سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986ع (1)

 

صفحو :4

شاعريءَ جو ڀاڱو

 

ورئو اُتر واءُ، تاڙي ڪئي تنوار،

بيٺا پورب پار ڏي، نهارين ڳنوار،

ڪڪر ڪئي ڪِنار، چڙهيو سارنگ ساز ڪري.

ــ غلام محمد خانزئي.

جيئن سنڌ جي هر شيءِ نرالي آهي، ۽ پنهنجي آهي ۽ ٻين کان مختلف آهي، تيئن سندس ادبي روايتون ۽ روشون، فڪر جا طريقا ۽ سوچڻ جا ذريعا پڻ علحدا آهن. مثلاً شعر ۾ سنڌ جون ٻه شيون آهن: يعني ڪافي ۽ ڏوهيڙو. سنڌ جو سڄو فڪر ۽ سنڌ جي سڄي ذهني تشڪيل انهن ٻن شعري صنفن ۾ سمايل آهي. انهن کان سواءِ ٻيون جيڪي طرزون، طريقا ۽ نيون جدتون پيدا ڪيون ويون آهن، سي خارجي، غير طبعي ۽ نامناسب آهن. اهوئي ڪارڻ آهي، جو جن شاعرن مٿي بيان ڪيل ٻن طرزن کان هٽي شعر چيو آهي، تن کي قبول عام حاصل ٿي ڪونه سگهيو آهي. ماڻهن جي دلين تائين سندن اهي گفتا پهچي ڪونه سگهيا آهن، ۽ نه ماڻهن جي دماغ ۽ فڪر تي انهن ڪو اثر قائم ڪيو آهي. ڪي قدر سندن ڪتاب موجود آهن، ڪن ڪن شوقينن وٽ لڀي به پوندا، ليڪن انهن جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهڙي نه آهي جو هوند انهن کان اکٻوٽ ڪجي ته ادب جي تاريخ ۾ جو هاڃو يا وڏو خال ٿي پوي. گويا سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خمير ۽ ضمير جي ڪابه ڌاري ۽ خارجي شيءِ جٽاءُ ڪري .ئي ڪانه ٿي سگهي.

سنڌ جو فڪر، سنڌ جي تعليم ۽ سنڌي ذهن جي جيڪڏهن تلاش ۽ تحقيق ڪرڻي هجي ته اها غزل گو شاعرن جي ديوانن مان نٿي ڪري سگهجي، بلڪ ڪافين، ڏوهيڙن ۽ ٻين ٺيٺ سنڌي صنفن جي کاڻ مان مَڻين ۽ هيرن کي ڪڍي، پروڙي ۽ پَرکي سگهجي ٿي. انهيءَ پنهنجيءَ وٿ کي سنڌ جا رهاڪو دلي جي وڄت، چپڙن جي جهانءِ ۽ يڪتاري جي سُر تار تي، ڪن تي هٿ رکڻ بعد، ”الو ميان“ سان شروع ڪن ٿا.

- سيد حسام الدين راشدي (1970ع)

هائيڪو

(HAIKU)

تنوير عباسي

 

ڏنئي ڪالهه چُمي،

اڄ به منهنجي ڳل تي،

ان جي آهي نمي.

ــ

آيو اونهارو،

پنکڙيون ڇڻنديون ويون،

ڦٽڻ لڳو ميوو.

ــ

پن ڇڻ جي سانجهي،

دز رليل ڪرڻا هئا،

هر شي ميرانجهي.

ــ

ڪوئل پئي ڪُوڪيو،

رڪشان جي آواز ڇو،

ائين وچ ۾ ڌوڪيو.

ــ

بجلي ٿي ويئي فيل،

جوت ستارن جي وڌي،

مهڪيا وڌ رابيل.

ــ

واهه ۾ تڙڳن ٻار،

اڀ تي ڳاڙهو سج آ،

پرتي لال ليار.

ــ

صبح سياري جو،

پيو آ تڙڪو ماڪ تي،

ڌنڌلو ڪجھ چٽو.

ــ

چلهه جي چوڌاري،

سياري جي اڌ رات جو،

متل چوياري.

ــ

گهٽبو ناهي پيار،

جيڏا وار اڇا ٿيا،

اوڏو وڌندو يار.

ــ

اونداهي، ٻُٽَ، هاڻ،

آندي جهوٽي اوچتو،

رابيلن سرهاڻ.

ــ

آهيان اهڙو ساز،

گونجي ڇيڙڻ بعد ڀي،

ٿو جنهن جو آواز.

ــ

سَڱريون ڪنڊيءَ منجھ،

ڄاڻ ته سنڌوءَ ليٽ ڪئي،

پڪڙيو ٻيڙين ونجھ.

ــ

کجين جهليا ڏنک،

اڀ ۾ ٿي گجگوڙ آ،

ٿڙڪن ماڻهن انگ.

ــ

ڄڻ ته سڃاڻپ ناهه،

پوءِ ائين اک ٽيٽ سان،

مون ڏي آهه نگاهه.

ــ

ڀيڄ ڀنيءَ جي ويل،

ڀِڄي ويو هٿ ماڪ سان،

پَٽيم پئي رابيل.

ــ

ڊوڙيو نوريئڙو،

ٽاري لُڏي ٻير جي،

پَڪل ٻير ڪريو.

ــ

ڏينهن سڄو هڻ هڻ،

سانجهيءَ موٽيو، گهر ۾،

ٻارن جو ٽمجهڻ.

ــ

اسر کان هڻ هڻ،

منجهند نم جي ڇانو ۾،

ڪَٻرين جي ٽِڻ مِڻ.

ــ

هر شي ميرانجهي،

سوا تنهنجي مرڪ جي،

روشن آ سانجهي.

ــ

ڳراٽيون ڳوڙها،

پرتا سالن بعد ۽،

ڀاڪر ۾ سوڙها.

ــ

وڻ ۾ چمپا گل،

تون، مان، ٻيئي سانت ۽-

هٻڪارن جا هُل.

ــ

ساوا پن وڻن،

پر جي تن جي وچ ۾،

ڳاڙها گل ٽِڙن.

ــ

تنهنجو ڪيڏو ملهه،

وارن ۾ محبوب جي،

او چمپا جا گل.

ــ

آءٌ، اڪيلي واٽ،

ويل اسر جي ٿي وسي،

هلڪي هلڪي ڇاٽ.

ــ

تنهنجا ٽهڪ ٽڙيل،

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،

ڀِني مهڪ مليل.

ــ

ماڪ سان آلي ڪار،

سومهڻيءَ سياري سنديءَ،

ڪنهن جو انتظار.

ــ

توکي خط لکيم،

لکي ۽ ڪي ئي پَنا،

ور ور پئي ڦاڙيم.

ــ

ٻيڙي ۽ مانجهي،

گونجيل گيت فراق جو،

سرءُ جي سانجهي.

ــ

 

 

 

 

 

 

 

 

نياز همايوني                                               (نظم)

 

دنيا جنت بڻجي پوندي

 

دنيا جيڪي رنگ ڪري ٿي!

تن مان اوکي باهه ٻري ٿي!

باهه اها جا ڀڙڪي، ڀڙڪي،

چوڌاري ٿي چڻنگون ڇنڊي،

ان مان هر ڪا ائٽي نِپٽي،

پنهنجي پنهنجي جهول ڀري ٿي!

ماءُ ڪروڌ مان لولي ڏيندي،

پِٽ پاراتو ٻار کي ڏي ٿي،

پيءُ جي غيرت جاڳي پئي ٿي،

جيڪا انت ڪلور ڪري ٿي!

اهو تماشو ٻار ڏسن ٿا:

اهي به اهڙا سِنڱ ڪڍن ٿا،

اٿي هڻن ٿا، ٿونا سڀ کي،

خلق ائين ئي مَري کري ٿي!

اهڙن رنگن راڱن مان ئي،

دوزخ اُپجي راس ٿئي ٿو،

جنهن جي باهه ڄڀين جي ڄَر ۾،

سڀ کي پنهنجو بَکُ ڪري ٿي!

تون مان پنهنجي رونشي ۾ ئي،

رنگ ڏسي بي رنگ ٿيون ٿا،

انت اها ئي باهه اسان کي،

نيئي دوزخ منجھ ڌري ٿي!

پاڻ ئي دوزخ، پاڻ ئي باهيون،

پاڻ وسايون، پاڻ دکايون،

پاڻ ئي ان جو ٻارڻ ٿيون ٿا،

ان بِن پنهنجي ڪانه سري ٿي!

پنهنجو دوزخ پاڻ بڻائي،

پاڻ کي هٿ سان باهه ۾ اڇلي،

جنت جا ٿا جتن ڪريون پيا،

جن مان ڇائي ڌوڙ وري ٿي!

دنيا جيڪي رنگ ڪري ٿي،

تن کي چوکو اسين ڪريون ٿا،

آخر ساڳيا رنگ رَلائي،

اها اسان ۾ رنگ ڀري ٿي!

تون مان رڱجي تن رنگن مان،

رنگ برنگي بڻجي پؤن ٿا،

ڪوبه سڃاڻپ ۾ نه اچي ٿو،

ڪارنهن اهڙا ڪم ڪري ٿي!

يار ”نياز همايوني“ اُٿ!

آءُ ته اجهايون ساريون باهيون،

دنيا جنت بڻجي پوندي،

جا پڻ بهشت بهشت ڪري ٿي!

 

 

 

امداد حسيني                                       (آزاد نظم)

 

هن جهنگل ۾ ــــ

(1)

هن جهنگل ۾

ڏينهن به جهڙو رات آهي

روشني به ڪا آهي ته بگهڙ جي اک ۾ آهي

ان اک ۾ ڌوڙ وجهي نڪري به وئين

ته اڳيان هرگس گهات آهي

ڏکڻ

اتر

اولهه

تنهنجي ليءِ بس مات آهي!

پر جي توکي مَت اچي

يا سگريٽ جي ٻاڙ لڳي

ته پوءِ

تنهنجي کيسي ۾ باڪس آهي

ان جي هڪڙي تيلي ٻاري

ساري ٻيلي کي باهه لڳائي

۽ ان مان سگريٽ دکائي

سوٽا هڻندو

رمندو وڃ

رمندو وڃ

چار دشائون

تيز هوائون

پاڻهي وينديون رَک اُڏائي!

 

(2)

ٻيلي جي هُن ڀَر

دريا آهي

هر دريا وانگر

ان کي به پريون ڪنارو آهي

پر ان کان پهرين

ترار ڪنان به تکو هڪ ڌارو آهي

ان ڌاري ۾

جي تنهنجو رُخ اوڀارو آهي

ته پوءِ

تنهنجي مُٺ ۾

تنهنجي قسمت جو تارو آهي!

 

گيت

 

مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر،

فرصت ملئي ته ياد انهيءَ شام کي ڪجان.

 

منهنجي ڪري ادس نه ڪج پنهنجو پاڻ کي،

لُڙڪن کي منهنجي ياد ڪري مسڪرائجان،

فرصت ملئي ته...

توکي گلاب رنگ رُتن جو قسم صنم،

جشنِ فراق شمعون جلائي ملهائجان،

فرصت ملئي ته...

 

منهنجي خطن کي ساڙي ڪجان روشني کي تيز،

گلدان ۾ به تازا ٽڙيل گل سجائجان،

فرصت ملئي ته...

 

ذوالفقار راشدي

غزل

پنهنجي اندر منجهه اونهون ٿو لهان،

ذات ماڻهوءَ جو تماشو ٿو ڏسان.

ڄڻ ته پٿر جو بڻيل آهي وجود،

مان هٿوڙن سان به مشڪل ٿو ڀُران.

حرص حاصل جو وڃائڻ بعد ڀي،

ڪار لاحاصل پٺيان ڊوڙان ڊُڪان!

ڪو سهارن جو نه ڌاريم آسرو،

هاڻي رستي ۾ متان ٿڪجي پوان!

پنهنجي دل ۽ ذهن کي پڙهندو رهيم،

وقت جي تاريخ ويٺو ٿو لکان.

راحتن جي رات اڳتي، يا نصيب!

مشڪلن جي مار کائيندو رهان.

پنهجي احساسن جي سوني ڌات کي،

ڏات جي سڪن ۾ پلٽي ٿو رکان.

رات جو پونئيون پهر ۽ دل ملول،

ڪي پراڻا خط ڪڍي ويٺو پڙهان.

زندگيءَ سان ٺاهه مشڪل، ذوالفقار،

ڪو ٻڌائينم، ته هاڻي ڇا ڪريان؟

تنهنجي لب کان گهريم مسيحايون،

ساهه ۾ ساهه پئي ته ڳالهايون.

حال محرم هجي ته ڪو ماڻهو،

تنهنجون ڳالهيون ته ڪنهن سان ورجايون.

ڍوئي سگهبا پهاڙ دردن جا،

تنهنجي طرفان هجن جي دلجايون.

ڪنهن جي دانائي مون کي ڇا ڏيندي!

شيءِ ته پنهنجي آ پنهنجون ڳهلايون.

شور ٽريفڪ جو دل جي شهرن ۾،

دل جون ڳالهيون ته ڪنهن نه سمجهايون.

هانوَ ڀَر ڪي هٿوڙا هيبت جا،

جند ڀورين پيون اڪيلايون.

زندگيءَ جو ثمر گنهگاري،

ڇو ته ڄاڻئون ٿا، آدمي آهيون.

لفظ، لهجو، نهار ۽ مُرڪون،

ڪابه معنيٰ ڪٿي نٿا پايون.

خواب، تعبير ۾ وڃن بخشي،

رات، اونداههُ، جاڳ تنهايون.

ماٺ، محرومي، ــ مونجھ، مايوسي،

ياديون آيون ، ــ عذاب ٿي آيون.

بردو سنڌي

 

نعتيه ڪلام

 

اسان جو نبي محترم مُعتبر آ،

هو خير الامّم آههِ خير الابشر آ.

هو سڀني نبين جو سردار آهي،

خدا جي خدائيءَ جو مختيار آهي،

هو ختم الرسل مُحب مهندار آهي،

هو رحمت جهانن تي شافعِ حشر آ.

ڪفر شِرَڪ بدعت کي لوڌي ڪڍيو جنهن،

غريبن غلامن کي گوڏي گڏيو جنهن،

جي کانئس ڀڳا تن کي اوري سڏيو جنهن،

سڄڻ آسَ عاصين جي ڇورن ڇَپر آ.

اَمڙ آمنہ خواب اهڙو ڏٺو هو،

سندس گود ۾ چنڊ ڪامل لٿو هو،

ٻڌو جنهن انهيءَ برملا هي چيو هو،

ظهورِ مقدس جو جڳ منتظر آ.

جڏهن پاڻ ڄاوا ته هٻڪار ٿي وئي،

محمد جي آمد آ اظهار ٿي وئي،

رُڳي روشني پار، اروار ٿي وئي،

خليلي دُعا جو ٿيو ظاهر اثر آ.

هُئا ڀاڳ مائي حليمہ جا ڪيڏا،

ڪيا قرب ڪوڙين ڌڻي هن تي هيڏا،

کڻي هنج عربي، ڪري ناز جيڏا،

سونهن هن کي سيئي، لڌو هُن گهُر آ.

جنهن جي در تي دربان جبريل جهڙو،

ڪجي ان جي توصيف جو بيان ڪهڙو،

محمد جي جلوي کان ٿيو طور وائڙو،

هو عالم سموري جو نورِ نظر آ

مِٺي نور جي گهورَ گهايو قمر کي،

بيهاري ڇڏيو شاهه لهندي نِيرّ کي،

ڪنبايو ڪيئن يار ساري دَهر کي،

رسولن جو رهبر ئي شق القمر آ.

عجب رات، معراج واري پياري،

زمين کان هلي عرش پوري سواري،

اچي ٿو محمد، ڪريو خوب تياري،

هُلاڻي هيءَ حورن ۾ خاصي خبر آ.

ملائڪ هئا ديدار جي ڪاڻ آيا،

ڪيا اڄ نبين نوان نينهن ناتا،

محمد وڃي عرش تي رنگ لاتا،

ستن آسمانن تي هاريل عطر آ.

مون کي ناهه طاقت لکان نعت گوئي،

هي ان جو ڪرم آهه ”بردا“ سڀوئي،

هو حَسُنت جَميع آهه سهڻو سڄوئي،

ڪوجهائپ ۾ منهنجي نه ڪائي ڪسر آ.

 

 

 

مظفر حسين ”جوش“

 

نعتيه قطعه

 

هي ڪنهن جي ياد دلِ بيقرار آئي آهه-

ڪِ هر نفس ۾ نسيم بار آئي آهه،

جڏهن به جهوٽو هوا جو ڪو آيو يثرب مان-

مون سمجھيو رحمتِ پروردگار آئي آهه.

 

نعت

 

ناز ڪر جيڏو به توکان ٿي سگهي منهنجي جبين،

تو چمي آهي مديني جي مقدس سرزمين.

جيترو عرصو به يثرت جي فضائن ۾ رهيس،

مون کي ائين محسوس ٿيو ٿي ڄڻ آهيان جنت مڪين.

چشمِ عاصيءَ سان ڏٺو مون تولدِ خيرالانام،

ٿيو تولد هو جتي بطحا ۾ نورِ اولين.

منهنجي آقا جي سدائي مون تي آھ نظر ڪرم،

حشر ۾ مون کي ڇڏيندو ڪين تنها باليقين.

محسنِ انسانيت جي ڪنهن کان ٿي سگهندي ثنا،

جنهن کي خود قرآن سڏيو آهه رحمت للعالمين.

نطق ٿئي قربان ٿو شيرينيء گفتار تي،

دهنِ اقدس مان ادا جو لفظ ٿئي سو انگبين.

منبع نورِ هدايت يعني هو غار حرا،

هاديء بَرحقَ تي جت نازل ٿيون آياتِ مبين.

عبد ۽ معبود جي وچ ۾ نه ڪو ويڇو رهيو،

اڄ به ان منظر جي ڏئي ٿو شاهدي عرشِ برين.

ڌڙڪنن تي دل جي اڪثر ٿو ٿئي مون کي گمان،

ڄڻ ڪري ڪو ورد ٿو قرآن جو دل جي قرين.

صدقِ دل سان جنهن جهلي دامن سچي سردار جي،

جوش تنهن جا ٿي ويا محفوظ بس دنيا و دين.

 

سليم ڳاڙهوي

لاٽ

بادل ايندا ٿانوَ ڀَري،

ڀاڳ ونڊيندي پنهنجي ڀُونءِ.

ڪوڏ ڪري وسڪارا لهندا، مارن جا مونجهارا لهندا،

ٿر جي ڇاتي ڇو نه ٺري؟

ڀاڳ ونڊيندي پنهنجي ڀُونءِ.

کنوڻيون کلنديون گهوري گهور، رم جهم رم جهم جهور جهڪور،

ڇوريون رهنديون ڇيڄ ڪري،

ڀاڳ ونڊيندي پنهنجي ڀُونءِ.

جل ٿل ٿيندا، گُل ڦُل ٿيندا، هيجان ٿينديون ۽ هُل ٿيندا،

لاکيڻي ٿي لاٽ ٻري،

ڀاڳ ونڊيندي پنهنجي ڀُونءِ.

سَرهن ڦُٽي سُرهاڻيون ٿينديون، چوڌاري چانڊاڻيون ٿينديون،

اُوندهه ويندي پنڌ پري،

ڀاڳ ونڊيندي پنهنجي ڀُونءِ.

بشير مورياڻي

 

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

اي هوا مون کا ڇا ٿي گهرين؟

مون کان خوشبو نه گهر پيار جي،

منهنجي دل خود به ڪشڪول آ،

ان ۾ حسرت آ ديدار جي،

پيار بي انت انمول آ،

منهنجو دامن آ خالي اڃا،

منهنجي دل آ سوالي اڃا،

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

 

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

مون ته هُن کي ڏٺو ڀي نه آ،

ذهن ۾ ته به ڪي ٽيڙو ٽڙيا،

دل معطر ٿي رابيل جان،

نقش گذري ويل وقت جا،

ذهن جي ڪنهن لڪل ڪنڊ مان،

نڪري- مون لاءِ آزار ٿيا،

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

 

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

مون کان ڪجھ ڀي نه گهر اي هوا،

آءُ هُن جو سنيهو کڻي،

جت قدم هُن جا گُل پاش ٿيا،

آ اُڏاري اتان جي پڻي،

تاڪ موسم گلابي ٿئي،ڍ

رات ڀي ماهتابي ٿئي،

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

 

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

بند ٿي ڪانه آ رات کان،

ڇا پڇين پئي برسات کان،

آهه مون وٽ فقط چشمِ نم،

جيڪا آلي آ حالات کان،

منهنجو سرمايو آ غم ئي غم،

پيار خالي آ جذبات کان،

اي هوا مون کان ڇا ٿي گهرين؟

 

احسن الهاشمي

 

غزل

 

ڪمال فڪر سان منزل مقام پيدا ڪر،

اثر جو دل تي ڪري سو ڪلام پيدا ڪر.

نه اجتماع تي ٿي منحصر ظفرمندي،

صفن ۾ پنهنجي فقط نيڪ نام پيدا ڪر.

خوديءَ جي آهي تقاضا جڏهن به سجده ڪرين،

جبينِ عجز ۾ پڻ احتشام پيدا ڪر.

قدم قدم تي هدايت جو حرف ساڻ هجي،

۽ حرف حرف ۾ حق جو پيام پيدا ڪر.

سڪون صبر تحمل ۽ بردباريءَ سان،

غمِ حيات ۾ ڪجھ احترام پيدا ڪر.

نگاهه پاڪ دل مطمعن ۽ فڪر بلند،

ديار عشق ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪر.

هميشه فتح رهي اتحاد جي محتاج،

عمل جي راه ۾ ربطِ مدام پيدا ڪر.

حصول عدل و صداقت ۾ سر ڏئي احسن،

رهِ فنا ۾ بقاءِ دوام پيدا ڪر.

 

محمد علي جوهر

 

ڪافي

 

سڪايل هي اکيون سهڻا سدا توکي سَڏن ٿيون پيون،

رُسي تنهنجي وڃڻ کان پوءِ راڻا رَتُ رُئن ٿيون پيون.

وَسن برسات يا بادل ٿا سانوڻ جو مهينو کن،

هي ويچاريون ته ورهن کان وٺي دلبر وَسن ٿيون پيون.

چَرين کي پَهرُ پاچو ننