سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :8

سنڌي-اُردو لغت (1959ع)-ٻيون ڇاپو 1979ع

اُردو-سنڌي لغت (1960ع)

لغت نويسيءَ جي کيتر ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پڻ عالمن جي پهرينءَ صف ۾ آهي. هن کي خاص طور لفظن جا اشتقاق ۽ وئتپتيون ڳولهي ڪڍڻ جو گهڻو جنون هو. اِن ڪري سندس هر هڪ لغات ۾ سنڌي لفظن جي پيڙهه (ڌاتو) ملي ٿي. سندس ڇپيل قابِل ذڪر تصنيفون آهن:

تحقيق لغات سنڌي (پهريون ڇاپو 1957ع)

ڏهس نامو (ٻيو ڇاپو 1971ع)

سامي ڌاتوڪوش (1978)

سچل لغات (1984ع)

سنڌ جو سينگار، وينجهار، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (پي. ايڇ. ڊي جو مقالو) سنديلي جا لکيل ٻيا ڪتاب آهن، جن ۾ پڻ سنڌي لفظن جا اِشتقاق ملن ٿا.

آزاديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ شايع ٿيل سنڌي ٻوليءَ جون لغتون جيڪي خاص ذڪر لائق آهن، اُهي هن ريت آهن:

”ٻاروچي ٻولي“ (ڀاڱو پهريون) (1984ع) سيد نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي.

”جديد شائنٽيفڪ ڊڪشنري“ (1987ع) شمس الدين تنيو.

”لغات سنڌي مخففات“ (1991ع) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.

”سنڌي کٽمٺڙا“ (اصطلاحات اصغر) (1956) غلام اصغر وَنڊير.

”پهاڪن جي پاڙ“ (1966ع) عبدالڪريم سنديلو.

”اصلاحن جي اصليت“ (1987ع) عبدالڪريم سنديلو.

”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1976ع) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.

”لاڙ جي لغات“ (1975ع) عبدالجبار جوڻيجو.

”هفت زباني لغت“ (1974ع) مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.

(هن لغات ۾ اُردو بنگلا، بلوچي، پشتو، پنجابي، سنڌي، ڪشميري ٻولين جا هم-معنيٰ لفظ آمهون سامهون ڏنل آهن.)

سنڌي ٻوليءَ ۾ زرعي لفظن جي لغت پڻ سنڌ ائگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان شايع ڪئي ويئي آهي، پر اِنهيءَ جي ڏسڻ جو موقعو نه مليو اٿم.

1947ع کان پوءِ ڀارت ۾

ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ پڻ لغت نويسيءَ طرفان چڱو ڌيان ڏنو ويو آهي. پر مانند ميوارام جون مرتب ڪيل ٻيئي ڊڪشنريون ٻيهر شايع ڪيون ويون آهن. هن کيتر ۾ جيڪي نيون ۽ اهم تصنيفون شايع ٿيون آهن. اُهي هن ريت آهن:

1- هندي-سنڌي-شبدڪوش (ڪيندريه هندي نديشاليه، دهلي.)

2- هندي-سنڌي-انگريزي شبدڪوش (  ”    ”     ”    ” )

(اِنهن ٻنهي ڪوشن ۾ سنڌي لفظ عربي-سنڌي ۽ ديوناگري-سنڌيءَ ۾ ڏنل آهن. سنڌي لفظ ڳولهي ميسر ڪرڻ ۾ ستيش روهڙا ۽ مرليڌر جيٽلي مدد ڏني آهي.)

3- ڀارتييه وَيهوَار ڪوش (1961ع) و شوناٿ دنڪر نروڻي، ڀارت جي جوڙجڪ ۾ شامل ڪيل ٻولين جو ڪوش، جنهن ۾ سنڌي به هڪ آهي.

4- ڀارتييه ڀاشا ڪوش (ڪيندريه هندي نديشاليه) (هن ۾ ڀارت جي جوڙجڪ ۾ شامل سڀني ٻولين جا لفظ وشيه موجب ورهائي ڏنا ويا آهن. سنڌي لفظ ستيش روهڙا گڏ ڪري ڏنا آهن. ۽ نظر ثاني مرليڌر جيٽلي جي ڪيل آهي.)

5- تتسم شبدڪوش نگيندر (هن ۾ سنسڪرت لفظن جا سنڌيءَ ۽ ٻين هاڻوڪين ٻولين ۾ تتسم ۽ تدڀو روپ ڏنل آهن.)

6- مراٺي-سنڌي شبدڪوش (1991ع) لڇمڻ پرسرام هردواڻي.

7- سنڌي-مراٺي شبدڪوش (1995ع) لڇمڻ پر سرام هردواڻي.

8- بنيادي سنڌي-هندي ڊڪشنري (1995ع) ڪنهييالال ليکواڻي.

9- بنيادي سنڌي-انگريزي-هندي ڊڪشنري (1996ع) ڪنهييالال ليکواڻي.

10- سنڌي- هندي- انگريزي سچتر شبد ڪوش  (1998ع) ڪنهييالال ليکواڻي. 

11- سنڌي-ڪڇي-سوڍڪي-جتڪي شبدوالي. پرسوگدواڻي

12- شاهه فرهنگ (شاهه جي رسالي جو ڪوش-1994ع) تيج قابل

13- ڪڇي-گجراتي شبد ڪوش (1982ع) دُليرايه ڪاراڻي

14- ڪڇي شبداولي (1966ع) شانتي ڀائي آچاريه

15- برهد ڪڇي شبد ڪوش (ٻن ڀاڱن ۾ 1988ع) پرتا پراءِ گوپال جي ترويدي

16- انگريزي- هندي- سنڌي- ڪوش- پرڀداس برهمچاري ۽ ديپچندر تلوڪچند

17- انگلش-سنڌي ڊڪشنري: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (فوٽو اسٽيٽ سان ٻيهر ڇپايل).

