سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986ع (1)

 

صفحو :2

  

تو چشم بستي و گفتي که اين جهـان خوابست

کــشــاي چــشم که ايــن خــواب خواب بيدارست

سعادتمندا- وعليڪم السلام ورحمة الله وبرڪاتہ. اوهان جي خط کي آئي ڪجھ عرصو ٿي ويو آهي، مگر طبيعت جي نا برابري سبب سندس جواب ۾ تاخير ٿيو- معاف ڪندا.

اوهان سوال ڪيو آهي ته زندگيءَ جو مقصد ۽ منتها ڇا آهي؟ ظاهر آهي ته مقصد ۽ منتها جي تفحص ڪرڻ کان اڳ زندگي کي خود سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي: جي زندگي جي حقيقت کان وقوف پئجي وڃي ته ازخود سندس مقصد ۽ منتها پڌري ٿي پوندي. جيئن سرور دو عالمﷺ اشارو ڪيو هو ته: ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ بهر وجوه، بهرحال ’نفس‘ کي سمجھڻ جي ڪوشش پهرين لازمي آهي.

نفس يا زندگي جي سمجهن لاءِ ساري دنيا پئي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڃا تائين ڪندي رهي ٿي. جيڪي به لکيو پيو وڃي، جيڪي چيو پيو وڃي، جيڪي به ڪيو پيو وڃي، سو سڀ انهيءَ ليکي آهي.

صرف اهو نه پر جيڪي به غلطيون مقصد سمجهڻ ۾ واقع ٿيون آهن، تن جو وجهه (سبب) زندگي جي غلط فهمي ئي آهي.

انهيءَ کان اڳ ته اسين زندگي بابت سوچ ويچار ڪريون، اهو بهتر ٿيندو ته سوال جي اهميت کان واقف ٿيون. انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ ۾ بهترين انسان، جن لاءِ اسان کي نهايت عزت آهي، قاصر رهيا آهن. هڪ ئي مثال ڪافي آهي جو ”يک مشت نمونه خروار“ جو ڪم ڏيندو.

شمس الدين حافظ، صاحب ديوان کان ڪير واقف نه هوندو ۽ انهيءَ شخصيت لاءِ ڪهڙي سمجھدار انسان کي عزت نه هوندي؟ اهو ڪهڙو داناءُ پڙهندڙ هوندو جنهن کي رت جا ڳوڙها نه ڳاڙايا هوندائين؟ ايراني شاعرن جو سردار، غزل نويسن جو ڇٽ، حافظِ قرآن، لسان الغيب، عربي شعر ۽ زبان جو ماهر. جنهن لاءِ ديوان جي پهرين سٽ شاهد آهي. اها سٽ هزارن عربن کي به معلوم آهي ته اصل يزيد بن معاويه جي چيل آهي. صرف هيتري تبديل سان ته يزيد چيو آهي: ”ادر کاساً و ناولها الايا ايها الساقي“- ۽ حافظ سڳوري ڦيرائي چيو آهي ته ”الايا ايها السافي ادر کاساً و ناولها.“

حافظ قرآن جي عزت ۽ حجت جو اعتراف خود ديوان ۾ هر طرح ٿو ڪري:

هرچه کردم همه از دولتِ قرآن کردم

بهرحال، جنهن وقت هن ساڳي سوال بابت دماغ سوزي ٿو ڪري ته هن نتيجي تي ٿو پهچي:

کس نمي داند که منزل مقصود کجاست

اين قدر هسـت کـه بانگ جرسي مي آيد

وري دوباره انهيءَ غير وقوف جي معذرت هن طرح ٿو ڪري:

عيان نشد که چرا آمدم کجا بودم

دريغ دارد که غافل ز کار خويشنم

ڪم از ڪم هي ڳالهه ته ظاهر آهي ته ٽيٽ پويس ٿي ته زندگي بغير مقصد نه آهي. ڪو ته مقصد آهي ۽ ارمان اٿس ته نه ڄاڻن سبب: ”غافل ز کار خويشنم“.

اوهان جو سوال به آهي ته مقصد ڇا آهي؟ اهڙا به گهڻا انسان آهن جي شروع کان چون ٿا ته مقصد آهيئي ڪونه. هو اهڙو تفحص ڪرڻ ئي اجايو ٿا سمجهن. مون کي هڪ نهايت تعليم يافته ۽ باوقار شخص ياد ٿو اچي ۽ هو به مسلمان، جو چوندو هو ته ساري زندگي جو مقصد آهيئي ڪونه. زندگي هڪ راڪيٽ مثل آهي (سنڌي نالو مون کي هينئر ياد نٿو اچي) ’هوائي‘ سڙي ڏيک ڪري اجهامي ويندي، ٻيو غرض آهيئي ڪونه.

اهڙن مسلمان معترضن جي جواب ۾ بهتر ائين ٿيندو ته قرآن پاڪ کان پڇون ته ڪهڙو ٿو جواب ڏئي؟ پهرين پهرين پڇي ٿو ته ”افحسبتم انما خلقناڪم عبثا“ (ڇا، توهان کي گمان آهي ته توهان کي اجايو خلقيو اٿئون؟) وري پڙهندڙن کي مصلحت ٿي اچي ته چئو ته ”ربنا ماخلقت هٰذا باطلا“ (اي اسان جا رب، تو هن کي باطل ڪري نه خلقيو آهي) وري دوباره محڪم ٿو ڪري پنهنجي راءِ کي، ”ماخلقنا السماء والارض لاعبين“ (اسان آسمانن ۽ زمين کي راند لاءِ نه خلقيو آهي) حتاڪه ظاهر اظهر ٿو ڪري هن ڪلام سان ته ”وما خلقنا هما الابالحق“ (انهن کي نه خلقيو ويو آهي مگر حق ساڻ).

هاڻي جيڪي ماڻهو پاڻ کي مسلمان ٿا سڏائين، تن لاءِ هڪ يقيني شروع ته مهيا آهي. جيڪڏهن پاڻ کي مومن سمجھن ٿا ته مفروضي طور (Hypothetically) هنن تي لازم آهي ته فرض ڪن ته آهي ڪو مقصد ضرور.

پر انهيءَ کان سواءِ منهنجو بني نوع انسان کي عرض آهي ته عزيزو، جيڪڏهن توهان کي شڪ آهي ته مقصد آهي ئي ڪونه ته هڪ عرض اسان جو اوهان کي آهي، سو هي ته ڪوبه ڪم، فعل يا عمل بغير مقصد جي ڪري ڏيکاريو. جي اِهو معجزو اوهان کان سرزد ٿيو ته اسان مقصد تي ايمان آڻڻ کان هڪ ئي بس ڪئي. خاص ڪري اوهان پنهنجي ڪلاس ۾ يا سوسائٽي ۾ طلبا گڏ ڪري کين استدعا ڪريو ته ڪوبه ڪم يا حرڪت بغير مقصد جي ڪري ڏيکارين.

