڳا ها،

اهي روح پرور نظارا نه مليا.

 

توکان پوءِ دردن ڪيو ديرو دل ۾،

جيسين گڏ هُئين، ڏينهن ڏکارا نه مليا.

 

عامر سيال

 

 غزل

 

پيار جي پهرين چميءَ کي ڳولجي!

اچ سکي، اڄ زندگيءَ کي ڳولجي!

 

سوچ سڀني جي پراڻي ٿي لڳي،

هن صدي جي آدميءَ کي ڳولجي!

 

عشق جو آ فلسفو ڏاڍو ڏکيو،

ڪير سمجهي، عاشقيءَ کي ڳولجي!

 

پيو بدن جو چنڊ ٿو نروار ٿئي،

رات لئه ڇو چاندنيءَ کي ڳولجي؟

 

دوست پيا ٿا دشمنيءَ جو دنگ ٿين

چئه، ڪٿي پوءِ دوستيءَ کي ڳولجي!

 

هوش ۾ جيون رهيو ناهي، پرين،

ڇا خودي، ڇا بيخوديءَ کي ڳولجي!

 

ها، اسان جا ويا سڙي سپنا سڀئي،

دل چوي ٿي خودڪشي کي ڳولجي!

 

اي خدا! هي درد جاڳيو آ وري،

رڃ ۾ ڪيئن شاعريءَ کي ڳولجي!

 

حال منهنجي کي ڏسي ڇرڪي پيو،

ڪئن چئي، ديوانگيءَ ئي ڳولجي!

 

ها، رڳوتنهنجو نظر چهرو اچي،

ڪاش اهڙي آرسيءَ کي ڳولجي!

 

ڏات تنهنجي سوجهرو عامر ڪيو،

ڇو ڀلا ٻي روشنيءَ کي ڳولجي!

 

ضمير ڦُل

غزل

 

جُداين جي جهنگل ۾ گم ٿي ويو آ،

محبتن جي انگل ۾ گم ٿي ويو آ.

 

جڏهن کان وڏو ٿيو تڏهن کان هو شخص،

حياتيءَ جي هلچل ۾ گم ٿي ويو آ.

 

وڇڙڻ جي ويلي سکيءَ جي اکين مان،

ڪِري لُڙڪ آنچل ۾ گم ٿي ويو آ.

 

اوهان کان جدا ٿي هو معصوم شاعر،

خوابن جي ململ ۾ گم ٿي ويو آ.

 

سياڻن جي وچ ۾ اياڻو ’ضمير‘،

دليلن جي دلدل ۾ گم ٿي ويو آ.

***


”جوهر“ بروهي

غزل

 

جيون پل ۾ ياد جو ويلو خوشبو عنبر بخشي ٿو،

هڪڙو ماڻهو مرڪ محبت مون لئه هر هر بخشي ٿو.

 

هن جي، منهنجي پيار جا شاهد چنڊ، ستارا، ڌرتي هن،

باک پهر ۾ قرب جو ميلو مون کي اڪثر بخشي ٿو.

 

پهري نظر سان سوچ اڃاري، وسڪارن جي جهول ڀري،

ڪارا وار سنواري ڄڻ بر ٿر کي اوٿر بخشي ٿو.

 

اوجاڳيل هر آس کي اڄ ڪلهه لولين سان آرام ڏئي،

هر هڪ گونگي گيت غزل کي لفظ ۽ ڪاڳر بخشي ٿو.

 

عشق ٻڌايو، سونهن نگر ۾ منهنجا سپنا سام پيا،

اوکي لڪ اڻانگي پنڌ تي وک وک واهر بخشي ٿو.

 

جوهر! منهنجي نينهن جو ناتو سون سريکو سڏجي ٿو،

پوئين دم تي پهتل آهه کي ڀرم برابر بخشي ٿو.

***

مير محمد پيرزادو

گيت

 

مُند وري ٿي، پن ڇڻي ٿو،

ڳالهه نه منهنجي پوءِ به ڳڻي ٿو!

 

ٿڌڙي هير اُتر کان آئي

ساروڻين آ ننڊ ڦٽائي

ڪڻڇي لات عجيب لنوين ٿي،

کائر وسيا کوڙ،

اڄ ڏس،

گوڙ مٿارئون گوڙ!

 

سامهون ڏس ڪيئن کنوڻ کنوي ٿي

منظر دل کي واهه وڻي ٿو،

هينئڙو گهوري ڄڻي ڄڻي ٿو

ڳالهه نه منهنجي پوءِ به ڳڻي ٿو!

 

تڪڙو آيو آ تهه سيارو

جهوپو جهونو پوهه جو پارو

توبن نايان نيڻن نير،

واڪا منهنجو وس،

آءٌ هلي،

 

ڪيئون رهاڻيون رس!

واهه نه ڪائي تو بن وير

ساهه ٿڌا ڏس ڪير کڻي ٿو،

جوڀن ٽپڪو انب ڇڻي ٿو،

ڳالهه نه منهنجي پوءِ به ڳڻي ٿو!

***

 

ستار گهمرو

وائي

 

ڪينجهر ڪناري،

لهندڙ سج منظر آ، منهنجي دل موهي،

منهنجي دل موهي!

 

چانڊوڪي هاري،

ڌرتي روشن جنهن ڪئي، چوڏهين چنڊ سوهي،

منهنجي دل موهي!

 

سورج سنڀاري،

سورج مکي هيئن چيو، ”مان آهيان ڏوهي“،

منهنجي دل موهي!

 

تتر اُڏاري،

مارائي ماريءَ پيو، مور نه ڪنهن ڊوهيءَ،

منهنجي دل موهي!

 

اکڙيون ٿي ٺاري،

نينگر سونهن سمونڊ جان، ڇولي آ ڇوهي،

منهنجي دل موهي!

 

هيکل دل گهاري،

توريءَ سڏ پنڌ ڀي آ، لڳندو سؤ ڪوهي،

منهنجي دل موهي!

 

ڪنڌ ڇڏيو ڍاري،

محبت ۾ مختار آ، ساجن تنهنجو سوهي.

منهنجي دل موهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com