سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :4

 

منظور قادر

  

موسم مست بهارن وانگي،

البيلن اظهارن وانگي.

ليڪو ڏئي تو واري ڇڏيو،

ٻهراڙيءَ جي ٻارن وانگي.

دل تي تنهنجي ياد ڄميل آ،

پوهه جي پوين ٻارن وانگي،

ڪارا زلف ڊگهيرا ڪيڏا،

تنهنجي سونهن ستارن وانگي.

پن ڇڻ مُند ’منظور‘ نهوڙيو،

ننگي وڻ جي ڏارن وانگي!


مولا بخش چانڊيو

نظم

 

هير ڏکڻ جي هندوري ۾،

گلڙا خوشبو جي ڀاڪر ۾،

 

ٽِڙندي لُڏندي ڏِسندي مون کي؛

روز صبح جو لڳندو آهي،

 

ڌرتي! سورن سَرتي، توسان،

منهنجو ساڳيو ناتو آهي.

***

 

فضه غزل

 گيت

 

تون سُندر جذبن کي جرڪاءِ،

اَڄُ وري ڪو گيت ٻُڌاءِ!

 

جي سُرهي سُرهي سارَ اَچي،

ها، مُگري جي مهڪار اچي،

 

پوءِ خوشبو اهڙي کي ڦهلاءِ،

اَڄ وري ڪو گيت ٻُڌاءِ.

 

دل ۾ ٿيندي آهي اُڪيرَ،

ايندي جڏهن آ اُتر هيرَ.

 

تنهن کي ساهن منجهه سَماءِ،

اَڄُ وري ڪو گيت ٻُڌاءِ.

 

جيئن دک سمورا دور ٿين،

لڙڪ نه اک مان هاڻي ڪِرَنِ،

 

پيارَ جا تُون ديپ جلاءِ،

اَڄُ وري ڪو گيت ٻُڌاءِ.

***

 

روشن گهانگهرو

غزل

 

ٽهڪ تنهنجا، وفا جي موسيقي،

چاهه تنهنجو، گهٽا جي موسيقي.

 

سونهن تنهنجي خدا جو نُور پرين،

لفظ تنهنجا، حيا جي موسيقي.

 

ياد تنهنجي، شراب، چانڊوڪي،

دل چري ۽ لتا جي موسيقي.

 

زندگي جي چمن جي هر موسم،

زرد پن ۽ هوا موسيقي.

 

موت جا ساز، درد جا نُوحا،

زندگيءَ ڏک، سزا جي موسيقي.

 

ڇا ته بخشي سُرور، ساڃهه ٿي،

’شيخ‘ جي هر ڪلا موسيقي!

***


شبنم گل

نظم

 

هوا جي لبن تي،

تنهنجي نالي جو گيت آهي:

۽ امر آهي هر اُهو احساس،

جنهن ۾ ڌيان جي،

خوشبوءَ ۾ ويڙهيل،

ڪومل گلابي گل ٽڙن ٿا،

تڏهن پاڻ  کي وڃائي،

جذبن جي تارن تي،

ڇيڙيل ان ساز جي،

مڌُر آواز ۾ گل آهيان:

جيڪو زندگيءَ جي،

گهري راز جو همراز آهي!

 

نواز خان زنور

غزل

 

سرءُ جي شام ۾ پَنُ جان ڀلا ڇا لئه ڇڻين ٿي پئي؟

اڙي دل! گؤنچ وانگي ٿي، پِرَين کي جي تڻين ٿي پئي.

حدون ان جون نه ڪنهن لڌيون، سکي! هي نينهن لاحد آ،

لتاڙي ڪهڪشائون وڃ، ڳڻي هي ڇا ڳڻين ٿي پئي!

هجر جي ولهه ۾ ويهي ڏڪون ٿا انتظاريءَ ۾،

اچو هي ڇاٽ تارن جي اوهان جي لئه ڇڻي ٿي پئي!

ڇڏيو هن ساٿ سنڌو جئن، بڻي موهن دڙي جان دل،

حياتي تي جدائي جي، وريءَ هي لَٽُ مڻين ٿي پئي.

زمانو مسرتن جا پُٽ گهُري ٿو هر محبت ۾،

مگر هوءَ درد جون ڌيئون اسان جي لئه ڄڻي ٿي پئي.

