سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :3

ميرل جويو

چوسٽا

حقيقت کان انڪار جيڪو ڪري،

اهو آهي بلڪل، پرين کان پري،

پرين آ حقيقت، حقيقت پرين،

پرينءَ کانسواءِ ڪين، ساعت سري.

 

وڃي ڪو چوي هيئن ’محمود‘ کي،

تو ڪاڏي ڪيو پنهنجو عاشق ’اياز‘،

صداقت سواءِ آهي، سجدو ٿيو،

بنان روح آهي، مُصلو نماز!

 

تون اوڀر، اتر ڏِس، ڏکڻ توڙي اولهه،

پَرو ديس پنهنجي جو، پوري طرح لَههُ،

’چنيسر‘ مثل چغل خوري نه ڪج،

ٿجان ’دود‘ جوڌو، ’دريا خان دولهه‘.

سوز هالائي

وائي

ساري سوچ سجاڳ ٿي، چارڻ چوريا چپ،

هاڻي ڇا جا ڊپ.

ٻيجل ٻرائي ڇڏيا، سنڌوءَ جا ٻئي ڪپ،

هاڻي ڇا جا ڊپ.

سـُرن سيڪاٽي وڌا، سرندڙ سارا سپ،

هاڻي ڇا جا ڊپ.

اڳي کان ڀي اڳري، تندن منجهه تڙپ،

هاڻي ڇا جا ڊپ.

ڄاڻ ته ويا ڏيهه مان، ڏياچن جا ڏپ،

هاڻي ڇا جا ڊپ.

نثار بزمي

دل چوي ٿي

دل چوي ٿي مان نچان

ڪنهنجي دروازي تي مان جهمريون وجهان

وس پُڄي منهنجو ته ڪنهن سان گڏ وِهان ۽ گڏ اٿان

ڇا ڪريان مجبور آهيان ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان

ڪنهن کي ڳولي ڳولي مان ڪاٿئون لهان

دل چوي ٿي مان نچان.

 

دل چوي ٿي ڪو هجي

سفر ۾ جوڙو ۽ هڪ رستو هُجي

پيار جو عالم هجي وچ ۾ وِٿي ڪا ڇو هُجي

ٻِن دِلين جي گڏ ٿيڻ جو لوڪ ۾ چرچو هجي

پاڻ ۾ ”بزمي“ نه ڪو ليکو هجي

دل چوي ٿي ڪو هُجي.

دل چوي ٿي دل هُجي

پاڻ ۾ ڏاڍي مَتَلَ محفل هُجي

ماڳ هڪڙو ئي هُجي هڪڙي ئي ڪا منزل هجي

آب جي آلاڻ سان زرخيز يارو! گِلِ هجي

پيار پنهنجو پيار جي قابل هجي

دل چوي ٿي دل هُجي.

 

دل چوي ٿي دم هُجي

زندگانيءَ کي نه ڪو ئي غم هُجي

ٻِن دِلين جو پاڻ ۾ ڪو رابطو باهم هُجي

پيار جي سالم هجي، مايوس ڇو آدم هجي

ڪنهن جي دل ۾ ڇو ڪو ئي ماتم هجي

دل چوي ٿي دم هُجي.

سرڪش سنڌي

تو ڪڏهن سوچيو آ.....!

ڏيهه وارن کي ڏکائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ،

سچ کان سخت لنوائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ.

لفظ انسان جي معنيٰ، يا صحيح مطلب ڇاهي؟

اڙي انسان سڏائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ.

هن ابهم جا وَسي نيڻ رهيا آهن ڇا لئه،

وڏو پيٽ ڀري کائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ.

تنهنجي شلوار جي پاچن کان اچي پڪڙي ڇو ٿو؟

ويسَ جاپان جا پائيندڙ، تو ڪڏهن سوچيو آ.

عمر جي پنهنجي ڦٻايئه ته مڃيندس توکي،

حق غريبن جا ڦٻائيندڙ، تو ڪڏهن سوچيو آ.