 

سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن جا ڪوش:

1- سنڌي اصطلاح (ٻن ڀاڱن ۾ 1976ع ۽ 1987ع) ليکراج ڪشنچند عزيز

2- پهاڪن جي پاٻوهه- تيرٿداس ماٿيراساڻي (1973ع)

3- ماڻڪ- موتي (ورجيسون ۽ محاورا) سترامداس ’سائل‘ (1982ع)

4- دُرن جي دٻلي (پهاڪا ۽ چوڻيون) (1982ع) سترامداس ’سائل‘

5- سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ڪوش (1993ع) سنتداس ڪشناڻي، گڏ ڪندڙ ۽ ايڊيٽر مرليڌر جيٽلي. هن ۾ اٽڪل ٻارنهن هزار سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح معنيٰ سان گڏ ڏنل آهن. اِن کانسواءِ مهاڳ جي روپ ۾ جيٽلي جو لکيل تنقيدي اڀياس به آهي.

ڀارتييه ڪهاوت ڪوش (ٽن ڀاڱن ۾ 1978ع کان 1982ع تائين) وشوناٿ دنڪر نروڻي.

هن ۾ اٽڪل ٻارهن سؤ سنڌي پهاڪا هندي ۽ انگريزي ترجمي سان مرليڌر جيٽلي گڏ ڪري ڏنا آهن. اِنهيءَ جي ڀيٽ ٻين ٻولين جي پهاڪن سان ڪيل آهي.

 

سنڌي ساهتيه جا ڪوش:

سنڌ ۽ هند سنڌي ڪتابن جون ببلوگرافيون ۽ سنڌي ليکڪن جون ڊائرڪٽريون ته شايع ٿيون آهن، پر سنڌي ساهتيه جو ڪوش شايع ڪرڻ ۾ پهل ڀارت ۾ ڪئي ويئي آهي.  اهڙا ڪوش پاڪستان ۾ شايع ٿيا هجن، تن جي اڃا تائين مون کي معلومات ملي نه سگهي آهي. هتي ڀارت ۾ شايع ٿيل ساهتيه ڪوش جو ذڪر ڪجي ٿو، جن ۾ سنڌي ساهتيه به شامل ڪيل آهي.

1. ڀارتيه ساهتيه ڪوش (1981ع) نگيندر.

هيءُ ڪوش هنديءَ ۾ آهي. اِن ۾ سنڌي ليکڪن ۽ ڪتابن بابت داخلائون مرليڌر جيٽلي جون لکيل آهن.

2. انٽرنئشنل اينسائڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر (1991ع) گنگارام گرگ.

انهيءَ جي اٺين ڀاڱي ۾ سنڌي ساهتيه، سنڌي ڪتابن ۽ ليکڪن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهتيه تي مهاڳ مرليڌر جيٽلي جو لکيل آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا به هن اينسائڪلوپيڊيا تيار ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو آهي.

3. ڪمپئريٽو انڊين لٽريچر (ٻن ڀاڱن ۾ 1984ع.1985ع) ايڊيٽر ڪي. ايم جارج.

(هن ۾ سنڌي ساهت جي جدا جدا روپن تي انگريزيءَ ۾ مضمون ڏنل آهن.)

4. انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر (ڇهن ڀاڱن ۾ 1987ع.1994ع)      

هيءُ ڪتاب ساهتيه اڪاڊمي نئين دهليءَ طرفان ڇپيل آهي. اِن ۾ ڀارت جي جوڙجڪ ۾ شامل ڪيل سڀني ٻولين جي ساهتيه تي الف.ب وار داخلائون ڏنل آهن. سنڌيءَ جو ايڊيٽر پرم ابيچنداڻي آهي. سنڌي ساهتيه جي باري ۾ اٽڪل پنج سؤ داخلائون انگريزيءَ ۾ ڏنل آهن، جيڪي جدا جدا سنڌي عالمن لکي ڏنيوآهن. اُنهن مان اَٽڪل هڪ سؤ کن داخلائون مرليڌر جيٽلي جون لکيل آهن.

5. ڊڪشنري آف سنڌي لٽريچر (1996ع) موتيلال جوتواڻي.

انگريزيءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ الف.ب وار سنڌي ليکڪن، سنڌي ڪتابن ۽ سنڌي ساهتيه بابت داخلائون ڏنل آهن. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي مکيه سنڌي ليکڪن ۽ سندن رچنائن بابت پڻ معلومات ڏنل آهي.

ڀارت ۾ اڻ ڇپيل يا ڇپائيءَ هيٺ سنڌي ڪوش

(الف) اَڻ ڇپيل مسودا:

سنه 1960ع ۾ ڊيڪن ڪاليج پوسٽ گريجوئيٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ پوني ۾ مهاراشٽر سرڪار جي مالي مدد سان سنڌي ڀاشا وگيا ڊپارٽمينٽ برپا ڪيو ويو. اِنهيءَ جي شروعات ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ ۽ منهنجي مقرريءَ سان ٿي. وڏي سنڌي. هندي. انگريزي ڊڪشنري تيار ڪرڻ جي رٿا هٿ ۾ کنئي ويئي. اسان جي وڃڻ کان پوءِ ٻيا اسڪالر اِن ڪم تي مقرر ٿيا. آخري ويهارو سال پرسوگدواڻيءَ اِنهيءَ پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو. هاڻي هو به رٽائرڊ ٿي ويو. چاليهن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي داخلائون سلپن تي درج ڪيون ويون آهن، جيڪي ڪٻٽن ۾ بند آهن. اِها خبر خدا کي ته ڊڪشنري ڇپجي ظاهر ٿيندي يا اِهي سلپون ڪٻٽن ۾ ئي سڙي وينديون!