جيڪڏهن انسان پنج منٽ ويچار ڪندو ته مٿس عيان ٿي ويندو ته ڪنهن بني نوع انسان کي ڪوبه ڪم سواءِ مقصد جي ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. جي ٻيو مقصد سندس فعل لاءِ نه هوندو ته هي هوندو ته ”آءٌ بي مقصد ڪم ڪريان، اهو خود مقصد ٿي پوندو.

انهيءَ کان اڳ ته اسين اڳتي وڌون يا زندگيءَ بابت زياده سوچ ويچار ڪريون يا مقصد جي حقيقت سمجهڻ جي ڪوشش به ڪريون. اها آزمائش پاڻ تي ڪرڻ لازمي آهي؛ ڪو مرد عاقل ۽ بالغ اهو معجزو ڪري ڏيکاري ته ڪوبه ڪم يا حرڪت بغير مقصد ڪري ته اسان توبهه ڪئي. زياده آئينده انشاء الله تعاليٰ والسلام- حقير عفي عنہ.

ٻن ٽن خطن بعد مون کين لکي موڪليو ته هڪ بزرگ کان معلوم ٿيو اٿم ته جيڪو علم ٻاهرين حواسن ذريعي حاصل ٿئي ٿو سو دل ۾ جائشين نٿو ٿئي، مگر جيڪو علم اندر مان حاصل ٿئي ٿو سو قائم رهي ٿو وغيره. منهنجي ايتري لکڻ تي اهو طريقو بند ڪري ڇڏيائون ۽ لکيائون ته تو ابتدا ۾ ئي اعتراض ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، تنهنڪري وڌيڪ لکڻ بيسود آهي. اگرچ اهو سلسلو بند ٿيو، مگر ٻي خط و ڪتابت ٿيندي رهي ۽ ڪيترن ئي سوالن جا جواب ملندا رهيا.

1951ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر ٿي آيا. ستت ئي سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ٿي آئي ۽ پڙهائي جا شعبا کوليا ويا. 1953ع ۾ 2- مارچ تي مان اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ يونيورسٽيءَ ۾ شامل ٿيس، تڏهن کان وٺي علامه صاحب جن سان نهايت قريبي تعلق رهيو. سندن جمعي وار ۽ ٻين موقعن تي تقريرن ٻڌڻ جو وجھ مليو ۽ ذاتي طرح سان به کانئن علمي فيض ملندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ کانئن جيڪي پرايم، سو هيٺين ريت آهي:

دين بابت سندن چوڻ هو ته دين هڪ ئي رهيو آهي، جنهن مختلف دور طئي ڪيا آهن. دنيا ۾ ’اديان‘ ڪونهن، جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا. جيئن جيئن انسان ذات ترقي ڪندي ويئي تيئن تيئن نين ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدرت جي طرفان سندس تعليم ۽ تربيت ۾ به تبديلي ايندي ويئي. جيڪي شخص اها تعليم ڏيندا رهيا، تن کي ’نبي‘ يعني نئين خبر ڏيندڙ سڏجي ٿو. پهريون نبي فقط پاڻ لاءِ رهبر هو؛ سندس نبوت فقط سندس ذات تائين محدود هئي. پوءِ جيئن انسان ذات ويئي وڌندي ۽ پکڙندي، تيئن نبوت جو دائرو شخصي ذات کان وڌي خاندان تائين، پوءِ قبيلي تائين ۽ پوءِ قوم تائين ٿيو. اوائل ۾ خاندان ۽ قبيلا گهومُو هئا، پر پوءِ قوم جي حيثيت ۾ دريائن جي ڪنارن تي ويهي شهري زندگي بسر ڪرڻ لڳا. عين ان وقت آريائي تهذيبون اڀريون ۽ کين شريعتون يعني معاشرتي زندگي بسر ڪرڻ جا قاعدا قانون مليا، جهڙوڪ حضرت موسى (عليہ السلام) جي شريعت. جڏهن شريعتون پنهنجو ڪم ڪري چڪيون، تڏهن اهڙا نبي آيا، جن انسان جي روحاني زندگي کي زور وٺايو ۽ نفس جي اندروني تهذيب تي زور ڏنو، ڇو ته قومون فردن ۽ شخصن مان ٺهن ٿيون، جيڪي درست رهيا ته قومون به درست رهنديون ۽ بقا حاصل ڪنديون نه ته خراب ٿي ختم ٿي وينديون. اهڙن نبين تقوى کي وڌيڪ زور وٺايو؛ حضرت عيسى اهڙن نبين مان هو. اهڙن نبين جي تعليم کي ’طريقت‘ به چئي سگهجي ٿو. آخر ۾ اهڙو نبيﷺ آيو، جنهن جي تعليم ۾ انسانن جو شخصي ۽ سماجي سڌارو سمايل آهي. اها هڪ اهڙي جامع تعليم آهي جنهن ۾ زندگيءَ جا سڀ پهلو سمائجي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح دين اچي ڪامل ٿيو ۽ ساري انسان ذات لاءِ آيو. ان کان اڳ دين ڪامل ڪونه هو، پر تڪميل جي راهه تي هو. اهوئي سبب آهي جو اڳ ڪنهن به نبي پنهنجي ديني تعليم کي ڪو خاص نالو ڪونه ڏنو، پر سندس پوئلڳن نبيءَ جي نالي پٺيان ان جي ذاتي خصوصيت پٺيان مذهب کي نالو ڏنو جهڙوڪ يهوديت، مسيحت وغيره. جڏهن دين ڪامل ٿيو تڏهن خود الله تعاليٰ ان جو نالو ’اسلام‘ رکيو، يعني خدائي حڪمن ۽ قانونن کي تسليم ڪرڻ. انهيءَ ’اسلام‘ جي نالي جو تعلق، آخرين نبي ڪريمﷺ جي ذاتي خواه صفاتي نالي سان ڪونه آهي. اسان ’مسلمان‘ يا ’مسلم‘ آهيون ۽ نه ’محمدي‘. اهو به معنى خيز معاملو آهي ته اڳين نبين جي ڏنل تعليم اصلوڪي رنگ ۾ محفوظ رهي نه سگهي َآهي ۽ آخرين وحي واري لکيت اڄ تائين پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ محفوظ آهي.