ها ڪڏهن جسم جي طاقت به ڇڏي ويندي توکان،

رعب طاقت جو ڄمائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ.

ڇو ڀلا نيٺ اهو پاڻ کي پاراتا پيو ڏئي؟

او موت کان گهٻرائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ.

آهه مظلوم کان نڪتي ته نه روڪي سگهبي،

گن مان گولي هلائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ.

ڪئن ٿا نيٺ هي مظلوم زماني ۾ هلن،

ساري دنيا کي هلائيندڙ! تو ڪڏهن سوچيو آ.

منير سولنگي

خوشبو، خوشبو تنهنجو مکڙو،

گلشن ۾ ڄڻ هيرَ جو جهوٽو

تنهنجو جوڀن ڪرڻا، ڪرڻا،

چنڊ کي ٿو شرمائي ساجن،

ماکي مصري شاهه جي وائي،

مون ۾ آهين تون ئي ڍولڻ،

ڏيهه سڄو آ نفرت ساڙيو،

ڪهڙو حال ’منير‘ پڇين ٿو،

منهنجو جيون شام جو تڙڪو.

تنهنجي ڳلڙن جو پاڇولو.

اهڙو مٺڙو تنهنجو گفتو.

توسان منهنجي روح جو رشتو.

ماڻهو پٿر ماڻهو شيشو.

پنهنجي مطلب جو هت هرڪو.

شعبان بخت

غزل

مان به چوان، ڇو نيڻن ۾ برسات هئي،

تنهنجي وڇوڙي جي ورسي ڪلهه رات هئي.

پن ڇڻ ۾، پن پن کڙڪي، دل ڌڙڪائي،

سنسو سهڪو، سوڙهه ته ڄڻ سڪرات هئي!

هت چوڏهين جي چنڊ جي هئي چانڊاڻ ڦڪي،

هِت تارن ۾ لڙڪن جي برسات هئي.

ڄڻ چؤڏِس، واسينگن پئي ورلاپ ڪيا،

تن تنها ۽ هيبت هئي، هيهات هئي.

ڪڏهن ڪڏهن، توکي به ته ياد ايندي هوندي،

تو جا نينهن نباهڻ جي ڪئي بات هئي.

سي سرهيون راتيون، سي سندر ڏينهن ڪٿي؟

جن ۾ پلپل تنهنجي وائي وات هئي!

ڳاهجي وئي لنوَ لوچ، ڳڀي جي ڳولا ۾،

جي جهوراڻو ئي، جا تنهنجي تات هئي!

يار، هنئين جا هار به هٽڪي ڌار ٿيا،

سِڪ سُرهي، يا سورن جي سوغات هئي!

”بخت“! ڪريان اپٽار ڇا آخر ان جي مان؟

پريت هئي بس، ان جي ڪا به نه ذات هئي.

مير غلام الله خان ٽالپر

(مورجهنگو)

ائين بدلجي نه وڃ يار موسمن جي طرح،

اکيون نه ڦير سڄڻ سائين تون رتن جي طرح.

اسان جي پيار ڪيو آ ته پاپ ڪهڙو ڪيو،

سزا نه ڏي تون اسان کي هنءَ ملزمن جي طرح.

اسان جذبات و محبت ۾ ڪئي خطا هوندي،

نه ٿي تون لال اسان تي پنهنجن ڳلن جي طرح.

ڪڏهن ته ناز ڪري محب مِل اَچي مونسان،

پري ۽ دور نه ٿي سرو ۽ سمن جي طرح.

زمانو مير صفا بي وفا وڃي ٿيندو،

سکي آ طؤر ويو هو به گل رُخن جي طرح.

الحاج رحيم بخش ”قمر“

سانوڻ ۾

وسايا مينهن ٿَر بَرَ ۾ خدائي پاڪ سانوڻ ۾.

سُکيا ڏسجن ٿا سڀ سانگي، نڪو غمناڪ سانوڻ ۾.