”سهج ڪوش“. ماستر سهجرام ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ لکي تيار ڪيو هو. سندس پٽ پيتامبرداس کي اِهو مسودو ورثي ۾ مليو. کائنس ايڊيوڪيشن منسٽريءَ پنجويهن کن هزار روپين ۾ اِهو دستخط خريد ڪيو، پر ڇپائڻ جو ٿيو ڀلو! هاڻي ته اِهو مدي خارج آهي، جو اَڄوڪي زماني جون گُهرجون اُن مان پوريون ٿي نه سگهنديون.

ماستر هاسانند لالا جي سنڌي.سنڌي لغات جو دستخط تاراچند گاجرا وٽ هو. هن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اُهو مون ٻلديو گاجرا وٽ ڏٺو هو. هن ڪوشش ڪئي ته سرڪار اِهو خريد ڪري ڇپائي، پر اِن مقصد ۾ هو ڪامياب نه ٿيو. ايشور ٿو ڄاڻي ته اِهو دستخط اڃا تائين سلامت به آهي يا اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو!

سنڌي.هندي.انگريزي ڊڪشنريءَ جي پراجيڪٽ سينٽرل هندي ڊئڪٽوريٽ شروع ڪئي هئي. اُن جو ڪم ستيش روهڙا کي سونپيو ويو، پر وقت اندر ڊڪشنري تيار نه ٿي سگهي، جنهن ضرور ڪي سبب هوندا، اُنهيءَ جا ڪارڊ هن وقت انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ آهن.

اِن طرح ممڪن آهي ته ٻيا به ڪي ڪوش دستخطن جي صورت ۾ هجن، جيڪي اڃا تائين سج جي روشنيءَ ڏسي نه سگهيا آهن. ڀارت سرڪار طرفان سنڌيءَ ۾ ٽيڪنيڪي اصطلاحن  (Technical  Terms) جي تيار ڪرڻ جي رٿا شروع ڪئي ويئي. جدا جدا موضوعن تي انگريزيءَ ۽ هنديءَ جا هم.معنيٰ اصطلاح سنڌيءَ ۾ ڪارڊن تي درج ڪيا ويا. اهو ڪم به گذريل پنجويهن سالن کان وٺي رولي ۾ پيو آهي. مرڪزي سرڪار طرفان برپا ڪيل ”نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي“ کي گهرجي ته اِها پراجيڪٽ جلد به جلد مڪمل ڪرائي.

(ب) ڇپائيءَ هيٺ سنڌي ڪوش:

گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ طرفان ٻه شبدڪوش جلد ئي شايع ٿيندا. اهي آهن سنڌي.گجراتي شبد ڪوش ۽ گجراتي. سنڌي شبد ڪوش. انهيءَ جو مکيه ايڊيٽر آهي سترامداس سائل. هن پنهنجي ليکي سنڌي.سنڌي ڊڪشنري به تيار ڪئي آهي، جيڪا ڇپائيءَ هيٺ آهي.

جدا جدا وشين موجب سنڌي لفظن  (Synonyms) به ڏنل آهن. اهِو ڪوش ڇپائيءَ هيٺ آهي.

اِنڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ، سنڌي ۾ وشو ڪوش (اينسائڪلوپيڊيا) ۽ سنڌي ساهتيه ڪوش تيار ڪري رکيا آهن. معلوم ٿيو آهي ته اهي جلد ئي شايع ٿيندا.

پنڊت ڪشنچند جيٽلي ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ ”سنڌي وئپتي ڪوش“  (Sindhi Etymological Dictionary) ٺاهڻ جو پراجيڪٽ هٿ کنيو هو. اُها رٿا هلي رهي هئي ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. مون اُنهيءَ ۾ سُڌارا ۽ واڌارا ڪري ڪوش مڪمل ڪيو آهي. اُنهيءَ ۾ ويهن هزارن کن سنڌي لفظن جي وئتپتي ۽ تاريخي اوسر ڏنل آهي. اِهو ڪوش جلد شايع ٿيندو.

ڄيٺي لالواڻيءَ بنيادي گجراتي.سنڌي ٽيڪنيڪي شبدڪوش جو مسودو تيار ڪيو آهي. ٻئي طرف ڪنهييالال ليکواڻيءَ وسٽرن رينجنل لئنگويج سينٽر طرفان اُنهن بنيادي سنڌي اصطلاحن جو ڪوش ٺاهيو آهي، جيڪي ٻارهين درجي تائين جدا جدا وشين جي درسي ڪتابن ۾ استعمال ٿين ٿا. اِهو ڪوش انگريزي.هندي،سنڌي ۽ سنڌي.هندي.انگريزيءَ ۾ آهي. اِهو مسودو به ڇپائيءَ لاءِ تيار پيو آهي. نيم.سرڪاري ۽ سرڪاري ادارن کي گهرجي ته اهڙين رٿائن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ۽ ڇپائي ظاهر ڪرڻ ۾ مالي مدد ڏين.

آخر ۾ هتي مان اِنهيءَ حقيقت طرف اِشارو ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين گهڻن ئي ٽيڪنيڪي موضوعن تي ڪوش نه ٺاهيا ويا آهن. جيئن ته سنڌي مهاپرشن ۽ تاريخي شخصيتن جو ڪوش، تاريخي جڳهين ۽ قديم ماڳن جي ڊڪشنري، ساهتيه ۽ سائنس ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح وغيره. سرڪاري اِدارن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اهڙين رٿائن طرف ڌيان ڏين.

....