ائين انساني زندگيءَ جي ارتقا سان گڏ ديني ارتقا واقع ٿي آهي. هاڻي سوال هيءُ ٿو اُٿي ته اسلام کان پوءِ دين جي ارتقا ڇو نٿي ٿئي؟ ان باري ۾ علامه صاحب جن جو ارشاد هو ته تڪميل کان پوءِ ارتقا ڇا جي؟ ارتقا تڪميل لاءِ آهي ۽ نه ان کان پوءِ. انسان جو بدن ڄمڻ کان پوءِ قد ۾ واڌ کائي ٿو ۽ بالغ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن واڌ کائي بس ڪري ٿو تڏهين قد ۾ اضافو نٿو ٿئي جيترو قد بلوغت وقت ٿي بس ٿئي ٿو، اُهوئي عمر جي آخر تائين رهي ٿو. دين به ائين ارتقا ڪري جڏهن تڪميل کي پهتو تڏهن انهيءَ حالت ۾ آخر تائين رهندو. اهوئي سبب آهي جو مدني مرسل (عليہ الصلواة واسلام) کان پوءِ ڪوبه نبي نه آيو ۽ نه ايندو. جيڪڏهن ڪو دعوى ڪندو ته ڪوڙو ثابت ٿيندو ۽ ذليل ٿي ختم ٿيندو. اهوئي سبب آهي جو قرآن پاڪ کان پوءِ اهڙو ديني ڪتاب انسان ذات کي نه ملي سگهيو آهي ۽ نه وري ملندو. انسان ذات جي هن آخرين دور ۾ سندس رهبري جو ڪامل ڪتاب فقط قرآن پاڪ آهي. ان جي اندر سمجهايل خدائي قانون کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪنهن انساني سماج ڪو ٻيو رويو اختيار ڪيو ته سندس راهه ۾ ڪئين رڪاوٽون اينديون. اهو مطلب آهي قرآن پاڪ جي هن آيت جو ته الله تعاليٰ وٽان مقبول دين فقط ’اسلام‘ آهي، جنهن کي ڇڏي جيڪڏهن ڪنهن به ٻيو ’دين‘ يا فيصلو اختيار ڪيو ته قبول نه ڪيو ويندو. (ان الدين عند الله الاسلام ...)

دين اسلام جي ارتقا کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته اڳين مذهبي اڳواڻن جي ڪتابن جو علمي جائزو ۽ مطالعو ڪيو وڃي، ۽ تهذيبن جي تاريخ پڙهجي. قرآن پاڪ، دنيا جي تاريخ ۾ جيڪو انقلاب آندو آهي تنهن کان هر مسلمان کي واقف هجڻ لازمي آهي. انساني زندگيءَ جو ڪونهي اهڙو شعبو ڪونه جنهن ۾ قرآني تعليم انقلاب نه آندو هجي؛ مثلاً علم حاصل ڪرڻ هر انسان لاءِ لازمي نه هو. هندن ۾ علم جي هڪ هٽي برهمڻن جي هٿ ۾ هئي؛ ڪرستانن ۾ بائبل پڙهڻ، پاڙهڻ، سمجھڻ ۽ سمجھائڻ صرف پادرين جي حوالي هو. يهودين ۾ علم رابين جي قبضي ۾ هو. اسلام هر مرد ۽ عورت لاءِ علم حاصل ڪرڻ فرض ٻڌايو. قرآن پاڪ ئي اُهو ديني ڪتاب آهي، جنهن مشاهدي ۽ تجربي کي ’علم‘ جو ذريعو ٻڌايو ۽ باقي معلومات کي ’ظن‘ يعني گمان قرار ڏنو. اڄڪلهه ماڻهن ’معلومات‘ کي ’علم‘ ڪري ورتو آهي، جا هڪ وڏي ڀل آهي. قرآني تعليم ئي سائنسون پيدا ڪيون. (ان ڳالهه جي تصديق فرانس جي جڳ مشهور عالم بِرفالٽ پنهنجي ڪتاب “Making of Humanity” ۾ ڪئي آهي.) اڳي فلسو هو، جنهن جو بنياد گمان تي هو ۽ نه علم تي.

پڙهڻ سان گڏ لکڻ ۽ بيان ڪرڻ کي به اهميت ڏني ويئي. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو تعليم عام ٿي، سوين ڪتاب لکيا ويا ۽ وڏيون وڏيون ذاتي لئبرريون وجود ۾ آيون. ڪتاب دوستي انهيءَ حد کي پهتي جو يورپي ماڻهو مسلمانن لاءِ چوڻ لڳا ته کين ’ڪتابي جنون‘ (Bibliomania) آهي. مسلمانن يونيورسٽيون قائم ڪيون جن کي ’جامعه‘ سڏيو ويندو هو. ’جامعه‘ لفظ جو ترجمو ’يونيورسٽي‘ ٿي يورپ ۾ رائج ٿيو. مسلمانن جي يونيورسٽين کان اڳ ’يونيورسٽي‘ لفظ وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو.

جيئن علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي، تيئن حلال جو کاڌو کائڻ به هر مسلمان تي فرض آهي ۽ ان کان سواءِ ڪابه عبادت قبول ڪانه پوندي. هيءُ اهڙو تصور آهي جو اسلام کان سواءِ ٻين رائج مذهبن ۾ ملڻ مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي جو مسلمان عام پيشه ور به ٿيا. اسلام کان اڳ پيشه ور کي نيچ تصور ڪيو ويندو هو ۽ هيءُ تصور عام هو ته پيشه ور يعني ڪاسبي ماڻهو ڪڏهن به بااخلاق ٿي نٿو سگهي.

تعليم بابت علامه صاحب جن جو چوڻ هو ته قرآن پاڪ موجب تعليم جو مقصد آهي ماڻهن کي جهالت (ظلمات) مان ڪڍي روشني (نور) ۾ آڻڻ. جهالت ۽ روشني نسبتي لفظ آهن. جيڪو علم ٻار لاءِ نور آهي سو بالغ لاءِ جهل آهي. جيڪو علم عام آدمي لاءِ نور ٿيندو سو عالم لاءِ جهل ٿيندو، جيڪو علم اڄ نور آهي سو وڌيڪ کوجنا ۽ تحقيق بعد آئيندي جهل ٿيندو. اهڙيءَ طرح علم جا درجا آهن. هيٺئين درجي جو علم مٿئين درجي جي علم جي ڀيٽ ۾ نور معلوم ٿيندو. ان ڪري لازمي آهي ته انسان علم ۾ ترقي ڪندو رهي. تعليمي نصاب به ائين ٺاهڻ گهرجي. معصوم ٻار جي تعليم محض تربيت تائين محدود هئڻ گهرجي. ان کان پوءِ ننڍن ٻارن جي تعليم اهڙي هئڻ گهرجي جو تربيت سان گڏ سندن حواس ترقي ڪندا رهن. وڏڙن ٻارن جي تعليم جو مقصد ذهني ترقي سان گڏ نفس جي تهذيب هئڻ گهرجي؛ بالغن جي تعليم جو مقصد اصولن جي ڳولا ڦولها هئڻ گهرجي. يونيورسٽي تعليم جو مقصد مختلف علومن (Sciences) جي اصولن کي ربط ڏيئي اها ڪُليت، جامعيت ۽ سالميت هئڻ گهرجي جا زندگي جي راز کي کولي ظاهر ڪري. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪوڪبي طبعيات (Astro-Physics) کان تحقيق شروع ڪجي، پوءِ عام طبعيات کي، ان بعد علم ڪيميا کي، ان بعد علم حيات کي، ان بعد نفسيات کي سندس سڀني پهلوئن ۾ مطالع ڪجي. سائنسون حقيقت جي دائري جو فقط ايترو قطر يا حصو ظاهر ڪن ٿيون، باقي حصو سندن پهچ کان پري آهي. جڏهن ايترو حصو معلوم ٿي ويو ته پوءِ علم رياضي ۽ فلسفي جي ذريعي حقيقت جو باقي حصو، جيڪو غيب جي پردي ۾ آهي، معلوم ٿي ويندو.حقيقت کي معلوم ڪرڻ جو اهو طريقو قرآن پاڪ جو ڏَسيل آهي، جو ان جي نزول کان اڳ نامعلوم هو.

