سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :5

 

ايم.ايڇ.پنهور

دنيا جو قديم ترين ۽ وسيع ترين قلعو: راڻي ڪوٽ

(ان جو بنياد اهڙي غير معمولي جاءِ تي ڇو رکيو ويو؟)

راڻي ڪوٽ تي پهريون ڀيرو هڪ تفصيلي مضمون ڪرنل رشيد لکيو، جيڪو  ”اقبال رويو“  جي فيبروري 1965ع واري پرچي ۾ ڇپيو هو. جنوري 1965ع ۾ ڪرنل رشيد جڏهن راڻي ڪوٽ ڏسڻ هليو، تڏهن آءٌ، جناب حسام الدين راشدي، جناب محمد ابراهيم جويو ۽ جناب غلام رباني ساڻس گڏ هئاسون. ٻن ڏينهن تائين اسين سڀئي سـَـنَ ۾ جناب جي.ايم سيد جا مهمان ٿي رهياسون. اُتان رواني ٿيڻ کان هڪ رات اڳ سيد صاحب، سـَـنَ مان ڇهه اُٺ ۽ ڪي ماڻهو اڳواٽ راڻي ڪوٽ ڏانهن روانا ڪيا ته جئن صبح جو قلعي جي وڏي ۽ اوڀر واري دروازي (سن دروازي) وٽ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪن. اسان سڀئي هڪ وين ۾ روانا ٿياسون ۽ صبح جي ٿڌي وقت اسان وڏي قلعي جا ڪي حصا ۽ ان ۾ ٺهيل  ”ميري“  ۽  ”شيرڳڙهه“  جا ننڍا ڪوٽ پڻ ڏٺا. قلعي جا ٻيا ٽي دروازا اسين نه ڏسي سگهياسون. انهيءَ قلعي جي باري ۾ ڪرنل رشيد کي آمريڪي يو - ايس - ايڊ جي هڪ علمدار وليم. ايبي ڪي ڳالهيون ٻڌايون هيون ۽ ڪيترا فوٽا پڻ ڏنا هئا. ڪجهه عرصو اڳ هن پاڻ اهو قلعو ڏٺو هو ۽ هو ان جا فوٽو به ڪڍي ويو هو، پر ڪرنل رشيد جي مضمون ۾ ڏنل معلومات جو وڏو حصو کيس جناب جي. ايم. سيد کان مليو هو، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ان قلعي ۾ ويندو رهندو هو ۽ جنهن اتي پنهنجي مختصر رهائش جي لاءِ ميري ڪوٽ ۾ ٻن ٽن لانڍين جي مرامت پڻ ڪرائي هئي. ڪرنل رشيد پنهنجي مضمون ۾ قلعي ۽ ان جي دروازن جا جيڪي نالا ڏنا آهن، اهي به کيس جي. ايم سيد ٻڌايا هئا، جنهن جو خيال هو ته اهو قلعو باختري (بيڪٽرين؟) يونانين، سٿين، پارٿين يا وري ساسانين جو ٺهرايل آهي. جناب جي، ايم سيد، سنڌ جي مختلف حڪمرانن جي حڪومت جا عرصا پڻ ٻڌايا، جنهن ۾ ٿوري ترميم ڪري، ڪرنل رشيد پنهنجي مضمون ۾ آندي آهي، جيڪا صحيح ڪانهي. انهيءَ مضمون ۾ جيڪي تصويرون ڏنل آهن، انهن مان گهڻيون ايبي جون ورتل هيون، ڇاڪاڻ ته ڪرنل رشيد نه ٻيا دروازا ڏٺا هئا ۽ نه چوطرف ويو هو.

هن مضمون ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ڪرنل رشيد پنهنجي مضمون ۾ جيڪي غلطيون ڪيون آهن، تن کي درست ڪيو وڃي ۽ ساڳئي وقت هن غير معمولي ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي قلعي جي ٺاهڻ جي ضرورت ۽ ان جاءِ جو تاريخي ۽ سائنسي تجزيو ڪيو وڃي، جتي اهو ٺهيل آهي.

1.  کيرٿر جبل جي چار هزار کان پنج هزار فوٽ اوچائي، ايٽڪن پنهنجي گزيٽئر ۾ بيان ڪئي آهي، ان اوچائيءَ تي ڪرنل رشيد کي شڪ آهي. دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي اترئين پاسي ڏاڙهياري ۽ ڪتي جي قبر وٽ کيرٿر جبل جي اوچائي ست هزار کن فوٽ آهي. پر راڻي ڪوٽ جي ويجهو ان جي ٽڪرين جي اوچائي برابر ٻه هزار فوٽ آهي.

2.  جنهن هنڌ تي قلعو ٺهيل آهي، ان جو ڏس ڪرنل رشيد بلڪل صحيح ڏنو آهي. قلعي جو گهيرو جي. ايم. سيد جي چوڻ مطابق 18 ميل ۽ ڪرنل رشيد جي ڪٿ موجب 16 - 17 ميل. حقيقت ۾ 14 ۽ 15 ميلن جي وچ ۾ ٿيندو. هن بندي اِها ماپ هوائي جهاز مان نڪتل فوٽن مان ورتي آهي. اصل ۾ اڄ کان ڏيڍ سؤ ورهيه اڳ اليگزينڊر برنس اها ڪٿ 15 ميل ٻڌائي هئي. اِها ساڳي ماپ اي. ڊبليو. هيوز پنهنجي سنڌ جي گزيٽئر، سال

1876ع واري ڇاپي ۾ ڏني هئي، جنهن جي تصديق هوائي جهاز مان ورتل تصويرن مان ٿي وئي آهي.

3.  ڪرنل رشيد جو اهو چوڻ ته اندر وڃڻ جو لنگهه، هڪ وڏو دروازو، مٿي کڄڻ واري پل ۽ بند هو، درست آهي.

