سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986ع (1)

 

صفحو :3

 

گذارش                                    (ايڊيٽوريل)

 

شاهه جي رسالي جو جامع متن

تازو سکر ۾ تنظيم فڪر و نظر پاران بين الاقوامي شاهه لطيف ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن جو افتتاح صدر مملڪت ڪرڻ فرمايو ۽ ان ۾ وزيراعظم پاڪستان، گورنر سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ، ملڪي ۽ غير ملڪي عالمن شرڪت ڪئي. حضرت شاهه صاحب جي عظيم ڪلام ۽ پيغام بابت ان قسم جا اجتماع هڪ سٺي روايت آهن، ان ڪري اهڙين ڪانفرنسن جي ڪاميابين لاءِ دعاگو آهيون. مذڪوره ڪانفرنس ۾، لطيف سائين جي پيغام بابت ٻين گهڻين قيمتي ڳالهين سان گڏ رسالي جي جامع ۽ مستند متن جي تياريءَ جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. ائين برابر آهي ته ڊاڪٽر ٽرمپ کان وٺي ڊاڪٽر بلوچ تائين، سنڌ جي باڪمال عالمن، شاهه صاحب جي پيغام کي اُجاگر ڪرڻ ۽ مستند متن تيار ڪرڻ لاءِ قابل قدر ڪوششون ڪيون آهن، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، شمس العلماء دائود پوٽو، علامه آءِ. آءِ قاضي ۽ مسز ايلسا قاضي، عثمان علي انصاري، غلام محمد شهواڻي، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، ڪلياڻ اَڏواڻي، جي- الانا، غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ شيخ اياز جا نالا نمايان آهن. ان طرح علمي ادارن مان سڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر ڪميٽي جي ڪم کي پڻ قدر جي نظر سان ڏٺو ويو آهي. جيئن ته ڀٽ شاهه ڪميٽي جو بنيادي مقصد ئي آهي لطيف سائين جي پيغام کي عام ڪرڻ، ان ڪري هن اداري لطيفيات جي سلسلي ۾ نه صرف رسالي جا متعدد متن شايع ڪيا آهن، پر ان سان گڏ شاهه جي رسالي جي چند اهم ۽ مکيه پهلوئن تي به تحقيقي ڪم شايع ڪيو آهي، جن ۾ شاهه جي رسالي جي ترتيب، ساهه جي رسالي جا سرچشما، احوال شاهه عبداللطيف ۽ لطائف لطيفي، وغيره شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيل علامہ آءِ. آءِ قاضي واري شاهه جي رسالي کي علمي حلقن ۾ خاص مقبوليت حاصل آهي ۽ ساڳيءَ طرح انگريزي ترجمي پڻ لطيف جي فڪر کي غير سنڌي حلقن ۾ خوب تعارف بخشيو آهي. انهن ۽ ان قسم جي انيڪ ٻين علمي ڪاوشن جي باوجود اهو سوال پنهنجيءَ جاءِ تي بهرحال قائم آهي، ته ڇا اسين لطيف جهڙي عالمي شاعر جي عظيم فڪر ۽ پيغام جو قرض لاهي سگهيا آهيون؟ اسان جي عالمن جي تمام تر ڪوششن هوندي به تشنگيءَ جو احساس نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. بلاشبه، اسان کي ان ڏس ۾ اڃا ڪيئي وکون اڳتي وڌائڻيون آهن ۽ لطيف جي شايان شان تحقيق کي ميدان تي آڻي ”قرض“ لاهڻو آهي.

ان سلسلي ۾ هڪ نهايت خوشي پهچائيندڙ نقطو بيان ڪري سگهجي ٿو. اهو آهي ته لطيف سائينءَ جي رسالي جي هڪ جامع ۽ مستند متن جي تياري ۽ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. سنڌ جي ممتاز عالم ۽ لطيف سائينءَ جي پارکو، محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي چڱي من ۾ پيئي، جو شاهه صاحب جي جامع متن تيار ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ رسالي جو پهريون جلد ڇپائي هيٺ آهي. اُميد ته هي مثالي ڪوشش، لطيف سائين بابت تشنگي کي خاطر خواه انداز سان پُر ڪري سگهندي.