علامه صاحب جن جو چوڻ هو ته حقيقت کي معلوم ڪرڻ جو هڪ ٻيو طريقو به آهي، جو اسلام کان اڳ رائج هو ۽ اهو هيءُ هو ته بالغ ٿيڻ کان پوءِ انسان دنيا کي ترڪ ڪري گوشه نشين ٿي ويهي، اکيون ڪَنَ وغيره حواس بند ڪري پنهنجي اندر ۾ مراقب ٿي ويهي ۽ تيستائين انهيءَ رويي کي نه ڇڏي جيستائينڪ حقيقت مٿس منڪشف نه ٿئي. هيءُ هڪ ڏکيو ۽ نهايت دشوار طريقو آهي جنهن کي عوام اختيار ڪري نٿو سگهي ۽ هزارن مان ڪو هڪڙو ان کي نباهي سگهندو. وڏي ڳالهه ته پوءِ به، پڪ ناهي ته مٿس صحيح حقيقت کلي ظاهر ٿيندي يا نه. ازانسواءِ اصل حقيقت ظاهر ٿيڻ کان اڳ ڪئين دلفريب نفسياتي وارداتون ظاهر ٿين ٿيون، جن ۾ ڦاسي پوڻ جو به قوي امڪان آهي. انبياءَ انهيءَ طريقي سان هقيقت کان واقف ٿيا. اهي پنهنجي ارادي سان انهيءَ راهه ۾ ڪونه آيا، بلڪ الله تعاليٰ خود بخود کين ڪشش ڪري هن راهه ۾ آندو ۽ ڪامياب بنائي خاص پيغام سان کين ماڻهن ڏانهن موڪليو.

نبين کان سواءِ ڪي ٻيا ٿورڙا انسان به انهيءَ راهه سان حقيقت شناس ٿيا، مگر ڪيترا ٻيا گمراهه ٿي ويا. اها رهبانيت جي راهه آهي جنهن لاءِ قرآن شريف ۾ آيل آهي ته حضرت عيسيٰ جي پوئلڳن پنهنجي ارادي سان انهيءَ راهه کي اختيار ڪيو ته خدا تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪن؛ پوءِ ڪي ٿورڙا انهيءَ راهه کي طئي ڪري سگهيا ۽ باقي گهڻا ڀٽڪي ويا. اسلام اهڙي رهبانيت کان پري رهڻ جي تلقين ڪري ٿو. ٿوري عرصي لاءِ دنيوي ڪمن ڪارين کان ڪناره ڪشي ڪرڻ جي اجازت اسلام ڏني آهي، جيئن اعتڪاف ۾ ويهڻ لاءِ تاڪيد ٿيل آهي.

حقيقت کي پائڻ لاءِ قرآن شريف هيءُ طريقو ڏسيو آهي ته سوسائٽي يعني سماج ۾ اهڙيءَ طرح سان رهجي جو الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن کان ٻاهر نه وڃجي؛ اها شريعت آهي. اڳين قومن جي تاريخ کي ڏسجي ته ڪهڙن سببن ڪري اهي قومون تباهه ٿيون. قرآن پاڪ اهڙن اسبابن ڪجي نشاندهي ڪئي آهي. ڪائنات جي ڪل شين کي ”الله تعاليٰ جون آيتون“ ڪري ڏسجي، انهن آيتن کي اول ”آفاق“ ۾ ۽ پوءِ ”انفس“ ۾ مطالع ڪجي ۽ انهن تي غور فڪر ڪري انهن ۾ جو خدائي قانون ڪارفرما آهي تنهن کي معلوم جي. دنيا جي تاريخ کي مطالع ڪري ارتقا جا اصول معلوم ڪجن. جڏهن ظاهري حواس ۽ عقل ترقي ڪري ڪمال حاصل ڪندا تڏهن باطني حواس ۽ اعليٰ عقل خود بخود پيدا ٿيندا. پوءِ جون اکيون ۽ ٻيا ڪن وغيره ملندا جن جي ذريعي اصل حقيقت حاصل ڪري سگهبي ۽ زندگي جا سڀ مرحلا حل ٿي ويندا جن کي منطقي طريقي سان سمجهائي سگهبو. ائين اهي حقيقتون جيڪي ايمان طور قبول ڪيون وڃن ٿيون، سي دليلن جي ذريعي علمي طرح سان ظاهر ٿي پون ٿيون ۽ شڪ شبهي جي ڪابه گنجائش نه ٿي رهي. هيءُ اهو طريقو آهي جنهن تي جمهور انسان هلي سگهن ٿا ۽ اهائي اسلام جي خصوصيت آهي.

هن طريقي بابت هڪ دفعي مون سندن خدمت ۾ عرض رکيو ته: ”فادر (بابا سائين)، هيءَ راهه ته تمام وڏي پيئي ڏسجي. ڪير ويهي ايترا علم پڙهندو ۽ ايڏي جستجو ڪندو.“ پاڻ فرمايائون ته: ”راهِ راست بروگرچ دور است“. ”سو ڪوهه ولو ته به دڳ ڀَلو. دڳ ڇڏي وچيون واٽون وٺبيون ته وڃي اوجهڙ ۾ پئبو.“