4.  هن جو چوڻ غلط آهي ته کڄڻ واري پل ۽ بند ماٿريءَ ۾ گهڻي پاڻي ڪٺي ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا هئا ته جئن سموري ماٿريءَ ۾ هڪ ڍنڍ ٺهي پوي. اتي زمين جي سطح اهڙي آهي، جو اها ڍنڍ وڏي دروازي وٽ قلعي جي ڀتين کي ٻوڙڻ ۽ نقصان پهچائڻ کان سواءِ ٻه - ٽي سؤ فوٽن جي لمبائيءَ کان مٿي وڌي نه سگهي ها. قلعي جي ڀتين جي اڏاوت پڻ اهڙي آهي، جو اُهي ايتري گهڻي پاڻيءَ جي داٻ کي سهي نه سگهنديون. تنهنڪري بند جو مقصد ان کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو ته قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن جي استعمال لاءِ ٿورو پاڻي ڪٺو ڪري رکجي. اهو بند آبپاشيءَ جي لاءِ ٿي نه ٿو سگهي.

5.  هن جو خيال آهي ته قلعي جي اندر واري ماٿري سرسبز ۽ آباد هئي ۽ اها حملي ڪندڙن لاءِ وڏي ڪشش واري هئي، تنهنڪري حاڪمن پاڻ کي بچائڻ خاطر اهڙي قسم جو بيمثال ۽ مضبوط قلعو اڏايو. اهو بيان صحيح نه آهي ڇاڪاڻ ته:

(الف) قلعي ۾ اندر ڪل ايراضي 8 ۽ 9 چورس ميلن کان وڌيڪ نٿي ٿي سگهي، يعني اٽڪل 6000 ايڪڙ زمين. انهيءَ مان ڀلي زمين ۽ پاڻيءَ جي مناسب هوندي به پوک لائق ايراضي 1500 ايڪڙن کان وڌيڪ ٿي نه سگهي ها. انهيءَ ايراضيءَ جي اُپت مان وڌ ۾ وڌ 6000 ماڻهن جي آباديءَ جي لاءِ کاڌ خوراڪ جو انتظام ٿي سگهيو ٿي. ان شرط سان ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ موجوده دور جيتري في ايڪڙ پيداوار ممڪن هجي ها. ان ڪري ايتري ٿوري زرعي آباديءَ جي بچاءَ لاءِ قلعي جو ٺاهڻ ناممڪن هو.

(ب) گذريل ٽن هزارن سالن جي عرصي ۾ سنڌ ۾ سالياني بارش جو انداز ساڳيو ئي رهيو آهي. راڻي ڪوٽ جي ايراضيءَ ۾ ساليانو سراسري ڇهه انچ مينهن پوي ٿو ۽ 11 سالن ۾ ٽي سال اهڙا اچن ٿا، جن ۾ يا ته مينهن وسي ئي ڪونه يا وري وسي ته بنهه ٿورو. ايتري ٿوري مينهن جي ڪري ماٿري اڄڪلهه وانگر هميشه ڏڪار جو شڪار ٿيندي رهي هوندي. اڄ به قلعي ۾ ۽ ان جي چوڌاري خانه بدوش ماڻهو رهن ٿا.

(ج) ان ايراضيءَ جي هڪ خاص خوبي اها آهي ته اتي زير زمين پاڻيءَ (ground water) جي وهڪري جو رخ اُتر کان ڏکڻ، قلعي جي الهندي يا موئن دروازي جي ويجهو لنگهي ٿو، ان پاڻي جو ٿورو حصو چشمي جي صورت ۾ ميري ڪوٽ جي ويجهو پڻ ڏسجي ٿو. جيتوڻيڪ اتي وڌ ۾ وڌ وهڪرو تمام ٿورو، يعني ڪيوسڪ جو هڪ ڀاڱي چار حصو يا تقريباً في منٽ ۾ 100 گيلن کن مس آهي، پر ميري ڪوٽ جي اندر 65 فوٽ گهرائيءَ تي زمين پوسل واري آهي، جيئن هن بندي جي 1965ع جي پئمائش مان ظاهر آهي. ان جي معنيٰ آهي ته پاڻي قلعي ۾ 75 فوٽن جي اونهائيءَ تي ملي سگهي ٿو.

موجوده سائنسي زماني ۾ اهو پاڻي ڪجهه وڌائي سگهجي ٿو، پر پراڻي زماني ۾ ماڻهن وٽ نه جديد دور جهڙي ڄاڻ هئي ۽ نه وري سندن اهڙيءَ ڪوشش جو ڪو اهڃاڻ مليو آهي. زير زمين پاڻيءَ جي تلاش، ماپ ۽ ان کي ٻاهر ڪڍي استعمال جي سائنس هن صديءَ جي شروعات ۾ وجود ۾ آئي.

(6) ڪرنل رشيد قلعي جي دروازن جا هيٺيان نالا صحيح ڄاڻايا آهن:

(الف) سن دروازو (اوڀر ۾).

(ب) آمري دروازو (اُتر ۾).

(ج) شاهه پير دروازو (ڏکڻ ۾).

(د) موئن دروازو (اولهه ۾).

اهي نالا مسٽر جي.ايم. سيد ٻڌايا هئا، جي قديم نه، پر هن زماني جا عوام ۾ مقبول نالا آهن ۽ علم لسانيات جي اثر هيٺ ڪن عالمن انهن نالن مان پراڻي تاريخ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جا اجائي جستجو آهي. ڪرنل رشيد جو خيال آهي ته جيئن ته اُتر واري دروازي جو نالو آمري آهي، تنهنڪري قلعو ان وقت ٺهيو هوندو، جڏهن آمري اڃا آباد هو. آمري تهذيب جو زمانو 3500 کان 2500 ق - م آهي. پر قلعو ايترو پراڻو ٿي نه ٿو سگهي. اُن زماني ۾ راڻي ڪوٽ جهڙن قلعن ٺاهڻ جو تصور ئي ڪونه هو. انهيءَ کان سواءِ اهو ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته 5500 سال پراڻي وسندي جيڪا موجوده صديءَ جي آمري ڳوٺ جي ويجهو دڙن جي هيٺ دفن آهي، ان کي آمري نالي سان سڏيو ويندو هو. آمري شهر شايد 15 صدي عيسويءَ کان وجود ۾ آيو. انهيءَ وسنديءَ کي آمريءَ جي ڳوٺ جا ماڻهو دڙو چوندا آهن. ان دڙي جو نالو آمري مجمدار رکيو ۽ اهڙي نالي سان انهي دڙي کي ڪڏهن به نه چيو ويندو هو.