 

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

 

سيد عبدالحسين موسوي.بحيثيت مضمون نگار

 

سنڌي زبان جي الف - جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، انگريزن جي دؤر ۾، سنڌي ادب کي وڏي هٿي آئي. سنڌي نثر باقاعده وجود ۾ آيو، ۽ ان کي سنڌي ادب جي ابي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جديد نموني تي سنڌ جي عالمن ۽ اديبن وٽ روشناس ڪرايو. اوڻيهين صديءَ جي پوئين چوٿائيءَ ۾، سنڌ ۾ انگريزي ادب جي ڦهلاءُ سبب سنڌي ادب ۾ ڪيتريون ئي صنفون رواج هيٺ آيون. سنڌي ادب جي نثري صنف ”مضمون“ ۾ پڻ وقت جي عالمن (مسلمان ۽ هندو) ڪافي پاڻ پتوڙيو. ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾، سنڌي مضمون نگاريءَ چڱو خاصو ڪيو. انهيءَ ابتدائي دؤر جي سنڌي مضمونن جي ڪتابن ۽ مجموعن جي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ، اهو چئي سگهجي ٿو ته ان دور جي مضمونن ۾ گهڻي قدر ٻاهرين زبانن جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، يا سنئون سڌو انهن جا ترجما ججهي انداز ۾ ملن ٿا، پر طبعزاد مضمون نگار ڪي ڳاڻ ڳڻيا ملن ٿا. ويهين صديءَ جي مضمون نگارن ۾، ”موسوي ڀائرن“ جي جوڙي، سنڌي مضمون نگاريءَ ۾ وڏي نواڻ آندي. انهن ٻنهي ڀائرن.يعني سيد عطاحسين موسويءَ ۽ عبدالحسين موسويءَ سنڌي مضمون نگاريءَ ۾ گهڻي ڀاڱي طبعزاد مضمون لکيا. هنن ٺيٺ سنڌي موضوعن کي ”مضمونن“ جي شڪل ۾ پيش ڪيو، جن ۾ روزمره جي زندگي، سنڌي سماج، سنڌي تهذيب ۽ تمدن وغيره جو عنصر تمام گهڻو سمايل آهي. سيد عبدالحسين موسوي ويهين صديءَ جي انهن مضمون نگارن مان هڪ آهي. هيءُ مجموعو ”وکريل وٿون“ سندس اُنهن مضمونن جو مجموعو آهي. هتي سڀ کان پهريائين سيدعبدالحسين موسويءَ جي سوانح حيات ۽ سندس علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي روشني وجهڻ سان گڏ، سندس مضمون نگاريءَ جي باري ۾ جائزو پيش ڪريون ٿا.

 

سيد عبدالحسين موسويءَ جي سوانح حيات

سيد عبدالحسين موسوي  روهڙيءَ جي ”موسوي سادات“ مان هو، سندس والد سيد وڌيل شاهه موسوي پنهنجي وقت جو وڏو عالم، اديب، صحافي ۽ هڪ ڪامياب استاد ۽ اعليٰ درجي جو منتظم ٿي گذريو آهي.

سيد عبدالحسين موسوي 21 رمضان المبارڪ 1319هه/ 2 جنوري 1902ع تي خميس ڏينهن شام جو ستين بجي، پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. روهڙيءَ جو شهر، قديم زماني کان وٺي علم ۽ ادب جو گهوارو پئي رهيو آهي. علمي گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سان گڏوگڏ شاهه صاحب جي ذهن ۽ طبيعت تي هن علمي ۽ ادبي شهر جي ماحول جو پڻ فطري تي اثر پيو.

سيد عبدالحسين موسويءَ ابتدائي تعليم روهڙيءَ ۾، ان وقت جي مشهور استاد، قاضي ميان غلام مهدي بن قاضي ميان پير محمد کان حاصل ڪئي. قاضي ميان غلام مهدي، سنڌ جي مشهور صوفي شاعر، فقير قادر بخش ”بيدل“ جي مجازي محبوب، قاضي ميان پير محمد جو فرزند هو. شاهه صاحب ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڪراچيءَ جي مشهور درسگاهه، سنڌ مدرسةالاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيو. ان کان پوءِ سندس والد کيس بمبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪليو، ليڪن اُتي سندس طبيعت ناساز رهڻ لڳي، تنهنڪري پاڻ سنڌ واپس موٽي آيو ۽ هتي ڪراچيءَ جي ڊي. جي. ڪاليج ۾ داخل ٿي، بي.اي جو امتحان پاس ڪيائين.

هڪ شاگرد تي پنهنجي اُستاد جو وڏو اثر ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح سيد عبدالحسين موسويءَ جي ذهن تي پڻ پنهنجي اُستاد قاضي غلام مهديءَ جي تعليم ۽ تربيت ۽ شخصيت جو تمام گهڻو اثر پيو. پاڻ پنهنجي استاد کان متاثر ٿي، تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي.ٽي جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ، شاهه صاحب سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ استاد ٿي رهيو، جتي پنهنجي قابليت ۽ ذهانيت سان تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪيائين. اُن دور ۾، سنڌ اندر ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ وڏا وڏا هاءِ اسڪول قائم ٿيل هئا، جتي نهايت ئي قابل ۽ محنتي استادن کي موڪليو ويندو هو. شاهه صاحب کي پڻ انهن تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو شرف حاصل رهيو، جتي پاڻ وڏي محنت ۽ اعليٰ اخلاق وسيلي نالو نروار ڪيو.