سندن اهو به چوڻ هو ته عمل بذات خود ڪابه اهميت نٿو رکي. ڏسڻو هيءُ آهي ته عمل جي پٺيان نيت ڪهڙي آهي. جيڪڏهن نيت ٺيڪ آهي ته ان جي بناءَ تي عمل به ٺيڪ آهي؛ جيڪڏهن نيت صحيح نه اهي ته پوءِ عمل به درست ناهي؛ بلڪ عمل کان بهتر نيت آهي. ان ڪري رسول خداﷺ جن فرمايو ته: ”نيت المؤمن خير من عملہ“ يعني مومن جي نيت سندس عمل کان ڀلي آهي. جيڪو ڪم نيت کان سواءِ ڪجي ٿو تنهن کي ڪابه اهميت ڪانهي. ان ڪري نماز کان اڳ نيت ڪجي ٿي، وضوءَ جي به نيت ڪجي ٿي. مسلمانن تي فرض آهي ته پنهنجن نيتن کي درست ڪن ۽ هر ڪم خداءِ ڪارڻ ڪن، ان ڪري الله تعاليٰ پنهنجي رسول ڪريمﷺ کي فرمايو ته: ”چئو ته منهنجي نماز، منهنجي عبادت، منهنجو مرڻ ۽ منهنجو جيئڻ سڀ الله رب للعالمين لاءِ آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي، ان لاءِ مون کي امر ٿيو آهي ۽ تسليم ڪندڙن ۾ اول آهيان.“ صحيح مسلماني ائين حاصل ٿئي ٿي ۽ نه ٻيءَ طرح. جو ڪم ارادي سان ڪجي ٿو تنهن جو اسان جي روحانيت تي اثر پوي ٿو، ۽ جيڪو ڪم محض عادت طور ڪجي ٿو، پوءِ نماز ئي ڇو نه هجي، سو اسان جي روحانيت کي خراب ڪري ٿو.

رسول اللهﷺ جن جي ذات گرامي بنسبت قاضي صاحب جن جو چوڻ هو ته پاڻ انسان ذات لاءِ ”سراج منير“ آهن. سندن پکيڙيل روشني جي طفيل اڄ انسان ذات علم ۽ اعلى قدرن سان مالا مال آهي. پاڻ پيدا نه ٿين ها ته انسان ذات جھالت جي جمود مان ڪڏهن به نڪري نه سگهي ها. سچل سرمست ڪاليج ۾ عيد ميلاد النبي جي موقعي تي فرمايائون ”لولاڪ لما خلقت الافلاڪ“ حقيقت آهي؛ جيڪڏهن الله تعاليٰ کين پيدا ڪرڻ جو ارادو نه رکي ها ته هيءُ ڪائنات بلڪل پيدا نه ٿئي ها. خدائي خلقت جو ڪمال انسان ۾ آهي ۽ انسان جو ڪمال سندس ذات گرامي آهي. ڪوبه انسان جيڪڏهن ڪمال حاصل ڪرڻ گهري ته سندن پيروي ڪري ۽ انهيءَ ”سراج منير“ کي هٿ ڪري حقيقت ڏانهن هلي؛ انهيءَ ”نور“ کانسواءِ صراط مستقيم تي هلي نه سگهندو. انهيءَ موقعي کان پوءِ مون کانئن خلاصگيءَ ۾ پڇيو ته: ”فادر، آءٌ انهيءَ نڪتي کي سمجهي نه سگهيو آهيان ته جيڪڏهن الله تعاليٰ رسول اللهﷺ جن کي پيدا نه ڪري ها ته ڪائنات کي پيدا نه ڪري ها.“ جواب ۾ فرمايائون ته: ”هڪ نقاش هڪ مطلوب نقش پيدا ڪرڻ گهري ٿو، ان لاءِ ٻئي ساري سامان جهڙوڪ ڪاغذ، رنگ، قلم، برش وغيره کي موجود ڪري ٿو. انهن شين کي موجود ڪرڻ بذات خود ڪو نقاش جو مقصد ڪونهي. جيڪڏهن نقاش مطلوب نقش کي پيدا ڪرڻ نه گهري ها ته انهن شين کي جيڪر موجود ئي نه ڪري ها. بلڪل ائين الله تعاليٰ جيڪڏهن محمد مصطفيٰﷺ جن کي پيدا نه ڪري ها ته هن ساري ڪائنات کي ڪو نه خلقي ها. ڪنهن شاعر سچ چيو آهي ته:

بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر

علم ادب جي باري ۾ سندن ارشاد هو ته ان کي محض ادب چوڻ غلط آهي. علم ادب اهو علم آهي جو اسان کي ’مؤدب‘ بنائي ٿو. اهو علم انساني شخصيت کي گهڙي، ٺپي، ٺيڪ ڪري ٿو ۽ بهتر انسان بنائي ٿو. علم ادب جي تخليق جو دارومدار انساني دل يا قلب تي آهي. قلب جي جيڪا ڪيفيت هوندي، انهيءَ مطابق علم ادب جي تخليق ٿيندي. قلب جي ترقيءَ جو دارومدار وري تفڪر تي آهي. انساني قلب تفڪر جي ذريعي جيڪي ڪجھ حاصل ڪري ان کي هضم ڪيو هوندو، ايتريقدر سندن ”بيان“ ۾ ظاهر ٿيندو. تفڪر جا مکيه ميدان آهن ڪائنات ۽ زندگي.

شاعري بنسبت سندن چوڻ هو ته اها ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ اها جا پُر حڪمت هوندي آهي ۽ اها نبوت جو جزو آهي. ٻي اها جا اخلاق کي بگاڙيندي آهي؛ اهڙي قسم جي شاعري بگڙيل شخصيت جي پيداوار هوندي آهي؛ اها قومن کي تباهه ڪندي آهي جنهن جهڙي تباهي بم ڪري نٿا سگهن.

زندگي بنسبت سندن چوڻ هو ته محض کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت ڪرڻ زندگي ناهي. دراصل عيش عشرت زندگي کي تباهه ڪري ٿي. اها حيواني زندگي آهي جنهن جو مقصد آهي جنس (Species) کي قائم ڪرڻ. زندگي جي بنيادي نشاني حس (Sense) آهي جو حواسن جي ذريعي پيدا ٿئي ٿو. ظاهري حواس ڪل پنج آهن: ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇُهڻ جو. ابتدا ۾ هڪ حواس هو ڇهڻ جو، جنهن مان پوءِ ٻيا حواس پيدا ٿيا. جيتوڻيڪ انسان جا باطني حواس به ائين پيدا ٿين ٿا، مگر انهن جي ترقي ۾ انساني ڪوشش کي وڏو دخل آهي.