7.  راڻي ڪوٽ جي ڏيکاريل وڏي قلعي اندر جيڪي ٻه ننڍا ڪوٽ ڄاڻايل آهن، انهن جا نالا ميري ۽ شيرڳڙهه صحيح ٻڌايا ويا آهن، جي پڻ مسٽر جي.ايم.سيد کان معلوم ٿيا. سروي آف انڊيا جي نقشن ۾ ميريءَ جي بدران آمري يا ايميري (Aemiri) لکيل آهي، پر اها پڪ سان سرويرن جي غلطي آهي، جيڪي گهڻو ڪري هتي جي نالن ۽ انهن جي اُچارن کان اڻواقف هئا. سيستان ۽ بلوچستان ۾ ميري هڪ عام لفظ آهي، جيڪو هڪ ننڍي قلعي جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ آءٌ به اهو لفظ استعمال ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. انهيءَ نالي جو سيستان سان ڪو نه ڪو تعلق به ٿي سگهي ٿو، پر هن وقت تائين جيڪا معلومات هٿ آئي آهي، اُن مطابق آءٌ انهيءَ بيان تي گهڻو زور ڏيڻ مناسب نه ٿو سمجهان، پر ائين چوڻ به غير واجب آهي ته ميري نالو انهيءَ ڪري پيو ته اهو قلعو ميرن ٺهرايو هو.

8.  قلعي جي وڏي دروازي (سن دروازي) بابت ڪرنل رشيد جو ڏنل تفصيل جهڙوڪ بيضوي ٿنڀا، جن ۾ لوهي سيخن جي لاءِ سوراخ هئا، پاڻيءَ کي روڪڻ جي لاءِ لوهه يا ڪاٺ جا 16 تختا، صحيح آهن. موجوده وڏي دروازي  (سن دروازي) جي اڏاوت اصلوڪي ڪانهي. 160 ورهيه اڳ ٽالپرن پڪ سان اهو دروازو ٺهرايو هوندو، جو بعد ۾ بارشن جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو.

9.  اها دعويٰ ڪرڻ ته مينهن جي پاڻيءَ تي يا قلعي مان لنگهندڙ نئن جي سرشتي جي ڪري ماٿريءَ ۾ ساوڪ ٿيندي هئي، پڻ غلط آهي. راڻي ڪوٽ جي حدن اندر سالياني بارش گهٽ ۾ گهٽ 6-7 انچ پوي ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ سالياني سوڪڙ 90 کان 100 انچ آهي، يعني سال ڀر لاءِ آبادي ڪرڻ جي لاءِ زمين ۾ تقريباً 90 کان 100 انچ يا اٺ فوٽ پاڻي هئڻ لازمي آهي. 7 انچن پاڻيءَ مان ڪجهه به آبادي ناممڪن آهي. راڻي ڪوٽ ايراضيءَ ۾ سراسري ماهاني بارش جي ڪـَـٿ هن ريت آهي:

جنوري

1ء  انچ

فيبروري

3ء انچ

مارچ

2ء انچ

اپريل

2ء انچ

مئي

2ء انچ

جون

3ء انچ

جولاءِ

4ء انچ

آگسٽ

5ء انچ

سيپٽمبر

9ء انچ

آڪٽوبر

1ء انچ

نومبر

0ء انچ

ڊسمبر

1ء انچ

ڪـُـلُ

3 ء.7 انچ

برسات جي پاڻيءَ جي ايتري ٿوري مقدار تي تيستائين زرعي اُپت نه ٿي سگهندي، جيستائين پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ جا جديد طريقا اختيار نه ڪيا وڃن. پراڻي وقت جي ماڻهن وٽ اهڙي قسم جي ڄاڻ بلڪل نه هئي.

راڻي ڪوٽ نديءَ جي بارش واري پاڻيءَ جو ذخيرو (Catchment) الهندي دروازي جي ٻاهران توڙي قلعي اندر 48 چورس ميل کن ٿيندو. جيڪڏهن قبول ڪجي ته 24 ڪلاڪن ۾ 6 انچن جي برسات پوي ٿي ۽ ان جو %6ء16 يا ڇهون حصو زمين تان وهي نالن ۾ اچي وهڪري جي صورت اختيار ڪري هڪ هنڌ ڪٺو ٿئي ته پوءِ به جيڪڏهن ان پاڻيءَ کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ بهتر کان بهتر اپاءَ ورتا وڃن، تڏهن به ان وهڪري مان ڪل پاڻي 72ء3 يا 3000 ايڪڙ فوٽ (Acre-Feet) گڏ ٿي سگهندو، جيڪو تمام جديد حفاظتي تدبيرن هيٺ به 2300 ايڪڙ جوئر جي پوک لاءِ مس پورو ٿيندو. هونءَ ته سڄي سنڌ ۾ سوڪڙ آهي، پر اوسي پاسي آبپاشيءَ جي هيٺ آيل ايراضين جي ڀيٽ ۾ آگسٽ کان مارچ تائين راڻي ڪوٽ جي پهاڙي علائقي ۾ سوڪڙ زياده هوندي آهي. اپريل کان جولاءِ تائين ته سوڪڙ گهڻي ۾ گهڻي هوندي آهي. تڏهن آرهڙ جي برساتن تي فصل راڻي ڪوٽ جي پهاڙن ۾ اپائڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي.

