سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1999ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 3/ 1999ع

........

 

گذارش

 

ماهوٽا پئلس ميوزيم

ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن واري علائقي ۾ ”ماهوٽا پئليس“ واريءَ عمارت ۾ هڪ ميوزيم قائم ٿيو آهي، جنهن جو تازو افتتاح ٿيو آهي، سنڌ جو ثقافت ۽  سياحت کاتو، جناب عبدالحميد آخوند جي سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت کي ڏيهه  پرڏيه اُجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن ميوزيم  جو قيام به محترم آخوند صاحب  جي ئي ڪوشش ۽  ڪاميابي آهي.

بلاشبه، ماهوٽا پئليس ميوزيم هروجـﮧ هڪ قابل تعريف ڪارنامو آهي. اهو ملڪ جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم رول ادا ڪندو.اسان سنڌ جي باذوق ماڻهن کي اپيل ڪنداسين ته ثقافت کاتي جي مدد ڪن: ماهوٽا پئليس ميوزيم لاءِ تاريخي نوادرات، هٿيار پنهوار، قلمي نسخا، سڪا، لباس ۽  ٻيو ثقافتي سامان ڏيڻ لاءِ ڪلچر کاتي ۾ جناب آخوند صاحب  سان رابطو قائم ڪن. ان ۾ اسان سڀني جي آبرو آهي. اهو اسان جو ئي اجتماعي ثقافتي ورثو آهي.

”نئين زندگي“ گولڊن جوبلي:

تازو حيدرآباد ۾، ماهنامي ”نئين زندگي“ جي گولڊن جوبلي تقريب منعقد ٿي. رسالي ”نئين زندگي“ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. تقريب ۾ ”پنجاهه ساله مواد جي فهرست“ پڌري ڪئي ويئي. اديبن ۽  شاعرن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا ۽  ”نئين زندگي رسالي جي باني ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي مثالي خدمتن کي ياد ڪري، کيس عقيدت جو خراج پيش ڪيو ويو، جا هڪ وڏي ادبي فرض ادائي هئي.  حقيقت اها آهي ته مولانا عبدالواحد سنڌي هڪ مثال قائم ڪريل ڏيکاريو ته ڏکين حالتن ۾ به محنت ماڻهو کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري ٿي.

مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جو نيڪ نالو ”نئين زندگي“ سان ائين واڳيل آهي، جيئن گُل ۽  خوشبوءِ جو پاڻ ۾ رشتو! مولوي صاحب نئين زندگي وسيلي، همعصر جديد تخليقي توڙي تحقيقي سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي، سا سنڌ  جي ادبي تاريخ  جو صحيح معنيٰ ۾ هڪ سونهري باب آهي. سنڌي ادب جي اهڙي سچي هڏڏوکي ۽  مخلص ادبي خدمتگار جي حوالي سان رسالي جي ناشر اداري پي آءِ ڊي (P.I.D) تي فرض عائد ٿو ٿئي، ته مولوي صاحب جي ياد ۾ رسالي جو هڪ ”خصوصي نمبر“ به شايع ڪيو وڃي.

شاهه جو رسالو:

”شاه جو رسالو “ سنڌي ادب جو اهو بنيادي دستاويز آهي،  جنهن جا سنڌي ادب جا سمورا ڪرڻا ۽ شعاع ڦُٽا آهن. فقط ادب ئي نه،  سموري سنڌي سماج جي سڃاڻپ ۽  سُونهن شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي دلپذير ڪلام سان آهي،  جنهن کي هن پاڻ ئي ”آيتون “ڪوٺيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ،  شروع کان شاه سائينءَ جي مستند ڪلام جو نسخو تيار ڪرائڻ لاءَ قدم کنيو هو. سندس ڪلام جا ٽهارو کن قلمي نسخا گڏ ڪيا هئا ۽  مستند نسخو ٺاهڻ جو ڪم شمس الماءَ،ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مرحوم کي تفويض ڪيو هو، پر حياتيءَ ساڻس سندس وفا نه ڪئي. هو ڪم پورو ڪري نه سگهيو، ليڪن سندس محنت جولازوال يادگار اڃا تائين محترم عبدالحميد آخوند صاحب وٽ موجود آهي.