زندگيءَ بنسبت سندن اهو به چوڻ هو ته ان جا ڪئين مرحلا آهن. ٽي مرحلا ته اسان جي اکين اڳيان آهن: هڪ نباتاتي، ٻيو حيواني ۽ ٽيون انساني. خود انساني زندگي اول پهريان ٻه مرحلا دهرائي ٿي. انسان ماءُ جي پيٽ ۾ اول نباتاتي مرحلو طئي ڪري پوءِ حيواني مرحلي ۾ اچي ٿو. ڄمڻ کان پوءِ ڪجھ عرصي تائين حيواني مرحلي ۾ هوندو آهي. ان کان پوءِ آهستي آهستي انساني زندگي غور و فڪر واري شروع ٿئي ٿي. انهيءَ زندگي مان ئي اعليٰ روحاني زندگي پيدا ٿئي ٿي. اول اول انساني ’شخصيت‘ يا ’پاڻپڻي‘ جي تڪميل ٿيڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ انساني ’پاڻپڻو‘ الله تعاليٰ جي ذات اڳيان پاڻ کي جهڪائي ۽ قربان ڪري. ائين انسان ڪامل ٿئي ٿو. انساني معراج اتي آهي. ٻاراڻي وهي ۾ انسان جون حواسي قوتون ترقي ڪري تڪميل تي پهچڻ گهرجن؛ ان بعد عقل جي ۽ آخر ۾ روحانيت جي تڪميل ٿيڻ گهرجي. عقل جي ذريعي جڏهن انسان معلوم ڪري ته ڪل ڪائنات هڪ ئي شيءِ آهي، پنهنجي اندر وحدت رکي ٿي ۽ ان وحدت اندر ڪئين ننڍيون وحدتون سمايل آهن جي جدا جدا شين جي نمائندگي ڪن ٿيون تڏهن چئبو ته ان انسان جي شخصيت تڪميل ڪئي. اهڙي شخصيت وحدت اندر ڪثرت پائي ٿي ۽ ان کي ”حق حقيقي هيڪڙو“ محسوس ڪري ٿي. ان مرحلي کان اڳ انسان کي خود- ضابطو (Self Control) ڪرڻو آهي. ان کان سواءِ شخصيت جي تعمير ٿيندي ئي ڪانه. خود- ضابطي جو ٻيو نالو ’تقوى‘ آهي. اها تقوى وري مقصدِ حيات سان وابسته آهي. جيڪڏهن مقصد حيات ناهي ته خود- ضابطو ڇو ڪجي؟ اڄڪلهه ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ته: ”اخلاق جي ضرورت آهي، مذهب جي ضرورت ناهي.“ هو هيترو نٿا سوچين ته اخلاق ٻڌائي ٿو ته: ”زندگي ڪيئن بسر ڪجي“، مگر مذهب ٻڌائي ٿو ته: ”زندگي ڇا جي لاءِ بسر ڪجي.“ مذهب ئي زندگي جو مقصد ٻڌائي ٿو، جنهن کان سواءِ اخلاق بي معنيٰ آهي. مذهب لاءِ وري رباني رهبر يعني نبيءَ جي ضرورت آهي.

اها فطرتي ڳالھ آهي ته هر ٻار وڌي وڏو ٿيڻ گهري ٿو ۽ جلد ئي وڏو ٿيڻ گهري ٿو، مگر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آهي ته اڪثر عمر رسيده ماڻهو، جوان، نوجوان يا بلڪ ٻارڙا ٿيڻ گهرن ٿا ۽ چوندا آهن ته ٻاراڻي زندگي ڪهڙي نه ڀلي زندگي آهي: اهڙو اظهار هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته هنن زندگي اجائي وڃائي آهي. جيڪڏهن آنو يا بيضو هميشه لاءِ بيضو رهي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ اهو نه، ته اهو آنو ڪِنو ٿي ويو آهي! پوءِ اهڙي آني کي ڪير پاڻ وٽ رکندو؟ اهو آنو اڇلائي ڦِٽي ڪرڻ جي لائق نه آهي؟

اهي آهن مکيه اعليٰ افڪار، جيڪي مون علامه صاحب جن کان حاصل ڪيا آهن، جن جي تائيد سندن تصنيفن مان ملي ٿي. ٻيا به ڪئين نڪتا آهن جن کي جڳهه جي تنگي سبب پيش نٿو ڪجي.

سندن شخصيت به عجيب هئي. نهايت خوددار ۽ خليق هئا. اسلامي روايتن ۽ قدرن جا مجسما هئا. جڏهن پاڻ وائيس چانسيلر هئا ته سندن آفيس ۾ سرڪاري ڪاغذن سان گڏ خانگي ڪاغذ به هوندا هئا. پنهنجا ذاتي خط خانگي ڪاغذ تي لکندا هئا ۽ سرڪاري ڪاغذ ڪم نه آڻيندا هئا. هڪ دفعي هڪ پٽيوالي کين عرض ڪيو ته ’سائين پگهار مان پوري نٿي پوي‘. هڪدم کين احساس ٿيو. محدود بجيٽ کي مدنظر رکندي پنهنجي پگهار گهٽائي ڇڏيائون ۽ پٽيوالن جون پگهارون وڌائي ڇڏيائون. جيڪڏهن ڪو وٽن ملڻ ايندو هو ته هلڻ وقت کيس پاڻ در تي ڇڏڻ ايندا هئا. سندن چهرو مبارڪ يا مسڪرائيندو هو، يا تفڪر ۾ غرق نظر ايندو هو يا ڪڏهن ڪڏهن غصي ۾ ايندو هو. پاڻ ڪڏهن به ٽهڪ ڏيئي نه کليا ۽ نه وري کين اوٻاسي ڏيندي اسان ڏٺو هو. حساس طبيعت هئڻ سبب کين غصو به جلد ايندو هو جو کين بيمار ڪري وجهندو هو. ان باري ۾ هڪ دفعي مون کين عرض ڪيو ته: ”قبلا، ماڻهو چون ٿا ته علامه صاحب کي غصو نه اچي ته چڱو.“ فرمايائون ته: ”ابا، تارازيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن: هڪ پسارين واريون (Grocer’s) ۽ ٻيون دوا- سازن جون (Chemist’s). دوا- سازن جون تارازيون نهايت لطيف هونديون آهن ۽ ڪاوَن اندر بند هونديون آهن. اهي اهڙيون ته حساس هونديون آهن جو انهن جي جيڪڏهن هڪ پُڙ ۾ وار به وجهبو اهو پُڙ جهڪي پوندو ۽ تارازي ۾ چرپر اچي ويندي. ان جي اُبتڙ پساري يا دڪاندار جي تارازي اهو احساس نه ڏيکاريندي. احساس لطافت جي نشاني آهي، جا شيءِ جيتري وڌيڪ لطيف هوندي اوتري وڌيڪ حساس ٿيندي.

پاڻ وقت جا نهايت پابند هوندا هئا. ڪٿي به مقرر وقت کان هڪ منٽ به پوءِ نه ايندا هئا. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ۾ تعليم کاتي جو وزير دير سان آيو. اکين تي کڻي کنيائونس ۽ چيائون ته: ”وزير صاحب کي خبر آهي ته ’وزارت‘ خدائي بار آهي ۽ نه ماڻهن تي رعب رکڻ جو عهدو.“ سچ چوڻ ۾ پاڻ بي پرواهه هوندا هئا ۽ ڪنهن جي وڏ ماڻهپائي کان مرعوب نه هوندا هئا.