راڻي ڪوٽ جي ايراضيءَ ۾ 5 انچن جي برسات پوڻ جو امڪان هن ريت ٿي سگهي ٿو:

هڪ ڏينهن ۾ ڪل پنج انچ

هر ڏهن سالن مان هڪ سال ۾

پنجن ڏينهن ۾ ڪل پنج انچ

هر پنجن سالن مان هڪ سال ۾

ٽيهن ڏينهن ۾ ڪل پنج انچ

هر پنجن سالن ّمان ٻن سالن ۾

پر غيرمعمولي طرح تمام گهڻو مينهن يعني 14 انچ جولاءِ  ۽ 21 انچ آگسٽ ۾ وسي سگهي ٿو، جيڪو وري 33 سالن ۾ فقط هڪ ڀيرو پوندو آهي. هن بندي اهي انگ اکر ميٽريولاجيڪل کاتي جي گذريل اسي سالن جي رڪارڊ مان تيار ڪيا آهن. ايترو تمام گهڻو مينهن جيڪڏهن ڪن ڪن سالن جي عرصي ۾ وسي، ته به قلعي جي دروازن کي سخت نقصان پهچي ۽ اهي پاڻيءَ ۾ وهي وڃن. اهڙو خوفناڪ مينهن 1956ع ۾ دادو ضلعي جي گاج ماٿريءَ ۾ پيو هو، جنهنڪري ٽن تعلقن جوهي، دادو ۽ سيوهڻ ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ منڇر ڍنڍ اُٿلي پئي هئي. ايڏي وڏي پئماني تي نقصان ان کان اڳ انهن ئي تعلقن ۾ 1942ع ۽ 1948ع ۾ سنڌونديءَ ۾ ٻوڏ جي ڪري ٿيو هو. جيئن ته ان پاڻيءَ جو سمورو وهڪرو راڻي ڪوٽ مان سنڌونديءَ ڏانهن 2 يا3 ڪلاڪن ۾ وهي وڃي ٿو، تنهنڪري دروازن مان گهٽ ۾ گهٽ 25000 ڪيوسڪ پاڻيءَ کي لنگهڻو پوندو. اهو پاڻي روهڙي ڪئنال جي سکر براج مان نڪرندڙ پاڻيءَ کان ڏيڍوڻو ٿيندو.

آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديءَ ۾ راڻي ڪوٽ جا موئن ۽ سن دروازا هڪ ڀيرو پاڻيءَ ۾ وهي ويا هوندا، جيتوڻيڪ اهڙو امڪان هر هڪ صديءَ ۾ ٽي دفعا زياده لازم آهي، جنهنڪري اهڙيءَ صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي دروازن جي مرمت ٿي هوندي.

راڻي ڪوٽ ايراضيءَ جي آبهوا جو ٻيو تفصيل هيٺئين ريت آهي:

مهينو

اوسط ماهانه گرميءَ

درجو سينٽي گريڊ

ماڪ جي لاءِ گهربل گرميءَ جو درجو سينٽي گريڊ

گهم

جنوري

oC 15

oC 7

% 50

فيبروري

oC 9 ء 19

oC 5 ء 7

% 50

مارچ

oC 25

oC 11

% 40

اپريل

oC 5 ء 9

oC 18

% 30

مئي

oC 34

oC 19

%40

جون

oC 35

oC 19.5

%55

جولاءِ

oC 34

oC 24

%60

آگسٽ

oC 33

oC 23

%65

سيپٽمبر

oC 31

oC 26

%60

آڪٽوبر

oC 28

oC 5 ء 15

%55

نومبر

oC 22

oC 5 ء 10.

%50

ڊسمبر

oC 18

oC 3 ء  9

% 60

مٿي ڏنل آبهوا جو تفصيل ان ايراضيءَ جي Isobars مان حاصل ڪيو ويو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته اها ايراضي نه اڳ سرسبز هئي ۽ نه وري ٻئي هنڌان پاڻي آڻڻ کان سواءِ اها سرسبز ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ هلندڙ صديءَ جي شروعات تائين نه ته ڄاڻ هئي ۽ نه ئي وسيلا ۽ ذريعا موجود هئا.

10. ڪرنل رشيد جو اهو خيال درست آهي ته گول برجون يا منارا پوءِ جا ٺاهيل آهن. اهي پهرين مستطيل برج هئا، جن کي پوءِ توبخاني جي سهولت خاطر گولائيءَ ۾ بدلايو ويو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اهي منارا سئنڊ سٽون (Sand Stone) نالي پٿر جا ٺهيل آهن ۽ نه چن (Lime Stone) جي پٿر جا، جنهن جو باقي سڄو قلعو ٺهيل آهي. اصل برج (Basins) جيڪي مستطيل نما آهن، اڃا تائين قلعي جي ديوارن سان گڏ موجود آهن. گول برج رڳو ڦاٽڪن (gates) جي ويجهو ٺهيل آهن.

11. ڪرنل رشيد جو اهو بيان پڻ صحيح آهي ته قلعي جي ديوار اصل ۾ تيرڪمان جي جنگ جي خيال کان ٺاهي وئي هئي، پر پوءِ ٻٽي ڪمان کي بهتر نموني سان هلائڻ جي لاءِ يا وري بارودي هٿيارن کي چڱيءَ طرح سان رکڻ جي لاءِ ان جون ڳڙکيون وڏيون ڪيون ويون هيون.

12. ڪرنل رشيد لکي ٿو ته چين جي ديوار ۽ رني ڪوٽ جي ديوارن ۾ گهڻيون هڪجهڙايون آهن، تنهنڪري اهو لکڻ ته اهو ممڪن نظر اچي ٿو ته ٻنهين جي ٺاهيندڙن جا پاڻ ۾ لاڳاپا هئا، اهو اجايو ۽ جلدبازيءَ جو بيان آهي، ڇو جو اهڙي نتيجي تي پهچڻ جي لاءِ آثارِ قديمه وٽان ثبوت جي ضرورت آهي ۽ انهيءَ قسم جي ادارن اهڙي ڪا به تفتيش نه ڪئي آهي.