گهڻا ٿيا گاهه، گُل، غُنچا، ٿيا خوش مال مارن جا،

ٿيا مسرور ”پائر“ ۾ ”پلر“ جا پياڪ سانوڻ ۾.

وري وسڪار واسيو آهي، وڻ وڻ ويڙهه وارن جو،

کٿوريءَ کان ٿي خوش ڏسجي، وطن جي خاڪ سانوڻ ۾.

نظارو نيڻ ٺاري ٿو، اسان جي ملڪ مٺڙي جو،

ٿيا فردوس کان سهڻا، ٿرين جا ٿاڪ سانوڻ ۾.

ڪڪر ڪيهون، رعد ريهون، کنِوڻ چمڪاٽ چوڌاري،

سڄڻ سرسبز پهرائي پٽن پوشاڪ سانوڻ ۾.

پهاڙن تان لهي پاڻي، پَٽن تي پاڪ جي آيو،

گُلن، غنچن ۽ مکڙين تي پوي ٿي ماڪَ سانوڻ ۾.

پرين پرديس جي ويِڙا، ڏٺي جن ڏينهن ٿي وِيَڙا،

انهن جي ڪاڻ دل جا اڄ چِڪن ٿا چاڪ سانوڻ ۾.

ٿيا سرسبز وَليون، وَڻ، بلاشڪ باغ ۽ پوکون،

کُنڀين جي ٻوڙ جي ڪن کيت ٿا خوراڪ سانوڻ ۾.

مٺي محبوب سان ميلو ٿئي، وسڪار ههڙي ۾،

اچي منهنجي اڱڻ تي شل هلي حُسناڪ سانوڻ ۾.

اياز ”جاني“

وائي

 رَتُ گهرين  يا جَرُ، او ڏيئڙا،           تون اڃا ڀي ٻَرُ.

اڌ  رات،  اٻس    ۽ اوسئيڙو،

ساهه گهٽي ٿو گهر،  اوڏيئڙا،          تون اڃا ڀي ٻَرُ.

ٻاٽ ۾ گهر منهنجو ئي ناهي،

ٻاٽ سڄو   ئي تر،  او  ڏيئڙا،         تون اڃا ڀي ٻَرُ.

نيڻ ته پو به کليل ئي  رهندا،

بند ڪيان جي   در، او ڏيئڙا،          تون اڃا ڀي ٻَرُ.

پير مختيار علي ”مختار“

غزل

ڪوڙو ڪڏهن به دوستو قرآن نٿو ٿئي،

دل ۾ رکي جو مير مسلمان نٿو ٿئي.

دلبر الاهي منهنجو ڇو دل سان نٿو ٿئي،

اهڙو ستم ته يار ٻين سان نٿو ٿئي.

جانچي ڏٺو مون آهي سڄي رات چنڊ کي،

محبوب تنهنجي چهري کان تابان نٿو ٿئي.

دلبر اڳي کان آهي وڏو ماڻهو ٿي ويو،

ان جي ڪري ته منهنجو هو مهمان نٿو ٿئي.

اي يار مونکي پنهنجو ڪري وٺ قسم اٿئي،

”ٻيو ڪو مريضِ عشق جو درمان نٿو ٿئي.“

جو حال هو اهو ته اسان آهي پيش ڪيو،

سهڻا مبالغو ته اسان کان نٿو ٿئي.

لک ڀيرا مون چيو ته صنم تنهنجو آهيان،

پر پو به هن جي دل کي ڇو ايمان نٿو ٿئي.

هن جو ستم ڪرڻ ته ٿي عادت اي دوستو،

”مختار“ ان ادا تي پريشان نٿو ٿئي.

زيب سنڌي

چؤڏس بند غفا جيئن ڀاسي،

تنهنجي ياد سزا جيئن ڀاسي.

جنهن هو مونکي چاهيو تنهن کي،

تنهنجي ساروڻي او سانئڻ!