جڏهن سڀ راحتون دل تي ويون هن بار جئن بڻجي،

ته ڳوڙهن سان محبت جون منين ميخون هڻي ٿي پئي.

***

احمد ٽالپر

غزل

 

نِراشا جا جيوَن ۾ جهولا لڳن ٿا،

جدائي ۾ جوڀن ۽ جذبا جَلن ٿا.

سِڪان ٿو، رُئان ٿو ۽ تڙپان ٿو توبن،

قيامت جون راتيون حشر ڏينهن هُجن ٿا.

لُڇن ٿا اندر منجهه ارمان، اُڌما،

سدا دُکَ جي بادل مان ٽانڊا وَسن ٿا.

محبت جو دامن ٿيو لِيڙُون لِيڙُون،

گلابن جِي چاهت ۾ ڪنڊا ملن ٿا.

ويو روڳ راڪاس کائي خوشين کي،

سُکن ڪاڻ سپنا ۽ ساڀيا سِڪن ٿا.

ٽُٽِي آس پيئي تڏهن ڀي الائي!

اوسيئڙا اکين ۾ ڇو ترسي پون ٿا؟

ڇِني ساٿ ويا سُکَ ”احمد“ اسان سان،

مگر سُورَ سنگت نِڀايون اچن ٿا.

***

بدر شاهه

 غزل

 

باک ڦُٽيءَ جو پهريون ڪرڻو اُجرو عڪس ڇڏي ويو،

اونداهيءَ جي چادر تي هڪ شعلو عڪس ڇڏي ويو.

هُو ته کڻي ويو پنهنجي هر شيءِ ڳولي منهنجي گهر مان،

پو، هي آئيني ۾ آهي ڪنهن جو عڪس ڇڏي ويو؟

ڪالهه اچي اَڌ رات مهل ڪئي چنڊ ڪچهري مون سان،

ويندي ويندي گهَر آڳر تي ”هُن“ جو عڪس ڇڏي ويو.

لکندي لکندي ميلاپن جا قصا اڄ قلم ڀي،

ڪاغذ ڪُنڊ تي تنهاين جو هڪڙو عڪس ڇڏي ويو.

هُو خوش هو نه نشان سمورا ڊاهي آيو آهي،

پر بي خبريءَ ۾ رستي تي پنهنجو عڪس ڇڏي ويو.

پٿر! تون خوش قسمت آهين جو هڪ پيارو ماڻهو،

منهنجي چهري تي آ اڻمٽ تنهنجو عڪس ڇڏي ويو.

مون ڏي ڏسندي هڪڙو ننڍڙو ٻارُ پيو جو مُرڪي،

منهنجي مَنَ تي جيئڻ جو هڪ گهرو عڪس ڇڏي ويو!

رات وِهاڻي تي هُن جي گجري مان هو گُلُ ڪريو،

منهنجي ڪمري ۾ هُو ڪيڏو سُرهو عڪس ڇڏي ويو.

***

 

”ساحر“ راهُو

غزل

 

غبار هٽيا چٽا ٿيا منظر، گلابي ڳل تي نهار آهي،

گلاب نيڻن جي بن ۾ جهوميا، اُداس دل تي بهار آهي.

اسان سمورا ثواب گهوريا، عبادتن جو خراج ارپيو.

عظيم ڏوهن ۽ تهمتن ۾ اسان کي مليو هي پيار آهي.

خدا جي سڀني ئي عظمتن جو ثبوت تنهنجي نگاهه ۾ آ،

اسان مصور سڃاتو تو ۾ مٿاهين ڇا ڇا اُڏار آهي.

قريب ايڏو ڇُهي رهي آ ٿڌي بدن کي گرم حرارت،

وٿين تي سوچان ته اُڀ ڌرتيءَ جيان وچان پر ديوار آهي.

نه ڄاڻ دل جون هُيون ڇا گهرجون اسان ته نيڻن جي رهبريءَ تي،

محبتن جو لباس پائي ڏکن ۾ گهاري ڄمار آهي.

پناهه پل کن ملي آ ڪاٿي ته شاعري ئي اَجهو بڻي آ،

جڏهن به لڙڪن جون بارشون ٿيون ته دل به ڇيڙي سِتار آهي.

اُداس واهڻ جون خانقاهون سوال ”ساحر“ محبتن جو،

جواب چهرن جي کنڊرن ۾ اُجاڙ دل جي مزار آهي.