13. ميري ۽ شير ڳڙهه جي ننڍن قلعن ۾ جيڪي لانڍيون ٺهيل آهن، اُهي پڪ سان 19 صديءَ جي شروعات ۾ ٽالپرن ٺهرايون هونديون ۽ گمان آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 1870ع ۾ 1885ع جي وچ ۾ انگريزن انهن جي مرمت ڪرائي هوندي. ان کان بعد مسٽر جي. ايم.سيد جي وڏن پڻ انهن جي مرمت ڪرائي وقت بوقت استعمال ڪيون هونديون. اهو قلعو انگريزي فوج ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. البت طبقات الارض جي ماهرن جهڙوڪ اسٽوليزڪا، مارٽن ڊنڪن، پرسي سليڊن ۽ ڊبليو. ٽي. بلينفورڊ، جن راڻي ڪوٽ، لڪي، کيرٿر، ناري، گاج ۽ منڇر جي فاسلس (پٿرن ۾ تبديل ٿيل جانورن تي تحقيق ڪئي هئي) اهي ميري قلعي جي لانڍين ۾ آڪٽوبر کان مارچ تائين واري عرصي ۾ ضرور رهيا هوندا. راڻي ڪوٽ جن ٽڪرين تي ٺهيل آهي، سي 3 ء 6 ڪروڙ سالن کان    8 ء4  ڪروڙ سال پراڻيون آهن. انهن ٽڪرين جو هڪ سرو ٻڍاپور جي سامهون ۽ ٻيو سرو سن جي سامهون آهي ۽ اٽڪل 25 ميل ڊگهيون آهن. هندستاني علم طبقات الارض تي لکيل پنهنجي نصابي ڪتاب ۾ بلينفورڊ سڄي ننڍي کنڊ جي ٽڪرن کي سنڌ جي جبلن جهڙوڪ راڻي ڪوٽ، لڪي، کيرٿر، گاج، ناري ۽ منڇر سلسلي جي نالي پٺيان سڏيو آهي. اهي نالا هڪ صديءَ کان به مٿي عرصي گذرڻ تائين سموري ننڍي کنڊ جا سائنسي نالا ٿي ويا آهن. راڻي ڪوٽ پهاڙ جي سلسلي ۾ ان زندگيءَ جا فاسلس ملن ٿا، جيڪا ان زماني ۾ هئي، مثال طور جيت، Chonerich ۽ مڇيون. تمام وڏا ۽ ڳرا جانور اڃا پيدا ڪونه ٿيا هئا ۽ پکين جي اڃا اوسر پئي ٿي. ميري قلعي جي رهائشي ڪمرن جي هيٺان قديم وسندين جو ڀڳل ٽٽل سامان ملي ٿو. پراڻين وسندين جا دڙا ۽ ڍير به اڃا موجود آهن ۽ جيڪڏهن ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق خاطر آثار قديمه جا ماهر ٻه - ٽي کاهيون کوٽين ته هوند قلعي جي عمر جو مسئلو حل ٿي وڃي.

14. ميري قلعي جي دروازي وٽ هڪ مستطيل نما منارو هوندو هو، جيڪو بعد ۾ هڪ گول مناري ۾ تبديل ڪيو ويو هو، جيئن ڪرنل رشيد ذڪر ڪيو آهي.

15. ڊاڪٽر اين. اي. بلوچ پنهنجي هڪ خط ۾ ڪرنل رشيد جو ڌيان هن پاسي ڇڪايو آهي ته وڏو قلعو اندرين ٻن ننڍن قلعن سميت نواب ولي محمد خان لغاريءَ پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ٽالپور حاڪمن جي لاءِ ٺهرايو هو، پر قلعي جا وڏا دروازا جيڪي هن جي غير حاضريءَ ۾ ٺاهيا ويا هئا، تن ۾ نقص رهجي ويو هو ۽ اهي ۽ اهي فولادي دروازا، جن ۾ لوهي سيخون لڳل هيون، سي مينهن جي پاڻيءَ ۾ اهڙيءَ طرح ته لڙهي ويا هئا، جو لوهي سيخون رسن وانگر وٽجي سٽجي ويون هيون. ان قلعي جي اڏاوت تي سترهن لک روپيا خرچ آيو هو. فتح نامي جي لکڻ مطابق اهو قلعو سال 1227 کان 1244 هجري مطابق 1812 کان 29-1825 عيسوي تائين جي عرصي ۾ جڙي راس ٿيو هو. اي. ڊبليو. هيوز پنهنجي  ”سنڌ گزيٽيئر- 1876ع“  ۾ ان ساڳئي بيان جي تصديق ڪندي لکيو آهي ته اهو قلعو ٻن ٽالپور اميرن اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٺهرايو هو. هو ڪئپٽن ڊيلهـُـوسٽ، اسسٽنٽ ڪواٽر ماسٽر جنرل آف بمبئي آرمي جو حوالو ڏئي ٿو، جنهن جو بيان هو ته اهو قلعو مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سن 1822ع ۾ ٻارهن لک رپين ۾ جوڙايو هو. عظيم الدين ٺٽوي، فتح نامه جي مصنف ميرن جي تعريف ۾، جن جو هو ملازم هو، 1812ع واري مرمت کي بدلائي کين هن قلعي جو ٺاهيندڙ بنايو آهي.

16. ڪرنل رشيد جو اهو بيان هنن بنيادن کي رد ڪرڻ ۾ حق بجانب ڏسجي ٿو ته قلعي جي اڏاوت جي لاءِ تمام گهڻا مزور ۽ پئسا، تنظيم ۽ انجنيئري مهارت جي ضرورت رهي هوندي. ٽالپرن قلعي جي ڪجهه ڪجهه مرمت ڪرائي هوندي، پر اڀرندي پاسي وارا دروازا، جيڪي هنن ٻيهر ٺهرايا هئا، اهي سخت مينهن جي ڪري لڙهي ويا هوندا. اهڙو زوردار مينهن هڪ صديءَ جي عرصي ۾ ٽي ڀيرا وسندو آهي، تنهنڪري انهن جي وڌيڪ مرمت ڪرائڻ رڪجي ويئي هوندي. ان کان اڳ به اهڙا تجربا ٿيا هوندا، جنهنڪري قلعي جو لاڳيتو استعمال نه ٿيو هوندو ۽ هر هڪ حاڪم کي آخر قلعي مان نااميد ٿيڻو پيو هوندو. اهو ئي سبب آهي جو قلعي اندر ڪو شهر نه ٻڌايو ويو ۽ سندس اهڙو ئي حال ٿيو، جهڙو فتح پور سڪريءَ جو.