منجھن ايمانداري ۽ ديانتداري به ڪمال درجي جي هوندي هئي. ڪنهن زماني ۾ مرڪزي حڪومت وٽان سائنس لئبارٽري خريد ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي کي پيسا مليا. اتفاق سان انهيءَ وقت پاڻ موڪل وٺي ولايت وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. سنڊيڪيٽ رزوليوشن ذريعي علامه صاحب جن کي لئبارٽري خريد ڪرڻ جو اختيار ڏنو. علامه صاحب جن گهٽ پيسن ۾ وڌيڪ سامان خريد ڪري آيا.

انهيءَ سامان خريد ڪرڻ لاءِ سنڊيڪيٽ جي رزوليوشن موجب علامه صاحب جي ٽي- اي- بل جا پيسا اٽڪل روءِ پنج يا ست هزار رپيا ٿيا، جن جي وٺڻ کان علامه صاحب جن انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”مون ازخود ولايت وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ سنڊيڪيٽ پوءِ مون کي سامان خريد ڪرڻ لاءِ چيو، تنهن ڪري آءٌ انهيءَ ٽي- اي بل جو حقدار نه آهيان. خدا تعاليٰ منهنجي نيت کان واقف آهي. آءٌ الله تعاليٰ کي ڌوڪو ڏيئي نٿو سگهان.“ عين انهيءَ زماني ۾ هڪ شام جو پنهنجي بنگلي تي مون کي چيائون ته: ”ابا، هڪ شخص مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جڏهن به توهان کي ولايت وڃڻو هجي ته يونيورسٽي جو ڪونڪو ڪم ڳولهي لهو ۽ انهيءَ بهاني ولايت ويندا ڪريو. ٻيا وائيس چانسيلر به ائين ڪن پيا؛ اوهان به ائين ڪريو؛ پيسو بچي پوندوَ. ابا، هي آهن ماڻهن جا افعال؛ هيترو نٿا سمجھن ته ماڻهن کي ته ڌوڪو ڏيئي سگهجي ٿو، مگر الله کي ته ڌوڪو ڏيئي نٿو سگهجي. هي ماڻهو آئنده جي زندگي کان بي خبر آهن نه ته جيڪر ائين ڇو چون؟ افسوس ٿو ٿئي سندن حال تي.“

گرماڻي صاحب جڏهن گورنر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو چانسيلر، تڏهن پهريون دفعو سندس اچڻ ٿيو. سندس استقبال لاءِ سڀ آفيسر اسٽيشن تي پهتا مگر علامه صاحب جن ڪونه ويا ۽ بعد ۾ وقت وٺي کيس سرڪٽ هائوس ۾ مليا. علامه صاحب جن جي هميشه اها روش رهي. گرماڻي صاحب به قدر شناس هو ۽ علامه صاحب جن جو نهايت گرويدو هو. ڪڏهن به چانسيلري جو رعب علامه صاحب تي نه رکيائين. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت گرماڻي صاحب ڪئي. منڍ ۾ علامه صاحب بجيٽ پيش ڪئي جا پاس ڪئي ويئي. ان بعد جڏهن سندن ذاتي سوال آيو تڏهن چانسيلر صاحب کي هيئن چئي پاڻ سينيٽ هال ڇڏي نڪري ويا ته: ”هاڻي منهنجو ذاتي سوال آهي، تنهنڪري منهنجو اخلاق مون کي اجازت نٿو ڏئي ته مان موجود هجان. ڀل ميمبر آزاديءَ سان پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪري سگهن.“ گرماڻي صاحب سندن انهيءَ رويي کان ڏاڍو متاٿر ٿيو ۽ ميمبرن کي چيائين ته: ”انهيءَ کان اڳ ته نئين وائيس چانسيلر جي تقرري  جو سوال هٿ ۾ کڻجي، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته گهڻا ميمبر چاهين ٿا ته موجوده وائيس چانسيلر جو ٽرم يعني مدو وڌايو وڃي يا نه. منهنجي نظر ۾ جهڙس وائيس چانسلر يونيورسٽي کي ٻيو ملي ڪونه سگهندو.“ بس ايترو چئي کڻي ووٽ ورتائين ۽ بحث مباحثي کي اٿڻ ئي نه ڏنائين. ڪجھ ميمبرن گهڻو ئي چاهيو ته ايجنڊا موجب نئين وائيس چانسيلر جي تقرري لاءِ تقريرن جي اجازت ملي، مگرگرماڻي صاحب چيو ته: ”اهو سوال پوءِ اٿندو جڏهن سينيٽ جا ميمبر اول اهو طئي ڪن ته موجوده وائيس چانسيلر جو مدو وڌايو وڃي.“ نهايت ڪثرت راءِ سان علامه صاحب جن جو ٽرم وڌايو ويو.

علامه صاحب جن دعوتن تي به اڪثر ڪونه ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”ابا، ڪم جون ڳالهيون ٿين ته وڃجي، باقي دستور موجب وڃي شريڪ ٿجي ۽ وقت وڃائجي، تنهن مان فائدو ڪهڙو؟ الٽو وقت جو نقصان. الله تعاليٰ وٽ منٽ منٽ جو به حساب ڏبو.“

علامه صاحب جن مراقبي جا به پابند هئا، روزانو عبادت سان گڏ مراقبو به ڪندا هئا. ان ڳالهه جو پتو مدر جي وفات کان پوءِ پيو. ان کان اڳ هڪ ٻه دفعا ائين اظهار ڪيو هئائون ته: ”ابا، مراقبي ۾ ويٺو هوس ته ڏٺم ته .........“ مدر جي وفات کان پوءِ اسان عرض ڪيس ته: ”فادر، اوهان اڪيلا ٿا رهو، اٻاڻڪائي محسوس ڪندا هوندؤ. اجازت ڏيو ته اسان مان ڪونڪو واري وٽي سان اوهان جي خدمت ۾ رهي.“ جواب ۾ فرمايائون ته: ”ابا، آءٌ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان تڏهن مون کي اها صحبت نصيب هوندي آهي جنهن جو اوهان گمان به ڪري نٿا سگهو. آءٌ اڪيلو نه هوندو آهيان.“ علامه صاحب جن کي اڪيلائپ ۾ ڪهڙا مشاهدا ٿيند هئا، تن جو ڪوبه ذڪر نه ڪندا هئا. مون ڪيترائي دفعا کانئن پڇيو پر پاڻ هيئن چئي ٽاري ڇڏيندا هئا ته: ”ابا، جيستائين هنن اکين کان پورو ڪم نه ورتو اٿوَ تيستائين اندر جي اکين جي ڳالهه ئي نه ڪريو.“ هڪ دفعي پوين ڏينهن ۾ سندن نوڪر کان پڇيم ته: ”صاحب ڇا ويٺو ڪري؟“ چيائين ته: ”ميم صاحب جي مرڻ کان پوءِ صاحب مون کي اجازت ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ملڻ اچي ته ڀل اندر ڪمري ۾ هليو ايندو ر ۽ اطلاع ڏيندو ڪر. اڳي صاحب جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. سو جڏهن به اندر ويندو آهيان ته، ڏسندو آهيان ته صاحب اکيون ٻوٽيو، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ڪعبي جي طرف منهن ڪيو ويٺو هوندو آهي. ميم صاحب جو غم کيس ڏاڍو آهي.“ کيس ڪهڙي خبر ته قاضي صاحب جن جو ائين ڪرڻ غم سببان هو يا مراقبي ڪري. انهيءَ وقت ۾ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش کي ۽ مسٽر شفيع محمد ميمڻ کي هڪ دفعي چيائون ته: ”اکيون بند ڪري اندر ۾ متوجهه ٿي ڏسو ته ڇا ٿا ڏسو؟“ منهنجي باري ۾ چيائون ته: ”جتوئي، ايراني پير صاحب ڏانهن پيو وڃي، اسان کان ته اها راهه پڇيئي نٿو.“ انهن ڏينهن هڪ دفعي فرمايائون ته: ”اوهان هٿ پير ۽ اهو بدن ناهيو. اوهان چوندا آهيو ته ’هي منهنجو ڪتاب آهي‘، ان مان ظاهر آهي ته اوهان ڪتاب ناهيو. ساڳي طرح سان اوهان چئو ٿا ته ’هي منهنجو بدن آهي‘، ان مان ثابت ٿو ٿئي ته توهان ’بدن ناهيو‘، تنهنڪري توهان جي حقيقت انهيءَ بدن کان ٻي آهي. اها مادي جي هر تصور کان نرالي آهي. اها تڏهن توهان معلوم ڪري سگهندا، جڏهن پنهنجي بدن کان الڳ محسوس ڪندا.“