 

امر ساهڙ

 غزل

 

رڻ ۾ رات ٺري آهي،

تنهنجي ياد وري آهي.

رم جهم رنگ نٿا نکرن،

شايد مند کري آهي؟

چؤ مون کانپوءِ پيارا!

تنهنجي ڪيئن سري آهي؟

ڏاڍي دير ڪري آئين،

ويئي ويل ٽري آهي.

هجر سان هم ڪلاميءَ جي،

هن ئي هام ڀري آهي.

حسن هٺيلي جي اڳيان،

ڪنهن جي دال ڳري آهي؟

ڪنهن خواب اچي کڙڪائي،

دل جي بند دري آهي!
ڪير ڪنواري جوڀن ۾،

ٻيليءَ لاءِ ٻري آهي؟

ٿي هوش حواس گنوائي،

چاهت چيز چري آهي.

انڊلٺ ريکا کان به ’امر‘،

هوءَ حسناڪ پري آهي.


”ڪوثر“ ٻرڙو

 

محبوب دور ٿي ويو،

جيون آ سور ٿي ويو.

نازڪ هي دل جو شيشو،

نظرن سان چور ٿي ويو.

منهنجي وفا ۽ چاهت،

منهنجو قصور ٿي ويو.

جانب ويوي جدا ٿي،

ڪيڏو ڪلور ٿي ويو.

جيڪو هو اجنبي سو،

نيڻن جو نور ٿي ويو.

 

”گل“ ٽکڙائي

غزل

 

تنهنجي نيڻن جا نرمل نظارا ويا،

نينهن نازڪ سندا ڇو اشارا ويا.

رقص ريزه بدن ڄڻ ته آهي غزل،

سيگهه سانوڻ جيان ٿي سيارا ويا.

وقت گهاڻي اندر آهي پيڙهي ويو،

گهوٽ سارا بلاول پارا ويا.

سونهن جذبن سندي ٿي شڪايت ڪري،

خيال تنهن ڏي کڻي جيڪي ڪنوارا ويا.

خالي ماڳن مٿي ڪنگ آهن رڳو،

ڪهڙي پاسي سندم جيءَ جيارا ويا.

رات جاڳي کڻي پياس آهن ويا،

جيڪي يارو ويا سي اڃارا ويا.

تنهنجي خاطر سهي شوق خاطر سهي،

گيت جيڪي چيم سي به سارا ويا.

دار بيوه ڪڏهن ڪونه آهن ٿيا،

تن ڏي منصور جهڙا پيارا ويا.

قيد نغمات سازن سُرن ۾ ٿيا،

ڪونه پيسن کتا سي اڌارا ويا.

’گل‘ بهارن جي بربادين تي رڳو،

روئي روئي اکين جا ستارا ويا.

 

مير بجر لغاري

  

مست موسم جڏهن پنکڙين تي پڳي،

ديد ڀؤنرن جيان گلبدن تي پڳي.

شاعري منهنجي مون کان به آ خوش نصيب،

جا پرينءَ جي رسيلن چپن تي پڳي.

بي ڌياني ۾ هڪ ڏينهن جي دل لڳي،

سرد رُت جي گرم ڀاڪرن تي پڳي.

ماڪ کي باک کي، گل کي پوپٽ کي ڏس،

اعليٰ تخليق هر ڪا حسن تي پڳي.

هوبه سوچيندو هو، نئون وڳو پائجي،

اڄ گذاري ويو، حسرت ڪفن تي پڳي.

***

 

علي محمد ”درد“ سولنگي

 

غزل

 

سوچي ويٺي ڇا ڇا دِلِ،

روزُ ڀَري ٿي سُڏڪا دِلِ.

ڳاڙي ٿي ٻئي رَتَ جا ڳوڙها،

زخم سَٺا ٿَس گهرا دِلِ.

تڙپي ڦٿڪي روزُ لُڇي ٿي،

ڏاڍا کاڌا ڌوڪا دِلِ.

غيرَ ميارُون ڪهڙيون ڏجن،

پنهنجن ڪهڙا ليکا دِلِ.

لوڪُ سمورو آهي سياڻو،

پاڻ ته آهيون سادا دل،

درد سندا انبار اندر ۾،

ٿي پئي آهي ٽڪرا دِلِ.

***

غلام حيدر ”گهائل“ لغاري

 

غزل

 

اسان جي توکي جي سار ايندي،

پرين اسان لئه بهار ايندي.

