سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :3

 

ڇپائيندڙ پاران

”رني ڪوٽ سيمينار ” (30- نومبر 2006ع) جي تاريخي موقعي تي ٽــه- ماهي ”مهراڻ“ رسالي جي خصوصي شماري ”رني ڪوٽ نمبر“ جو ٻيو ڇاپو ججهي ادب ۽ احترام سان عالمن ۽ عام پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي ٿو، جيڪو اڳي سال 1984ع ۾، مهراڻ جي ٽئين پرچي جي صورت ۾ شايع ٿيو هو ۽ ناپيد هجڻ جي صورت ۾ هڪ وڏي عرصي کان وٺي اُن جي لاڳيتو گـهر پئي ٿيندي رهي.

”رني ڪوٽ نمبر“ پنهنجيءَ نوعيت جي اها ”پهرين اشاعت“ آهي، جنهن ۾ ان موضوع تي اُنهن سمورن تحقيقي مقالن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو، جيڪي 1981ع واري ”رني ڪوٽ سيمينار“  ۾ پڙهيا ويا هئا، جيڪو اُن وقت جي ڊويزنل ڪمشنر جناب عبدالله ج. ميمڻ جي تحرڪ سان منعقد ٿيو هو ۽ سنڌ جي ان وقت جي گورنر ايس.ايم.عباسي  اُن جو افتتاح ڪيو هو.

خوش قسمتيءَ سان سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق جناب مدد علي سنڌي  ”رني ڪوٽ سيمينار“ منعقد ڪرڻ جي رٿا ڪئي آهي. پاڻ هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جا وائيس چيئرمين آهن ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ جناب ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم وٽ پريس سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ خدمتون بجا آڻي رهيا آهن. مدد صاحب کي ”رني ڪوٽ سيمينار“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تاريخ تي تحقيق سندس دلپسند موضوع آهي ۽ ڳچ سال اڳ ”حيدرآباد هسٽاريڪل سوسائٽي“ جا باني چيئرمين پڻ رهيا آهن. رٿيل سيمينار ۾ نئين قائم ٿيل ضلعي ڄام شوري جي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جو کين سهڪار حاصل آهي. ”مهراڻ“ جي هن اڻلڀ پرچي جي اشاعت پڻ، موقعي جي مناسبت سان، مدد صاحب جي ئي علم دوستيءَ جو دليل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هيءُ ناياب شمارو هڪ وار عام ٿي مانوارن پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي.

اسان سنڌ جي وزيراعليٰ جناب ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جا ٿورائتا آهيون، جو پاڻ ان موقعي تي هن خاص نمبر لاءِ  پنهنجي ”پيغام“ سان نوازيو اٿن ۽ پڻ رٿيل ”رني ڪوٽ سيمينار“ جي ڪامياب انعقاد لاءِ گهڻي ذاتي دلچسپي ورتي اٿن.

جيئن هن پرچي جي مقالن مان پڌرو ٿئي ٿو، ته ”رني ڪوٽ“ قلعي جي قدامت بابت اڃا ڪوبه متفقه فيصلو ٿي ڪونه سگهيو آهي ۽ واضح طور تي ٻه مختلف نقطئه نظر سامهون آهن. تاريخ تي تحقيق هڪ ”مستقل موضوع“ آهي، جنهن تي ڪم اڃا باقي آهي. 1981ع واري سيمينار کان پوءِ رني ڪوٽ تي ڪو خاطرخواهه ڪم ڪونه ٿي سگهيو آهي، البت انفرادي ڪوششن کي قدر جي نظر سان ڏسي سگهجي ٿو. ان طرح سان قديم آثارن واري محڪمي طرفان به ڪا حتمي راءِ آڏو اچي نه سگهي آهي.  مجوزه ”رني ڪوٽ سيمينار“ مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته ان موضوع تي تحقيق جا ڪي نوان باب جڙندا ۽ رني ڪوٽ جي قدامت بابت تاريخ جا نوان رخ روشن ٿيندا. سنڌي ادبي بورڊ اهڙي تحقيقات جي اشاعت ۾ هميشه اڳڀرو پئي رهيو آهي. ”رني ڪوٽ سيمينار“ جي مقالن کي ”مهراڻ“ جي صفحن ۾ محفوظ ڪرڻ اداري جي فرائض ۾ شامل هوندو.

سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن آفيسر مسٽر دين محمد ڪلهوڙي جي سرجوشيءَ جو اعتراف لازم آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ ان خاص اشاعت کي تيار ڪرڻ لاءِ تندهيءَ سان ڪم ڪيو آهي. ان طرح مهراڻ جي ايڊيٽر مسٽر نفيس احمد ”ناشاد“ ججهي دلچسپي سان هٿ ونڊايو آهي ۽ مسٽر طارق عالم دلڪش ٽائيٽل ترتيب ڏنو آهي.