هاڻي سنڌ جي نامياري عالم،  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪوشش ڪري شاه جو رسالو ڏهن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. هن يادگار ۽  تاريخي پراجيڪٽ جي راس ٿيڻ تي، سنڌي ادبي بورڊُ، مانواري محقق، ڊاڪٽربلوچ صاحب کي دلي مبارڪباد ڏئي ٿو.

مهربان ليکڪن ڏانهن.

مهربان ليکڪن، هميشه پنهنجي روايتي ۽ دستوري ادبي محبتن سان نوازينديءَ مهراڻ سان علمي سهڪار به ڪيو آهي. شروع کان وٺي مهراڻ هر لهر سندن ئي توجهه ۽  سهڪار سان موجزن آهي. اسان وري به کين وڏي ادب سان سهڪار لاءِ عرض ڪريون ٿا ۽ يقينگا موٽ ۾ اُهي پنهنجن پيارن شعرن، سهڻين ڪهاڻين ۽  معياري مضمونن سان نوازيندي.-ن.ا.ش  

 

لطيفي لات

 

ساري رات سبحان؛ جاڳي جن ياد ڪيو،

اٰن جيءُ، عبدالطيف چئي، مِٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙيين  ڪن سلام، اچيو آڳهه اٰن جي،

 

سيوا ڪر سمنڊ جي،جِت جرهي ٿو جال،

سئين سپڄن سمونڊ ۾، ماڻڪ موتي لال،

جي ماسو مِلئي مال، ته پوڃارا پُر ٿئين،

 

سي پوڄارا پُر  ٿيا،  سمنڊ سيويو  جن،

آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،

لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن،

ڪانهي قيمت تن،  مل مهانگو اُن جو،

سيوئو جن سبحان، ويرنه وڙهي تِن سين،

توبهه جي تاثير سين، تري ويا طوفان،

ڏهئي توڪل تڪيو، آر لنگهايان آسان،

ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو،

ساري رات سڄاڻ، سودو ڪن صاحب سين،

ٻانهپ ڀري ٻيريون، هليا جوپ جوان،

پاڻي پهلوان، لحظي منجهه لنگي ويا،

ٻانهپ جو  ٻيڙين ۾، وکر وڌائوان،

موتي معارفت جا،  سچا سوديائون،

اَلتائب من الذهب،  ايءَکٽ کٽيائون،

 اُنين جيءَ آئون برڪت بار، لنگهائيان.

ايءَ گت غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون،

پيهي منجهه پاتار جي،  ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون موتي لال هٿن سين.

شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه

 

        

وکر سو وهاءِ،  جو پئي پراڻو نه ٿئي

 

ڪافي

 

جوڙي قلب بيت ربي انسان ۾ سمايو،

ڏسي ذات کي صفت ۾، مَلڪن ٿي سر نمايو !

 

آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لڪائي،

مچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو،

 

ڏيئي حُسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نهيارو،

سُوري جو ڪيئين اشارو، سِر عاشقن سنڀايو.

 

اصلئون هو سر حقاني،  لاريب لا مڪاني،

منجهه روز، لَن ترائي،  وري طورڪنهن جلايو؟

”ولي محمد “سنڀارج،  ذاتي نه دم وسارج،

پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو !

                            فقير نواب ولي محمد خان لغاري

                                      ( صوفي القادري)

 

*

نياز همايوني

دوها پورن سورن جا

 

دل جو شهر ڪرين آباد ته ديوانو  ٿي اچان مان،

لوڪ وسائي پٿر، ڀتر، ناچو بڻجي نچان مان.

 

مُند ٿئي ٿي مست ته مور ۽  مرگهه اچن ٿا مستيءَ ۾،

پاڻ به ٿا تن وانگي تن من تار ڪريون المستيءَ ۾.

 

راتيون جاڳي سانتين ۾ ٿا پاڻ تي خيال ڪريون،

اسان ڪنول جان اجرا آهيون ڇاجي لاءِ ملال ڪريون.

 

صبح کنيو ڪر، ڪني ڪڍي سج، ڌرتي سبحان بَلي،

اهڙو منظر جنهن تي شاهد سورت الرحمان بَلي.