17. ڪرنل رشيد، محترم جي. ايم. سيد جي بيان کي مستند سمجهندي لکي ٿو ته: وڏو قلعو سٿين دؤر (پهرين صدي ق.م.) جو ۽ ميري قلعو سٿيو - ساساني دؤر (پهرين صدي ق.م. کان ڇهين صدي عيسوي تائين) جو آهي پنهنجي بيان جي تجزيي جي لاءِ هن سنڌ ۾ مختلف حاڪم گهراڻن جو دؤر وار تفصيل به ڏنو آهي. راقم الحروف انهيءَ تفصيل کي درست ڪري هن ريت پيش ڪيو آهي:

نمبر

گهراڻو

ڪرنل رشيد جو ڄاڻايل عرصو

درست ڪيل سال وارو عرصو

 

1.

اخميني

--

400/450-519

ق . م.

2.

ننڍيون سنڌي حڪومتون

--

325- 400

/450

ق . م.

3.

سڪندر ۽ سندس جانشين

325 ق.م.

323 - 325

ق . م.

4.

موريا

--

187- 321

ق . م.

5.

باختري يوناني

--

100 - 200

ق . م.

6.

سٿيا

100-200 ق.م

70 ق.م.

46 عيسوي

7.

پارٿيا

50-100 ق. م

46 - 78

عيسوي.

8.

ڪـُـشن (اتر سنڌ)

--

78 - 175

عيسوي.

9.

پارٿيا (لاڙ)

--

 ۽ سموري سنڌ ۾

78 - 283

175 - 283

عيسوي.

عيسوي.

10.

ساساني

325-350 عيسوي

283 - 356

عيسوي.

11.

وهليڪا گهراڻو

--

356 - 415

عيسوي.

12.

ننڍيون سنڌي حڪومتون

--

415 - 499

عيسوي.

13.

راءِ گهراڻو

--

499 - 641

عيسوي.

14.

برهمڻ گهراڻو

--

715 - 725

عيسوي.

15.

اُموي گورنر

--

711 -750

عيسوي.

16.

عباسي گورنر

--

751 - 854

عيسوي.

17.

هباري

--

854 - 1011

عيسوي.

18.

سومرا گهراڻو

1250 - 1310 عيسوي

1011 - 1351

عيسوي.

19.

سما گهراڻو

1325 - 1350 عيسوي

1351 - 1524

عيسوي.

20.

ارغون

1350 - 1450 عيسوي

1524 - 1591

عيسوي.

21.

ترخان

1450 - 1550 عيسوي

1554-1591

عيسوي.

22.

مغل گورنر

1500 - 1700 عيسوي

1587 - 1591ع

1591 - 1700ع

1700 - 1736ع

(اپر سنڌ)

(سموري سنڌ)

( ۽ لاڙ)

23.

ڪلهوڙا گهراڻو

1700 - 1783 عيسوي

1700 - 1783

عيسوي.

24.

ٽالپور گهراڻو

1783 - 1857 عيسوي

1783 - 1843

عيسوي.

25.

انگريز

1857 - 1947 عيسوي

1843 - 1947

عيسوي.

18. مٿي ڄاڻايل تفصيل مان اها ڪٿ ڪرڻ سولي آهي ته اهو قلعو ڪڏهن ٺهيو ۽ استعمال ٿيو هوندو.

(الف) انگريزن اهو قلعو ائين ڏٺو، جيئن اڄ اسين اهو ڏسون ٿا. اهو هنن جي ڪم جو نه هو.

(ب) ٽالپورن ان جي مرمت ڪرائي هئي، ڪهڙي خاص ملڪي خيال کان، اهو سمجهه ۾ نٿو اچي، پر انومان آهي ته خاص ڪري شڪار تي وڃڻ وقت اتي منزل ٿيندي هئي، جنهنڪري ان جي مرمت ڪرائي وئي. قلعي ۾ لانڍيون اهڙي نموني جون آهن جهڙيون ٻهراڙيءَ ۾ ڇن واريون لانڍيون، جن جي ڇت کي ٻن طرفن کان سلامي آهي. لانڍين کي صرف هڪ دروازو آهي، ٻاهريون ڪونه آهي، ڪا به دري ڪانهي. دروازو ڏکڻ طرف آهي. اهڙيون لانڍيون سياري ۾ سمهڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن ۽ مير صاحب شايد سياري جو گڍ يا سرهه (Ibex) جي شڪار لاءِ استعمال ڪندا هئا. مرمت ڪرائڻ جي عرصي ۾ ٽالپورن کي ٽن ٻاهرين طاقتن سان مقابلو ڪرڻو هو:

(i) افغانين سان، جن جي حاڪم شاهه شجاع جو موجوده جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جي وڏي حصي تي قبضو هو. هو ان وقت جلاوطن هو. شاهه شجاع بيوس ۽ بي اختيار هو ۽ وٽس ڪو به اهڙو ذريعو نه هو جو ميرن کان اهو ڏن اڳاڙي سگهي، جيڪي ورهين کان اهو بقايا رکندا پئي آيا. شاهه شجاع جي خلاف قلعي کي استعمال ڪرڻ جي خيال کان ان جي مرمت ڪين ڪرائي وئي هوندي.

(ii) پنجاب ۾ سکن جي اسرندڙ طاقت جي رد عمل ۾ ان وقت جي ٽالپور حاڪمن پنهنجي ملڪ جي اترئين سرحدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سچ پچ ته ڪي به نه ڪيو. ٻئي طرف اهو به صحيح آهي ته مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي جي حڪومت واري زماني ۾ سنڌ کي سکن کان ڪو به خطرو نه هو ۽ نه قلعي جي ضرورت محسوس ٿي هوندي.