 

ڄام شورو، سنڌ                                            اعجاز احمد منگي

ڇنڇر 25  شوال المڪرم 1427هجري                     سيڪريٽري

بمطابق 18- نومبر 2006ع                             سنڌي ادبي بورڊ

 

 

بسم الله الرحمـٰـن الرحيم

گذارش

]ايڊيٽوريل[

”رني ڪوٽ  نمبر“

مهراڻ جو هيءُ پرچو،  ”رني ڪوٽ نمبر“  جي نالي سان، هڪ خاص شماري جي صورت ۾، پنهنجن ڪرم فرمائن ۽ معزز پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ اُهي علمي مضمون درج ڪيل آهن، جيڪي هن موضوع تي، رني ڪوٽ جي تاريخي قلعي جي ماڳ تي، 26 مارچ - 1981ع تي منعقد ٿيل پهرئين سيمينارلاءِ لکيا ويا هئا. انهن مان ڪجهه مقالا وقت جي ڪميءَ سبب اُتي پڙهجي نه سگهيا هئا، سي پڻ اِن مواد ۾ شامل آهن.

رني ڪوٽ جهڙي غير معمولي طور منفرد ۽ دلچسپ قلعي جي قدامت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي مقصد سان، مٿيون سيمينار، حيدرآباد جي اُن وقت جي ادب ذوق ڊويزنل ڪمشنر محترم عبدالله جي. ميمڻ دادوءَ جي ضلعي ڪائونسل جي تعاون سان منعقد ڪرايو هو، جيڪو بلاشبه پنهنجي نوع جو ابتدائي علمي اجتماع هو. انهيءَ يادگار سيمينار ۾ ملڪ جي عالمن ۽ محققن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ تاريخدانن پنهنجا تحقيقي پيپر پڙهيا. بعد ۾، ميمڻ صاحب اهو مواد بورڊ کي ڏيئي تقاضا ڪئي ته اُن کي شايع ڪرڻ لاءِ انتظام ڪجي. چنانـچه، مليل مواد، مهراڻ جي هڪ خاص پرچي جي صورت ۾ شايع ڪيو پيو وڃي.

رني ڪوٽ جو موضوع، جيئن هن خاص نمبر جي مقالن مان تفصيلي معلوم ٿيندو، نهايت دلچسپ ۽ عالمانه تحقيق جو حامل آهي. هن موضوع تي، سڀ کان پهرين ليفٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد، 1965ع ڌاري هڪ مضمون لکيو هو، جيڪو  ”اقبال رِويو“  رسالي ۾ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو. موضوع جي اهميت جي لحاظ سان، مهراڻ جي اُن وقت جي ايڊيٽر سائين غلام محمد گرامي صاحب، ان مضمون جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي مهراڻ ۾ شايع ڪيو هو، جنهن جي اشاعت سان، سنڌ جي عام علمي حلقن ۾، رني ڪوٽ بابت، پهريون ڀيرو، تفصيل سان تعارف پيدا ٿيو. اڳتي هلي، تحقيق سان دلچسپي رکندڙ صاحبن وٽ ڪرنل رشيد جي ان مضمون جي گهڻي پهه پچار رهي ۽ ان جي ڪن نقطن تي علمي خيال آرائي ۽ وڌيڪ تحقيقي ۽ تنقيدي سوچ ويچار جا سلسلا شروع ٿيا. توڙي جو ڪرنل رشيد جي مضمون ۾ آيل مرڪزي نقطئه نظر جي حوالي سان، علمي لحاظ سان، ڪيئي مدلل ۽ موثر اختلافي نقطا پڻ نروار ٿيا، پر تنهن هوندي به سندس مضمون جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اهو مضمون هڪ ڀرپور ابتدائي ڪوشش هئي. هاڻي، جڏهن رني ڪوٽ سيمينار (1981ع) جا مقالا هڪ هنڌ شايع ڪيا پيا وڃن، تڏهن مناسب نظر آيو ته ڪرنل رشيد جو مضمون پڻ هت محفوظ ڪيو وڃي. ساڳيءَ طرح، هن پرچي جي آخر ۾ ڏنل مسٽر غلام ربانيءَ جو مضمون، توڙي جو سيمينار ۾ نه پڙهيو ويو هو پر موضوع جي مناسبت جي لحاظ سان، ان کي ضميمي طور آڻڻ مناسب سمجهيو ويو.

رني ڪوٽ جي موضوع تي گڏ ڪيل مقالن جو هيءُ مجموعو، هن موضوع تي ڪم ڪرڻ وارن عالمن ۽ محققن لاءِ هڪ  ”بنيادي - ماخذ“  جو ڪم ڏئي سگهي ٿو، ان ڪري مهراڻ جي هن خاص نمبر کي توقع آهي ته علمي حلقن ۾ قدر ۽ اهميت جي نظر سان ڏٺو ويندو.

رني ڪوٽ:  ”بين الاقوامي ثقافتي ورثو“  ۽ محڪمـئه آثار قديمه جو سنڌ سان ورتاءُ!

سنڌ جي علمي حلقن ۾ اها خبر مسرت سان ٻـُـڌي وئي آهي، ته دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي قلعي  ”رني ڪوٽ“  کي ان جي دلـچـســپ قــدامــت،مـنــفــرد ساخت ۽ غير معمولي ويڪر جي پيش نظر، يونيسڪو طرفان،  ”بين الاقوامي ثقافتي ورثي“  جي حيثيت ڏيڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن. ان ڏس ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته آثار قديمه کاتي طرفان، يونيسڪو کي گهربل ضروري تفصيل مهيا ڪيا ويا آهن. ساڳئي وقت اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته وفاقي حڪومت، رني ڪوٽ جي مرامت ۽ تحقيق لاءِ اٺن ملين رپين جي رقم پڻ منظور ڪئي آهي.