 

مانجهاندي جي ماڳ ۾ مستن مَنهه وسايا وندر ۾،

سڀ جو ساڳيو مسلڪ، مهر محبت سڀ جي اندر ۾.

 

سانجهي ٿي پر ساهي مالهي باغ ۾ مکڙيون ميڙين ٿا،

اونداهي مان موتيا مرڪي خوشبو خوب پکيڙين.

 

رات سنواري پاڻ سهاڳڻ وانگ چٽي چانڊاڻ ڪئي،

هڪ ٻي سان ٿيا وڇڙيل ويجها، ماندن روح رهاڻ ڪئي.

 

مُند ورايو پاسو پکڙيا پوپٽ، ڀنور، ڀنڀوريون سڀ،

وڻ وڻ لاتيون وڙوڙ جون، ڪن ڪڻڇيون ڪوئليون ڀوريون سڀ.

 

ٻوٽن تي گل گهوٽن جيها، مکڙيون لال ڪنوار جئان،

سونهن سُڳنڌ ورونهن ورائي، مهڪيو روح ملهار جئان.

 

ڪڪر ڪنواٽن وانگ اُڀا ٿيا، کنوڻين رم جهم راس ڪئي،

جهڙ ڦڙ جذبا جوش ۾ آندا، اِنڊ لٺ اڻ تڻ ناس ڪئي.

 

مُند ورڻ تي قرب ڪٺا  ٿي هڪ ٻي ڏي ڪئن سُرڪن ٿا،

ڪانڊيرين جي ڪنڊن وچ ۾ ڀَتر جا گُل ڏس مُرڪن ٿا.

 

ٻٻرن ڦلڙا رستن تي، ارغئبي يار جي آجيان لاءِ،

سائين جن کي اچڻو هو ۽  اسان به حاضر اوهان لاءِ.

 

ٻيرين ٻُور جهليا او جاني! ٻوڙ آيا نسرڻ تي،

ويندا رنگ لڳلي اهڙا جو سور به ايندا وسرڻ تي.

 

سارين جا ڳڀ ساريندي ڏس ٻوڙيون جهرڪيون لٿيون اچي،

محلن جهڙا گهرڙا جوڙي هيڪانديون ٿي رهيون اچي.

 

پکين وڻن ۾ جهرمر لاتي ٽاريون نڊري جهڪڻ لڳيون،

هيج ڏسي هينءَ حيوانن ۾ پنهنجون اکڙيون ڀنڻ لڳيون.

 

تون مان پرتي هڪ ٻي کان ڄڻ ڄاڻ سُڃاڻ تي ڪانهي ڪا،

ڇاٿي پنهنجي حال تي گذري ڪنهن کي ڄاڻ ئي ڪانهي ڪا.

 

فطرت ڪهڙا رنگ رچائي، سهسين پاڻ پسائي ٿي،

ليڪن پنهنجي خود غرضي هر رنگ ۾ ڀنگ وجهائي ٿي.

 

هونءَ ته ارڏا پوءِ به آهيون، مجبورين جا ماريا سڀ،

هرڪو چئي ٿو سچ ئي چئي ٿو، آهيون سائينءَ سنواريا سڀ

 

ماڻهن کي ٿي  بڇان لڳي ۽  مِرُن مثال گذاريون ٿا،

اسان سڀن کان اَشرف آهيون، اهو به هاڻ وساريون ٿا.

 

هي لُٽ ڦُر هي لاش جي آهن روز اسان جي ڀاڳن ۾،

اهڙين پارين ڪير گذاري سگهندو پنهنجن ماڳن ۾.

 

انڌ جي اوندهه مان ڪا هاڻ ته ساڃهه واري لاٽ کپي،

ساهه مُنجهي ٿو، ٻوساٽن مان نڪرڻ جي ڪا واٽ کپي.

 

*

 

امداد حسيني

 

رت سين ريٽا ڳيت (سورٺا)

 

ساڻو ساڻو سَنڌُ، لِڱ لِڱ کان چُور ڙي،

ڪو ته پڄي ٿو پنڌُ، رات پڄي وئي ڏينهن کي.

 

پرهه ڦُٽڻ جي ويرَ، آئي ٻانگ مسيت ۾،

هِيرُ گهلڻ جي هيرَ، مَٽي ته آد جڳاد کان.