اوهان کي هر دم ملڻ سڏڻ لئه،

اسان جي طرفان پڪار ايندي.

جڏهن وفا سان نڀائي ڇڏبو،

اسان تي ڪهڙي ميار ايندي.

اداس آهيون اهائي توکي،

گهٽي گهٽيءَ مان پچار ايندي.

زمين جو هان، زمين تي هان،

ڪڏهن نه مون ۾ اُڏار ايندي.

رَجهي به ويندس، ڳري به ويندس،

اڳيان جي ڇاتين اُڀار ايندي.

صفا اڪيلو رهي ٿو ”گهائل“،

ڪرڻ ته ڪائي ڀي پيار ايندي.


 

ابل اداس ٻٻر

 

غزل

 

منهن ڪوماڻل ۽ ڳل به آلو آ،

هي تنهنجي پيار جو حوالو آ.

وار کولي جو گهر کان نڪتين تون،

چؤطرف ٿي ويو جهڙالو آ.

تنهنجي نيڻن جي مئي پيون پيا ٿا،

مئڪدي کي لڳو جو تالو آ.

نه چاهيندي به پيڻو پوندو آ،

زندگي زهر جو پيالو آ.

تنهنجي هن شهر ۾ تنهنجي خاطر،

منهنجو بدنام يار نالو آ.

تون ٻين سان نه ڀيٽ او دلبر!

نينهن منهنجو توسان نرالو آ.

پنهنجي جيون جي ٻاٽ ۾ اي ”ابل“

سونهن آندو اهو اُجالو آ.

***

ٻاجهي خان لغاري

 غزل

 

نه ڪائي چنڊ جي چانڊاڻ ۽ نه باهه هئي،

ٽڙي جا روشني اوندهه ۾ سا آهه هئي.

 

اجايو دار سِتم تي ڇڏيو ٿئو لٽڪائي،

اسان جي دل ته قسم ساڻ بيگناهه هئي.

 

خزان ۾ گل جي ٽڙڻ جي عجيب ڳالهه لڳي،

ڏٺم ته ان جي مٿان تنهنجي ڪا نگاهه هئي.

 

بنا نقاب جي آيو ته ماٺ محفل ٿي،

کِليو ته بزم سڄي ۾ ئي واهه واهه هئي.

 

مسين ته دامنِ دلدار جو مليو ”ٻاجهي“

اڳي ته دل جي دنيا ئي سڄي تباهه هئي.

***

نويد ناز ڀٽي

 

غزل

 

تون وئن، درد سان لڌيون لائون،

ويس اُجڙي بهار ۾ آئون.

زندگي سوچ هاڻي جلدي ڪر،

وقت گهٽ آ، هزار چِنتائون.

تنهنجي يادن جو ساٿ آ تڏهين،

مان لکان ٿو انيڪ ڪَوَتائون.

تو سوا مون کي هاڻي ٽوڪن ٿيون،

منهنجي جيون جون سڀ سُندرتائون.

لفظ هڪڙو آ پيار، او پاڳل!

پر رکي ٿو هزار معنائون.

بي وفاجو خيال ايندي ئي،

”ناز“ رستي تي ٿيڙ ٿا کائون.

***

گل حسن ”ساگر“ ڪوري

غزل

 

بهار جي رت خزان لڳي ٿي ٽڙي پو مکڙي پئي ڇڻي آ،

پيا! اوهان بن قرار ڪونهي پيار مون لئه گهڻو کڻي آ.

 

ڪنڊا ڪنڊا راهه ٿي وئي آ مگر اڃا ٿو وڌان پيو مان،

۽ پير رَت ۾ ٻڏي ويا هِن اڃا اندر ۾ اڪنڊ گهڻي آ.

 

هوا اُٺي جي گهُلي پئي آ ۽ چوڏسا ڪيئن هڳاءُ آهي،

اڃا به ويتر وڌي ويا غم اوهان بنا رُت ڪٿي وڻي آ.

 

اداسين جي آ ڇانو من تي، غمن وڪوڙي ڇڏيو آ جانان!

وڃان ته ڪاڏي وڃان ڀلا مان هي حياتي به رُڃ بڻي آ.

 

غمن ڏکن جون اُسون هيون ۽ لڪون لڳيون پئي سڄي حياتي،

اُلاءُ من ۾ ٻري پيا هن ڪڏهن نه سک جي وٺي ڪڻي آ.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com