ٻــئــي طرف، خبرن ۾ اهــو پڻ چيو ويو آهي ته عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي واري ڪائونسل جو ڌيان رني ڪوٽ جي عظيم موجودگيءَ ڏانهن ان وقت ڇڪجي سگهيو، جڏهن کيرٿر نيشنل پارڪ جي افتتاحي اسڪيم جو مرحلو پيش آيو، جو رني ڪوٽ جو قلعو، خود ان اسڪيم جي دائري ۾ اچي ٿو. ان طرح سان عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي واري ڪائونسل جي نشاندهيءَ تي يونيسڪو طرفان هن قلعي کي  ”عالمي ثقافتي ورثي“  طور تسليم ڪرڻ جي ابتدا ٿي آهي.

مٿين خبرن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، آثار قديمه ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ يقيناً خوشيءَ جو اَمر سمايل آهي ته سنڌ جي عظيم ماضيءَ جي هڪ باوقار پهلو  ”رني ڪوٽ“  کي عالمي سطح تي مڃتا ملڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. اسان جا جذبا پڻ انهن کان مختلف ڪونهن ۽ اسان کي، سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي سان اڃا به وڌيڪ خوشي پهتي آهي. پر، مٿينءَ پس منظر ۾، اسان کي ان نقطي تي بجا طور شڪايت پڻ آهي ته رني ڪوٽ جي مڃتا جي نشاندهي، هڪ فرض شناس عالمي ڪائونسل طرفان ٿي آهي، خود اسان جي پنهنجي ملڪ جي محڪمئه آثار قديمه طرفان ان ڏس ۾ ڪو به توجهه نه ڏنو ويو، جيڪو فرض بنيادي طرح بهرحال مٿن ئي هو. رني ڪوٽ جو قلعو صدين کان موجود آهي ۽ الحمد لله اسان جي پنهنجي ملڪ جو قديم آثارن وارو کاتو پڻ آزاديءَ واري ڏينهن کان وٺي قائم آهي. ستٽيهن ورهين جي طويل عرصي دوران، پاڪستان جي آثارن قديمه کاتي کي هڪ اهڙي اهم ۽ وسيع شيءِ نظر نه چڙهي ۽ نه ان جي حيثيت جي ساڃاهه پيدا ٿي سگهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو  ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو“  آهي. (فرض ڪريو ته جيڪڏهن تحقيقات مان ثابت ٿو ٿئي ته اهو  ”وڏي ۾ وڏو قلعو“  ناهي، ته پوءِ اُن کي  ”دنيا جي چند وڏن قلعن مان هڪ“  ڪري شمار ڪرڻ کان ته ڪو به انڪار نه ڪري سگهندو.)

اڳ واري عرصي کي جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ کڻي پاسيرو رکجي،پر اها حقيقت پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل آهي ته 1981ع ۾ جڏهن  ”رني ڪوٽ سيمينار“  منعقد ٿيو، تڏهن ملڪ جا سڀئي علمي ۽ تحقيقي حلقا ان جي اهميت کان چڱيءَ طرح واقف ٿيا، پر افسوس صرف اِهو آهي ته پاڪستان جو آثارقديمه جو محڪمو وري به غافل رهندو آيو، جنهن کي ئي بنيادي طرح بيدار ٿيڻ کپندو هو. پاڪستان جي وفاقي حڪومت، رني ڪوٽ جي مرامت ۽ تحقيق لاءِ اگر هاڻي اٺن مـِـلين رپين جي رقم منظور ڪئي آهي ته اهو قدم پڻ عالمي ڪائونسل جي نشاندهيءَ ۽ توجهه ڇڪائڻ سان ئي وابسته تصور ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته ان کان اڳ ۾ ان قسم جي ڪنهن پڌرائيءَ کان اسان لاعلم آهيون.

پـاڪـســتان جــي مـحــڪـمــه آثــار قــديــمــه جـي سـنــڌ جي عظمت جي اُهڃاڻن کان بي ڌياني فقط هڪ  ”رني ڪوٽ“  تائين محدود ڪانهي، پر سنڌ جي سمورن ثقافتي ماڳن سان سندن اِها روش، بدقسمتيءَ سان، شروع کان وٺي جاري آهي! ٻين آڳاٽن متعدد مثالن کي ڇڏي ڪري، فقط هڪڙي  ”ڏيپر گهانگهري“  جي ماڳ جي تباهه ٿيڻ جي دلخراش خبرن کي ئي وٺجي، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ لاڳيتو اخبارن ۾ اينديون رهيون آهن. سانگهڙ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽيءَ جي عهديدارن ۽ سمورن علمي حلقن جي مسلسل پڪارن تي سنڌي پريس ادارتي نوٽ پڻ لکيا، ته اُن جي تاريخي کنڊرن کي تباهيءَ کان بچايو وڃي، جن کي ڊاهي، آباديءَ لائق زرعي زمين بنايو پيو وڃي، پر اڃا تائين ڪوبه عملي قدم کڄي نه سگهيو آهي، نتيجي ۾ ان ماڳ جو باقي هڪ حصو پڻ زرعي آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويندو.