تنهنجو پاراتو ڀي مون کي،

خطرن سان ايڏو کيڏيو هان،

منهنجو نانءُ خطا جيئن ڀاسي.

مونکي ڏَند – ڪٿا جيئن ڀاسي.

پنهنجي لاءِ دعا جيئن ڀاسي.

نانگ به ٿو مالا جيئن ڀاسي.

نظام زائر

وائي

مون کي ته سانوڻ تنهنجا بادل،

آيا ناهن راس.

رت موٽي پر محب نه موٽيو،

رهجي ويئڙي آس.

نيڻ وسن ٿا بادل بادل،

دلڙي آهي اداس.

مان ٿي ڳوليان برکا رت ۾،

وڻ وڻ تنهنجو واس.

تنهنجي ياد اسان لئي آهي،

پيارا پورنماس.

زائر ويندو نيٺ وڇوڙو،

ڇو ٿيو آهين نراس.

ضمير ڦل

غزل

ڀورا ڀورا ٿي ڀُرڻ جو آيو خيال.

پتنگ سان گڏجي پچڻ جو آيو خيال.

رات ساري تات تنهنجيءَ ۾ پرين،

چنڊ سان گڏجي رلڻ جو آيو خيال.

باکاٽڙي جو جاڳ ٿي جيئن ننڊ مان،

سونهن کي سجدو ڪرڻ جو آيو خيال.

مهڪ مينديءَ جي کڻي آئي هوا،

مون کي تنهنجا هٿ چمڻ جو آيو خيال.

تنهنجي مک تي مرڪ پسندي ئي پرين!

آ گلابن کي ٽڙڻ جو آيو خيال.

پوڻين جيها بادل پسي آڪاس ۾،

پاڻ کي پُرزا ٿيڻ جو آيو خيال.

مشتاق باگاڻي

وائي

سورٺ سانجهيءَ وير، چکيا تي چڙهي،

ساجن ڪاڻ سڙي!

ڪرٽ لاهيندي ڪرنگها، گٿا ڪو نه گهڙي،

ساجن ڪاڻ سڙي!

ڏاتارن کان ڏياچ ويو، چوٽان چوٽ چڙهي،

ساجن ڪاڻ سڙي!

ڳاڙهو جهونا ڳڙهه ڪيو، ڳوڙهن ڪالهه ڳڙي،

ساجن ڪاڻ سڙي!

گَلي منجهه گرنار جي لڙڪن جي لڙهي،

ساجن ڪاڻ سڙي!

 

ج . ع . منگهاڻي

غزل

جيون سارو ڳهڻو پوندئي،

ماڳ کي ڳولي لهڻو پوندئي.

ڪوٽن جا تو راز ٿا گهرجن،

چاهت آ ته ٻه طرفو ڏوهه،

ڳالهه اها ڀي من ۾ رکجانءِ،

ڌارين ساڻ ڀلي ڪر جهيڙا،

جڳ گهڻو ئي واسيئي خوشبو!

پنهنجو پاڻ ڏسڻ ٿو چاهين!

سوچن سان ته ڪٽبو ڪين،

مان جئن ڪوٽ ۾ رهڻو پوندئي.

پنهنجي سر تي مڙهڻو پوندئي.

اڏجڻ کان اڳ ڊهڻو پوندئي.

پنهنجن ساڻ ته ٺهڻو پوندئي.

هاڻ ته مان وٽ رهڻو پوندئي.

سچ سمورو سهڻو پوندئي.

پنڌ منگهاڻي ڪهڻو پوندئي.