 

اڄ ۽  ڪلهه جي ناهه، مِٽيءَ سان هيءَ مائٽي،

ازل ڪنان اڳ آهه، جَڙ انهيءَ سان جان جي.

 

گهوڙا گهوڙا هاءِ، گهَل ڌارين سان پانهنجا.،

ڏاڍا ڏک ڏناءِ، سُکَ پسن شل سنڌريء.

 

مور مَ لاهج نَٿَ،  او نوورني نَڪَ مان،

ساک ڏني هيءَ سَٿَ، گهوٽهين گهاءُ نراڙ تي.

 

چُوهڙا ۽  چمار، پورهيت پگهر واسنئان،

غدارين غدار، تن سان ڪئن مان ڀيٽيان.

 

ڏيکاريا تو ڏيک، ڏاتر! ڪهڙا ڏيهه ۾،

سو به لکي ٿو ليک، لِکَ نه جنهن جي لوءِ سين.

 

لِکَ نه اهڙو ليکُ، لِکَ نه جنهن ۾ لوءِ جي،

تِکَ نه جنهن ۾ تيکُ، سِڄُ سڀاڻي جو ڪري.

 

ليکي ساڻ لکيوءِ، ليکڪڙا جو ليکڙو،

سڄي ڄمار سکيوءِ، ڪاڳر کي ڪارو ڪرڻ.

 

ليک نه اهڙو لِکُ، ساک نه جنهن ۾ باک جي،

سِٽَ اُهائي سِکُ، سُک آڻي جا سنڌ تي.

ليکڪ ائين نه هوءِ، لفظ لکي جو لُڙ ڪري،

اِي ڪانيرو ڪوءِ، چِلڙ چُڻي جو چُهنج سين.

 

وهانءُ وهڻو گهوٽ، ماريو توڙي مارِيا،

ڦِٺ هوندءَ ٻي ڦوٽ، جيءُ نه چُندءِ جيءُ ڪو.

 

هيءِ هيءِ ڙي ساڻيهه، دوست نه ڪي دانا مليهءِ،

ڏوري ڏوري ڏيهه، ڍونڍي آيا ڍونڍ کي.

 

رَت سين ريٽا ڳيتَ، هيڊي رُت رچيام جي،

من سي اي من ميتَ، چَپَ چُمن تنهنجا ڪڏهن.

 

ڪارونجهر جي ڪورَ، ڪيڏي آهه اُٻاڻڪي،

مري ويا ڇا مورَ، ڪو نه ٽهوڪو ٿو ٻُري.

 

انڊلٺي هي ونگُ، ست رنگو آڪاس تي،

جهڙو آرس انگُ، مينهن ڀِڄايل مُنڌَ جو.

 

روح ڪري ٿو رِيههَ، ڪِيهَو ڪِيههَ قلوب ۾،

لَڄَ نه جن کي لِيههَ، تن جي مٿن مولِهيا.

 

منجهو منجهه آڙاههُ، ٻهر اُجهاڻل ٿو لڳان،

ڄاڻي هيڪ اللهُ، ڄَر جا ڄَرڪي ڄندڙي.

 

ڪيڏا وادَ ووادَ، ڪَچَ ڪري ٿو سَچَ تي،

اڄ ته اي امداد، هِڪُ هِڪاڻي ٿي وڃي.

 

مانڊيءَ منڊيو منڊُ، بکئي ڪارڻ مامرو،

چنڊ لڳي ٿو جنڊُ، تارا داڻا اَنَ جا.

 

هيءَ ڪجل جي ڌارَ، هٿ جي ريک نه ٿي الا،

تو ته ڪٽايا وارَ، رات ڪٽي ٿئي ڪا نه ڪا.

 

ڪڏهين ڇپبي ڪا نه، ڇا هيءَ منهنجي ڊائري،

اُن ۾ ڇا ڇا ڇا نه، لکيوم لال لهوءَ سين.

 

ڪو به نه آس نه پاس، ساڄن ۽  سڄڻي سوا،

سُرها سُواس سنداس، ويڙهيل وجود واس ۾.