(iii) انگريزن سن 1817ع ۾ ڪڇ جي راءِ سان هڪ صلح نامو ڪيو هو، جنهن موجب اهي (انگريز) ڪڇ ۾ موجود هئا. سن 1815 - 1818ع جي وچ ۾ راجستان جي راجائن سان به صلح ناما ڪري انهن کي مطيع ڪيو هو. انگريزن مرهٽن کي شڪست ڏني هئي ۽ سن 1817ع ۾ پيشوا کي گاديءَ تان هيٺ لاٿو هو. اهي انگريزن جيّ ماتحت رياستون بڻجي چڪيون هيون ۽ انهن ۾ انگريزي ريجمنٽ ۽ فوجون موجود هيون. اهڙيءَ طرح انگريز سنڌ جي ڏکڻ ۽ اوڀر سرحدن تي موجود هئا. ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪري ميرن کي انگريزن جي طاقت کان خوف ٿيو هجي ۽ هنن پناهه وٺڻ جي ارادي سان قلعي جي مرمت ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هجي. هنن ٿر ۾ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ڪي ڪچا قلعا ٺهرايا هئا ۽ امام ڳڙهه، عمرڪوٽ وغيره ۾ ڪن قلعن جي مرمت به ڪرائي هئي، پر هنن کي ڪڏهن به اهو خيال نه آيو هوندو ته انگريزي توبن جي اڳيان انهن جي ڪا به حيثيت نه هئي. تنهنڪري ميرن جو اهو فيصلو ته راڻي ڪوٽ جي ان خيال کان مرمت ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ان وڏي قلعي ۾ پنهنجي سڄي خاندان سميت پناهه وٺي سگهن، ان ساڳيءَ جنگي حڪمت عمليءَ جو حصو سمجهجي ٿو. ائين ٿو معلوم ٿئي ته هنن راهداريءَ، پاڻيءَ ۽ جانورن جي گاهه وغيره جي موجودگي ۽ آمد و رفت کي کليو رکڻ جي لاءِ ويچار ئي ڪونه ڪيو هو، وڏي ڳالهه ته سندن وهم گمان ۾ ئي ڪونه هو ته انگريز سنڌو درياءَ ۽ سمنڊ ذريعي ايندا، تنهنڪري قلعي جي مرمت ڪرائي وئي، پر وڏن دروازن جي ٻيهر تعمير کان پوءِ اهي طوفاني برساتن ۾ لڙهي ويا هئا.

(ج) ڪلهوڙن جي تاريخ پوريءَ طرح قلمبند ٿيل آهي. سن 1736ع تائين قلعي جي ايراضي ٺٽي جي مغل نوابن جي قبضي ۾ هئي، جيڪا پوءِ نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ڪئي وئي هئي. ڪلهوڙا حاڪمن جي دلچسپي سنڌ جي ميداني علائقن ۽ آبپاشيءَ جي سرشتي ۾ گهڻي هئي، جنهنڪري هنن اهو قلعو ڪونه ٺهرايو هوندو.

(د) مغل نوابن، ارغونن ۽ ترخانن وانگر رڳو سنڌ جي وڏن شهرن ۽ وسندين تي قبضو هوندو هو ۽ ڳوٺاڻين ايراضين تي رڳو ايترو اختيار هئن، جو اتان ڪڏهن ڪا ڍل وغيره وصول ڪرڻي هوندي هئن ته لشڪر موڪلڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه هون. اِهو قلعو اهي به ٺهرائي نه سگهيا هوندا. ان کان سواءِ هنن جي تاريخ به چڱيءَ طرح قلمبند ٿيل آهي، جنهن ۾ ان قلعي جو ڪو به احوال نه ٿو ملي. گمان اهو آهي ته سندن لشڪر ڪڏهن به قلعي جي قريب نه پهتو هوندو.

(هه) سمن به اهو قلعو نه ٺهرايو هوندو، نه ان جي مرمت ڪرائي هوندي ۽ نه وري ان ۾ رهائش اختيار ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ته جڏهن شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي اوچتو حملو ڪري ان کي باهه ڏئي ساڙيو هو، تڏهن هو سيوهڻ مان نڪري قلعي جي الهندي دروازي کان ڇهه ميل پري ٽڪرين مان لنگهي ٺٽي پهتو هو. سمن کي اميد ئي ڪين هئي ته هو اها راهه وٺي ايندو. جيڪڏهن قلعو استعمال ۾ هجي ها ته هوند دشمن کي اتيئي روڪيو وڃي ها.

(و) سومرن پنهنجي حڪومت جي ڊگهي عرصي ۾ ٻه يا ٽي دفعا دهليءَ جي حاڪميت جي آڻ پئي مڃي هئي ۽ ڪيترائي ڀيرا بکر ۽ سيوهڻ تان کين هٿ کڻڻو پيو هو. انهيءَ کان سواءِ سندن سرگرمين جو مرڪز لاڙ هو، تنهنڪري اهي به اهو قلعو نه ٺهرائي سگهيا هوندا.

(ز) ساڳي راءِ هبارين ۽ عباسي ۽ اُميه خاندان جي موڪليل حاڪمن جي لاءِ به ڏئي سگهجي ٿي.

(ح) برهمڻ ۽ راءِ گهراڻن پنهنجن اڳئين انتظامي ۽ ثقافتي ڍانچي کي قائم رکيو هو. هنن ڪڏهن به اهو قلعو استعمال ۾ ڪونه آندو هو، ڇو جو محمد بن قاسم سيوهڻ تي حملي ڪرڻ لاءِ ان قلعي جي اولهه ۾ ڇهه ميل پري وارين ٽڪرين جي رستي نيرون ڪوٽ مان سيوهڻ ويو هو. هو سيوهڻ ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي ۽ اوچتو اچي پهتو، جا ڳالهه ڏيکاري ٿي ته قلعو استعمال ۾ نه هو.

(ط) سال 356 کان 499 تائين جن گهراڻن ۽ خاندانن حڪومت ڪئي، اهي ايترا طاقتور ڪونه هئا، جو اهڙي قلعي جي اڏاوت تي پئسو ۽ محنت خرچ ڪري سگهن.

(ي) ساسانين جو سنڌ تي تمام ٿوري عرصي يعني 73 سالن لاءِ قبضو رهيو هو. انهن جو گهڻو وقت ته اولهه بلوچستان کي قبضي ۾ رکڻ ۾ گذري ويو، تنهنڪري اوڀر بلوچستان جي سرحدن تي اهڙو قلعو هنن جي ڪنهن به ڪم جو نه هو. سندن الهندي سرحد تي بازنطيني رومي سلطنت سان هنن جي لاڳيتي ويڙهه لڳي پئي هئي ۽ ان ڪري سندن توجه ان طرف هو ۽ نه سنڌ ڏانهن.