 

سنڌ جي پبلڪ لئبررين لاءِ امداد

لئبرريون علم جا مرڪز هوندا آهن ۽ ڪنهن به معاشري جي ترقيءَ لاءِ لئبرريون وڏي افاديت جي حيثيت رکن ٿيون. سنڌ جهڙي پوئتي پيل صوبي ۾ ان جي اهميت هيڪاري وڌي وڃي ٿي. اسان کي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ سرڪار، سنڌ جي پبلڪ لئبررين جي، هڪ خاص پروگرام هيٺ، ترقيءَ لاءِ توجھ ڪيو آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي جي سفارش تي، سنڌ جي مالي سيڪريٽري، صوبي جي پبلڪ لئبررين لاءِ 5-5 لک رپيا گرانٽ منظور ڪئي آهي، جن ۾ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو لئبرري حيدرآباد، سر شآهنواز ڀٽو لئبرري لارڪاڻو، ڊويزنل پبلڪ لئبرري خيرپور، سيوهڻ ڪلچرل ڪامپليڪس لئبرري سيوهڻ، شامل آهن. يقين آهي ته اها خصوصي مالي امداد سنڌ جي پبلڪ لئبررين کي خاصي ترقي وٺرائيندي.

 

حيدرآباد جي قلعي جي حالت!

حيدرآباد جي پڪي قلعي جي زبون حالي نهايت ڏکوئيندڙ آهي. هي عظيم الشان تهذيبي ورثو مناسب نگهداشت نه هئڻ ڪري تيزيءَ سان برباد ٿي رهيو آهي. 1976ع ۽ 1982ع ۾ مختلف هنڌن تان ان جون ديوارون ڪِري پَٽ پئجي چڪيون آهن! محڪمهء آثار قديمه جي آفيس قلعي اندر واقع آهي، پر قلعي جي مرامت ۽ حفاظت لاءِ جيڪي برجستا اُپاءَ وٺڻ کپن، تن جي صورت پيدا ٿي نه سگهي آهي.

اسان کي معتبر ذريعن مان ڄاڻ ملي آهي، ته قلعي جي نگهداشت لاءِ بنيادي رڪاوٽ ان جي ديوار جي چوڌاري ناجائز حد دخلين جي ڪري آهي. خاص ڪري قلعي جي صدر دروازي جي ٻنهي طرفن کان دڪانن ۽ ناجائز تجاوزات ۽ اندر سوزوڪي اسٽئنڊ جي ڪري قلعي جي تباهيءَ جي رفتار تيز تر رهندي ٿي اچي. باوثوق ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ان بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ محڪمهء آثار قديمه کي ڊسٽرڪٽ انتظاميه جو تعاون حاصل ٿي نه سگهيو آهي. ان طرح سان حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي بي توجھي کي پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته محڪمهء آثار قديمه، مقامي انتظاميه ۽ بلديه کي تعاون لاءِ ڪيترائي ڀيرا توجھ ڇڪايو آهي، مگر کين گهربل موٽ ڪانه ملي سگهي آهي. اگر اهي اطلاع صحيح آهن ته پوءِ نهايت افسوس جو مقام آهي، جو ان نتيجي ۾ حيدرآباد جو قلعو تباهي ڏانهن تڪڙو وڌي رهيو آهي. ڪيئن به هجي، حيدرآباد جي قلعي کي بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪي ٺوس ۽ موثر اُپاءَ وٺڻ جي فوري ضرورت آهي. ماضيءَ ۾ غفلت جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان اجو ازالو پڻ ضروري آهي. ان طرح سان جيڪا آبادي قلعي ۾ ۽ ٻاهر مڪين آهي، ان کي پڻ سجاڳي ۽ شعور جو مظاهر ڪرڻ کپي، ڇو ته کين عام ماڻهوءَ جي تعاون جي وڏي اهميت آهي.

اسان خاص طور تي حيدرآباد ڊسٽرڪٽ انتظاميه کي گذارش ڪنداسين ته قلعي کي بچائڻ لاءِ محڪمهء آثار قديمه سان ڀرپور تعاون ڪيو وڃي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ جَتن ڪيا وڃن، ٻيءَ صورت ۾ سنڌ جو هي عظيم تهذيبي ماڳ، هڪ ڏينهن زمين دوز ٿي ويندو!

- نفيس احمد شيخ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com