 

لوڏي ويٺي پيرَ، ساڄن ۽  سڄڻي سوا،

ڪير آهي سا ڪيرَ، ڏٺل وائٺل ٿي لڳي.

 

ٻاهر ميگهه ملهارَ، واڄا ٽاڄا وڄٽڙيون،

پاروٿي اخبارَ، ڪمري اندر پيو پڙهي.

  

*

 

 

تاج بلوچ

آرزو جو سفر

 

زندگيءَ جي رَٿ کي

گهلي گهلي

ڪنهن سڃاتل موڙ تي-

آڻي جو پويان ٿو ڏسان:

 

درد جو ناياب ڪوئي دشت هو

ڏاڍايون پيڙائون عذاب

باهه جي بارش اُٺي ٿئي

گس اهڙو ڄڻ ته واڳوءَ جو وات

جنهن جي ڏندن ۾ هائ ڦاٿل-

هزارين راهروئن جا هڏا.

 

آئون حيرت ۾ ٻُڏل

بابري هن ڪُنڊ جا سڀ سلسلا

ڪيئن ۽  ڪهڙي طرح مون طئه ڪيا.

 

پاڻ کي شاباس آخر ڪيئن ڏيان

زندگيءَ جي وات رَٿ کي

گهلي گهلي جيئن تو اڳتي وڌان:

 

ڪي گلن جا باغ ناهن

خوشبو ڪنهن سيني جو  ڄڻ ڪو نانءُ هو

پوپٽن جو  ڪو پتو ناهي پرو

۽  نه ڀنڀوريون ڪٿي

رنگ ڄڻ ڄاوا نه ها

مک ماکيءَ جي ڪٿي ڏسجي نٿي

ڪوئي جهرڻو

۽  نه آهي ڪو وڻن جو ڇانورو.

زندگيءَ جي رَٿ کي

گهلي گهلي جيئن ٿو اڳتي وڌان:

ساڳيون پيڙائون ۽  ساڳيائي عذاب

دشت جو ساڳيوئي آهي سلسلو

رَند سارا ڪنڊ ساڳي

ساڳي بارش باهه جي

آڏو آهي راهه ۾ مانگر وڏو

زندگيءَ جي آجياڻي واسطي

وات کولي آهه بيٺو واٽ تي.

 

زندگيءَ جي رَٿ کي

ڪنهن تمنا جي سهاري

آءُ گهليندو هلان

اڻڏٺل ڪنهن موڙ ڏانهن.

 

*

 

 

 

محسن ڪڪڙائي

غزل

ڇڏيو ته سونهن جي هڪڙي جهلڪ ڏسي ته وٺان،

خدا جو نور اکين سان سهي، چُمي ته وٺان.

 

چوڻ جي ڳالهه سدائين چوڻ کان رهجي وئي،

اکيون، اکين کي پڙهن ٿيون ته پوءِ پڙهي ته وٺان.

 

اسان جو پيار به گونگو ته هوءَ به چُپ چُپ آ،

چلو، اميد جي ٽانڊن مٿان بچي ته وٺان.

 

تمام عمر رڳو سِڪ ۽  سوز جي رُڃ آ،

ٻه ڍڪ پريت جا پياريو ته مان به جي ته وٺان.

 

ڏئي ٿو درد جي دولت، اها به چشمن تي،

نٿو ملي، نه سهي، درد دائمي تي وٺان.

 

نه ذڪر سونهن جو کٽندو، نه ٿيندو ڪَڪ محسن،

اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان.

 

 

 

 

 

ولي محمد وفا پلي

غزل

مان هان تشنهء قرار، موٽي آءُ!

آءُ اي جانِ بهار، موٽي آءُ!

دشت غربت ۾ دردمندن جو

ڪونهي ڪو غمگسار، موٽي آءُ!

ڪيڏيون ويران ٿيون لڳن گليون،

آءُ اي حسنِ ديار، موٽي آءُ!

اچ ته رقِ جهان سبو ۾ ڏسين،

 واعظ ديندار، موٽي آءُ!

جانبِ دار ڀي هجوم آهي،

واپس ڪُوئي يار، موٽي آءُ!

بدنصيبن جي لاءِ وفا ڪونهي،

بي مروت جو پيار، موٽي آءُ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com