(ڪ) ان کان اڳ اتر سنڌ ڪشن حاڪمن جي قبضي ۾ هئي ۽ سنڌ جي لاڙ واري حصي تي پارٿين جي حڪومت هئي. تنهنڪري ظاهر آهي ته اهو قلعو ڪشن ڪونه ٺهرايو هوندو. ڪڇ، ڪاٺياواڙ، اتر گجرات ۽ مالوا پارٿين جي قبضي ۾ هئا ۽ اتر سنڌ ۾ سندن سرحد ڪشن حڪومت سان گڏيل هئي. هنن به ٽڪرين ۾ اهو قلعو ڪونه ٺهرايو هوندو ته جيڪڏهن سنڌو ماٿر کان اتر ڏانهن حملو ٿئي ته ان کي روڪي سگهجي. انهيءَ کان سواءِ هنن فقط 33 سال حڪومت ڪئي هئي.

(ل) اخمينين سنڌ تي 519 کان 400 ق.م تائين حڪومت ڪئي هئي. اها دنيا جي پهرين وڏي ۾ وڏي سلطنت هئي. جئن ته ننڍي کنڊ ۾ ننڍيون ننڍيون ۽ ڪمزور حڪومتون هونديون هيون، تنهنڪري ڏکڻ يا اُتر کان حملي ٿيڻ جو ڪو به ڊپ ڊاءُ نه هو. سال 490 ق. م کان وٺي هنن جا يونانين سان اختلاف شروع ٿيا، جنهن سبب ڪري ان محاذ تي قلعن جوڙائڻ جي ضرورت هئي، جيڪي هنن جوڙايا، پر انهن مان ڪو به راڻي ڪوٽ جيڏو قلعو ڪونهي. ظاهر آهي ته هنن اهڙو قلعو سنڌ ۾ ڪونه ٺهرايو هوندو. هنن ننڍي کنڊ جي اتر اولهه ۽ ايراني نار جي وچ ۾ واپار شروع ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، پر اها به سنڌو درياءَ جي وسيلي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ قلعي کان 36 ميلن جي دور فاصلي تي اوڀر طرف وهندو هو.

(م) موجوده پاڪستان سميت هن طرف سڪندر جيڪي علائقا فتح ڪيا هئا، انهن جي تاريخ چڱيءَ ريت قلمبند ٿيل آهي. هو سمبس جي پٺيان ٽڪرين ۾ ڪاهي ويو هو، پر اتي ان قلعي جو احوال ئي ڪونه آيو آهي. سنڌ مان واپس ويندي سڪندر پٽالا ۽ (باربريڪن ليڊيز بندر يا ڀنڀور؟) مان لنگهيو، جيڪي قلعي جي موجوده هنڌ کان بالترتيب 40 ۽ 50 ميل اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ هئا. تنهنڪري قلعي جي اڏاوت سان هن جو ڪو به واسطو نه هو.

(ن) سن 322 ق.م ۾ سنڌ تي موريا خاندان قبضو ڪيو ۽ سال 301 ق.م ۾ جڏهن سليوڪس اتر- اولهه وارا علائقا چندرگپت موريا جي حوالي ڪيا، تڏهن هن پنهنجون سرحدون اولهه طرف بلوچستان ۽ افغانستان ۾ 500 ميل اندر وڌايون. سليوڪس وارا پنهنجن الهندين سرحدن تي ٻين يوناني بادشاهن سان جنگين ۾ ڏاڍو مصروف هئا ۽ موريا خاندان سان سندس دوستيءَ جا ناتا هئا. سليوڪس جي ڌيءُ چندر گپت موريا جي زال هئي. اهڙين حالتن ۾ الهندي سرحد کان 500-1000 ميل پري اهو قلعو مورين جي لاءِ اجايو هو. اهو قلعو سندن گاديءَ واريءَ شهر پٽالي پترا تائين ايندڙ تجارتي رستن جي حفاظت به نٿي ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ان وقت اهم رستو  ”عظيم شاهراهه“  هو، جو پشاور کان پاٽنا تائين ويو ٿي.

(س) سن 250 ق.م) ۾ باختري يونانين، سليوڪس وارن کان پاڻ آزاد ڪرايو ۽ 187 ق.م) ۾ اهي ننڍي کنڊ ۾ موريا خاندان جا جانشين ٿيا. پر جلد ئي باختري يونانين جي هڪ ٻئي گهراڻي جي ڪوششن سان باختر خودمختياري حاصل ڪئي. اهي ٻئي گهراڻا پاڻ ۾ سؤٽ هئا، پر سندن هڪ ٻئي سان لاڳاپا سٺا ڪونه هئا. ان کان پوءِ جلد ئي الهندي سلطنت سليوڪس وارن جي قبضي مان نڪري پارٿين جي هٿ چڙهي. اتر- اولهه ننڍي کنڊ جو سمورو علائقو مرڪزي گنگا جمنا دوآبي سميت، انهن هند- يوناني حاڪمن جي قبضي ۾ هو. تنهنڪري هنن کي پنهنجين سرحدن کي، ان ايراضيءَ سميت، جتي  ”راڻي ڪوٽ“  آهي، اتر- اولهه ۾ پنهنجن ٻن دشمنن کان ۽ اولهه جي پارٿين کان محفوظ رکڻ جي ضرورت هئي.

ڇهين صدي ق.م ۾ دنيا جي پهرين وڏي سلطنت اخمينين وجود ۾ آئي. اها سلطنت آخرڪار زوال پذير ٿي سن 330 ق.م ۾ منتشر ٿي وئي ۽ ان جي جاءِ تي سڪندر جي سلطنت کي عروج حاصل ٿيو.

سن 323 ق.م ۾ سڪندر جي مرڻ تي هن جي اها سلطنت به ٽڪر ٽڪر ٿي وئي. پهرين اها ڪيترين ئي بادشاهتن ۾ ورهائجي ويئي ۽ نيٺ سن 301 ق.م ۾ ان جا ٽي اميدوار وڃي رهيا: مصر ۾ ٽالمي، ننڍي کنڊ ۾ چندرگپت موريا ۽ ايران، ميسو پوٽاميا، يونان، اناطوليه، سوريه وغيره جي وچ وارين ايراضين ۾ سليوڪس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com