سيد عبدالحسين موسويءَ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هڪ ڪامياب اُستاد ۽ منتظم واريءَ حثيت کان متاثر ٿي، کيس ان وقت سنڌ ۾ قائم ٿيل مسلم اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان دور ۾، مسلم اسڪولن جي حالت، تعليمي لحاظ کان گهڻو پوئتي پيل هئي. شاهه صاحب وڏيءَ محنت ۽ اورچائيءَ سان، سنڌ جي انهن اسڪولن جي حالت کي هر لحاظ کان سُڌاري، ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو. سندس اعليٰ انتظامي صلاحيتن کان متاثر ٿي، بعد ۾ کيس ٽنڊي باگي جي مشهور هاءِ اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريائين. اهڙيءَ طرح شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي اين.جي.وي هاءِ اسڪول جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين. پاڻ آخر ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام جو پرنسپال مقرر ٿيو، جتان کيس ترقي ڏيئي پهريائين حيدرآباد ڊويزن ۽ پوءِ سکر ڊويزن جو ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. آخر ۾ ان عهدي تان سن 1957 ۾ پينشن تي لٿو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن آرام ۽ سڪون سان پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ گذاريائين، جتي سندس گهڻو وقت مطالعي ۽ تصنيف و تاليف ۾ گذرندو هو.

سيد عطا حسين موسويءَ سن 1957ع ۾ ٻين علم دوست ساٿين سان گڏجي، ”سکر ايڊيوڪيشن سوسائٽي“ برپا ڪئي. ان سوسائٽي جي سهاري هيٺ سکر ۾ هڪ اورينٽل ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ سيد عبدالحسين موسويءَ اعزازي طور پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو، اهڙيءَ طرح شاهه صاحب پينشن تي اچڻ کان پوءِ به درس ۽ تدريس جي مشغلي سان وابسته رهيو.

سيد عبدالحسين موسوي نه صرف تعليم ۽ علم ادب جي ميدان جو شهسوار هو، پر علم طب ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي. شاهه صاحب ملازمت جي دور کان وٺي ويندي پينشن تي اچڻ کان پوءِ به باقي حياتيءَ جو عرصو طب جي ذريعي عوام الناس جي خدمت ۾ گذاريو. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کان ان جو عيوضو نه ورتائين، ۽ نه وري طب کي ذريعهء معاش بڻايائين. وٽس وڏن وڏن حاذق حڪيمن جا ناياب نسخا هئا، جي ڪيترن ئي مختلف مرضن لاءِ تير به هدف هوندا هئا. علم طب تي سندس چار پنج بياض قلمي صورت ۾، سندس لائق ۽ فائق پوٽي، انجنيئر سيد عبدالحسين شاه موسويءَ وٽ موجود آهن. انهن بياضن کي جيڪڏهن ماهر حڪيم کان ترتيب ڏياري شايع ڪرايو وڃي، ته عوام الناس جي وڏي خدمت ٿيندي.

سيد عبدالحسين موسوي 5 شوال المڪرم 1386هه/ 17 جنوري1967ع تي اڱاري ڏينهن صبح جو يارهين بجي هن فاني جهان مان رحالت ڪئي.کيس سکر پراڻي ۾، پنهنجي اباڻي قبرستان ”ڏتل شاهه جي مڪان“ ۾ دفن ڪيو ويو.

 

سيد عبدالحسين موسويءَ جي لکيل ڪتابن جو جائزو:

سيد عبدالحسين موسوي سنڌي ادب جي ناميارن ۽ پايي جي نثر نگارن مان هڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ فارسي، عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو هو. جيتوڻيڪ سندس لکيل ڪتابن جو تعداد ايترو گهڻو نه آهي، اُن هوندي به اُهي سنڌي ادب ۽ زبان جو وڏو سرمايو آهن. هتي سندس تصنيف ۽ تاليف ڪيل ڪتابن جو مختصر طور جائزو پيش ڪجي ٿو:

(1) ڇوڪرين جي ورنيڪيولر فائينل امتحان جا پيپر: سيد عبدالحسين موسويءَ سنڌي اسڪولن جي نصاب طور، ٻين تعليمي ماهرن سان شريڪ ٿي، ڪافي ڪتاب لکيا آهن. هن ڪتاب ۾ پڻ شاهه صاحب پنهنجي وقت جي مشهور تعليمي ماهر جڳتراءِ ايسراداس شوادساڻي ۽ قاضي ميان جان محمد شڪارپور واري سان گڏجي، سنڌي فائينل امتحان ۾ ويهندڙ ڇوڪرين جي سهولت لاءِ، سن 1930ع کان سنه 1934ع تائين آيل امتحاني سوالن جا پيپر حل ڪيا آهن. هن ڪتاب جي مُنڍ ۾، اُن جي اهميت ۽ ضروري کي محسوس ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته:

جڏهانڪر ڇوڪرين جو ورنيڪيولر فائينل امتحان ٿيڻ لڳو آهي، تڏهانڪر سوالن جوابن واري پيپرن جي ڪتاب جي ضرورت گهڻي قدر محسوس پئي ڪئي وئي آهي.“

ان مٿئين عبارت مان اهو صاف ظاهرٿئي ٿو ته هيءُ ڪتاب انهن ٽنهي مصنفن، خاص طرح سنڌ جي نياڻين لاءِ، سنڌي فائينل امتحان کي  آسان بنائڻ لاءِ لکيو هو. ڪتاب جي مُنڍ ۾، امتحان ۾ جيڪي مقرر ٿيل ڪم آهن، تن جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. ڪتاب ۾ نثر، نظم، گرامر، صورتخطي، مضمون نگاري، انگي ۽ گهرو حساب، جاگرافي، تواريخ، صحت سکيا، ڇوڪرين لاءِ سبڻ جو ڪم وغيره جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي مطالعي مان اهو به واضع ٿئي ٿو ته اُن دور ۾ سنڌي فائينل امتحان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ اَٺَ هيڊ مقرر ٿيل هئا.

هيءُ ڪتاب جيئن ته ٽن مصنفن جو لکيل آهي، ان ڪري اهو معلوم ڪرڻ تمام مشڪل ٿي پيو آهي، ته ڪهڙو حصو ڪهڙي ليکڪ جو لکيل آهي. البت هن ڪتاب کي مجموعي طرح نياڻين ۾ فائينل امتحان جي سلسلي ۾ نهايت ئي آسان نموني ۾ لکيو ويو آهي. سڀني پيپرن جي سوالن جا جواب نهايت خبرداريءَ سان ڏنا ويا آهن. خاص طرح سان ڇوڪرين کي امتحان جي تياريءَ ڪندي جيڪي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، تن کي سامهون رکي هن ڪتاب کي نهايت مفيد بڻايو ويو آهي.

هن وقت جيتوڻيڪ ان ڪتاب جي اها تدريسي اهميت نه رهي آهي، تاهم ان جي مطالعي مان سنڌي زبان، شعر و شاعري، گرامر، جاگرافي، تواريخ ۽ مضمون نويسيءَ جهڙن اهم موضوعن بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. هيءُ ڪتاب موتيرام ڌرمداس موتي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ ورڪس، تلڪ روڊ، حيدرآباد سنڌ مان پڌرو ڪيو.

(2) تفريق ۽ تقطيع: سيد عبدالحسين موسويءَ دراصل هيءُ ڪتاب استادن ۽ شاگردن جي رهنمائيءَ ۽ رهبريءَ لاءِ لکيو هو. ان دور ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ورنيڪيولر امتحان، جنهن کي عام طرح ”سنڌي فائينل“ سڏيو ويندو هو، جي نصاب ۾ ”علم نحو“ ۽ علم صرف شامل هئا. ان وقت ”علم صرف“ تي ته سٺا ڪتاب لکيل آهن پر علم نحو تي ڪو مختصر ڪتاب موجود نه هو. شاهه صاحب جيئن ته انهن ٻنهي علمن تي مهارت رکندڙ هو، تنهنڪري ”تفريق ۽ تقطيع“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيائين. ظاهري تي اهو ڪتاب نصابي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو، پر شاهه صاحب پنهنجي وسيع ڄاڻ ۽ عالمانه ذوق سبب ان کي ايترو ته مختصر ۽ جامع بنايو، جو ڄڻ ته درياءُ کي ڪوزي ۾ سمايو ويو آهي. هن ڪتاب مان نه صرف ان دور جا نوجوان شاعر لاڀُ پرائيندا هئا، پر اُن کي سند طور پڻ پيش ڪيو ويندو هو. هن ڪتاب جي ترتيب ۾، ميان محمد ابراهيم عباسي پڻ شاهه صاحب جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

هيءُ ڪتاب سن 1934ع ۾ اشاعت هيٺ آيو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو سن 1945ع ۾ پوڪرداس ائنڊ سنز، ڪراچي سنڌ طرفان ڇپيو ۽ ان جو پنجون ڇاپو سن 1958ع ۾ توفيق آرٽ پريس، دادو سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو.

(3) جاميٽري: سيد عبدالحسين موسويءَ نه صرف سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي، پر پاڻ ”علم رياضيءَ“ ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هو. تواريخي لحاظ کان سندس خاندان مان ميرڪ عبدالباقي ٺٽوي (المتوفي 983هه/1575ع) ”جاميٽريءَ“ جي فن جو وڏو ماهر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌ ۾ انهيءَ فن تي نوان نوان تجربا ڪيا. اهو خانداني اثر صدين کان پوءِ، سيد عبدالحسين موسويءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. شاهه صاحب کي ”علم رياضيءَ“ جي هر شاخ تي مهارت حاصل هئي، پر خاص طرح سان ”جاميٽريءَ“ جي علم ۾ وڏي ڄاڻ رکندو هو. هاءِ اسڪولن ۾ ورهين جا ورهيه علم رياضي پڙهائيندي، ”جاميٽريءَ“ جي علم تي کيس ايڏو ته عبور حاصل هو، جو پاڻ ان تجربي جي بنياد تي هڪ ڪتاب لکيائين. جاميٽريءَ جو اهو ڪتاب سن 1936ع ۾ ڇپرايائين، جنهن کي ان وقت جي تعليم کاتي طرفان نصاب تي رکيو ويو. سن 1945ع ۾ هن ڪتاب جو پندرهون ڇاپو چئن هزارن جي تعداد ۾ ڇپيو، ۽ ان جو ارڙهون سن 1957ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان پڌرو ٿيو.

(4) تاريخ اسلام: سيد عبدالحسين موسوي نه صرف مذهبي قسم جو ماڻهو هو، پر سندس تواريخي مطالعو به ڪنهن وڏي اسڪالر کان گهٽ نه هو، سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ گهڻي ڀاڱي طب، ادب ۽ تواريخ جا ڪتاب موجود هئا. مسلمانن جي عروج زوال جو نقشو، هر وقت سندس اکين آڏو رهندو هو. دنيا ۾ مسلم قوم جي ناگفته به حالت ڏسي، کيس گهڻو افسوس ٿيندو هو. انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿي، پاڻ تواريخ جهڙي خشڪ مضمون کي هٿ ۾ کنيائين ۽ پنهنجي قلم سان ان کي اهڙو دلچسپ بڻايائين، جو اهو ڪتاب سنڌ جي عالمن خواه نوجوانن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور پبلشر، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سنڌ طرفان 1950ع ۾ شايع ٿيو.

(5) سُڳنڌ: دراصل سنڌي ”لوڪ ادب“ جي ابتدائي  ميڙ چونڊ جو سهرو سيد عبدالحسين موسويءَ جي سر تي سونهي ٿو. دنيا ۾ جيڪي به سڌريل قومون آهن، تن جي علم ۽ ادب جو وڏو سرمايو ”لوڪ ادب“ ئي هوندي آهي. ”لوڪ ادب“  قومن جي تهذيب ۽ ثقافت جو آئينو هوندي آهي، جنهن ۾ سندن زندگيءَ جو هر لحاظ کان عڪس موجود هوندو آهي. سنڌي ”لوڪ ادب“ سنڌي قوم جو سرمايو حيات آهي، جنهن مان سنڌ جي تهذيب، تمدن سورهيائي، سخاوت وغيره جهڙين ڳالهين جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

شاهه صاحب کي عموماً پنهنجي نوڪريءَ جي حوالي سان اڪثر سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۽ اسڪولن جي امتحان وٺڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو، جتي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڪچهرين ۾ لوڪ ڪهاڻيون، ڳجهارتون، هنر، ڏِٺون، ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جون اهڙيون شاعراڻيون صنفون اچي پيش ڪندا هئا ۽ ڪچهرين کي رونق وٺرائيندا هئا. شاهه صاحب جو جيئن ته علم ۽ ادب ڏانهن تمام گهڻو لاڙو هو، انڪري مختلف وقتن تي جتي جتي پاڻ ويندو هو، ته اُتي ان قسم جي مواد کي سهيڙيندو رهندو هو. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌي لوڪ ادب“ جي سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي پر اسان ايترو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ”سنڌي لوڪ اديب“ جو بنيادي پٿر دراصل سيد عبدالحسين موسويءَ ئي رکيو هو. شاهه صاحب ”لوڪ ادب“ جي ان گڏ ڪيل مواد جي عالمانه انداز۾ ڇنڊڇاڻ ڪري، ميان محمد ابراهيم عباسيءَ جي شراڪت سان ”سُڳنڌ“ نالي ڪتاب تيار ڪري، سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جي خدمت ۾ پيش ڪيو.  هيءُ ڪتاب سن 1950ع ۾ مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ، هن ڪتاب جا لاڳيتا چار ڇاپا ترتيبوار سن 1951ع، 1952ع، 1953ع ۽ 1954ع قاضي ميان نصير محمد توفيق آرٽ پرنٽنگ پريس، دادو سنڌ ۾ ڇپيا. هن ڪتاب جو ستون ڇاپو سن 1959ع ۾ تاج محل پريس حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ اٺون ڇاپو سن 1966ع ۾ اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان هن ڪتاب کي ڪيترا دفعا نصاب طور پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

(6) ديوان بيدل: سيد عبدالحسين موسوي بنيادي طرح ته نثر نويس هو، پر شعر و شاعري جو مذاق پڻ رکندو هو. پاڻ روهڙيءَ جهڙي علمي شهر سان واسطو رکندڙ هو، جتي ڪيترائي صوفي درويش ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، جن سنڌي ادب جي صوفيانه شاعريءَ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي قديم شاعر جو ڪلام ڪٺي ڪرڻ ۽ ان کي جديد نموني سان ترتيب ڏيئي شايع ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو. ان سلسلي ۾ روهڙيءَ جي مشهور صوفي شاعر، فقير قادر بخش ”بيدل“ جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ لاءِ، سيد عبدالحسين موسويءَ جو انتخاب ڪيو ويو. شاهه صاحب ”بيدل“ جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ لاءِ سڄيءَ سنڌ مان مواد گڏ ڪيو ۽ مختلف قلمي نسخن کي ڀيٽي، سموري ڪلام کي تحيقيقي لحاظ کان يڪجا ڪيو. ڪتاب جي منڍ ۾، فقير قادر بخش ”بيدل“ جي سوانح حيات، سندس علمي ڪارنامن، صوفيانه ۽ عاشقانه نظرين کي سهڻي نموني ۾ اُجاگر ڪيو ويو آهي. ”بيدل“ جي ڪلام کي ”ديوان“ جي صورت ۾ ترتيب ڏيڻ ۽ ان تي عالمانه مقدمو لکڻ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته شاهه صاحب وڏي ذهانت جو صاحب هو ۽ کيس جديد نموني تي ڪتاب مرتب ڪرڻ جي وڏي ڄاڻ حاصل هئي. ”ديوان بيدل“ سن 1945ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، محترم ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ جي سعي ۽ ڪوشش سان سن 1991ع ۾ پڌرو ٿيو. هن ڇاپي ۾، بيدل سائينءَ جي سوانح، پيغام ۽ ڪلام بابت ”شوق“ صاحب جا ضروري اضافا پڻ ڏنا ويا آهن.

(7) سُرهاڻ: لوڪ ادب جي سلسلي ۾، ”سڳنڌ“ نالي ڪتاب ترتيب ڏيڻ کان پوءِ، شاهه صاحب وٽ اڃا به ڪافي اهڙو مواد گڏ ٿي چڪو هو، جيڪو پهرئين ڪتاب ۾ اچي نه سگهيو هو. سيدعبدالحسين موسويءَ لوڪ ادب جي باقي رهيل سڀني صنفن کي گڏ ڪري ”سرهاڻ“ نالي ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن ۾ پڻ ميان محمد ابراهيم عباسيءَ جي شراڪت رهي. هيءُ ڪتاب شاهه صاحب سن 1958ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد سنڌ مان پنهنجي ذاتي خرچ تي ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب پڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي. هن ڪتاب کي به سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان نصاب تي رکيو ويو.

(8) ديوان بيڪس: ”ديوان بيڪس“، فقير قادر بخش ”بيدل“ جي فرزند فقير محمد محسن ساڳئي نموني تي ترتيب ڏنو آهي، جنهن طرز تي ”ديوان بيدل“ مرتب ڪيو هئائين. هن ۾ ”بيڪس“ جي سوانح حيات سان گڏ ان جي صوفيانه انداز کي تحقيقي نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پڻ سندس شاعراڻي مذاق جي ساک ڀري ٿو. هيءُ ڪتاب سن 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيو.

 

سيد عبدالحسين موسويءَ جي مضمون نگاري:

سيد عبدالحسين موسويءَ جي مضمون نگاريءَ جي فني نوعيت کي صحيح نموني ۾ سمجهڻ ۽ پرکڻ ۽ ان جو علمي ادبي لحاظ کان جائزو وٺڻ کان اڳ ۾ اهو ضروري آهي ته ”مضمون“ ۽ ”مضون نگاري“ جي فن تي ڪجهه مختصر روشني وڌي وڃي، ته جيئن شاهه صاحب جي هن مجموعي ۾ آيل مضمونن جي باري ۾ ڪا علمي ۽ ادبي راءِ قائم ڪري سگهجي.

”مضمون“ جي سڀ کان جامع ۽ مڪمل وصف هن وقت تائين ڪنهن به عالم ۽ اديب قطعي ۽ فيصلي ڪُن نه ڄاڻائي آهي، ۽ موجوده دور تائين اهو بحث اختلافي نموني ۾ هلندڙ آهي. دنيا ۾ جيڪي به علمي ۽ ادبي زبانون آهن، انهن جي ادب ۾ ”مضمون“ جي صنف موجود آهي. انهن علمي ۽ ادبي زبانن ۾ وقت به وقت جيڪي مضمونن جا مجموعا شايع ٿيندا پئي رهيا آهن، تن ۾ ”مضمون“ جي وصف الڳ الڳ نظرين ۽ راين سان بيان ڪئي ويئي آهي.

دراصل هن صنف کي جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جاچبو ۽ ويچاربو ته اهو بخوبي واضع ٿيندو ته ”مضمون“ جي صنف پنهنجيءَ جاءِ تي فني لحاظ کان هڪ جامع ۽ مڪمل ادبي صنف آهي، ليڪن هن صنف تي ڪنهن به عالم ۽ اديب، ٻين ادبي صنفن ۽ فنن وانگر ڪو به الڳ ۽ مستند ڪتاب مرتب  نه ڪيو آهي، ۽ نه وري ان باري ۾ ڪي خاص جامع وصفون بيان ڪيون آهن. ان هوندي به ”مضمون“ جي متعلق وقت به وقت دنيا جي عالمن ۽ اديبن جيڪي وصفون بيان ڪيون آهن، اهي مختصر طور هتي ڏجن ٿيون:

”مضمون“ عربي لفظ آهي، جو ”ضمن“ مان نڪتو آهي ۽ ان جي لغوي معنيٰ آهي ”گڏ ڪرڻ“ ۽ سندس اسم مفعول آهي ”مضمون“ جنهن جو مطلب آهي ”گڏ ڪيل“ مطلب ته ڪنهن به موضوع تي گڏ ڪيل خيالن کي ”مضمون“ چوندا آهن.

سنڌي زبان ۾ ”مضمون“ جو لفظ گهڻو ڪري ڪيترن ئي جدا جدا معنائن ۾ استعمال ۾ اچي ٿو. عام طرح ڪنهن به مختصر نثري تحرير کي ”مضمون“ ڪري چوندا آهن. نه صرف نثري لکيل کي، پر شعر مواد کي به پنهنجي مطلب ۽ مواد جي لحاظ کان ”مضمون“ ڪري سڏيندا آهن. بهرحال ”مضمون“ پنهنجي فني حيثيت ۽ نوعيت جي لحاظ کان هڪ الڳ ۽ جدا ادبي صنف آهي، ۽ اُها گهڻو ڪري نثري صورت ۾ هوندي آهي، اردو زبان ۾ ان کي ”انشائيه“ ڪري چوندا آهن.

برصغير هندو پاڪ جي علمي ۽ ادبي زبانن جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو، ته ”مضمون“ جي هيءَ نثري صنف انگريزن جي دور ۾ وجود ۾ آئي. ساڳي طرح، سنڌي زبان ۾ پڻ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هن صنف جو رواج پيو.

انگريزي ٻوليءَ ۾ ”مضمون“ کي “Essay” ڪري چوندا آهن، جنهن جو مطلب ۽ مفهوم پڻ سنڌيءَ جي ”مضمون“ وارو ٿئي ٿو. انگريزي ٻوليءَ ۾ اهو فرينچ زبان جي لفظ “Essai” تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سعيو ڪرڻ يا ڪوشش ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ڪنهن به موضوع تي لکڻ واريءَ عملي ڪوشش کي ”مضمون“ چئجي. جيئن ته ”مضمون“ جي صنف انگريزي ادب جي اثر هيٺ رواج ۾ آئي، تنهنڪري هتي ان بابت انگريزي ادب جي ماهرن ۽ نقادن جا مختلف رايا ڏجن ٿا:

ارڙهينءَ صديءَ جو مشهور انگريز عالم ۽ اديب جانسن چوي ٿو ته، ”مضمون انسان جي اندر جي جذبن ۽ بي ترتيب خيالن سان ڀرپور هڪ اهڙي تحرير آهي، جا ڪنهن خوش مزاج دل مان آزاديءَ سان نڪري نروار ٿئي ٿي.“

اڻويهين صديءَ جو مضمون نگار ۽ نقاد سر ايڊمنڊگاس مضمون لاءِ هن طرح رايو ڏئي ٿو ته، ”مضمون عام طرح سان هڪ وچولي طويل نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي  پهلوءَ تي آسان ۽ سرسري انداز سان نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد تائين بحث ڪري ٿو، جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثر ٿيل هوندي آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com