علامه صاحب جن کي فقط هڪ تمنا هئي جا پوري ٿي نه سگهي. چوندا هئا ته: ”ابا، علم خاطر مون وٽ ڪير به ڪونه آيو. افسوس جو منهنجي علم جو ڪوبه وارث ٿي نه سگهيو. مون چاهيو ٿي ته ڪي ٻه- ٽي اهڙا شخص تيار ٿين جن جي آءٌ رهبري ڪري اهو ڪجھ ڏيان جو مون وٽ آهي.“ هڪ دفعي مون عرض ڪيو ته: ”قبلا، ’برائون گرل‘ جو ٻيو حصو لکو. هاڻي نه ، ته آئيندي وارو نسل ان مان فائدو وٺندو. امام غزالي، شاهه ولي الله وغيره ڪتاب لکي ويا، اسان انهن مان هاڻي فائدو پيا وٺون.“ فرمايائون ته ”هڪ لحاظ کان ”ڪيئول پيپس ائٽ صوفيه“ (Casual Peeps at Sophia) ان جو پورائو ڪري ٿو. چاهيم ٿي ته برائون گرل جي روزانه زندگي بسر جي نموني پيش ڪريان. اوهان ۾ صرف بروهي آهي جنهن کي ٿورڙو ڪجهه ٻين کان وڌيڪ مون مان حاصل ٿيو آهي، پر اهو به اڃا ٻار آهي. اڃا گهڻو ڪجھ گهرجيس. چاهيم ٿي ته ڪجھ وقت لاءِ وڪالت ڇڏي مون وٽ وهي ته کيس ’علم‘ ڏيان. کيس ايترو پيسو الله ڏنو آهي جو ڪجھ وقت لاءِ اها مشغولي ڇڏي سگهي ٿو، مگر نٿو ڇڏي. بس ابا، اسان کان جو ڪجھ ٿيو سو ڪيوسون. مگر ٻين کي ڏيئي نه سگهيس. ڪي لکيتون لکي ڇڏيون اٿم. خبر ناهي ته انهن کي ڪو هضم به ڪري سگهندو يا نه. سردست برائون گرل ۽ صوفيه رهبريءَ لاءِ ڪافي آهن.“

آخرين ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ جمعي جي ڏينهن فرمايائون ته: ”هر شيءِ کي روح آهي، چاهي اها جاندار هجي يا بيجان. ان جو باقي رهندڙ ’قدر‘ (Surviving value) سندس روح آهي. اهو مٿاهين زندگي لاءِ ’بنياد‘ (basis) بنجي ٿو... شيطان اوهان لاءِ آزمائش آهي. سندس آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو ته فلاح اٿوَ ورنه ڪري پوندؤ ۽ ٽوٽو پائيندؤ.“ آخر ۾ پنهنجو ذاتي مشاهدو لکي ڇڏيو اٿن سو هي آهي:

”مون کي ٻڌايو ويو آهي- آءٌ پاڻ نٿو ڳالهايان. الهام (Inspiration) روح سان احساس جي ذريعي سڌي پهچ، جنهن ۾ نفس يا قلب (Psychi) کي ڪوبه دخل ڪونهي. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن شيءِ کي مٿان ئي ڏسجي ۽ رستي جو وچ ۾ ڪوبه ڌيان نه رهي، حقيقت کي ڳولڻ کان سواءِ معرفت پائجي، صفتن جي ذريعي تلاس نه ڪجي ۽ سڌو سنئون ديدار حاصل ٿئي. هڪ معنيٰ ۾ ته ’من لدنا علما‘ ح ائين ڏٺو ويو جنهن ۾ صفتن جو ڪوبه پتو ڪونه پيو، ڪثرت جي سمونڊ ۾ الڳ حيثيت ۾ غير شخصي حيثيت ۾ نه، مگر ’حسين‘ کي ادراڪ جي ذريعي معلوم ڪيو ويو. هو ’حسين‘ ئي (Beautiful) آهي.

انهيءَ ’حسين‘ کي صفتن کان سواءِ قلب جي تجزياتي طريقي کان سواءِ سڃاڻي وٺ. ”ما رايت شيئاً والله وريت الله فيہ“ (ترجمو: ڪابه شيءِ ڪانه ڏٺم، مگر ان ۾ الله ڏٺم) اهو جيڪو جدا جدا شيءِ کي وحدت ۾ ملائي ٿو. ”والله جميل ويحب الجمال“ (ترجمو: خدا جميل ۽ حَسين آهي ۽ حُسن کي محبوب رکي ٿو.) تنهنڪري ڪثرت کي ڌيان ۾ آڻڻ کان اڳ وحدت کي محسوس ڪر. لطيف مادي ڪائناتي ادراڪ کي پاتو آهي، جنهن کي ان (مادي) حُسن سڏيو. مادي (Matter) نفس يا قلب (Mind) جي ذريعي کان سواءِ روح جو ادراڪ ڪيو. اهو (روح)، مادي کي استعمال نٿو ڪري ۽ ان هوندي به ’حسن‘ جي ادراڪ کي ٻيهر پيدا ڪري ٿو.“

اها هئي عجيب شخصيت، جا انوکو علمي خزانو ڇڏي، پنهنجي ارادي سان وڃي، پنهنجي مالڪ سان 13- اپريل 1968ع تي ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com