سنڌ ۾ اولين اسلامي حڪومت جو دارالخلاخه  ”منصوره“ ، جيڪو پنهنجي دؤر جو عظيم تهذيبي ۽ تمدني شهر هو، جنهن شهر جي علمي ۽ ديني فڪر ۽ پيغام جي ڪـِـرڻن صدين تائين سنڌ کي منور ڪيو، جنهن شهر جي قديم آثارن مان هٿ آيل شين کي اسان جي عظيم اسلامي ثقافتي ورثي ۾ هڪ قدر لائق اهميت حاصل آهي، جنهن شهر سنڌ ۽ هڪ لحاظ کان سڄي برصغير کي اسلامي معاشرت جي زندگي آفرين قدرن سان سرشار ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن شهر صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي سمورن شهرن کي  ”شهريت“  جي معنيٰ بخشي- انهيءَ مثالي ۽ منفرد شهر جي قديم آثارن جون سرون رات ڏينهن ڍوئجي رهيون هـُـجن، ۽ رکيل ٻه چوڪيدار فقط  ”قلعي“  جي آثارن جي نگهبانيءَ تائين محدود هجن، ته اها ڪيڏي نه ارمان ۽ افسوس جي ڳالهه آهي! محڪمه آثار قديمه ٻڌائي سگهندو ته ان منصوره کي برباديءَ کان بچائڻ لاءِ پنهنجا فرض ادا ڪندي، ڪهڙا ڪهڙا موثر اُپاءَ ورتا آهن؟ جڏهن منصوره جهڙي مـُـک اسلامي ثقافتي ورثي جي اهڃاڻن جي برباديءَ تي محڪمه آثار قديمه تحرڪ نٿو وٺي، ته پوءِ سنڌ جي ٻين آثارن جي حفاظت ۽ نگهداشت لاءِ محڪمو جيڪي اُپاءَ وٺي رهيو آهي، سي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهن ٿا!

ساڳيءَ طرح، حيدرآباد جي تاريخي قلعي جي زبون حالي پڻ اکين جي اڳيان آهي. رني ڪوٽ يا منصوره ته وري به ڪجهه دور دراز هنڌن تي واقع آهن، پر حيدرآباد ۾ محڪمي جا دفتر پڻ قلعي جي چوديواريءَ اندر ئي قائم آهن! قلعي جي روزمره جي بربادي، اها تقاضا رکي ٿي ته ان جي مناسب مرامت ڪئي وڃي، پر محڪمي طرفان مناسب توجهه نٿو ڏنو وڃي.

ان طرح، سنڌ جي تاريخ جي عظيم مدفن -- مڪليءَ -- جي قديم آثارن جو پڻ تقريباً ساڳيو حال آهي. ڪيئي اهم تاريخي آثار، محڪمي جي بي ڌيانيءَ سبب زمين دوز ٿي چـُـڪا آهن ۽ ٻيا آثار پڻ ساڳئي حشر جا منتظر آهن! مرزا عيسيٰ ترخان ثاني جي مقبري - جيڪو اسلامي فن تعميرات ۾ خوبصورتي ۽ جاذبيت جي لحاظ کان سڄي مڪليءَ جي سمورن آثارن جو نـَـڪ آهي- تنهن جي مرامت جو سلسلو هڪ عرصي کان وٺي اڃا تائين تڪميل تي پهچي نه سگهيو آهي!

مڪليءَ تي، آخري وسيع ۽ خوشحال آزاد مـُـسلم سنڌ جي عادل ۽ وطن دوست حڪمران ڄام نظام الدين سمي ۽ سنڌ جي شجاع اعظم شهيد دريا خان جي آخري آرامگاهن تائين پهچڻ لاءِ مناسب پڪو رستو ته درڪنار، پر پيچري جي به گهـُـربل سولائي ڪانهي! دريا خان جي مزار کي هٿ لائڻ سان واري پيئي ڇڻي، سارسنڀال کان محروم!

باوثوق ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڀوڏيسر واري تاريخي مسجد به نهايت خسته حال آهي. ميرپورخاص ۾ ڪاهوءَ جو دڙو ته هڪ زماني کان مٽي کوٽيندڙن جو مستقل مرڪز بنيل آهي.

سنڌ جي عظمت جي روشن علامت  ”موهن جي دڙي“  کي سم ۽ ڪلر کان بچائڻ لاءِ، هڪ وڏي عرصي کان، بلڪل پابنديءَ سان، وقتاً فوقتاً، اخبارن ذريعي اِهي خبرون ته اينديون ٿيون رهن ته ان لاءِ مسلسل اپاءَ ورتا پيا وڃن، عالمي توجهه به ڇڪجي چڪو آهي، دنيا جون سـُـڌريل قومون فنڊ گڏ ڪري رهيون آهن، هيترا ڪي هيترا ٽيوب ويل شروع ٿي چڪا آهن،جپان جي شهزادي پڻ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ تحرڪ ورتو آهي، يونيسڪو جا اجلاس پڻ جاري آهن، وغيره وغيره، پر انهن تمام خوشخبرين سان گڏ، رکي رکي ڇپجندڙ انهن خبرن جو اڃا خاتمو نه ٿيو آهي ته موهن جو دڙو باقي چند ورهين جو مهمان اَٿو! دڙي کي بچائڻ لاءِ ورتل ڪوششن ۾ شڪ ڪرڻ جي ته ڪابه گنجائش ناهي، پر ڪوششون جيستائين نتيجه خيز ثابت ٿين ئي ٿين، تيستائين موهن جي دڙي جي سلامتي مشڪوڪ نظر اچي ٿي. مٿيان چند نقطا فقط مثال طور پيش ڪيا ويا آهن، ورنه سنڌ جي سمورن قديم آثارن جو تقريباً ساڳيو ئي حال آهي، يعني مناسب مرامت ۽ نگهداشت کان محرومي!