نياز پنهور

نظم

ڪنهن پڇيو ڪو نه مون کان ته

هن کان پري

حياتي گذاري به سگهندين يا نه؟

اگر لڙڪ آيئي اکين ۾ لهي

ته ڳوڙها لڪائي به سگهندين يا نه؟

 

ڪنهن پڇيو ڪو نه مون کان ته

هن کان پري

تنهنجي شعرن جا عنوان هوندا ڪهڙا؟

اگر شعر رچي نه سگهندين ته پوءِ

تنهنجي جئيڻ جا امڪان هوندا ڪهڙا؟

 

ڪنهن پڇيو ڪو نه مون کان ته

تون اوچتو ڪندي ڳالهه چپ ڇو ٿي ويندو آهين

اکيون تنهنجون آليون ڇو ٿينديون آهن

خلائن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ

يڪوئي پيو اوڏي تون ڏسندو آهين.

 

ڪنهن پڇيو ڪو نه مون کان ته

هوءَ اوچتو

اگر تنهنجي سامهون اچي ڀي وڃي

ته تون پنهنجي دل جي سڄي ڪرب کي

پيارا لڪائي به سگهندين يا نه؟

۽ پنهنجي پاڻ کي ڪو ئي دوکو ڏئي

هن سان اکيون

ملائي به سگهندين يا نه.

 

ڪنهن پڇيو ڪو نه مون کان

ڪنهن پڇيو ڪو نه مون کان

 

يوسف سنڌي

وحشي رقص

چو واٽي

۽ گهٽي گهٽي ۾

وحشت ننگو رقص ڪري ٿي

۽ ڪنهن جي نڙگهٽ ۾

پنهنجا خوني چنبا

پيوست ڪري ٿي.

 

دونهين جو گهرو بادل

اڇا ڪارا نقش چٽي ٿو

هي ڪا انڊلٺ ناهي، جيڪا

هر بارش کانپوءِ

اڀري ايندي آهي.

 

ڪارا ٻوٽا

ڊوڙن ٿا....

گوليءَ جي ٻوليءَ سان

چوواٽن تي

خون جي هولي کيڏن ٿا

 

مچ ٻري ٿو

جنهن مان ڪائي بوءِ اچي ٿي

مچ ٻري ٿو

جنهن مان ڪائي بوءِ اچي ٿي

ڄڻ ڪا چتا جلي ٿي

وحشت خوب کلي ٿي

۽ پنهنجو رقص تيز ڪري ٿي.

 

خليل عارف سومرو

ٻه ننڍڙا نظم

1.   پٿر جو بُت

ائين ڪو ٿي سگهي ٿو

ته هن بُري ڀنڀور ۾

هيڏا هاڃا ڏِسان

پوءِ به نه لُڇان پُڇان

مان پٿر جو بُت ته ناهيان

جيئرو جاڳندو انسان آهيان.

2.  معمول

جڏهن هوا ٻاريندي آ،

تازن گلن جا ڏيئا

تڏهن مکڙين جي

پهرين پهرين روشني

تنهنجو روپ ئي هوندو آ

گلن جي خوشبو

تنهنجي ياد ئي هوندي آ.

محمد عثمان ”اديب“

اڄ اڱڻ منهنجي تي اچ، پائي پرين تون پيرڙا،

ٿو وسين هردم اکين ۾، دل اندر تو ديرڙا.

تنهنجو نه مٽ منهنجا مٺا، مان ڪو ڏسان ٿو ڏيهه ۾،

تو مهابي مير مَرڪن، هي مندا ۽ ميرڙا.

واهه ٻي منهنجي نه ڪا، ڪيڏانهن وڃان آ گس نه ڪو،

ڪيم ڪڍ در تان هڪالي، هي هيرايل هيرڙا.

ديد دلبر جي دلاسي ۽ اميدن ۾ اڃان،

گهوٽ هي گهايل گهمن، تنهنجون گهٽيون ۽ گهيرڙا.

اندر ۾ اڌمان اٿن ٿا، باهه ڀڙڪي برهه جي،

ٻاڦ ٻاهر ڄاڻ نڪتي، ٿي ڄڀيون ۽ ڄيرڙا.

مهلقا هڪ مهل ڪا، مون وٽ اچي مهمان ٿي،

۽ وسائج اڄ اچي، عثمان جا آکيرڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com