اها ڳالهه خاص اهميت سان چئي وڃي ٿي ته سنڌ، تاريخ ۾ دنيا جي چند عظيم تهذيبن جي پهرينءَ صف ۾ نظر اچي ٿي، سنڌ کي هڪ عظيم تهذيبي ورثو آهي، سنڌ اسلامي ثقافت جو گهوارو آهي، سنڌ قديم آثارن ۾ منفرد حيثيت جي مالڪ آهي، سنڌ  ”باب الاسلام“  جي روح پرور لقب سان مشرف آهي، ته ٻئي طرف انهيءَ سنڌ جي قديم آثارن ۽ تاريخ جي اُهڃاڻن سان محڪمي آثار قديمه جو ورتاءُ سنڌ جي سڄاڻ حلقن کان ڳجهو ڪونهي، ۽ مٿين چند مثالن ۾ واضح آهي.

اسان اختيار وارن کي گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ جي سمورن قديم آثارن جي مرامت ۽ نگهداشت لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن ۽ انهن لاءِ ڪو جامع پروگرام بنا دير جي هٿ ۾ کنيو وڃي.

ٻئي طرف، رني ڪوٽ کي يونيسڪو طرفان  ”عالمي ثقافتي ورثو“  قرار ڏيڻ واري رٿا جو گرم جوشيءَ سان خير مقدم ڪندي، مطالبو ڪنداسين ته اُن جو جلد اعلان ڪيو وڃي.

يونيسڪو جهڙي بين الاقوامي اداري طرفان رني ڪوٽ کي مڃتا ڏيڻ کان پوءِ ظاهر آهي ته عالمي ساک واري هن تنظيم وٽ ڪي مثبت ۽ تعميري پروگرام پڻ موجود هوندا، جيڪي عمل ۾ آندا ويندا. ان موقعي تي ڪي خاص نقطا پيش ڪرڻ مناسب ٿيندا:

(1) رني ڪوٽ جهڙي دُور دراز ۽ دشوار ماڳ تائين، آسانيءَ سان رسڻ لاءِ پڪو رستو تعمير ڪيو وڃي.

(2) رني ڪوٽ تي بجليءَ جو انتظام ڪيو وڃي.

(3) سياحن جي ترسڻ لاءِ ريسٽ هائوس تعمير ڪيو وڃي.

(4) هڪ عجائب گهر ۽ لائبريري قائم ڪئي وڃي.

(5) رني ڪوٽ جي مرامت ڪئي وڃي ۽ ان ۾ موجود ٻين قلعن جي پڻ سنڀال لڌي وڃي.

(6) اندرين قلعن تائين پهچڻ لاءِ پڻ پڪا رستا تعمير ڪيا وڃن.

(7) رني ڪوٽ جي قدامت جي باري ۾ جديد سائنسي اصولن ۽ طريقن موجب تحقيق جو ڪم ڪرايو وڃي.

(8) ڪوٽ جي اندر نئن جو پاڻي هڪ خوشنما مصنوعي ڍنڍ جي صورت ۾ محفوظ ڪري، تفريح جو انتظام ڪيو وڃي.

(9) رني ڪوٽ تي هڪ بين الاقوامي تحقيقي سيمينار منعقد ڪرايو وڃي، جيئن اُن جي اهميت، پوري دنيا جي تهذيبي حلقن ۾ روشناس ٿي سگهي.

توقع آهي ته مٿيان انتظام ڪيا ويندا، جيئن رني ڪوٽ صحيح معنيٰ ۾  ”عالمي ثقافتي ورثو“  بنجي سگهي.

-- ن. ا. ش

    ]1984ع[

 

ليفٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد

رني ڪوٽ - دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو

پاڪستان ۾، سنڌ جي اتر- الهندي واريءَ ڪنڊ ڏانهن کيرٿر ٽڪرين جي قطار موجود آهي. اها قطار اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 55 - 27 درجن درميان پکڙيل آهي، جا مسلسل ڏکڻ جي طرف ۽ صوبي جي الهندي سرحد سان لڳولڳ ويڪرائي ڦاڪ جي 15 - 26 درجن تائين هلندي رهي ٿي ۽ محال ڪوهستان ۾ تقريباً ويڪرائي ڦاڪ جي 43-25 درجن وٽ پهچي ختم ٿئي ٿي. ٽڪرين جي قطار جي ڪل ڊيگهه 150 ميل آهي ۽ ان جي مجموعي اوچائي، مختلف جاين تي، سمنڊ جي سطح کان چئن هزارن کان پنجن هزارن فوٽن تائين بلند آهي. انهن ٽڪرين سان گهڻو ڪري چن جو پٿر به شامل آهي، پر ريتي ۽ ڪڪري گهڻي انداز ۾ لڀي ٿي. اندازو لڳايو ويو آهي ته اهي جبل، ارضياتي فرهنگ (geological nomenclature) موجب زمين جي ٽئين تهه واري ترڪيب (Tertiary System) سان واسطو رکن ٿا(1) . سموري ايراضي معدنيات سان ڀرپور آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين ان جي مڪمل طور جاچ ۽ شيرازه بندي نه ڪئي وئي آهي.

انهن ٽڪرين جي قطار تي دنيا جو هڪ وسيع ۽ عظيم قلعو، جنگي فن ۽ فوجي اهميت جي لحاظ کان جڙيل آهي. انهيءَ کي  ”رني ڪوٽ“  سڏجي ٿو. ان کي چند ٻين نالن سان پڻ سڏجي ٿو، جهڙيءَ طرح رني ڪوٽ، رنيڪا ڪوٽ ۽ ميهن ڪوٽ (2) وغيره.(3) اهو دادو تعلقي ۾،(4) سن شهر کان ارڙنهن ميل پري ڏکڻ- اولهه طرف آهي. سن جو شهر، صوبي سنڌ ۾ حيدرآباد کان ڇاونجاهه ميل پري اتر ڏي آهي.

قلعو، ٽڪرين جي بلند ترين چوٽين تي قائم ٿيل آهي ۽ انهن مان آرپار لنگهندو ارڙهن ميلن جي گهيري مٿان ڦري اچي ٿو. ڏورانهين مفاصلي کان چين جي  ”عظيم ديوار“  وانگر نظر اچي ٿو ۽ مسلسل پيچدار ۽ ور وڪڙ وارن لنگهن ۽ رستن، ٽڪرين، ماٿرين، پهاڙي نالن ۽ تمام اڻانگين جڳهين ۽ پيچيده مقامن تان لنگهندو اچي ٿو. سندس لنگهه ڪٿي ڪٿي ته بلند ۽ مٿانهان ٿيندا وڃن ٿا، ته ڪٿي وري هيٺاهان ۽ لاهيءَ وارا آهن. بيشڪ هيءُ قلعو ملٽري انجنيئرنگ جو هنرمندانه تعميري شاهڪار آهي.

هن قلعي تائين پهچڻ به تمام ڏکيو ڪم آهي. سـَـن کان جيڪو رستو ان طرف وڃي ٿو، سو تمام خراب حالت ۾ آهي.(5)  اهو رستو سـَـن ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ - اولهه ڏانهن وڃي ٿو. ٻيو ڪو به اهڙو چڱو رستو ڪونهي، جنهن جو ذڪر ڪجي. جيڪڏهن جيپ ۾ وڃبو ته پوءِ، ارڙهن ميلن جي انهيءَ سموري مفاصلي کي طيءِ ڪرڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو. اهو رستو (جيڪڏهن ان کي رستو چئجي) قلعي وٽ هلي ختم ٿئي ٿو. جڏهن ماڻهو قلعي وٽ پهچندو، تڏهن ان جون اوکيون ۽ اڻانگيون مگر مضبوط ساخت واريون ديوارون صاف نظر اينديون، جي ٽڪريءَ جي اُڀريل سطح تي لڳو لڳ ڦرنديون ۽ چڪر ڪاٽينديون وڃن ٿيون. ديوارن جي وچ ۾ وري گول ۽ ٽڪنڊا منارا نظر ايندا، جي سـُـڪي ويل نهر جي ساڄي ۽ کاٻي قائم ٿيل آهن. قلعي ۾ اندر وڃڻ لاءِ هڪ گذرگاهه يا لنگهه (جيڪڏهن ان کي لنگهه ڪوٺجي) موجود آهي. انهيءَ لنگهه ۾ هڪ ڦاٽڪ يا دروازي gate of Entry جون مثالي خاصيتون موجود آهن. هڪ ڪلدار پل Draw Bridge ۽ ڊيم dam (جي هاڻي سالم حالت ۾ نه آهن) ڏسڻ ۾ اچن ٿا. قلعي جي اندرئين حصي ۾ هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين، گهمڻ بعد ڏسندڙ کي، لشڪر ڪـَـشيءَ ۽ جنگي فن جي مصلحت مطابق جو ميدان هموار ڪيل آهي، تنهن بابت اندازو ٿي سگهي ٿو. ميدان به حيرت انگيز آهي.

گهڻو زمانو اڳ، جڏهن قلعو ٺهيو هو، تڏهن هيءَ ايراضي هڪ زرخيز ماٿري هئي، جنهن مان تازي پاڻيءَ جي نهر (نئن) وهندي هئي. ان وقت هيءَ ماٿري گنجان آباديءَ سان ڀريل هئي. سر وليم نيپئر، پنهنجي سنڌ جي انتظامي رپورٽ ۾ چوي ٿو ته  ”هيءُ وسيع ۽ زرخيز خطو، هن وقت بلڪل غيرآباد زمين بنجي چڪي آهي. ان ۾ قديم بستيءَ جا اهڃاڻ ۽ اڳوڻن ماڻهن جون جايون به معلوم ٿين ٿيون.“  جن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ متعلق جيڪي شاهوڪاريءَ ۽ عظمت جون ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن، سي ڪي مبالغه آميز ڪين آهن. قديم مقامات مان هي قلعو نهايت قابل يادگار جڳهه آهي، جا نقشي ۾ ]مهين ڪوٽ[ جي نالي سان نشان ٿيل آهي. سر اليگزينڊر برنس، هن کي  ”قلعي بند ٽڪري“  (Fartiflee hill) سڏيو آهي. ملڪي ماڻهو، ان کي  ”رني ڪوٽ“  جي نالي سان سڏين ٿا، جنهن کي چوڌاري هڪ تراشيل پٿرن ۽ چن جي گاري سان جڙيل ديوار ڏنل آهي، جا هڪ نه بلڪ گهڻن ٽڪرين جي چوگرد ڦري اچي ٿي. ان جو سمورو گهيرو پندرهن ميلن ۾ ٿيندو. ان کان سواءِ ديوار جي اندر، ان زماني ۾ هڪ دائمي وهندڙ صاف پاڻيءَ جي نهر، جبل مان ڦوٽ کائي پڻ وهندي هئي، جا ظاهر ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن قلعي کي ان وقت يوناني اڏاوت سمجهيو ويندو هو، مگر هن وقت تائين اتي يوناني فن تعميرات جا ڪي به نشان يا ڦٽل آثار ملي نه سگهيا آهن، ڇو ته سنڌ جي حاڪمن، وقت بوقت ان جي ديوارن جي مرمت پئي ڪرائي آهي، تنهنڪري عمات سازيءَ جي سموري جس انهن کي ئي حاصل ٿئي ٿي.

شفاف پاڻيءَ جي نهر هئڻ ڪري، يقيناً اتي انساني آباديءَ ۾ واڌ ويجهه ٿي هوندي. ان کان علاوه پاڻيءَ کي بند ٻڌي، ڊيم Dam جي صورت ۾ آڻڻ سان به نهر کي قوت ملي هوندي. جن بندن جي مٿان ڪلدار پليون ٻـڌل هيون،اهي پليون دروازن وٽ نصب ٿيل هيون، جن مان هر هڪ ترتيبوار  ”سن“  ۽  ”آمري“  دروازو سڏجي ٿو. پاڻيءَ جي بندن Dams مان ٻٽو مقصد برصواب ٿيو ٿي. پهريون ته ماٿريءَ جي پوري ڦهلاءَ، طول ۽ عرض ۾ هڪ آرپار پکڙيل ڍنڍ بنجي پئي ٿي، جنهنڪري ان مان ماٿريءَ کي ملندڙ پاڻيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿو ٿئي. ٻيو ته ان مان دفاع جي هڪ اهم صورت پڻ پيدا ٿيندي هئي. هن وقت به جيڪڏهن ڪوشش وٺجي، ته شايد ساڳين هنڌن تي پاڻيءَ جي بندن کي دوباره تعمير ڪرڻ سان، هن ماٿريءَ ۾ شادابي ۽ زرخيزي بحال ڪري سگهجي ٿي. گذريل دؤر ۾ هي شاداب ۽ زرخيز علائقو، حمله آور فوجن لاءِ ضرور وڏي ڪشش رکندو هوندو. اهوئي سبب هوندو جو ان وقت جي حڪمرانن (جي ڪير به کڻي هجن) ڌارين حملن کان، پنهنجي عـلائـقــي جي حــفــاظــت واسطي، اهڙي بي مثال رقبي ۾ اهڙو مضبوط ڪوٽ اڏايو هوندو. زماني جي لحاظ سان، اهو ڪيترو زمانو اڳ ۾ ٿيو هوندو، تنهن بابت آءٌ ڪو به تخمينو لڳايان، سو هن وقت مناسب نه آهي. بهرحال، قلعي جي اڏاوت واري زماني متعلق آءٌ ضرور بحث ڪندس ۽ ان جا سڀئي پهلو غور ويچار هيٺ آڻي، پنهنجا رايا پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندس. انهيءَ بحث ڪرڻ کان اڳ، آءٌ پنهنجي ٻين مشاهدن کي تفصيلوار بيان ڪندس.

 

قلعي جا دروازا:

هن قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي دروازا ٺهيل آهن، سي اهڙا رواجي نه آهن، جيئن عام قلعن ۾ ٻاهران ئي نمايان ڏسڻ ۾ ايندا آهن، بلڪ هي هڪ قسم جا رڳو لنگهه Entrance آهن. هن قلعي کي اهڙا چار لنگهه يا گذرگاهه آهن، جن جا نالا هي آهن: (1) سن يا اڀرندو دروازو، (2) آمري يا اتر- اڀرندو دروازو، (3) شاهه پير يا ڏکڻ دروازو ۽ (4) الهندو يا مٿانهون دروازو (ميهن دروازو).

اڀرندي وارو  ”سن دروازو“  هڪڙي ننڍڙي ديهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جا قلعي کان اٺ ميل اڀرندي طرف آهي.  ”آمري دروازو“ ، آمريءَ جي نالي پويان سڏجي ٿو، جو آثارقديمه جو هڪ نهايت مشهور ۽ تاريخي مقام آهي. ان جي کوٽائي آثار قديمه جي ماهرن طرفان ٻه دفعا ٿي چڪي آهي. سندس’پراڻي تهذيب‘ ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي. آمري، سن کان پندرهن ميل پري، اُتر ۾ لاڙڪاڻي ڏانهن ويندڙ مکيه رستي تي سنڌونديءَ سان لڳولڳ آهي. هن کي ڏسڻ سان، قلعي جي عظيم آثارن بابت پڻ دل ۾ ڪيترائي خيال پيدا ٿين ٿا. شايد هيءُ قلعو تڏهن ٺهيل ٿو ڏسجي، جڏهن آمري شهر اڃا سرسبز ۽ آباد هو. اهو ئي سبب آهي، جو اتر- الهندي دروازي کي هن ئي مشهور شهر جي پويان نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ شهرن ، ڳوٺن، توڙي قلعن جي دروازن کي، مشهور آبادين ۽ بستين جي نالن پويان سڏجڻ جو رواج عام هوندو هو.

ڏاکڻو گذرگاهه يا  ”شاهه پير دروازو“ ، آمري دروازي کان البت هيٺائين سطح تي آهي. اڀرندي وارو دروازو يا  ”سن دروازو“  تمام گهڻو نشيب ۾ آهي. هن مان ڏسبو ته باالآخر الهندو دروازو ئي واحد مٿانهون دروازو آهي (مهين جو دڙو)، جو اتي بيٺل اتاهين ڪوٽ کي ويجهو آهي.

ازان سواءِ ٻه ٻيون خاص اڏاوتون به قلعي جي ديوارن جي وچ ۾ موجود آهن، جن مان هيٺئين اڏاوت کي  ”ميري“  سڏيو وڃي ٿو ۽ مٿئين اڏاوت کي  ”شير ڳڙهه“  قلعو سڏيو وڃي ٿو. اهي ٻئي رهائشي قلعا آهن ۽ يقيناً واليء رياست جا اڏايل هئا.  ”ميري“  قلعو، هن قلعي بنديءَ جي قريب قريب مرڪز ۾ آهي، سو سن واري دروازي کان اٽڪل ٽن ميلن تي ٿيندو ۽ اتان الهندو دروازو وري تقريباً ٻيا ٻه ميل مفاصلو ٿيندو. اهو مفاصلو ماپ ڪيل نه آهي، پر جيڪو وقت مسافريءَ ۾ لڳو، تنهن مان اندازو لڳائي بيان ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان اندروني ايراضيءَ جو قطر پنج ميل ٿيندو. سموري ايراضيءَ جو تـخمينو جدا جدا لڳايو ويو آهي، جو پندرهن کان ارڙهن ميلن تائين چئبو. انهيءَ ماپ کي به آخري طور تڪميل شده نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ان جو دائرو سڌيءَ ليڪ ۾ نه آهي. ديوارون ور وڪڙ کائينديون، ٽڪرين جي مٿان ۽ هيٺان، پيچ در پيچ مڙنديون وڌنديون هلن ٿيون. هيوز جو اندازو پندرهن ميل آهي. محترم جي.ايم. سيد جي خيال ۾ پکيڙ ارڙهن ميل ٿيندي. نقشي ۾ وري دائري جي ماپ تيرهن ميل ڏيکاريل آهي. ماٿريءَ جي هيٺ ۽ مٿي ۽ آسپاس جي سموري پکيڙ اٽڪل سورهن - سترهن ميل ٿيندي. ٻه ڪوٽ، جن جو اڃا هاڻي ذڪر ڪيو ويو، سي به ڪن اهم عملي مقصدن جي لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. اهي به انهيءَ مقرر ڪيل ايراضيءَ جي اٽڪل روءِ مرڪز ۾ اچي وڃن ٿا ۽ هن ايراضيءَ جي هڪ اهم ۽ پيچيده جڳهه والارين ٿا. انهن ٻن قلعن جو آءٌ اُن وقت تفصيل سان ذڪر ڪندس، جڏهن انهن جي اڏاوت جي سوال تي ايندس. سڄي اندروني ماٿريءَ جو نظارو انهن ٻن قلعن مان صاف طرح سان نظر اچي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته فوجي اسبابن ۽ ذريعن جي استعمال وقت، دفاع جي سلسلي ۾ هي ٻئي قلعا، ٻئي ۽ ٽئين دفاعي محاذ ۽ ڪارروائيءَ ۾ چڱيءَ طرح سان ڪم آيا هوندا. انهن ٻن ڪوٽن ۾ اضافي طور ٻيون به قلعي جهڙيون اڏاوتون


لڌيون ويون آهن. هڪڙي الهندي دروازي جي نزديڪ آهي ۽ قريب قريب ديوار سان متصل آهي ۽ ٻي اڏاوت اڀرندي دروازي جي نزديڪ آهي ۽ ٽڪريءَ جي مٿانهين هنڌ تي ٻڌل آهي. ٻنهي اڏاوتن تي ڪشادا، مستطيل منارا ٺهيل آهن. پهرين کي  ”چن ياري“  سڏيو وڃي ٿو.


(1) اي. ايڇ. ائٽڪن، گزيٽيئر آف سنڌ پراونس، ڪراچي 1907ع. مون کي اوچائيءَ متعلق شڪ آهي. پاڪستان سروي جي نقشي نمبر 13/0/35 ۾ 2000 ۽ 500 جي وچ ۾ اوچائي ڏيکاريل آهي.

(2) اي. ڊبليو. هيوز، گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ، لنڊن 1876ع

(3) مهن ڪوٽ به سڏيو وڃي ٿو. (ادارو)

(4) هاڻي مانجهند تعلقي (ادارو)

(5) هاڻي رستو ٺهي ويو آهي. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com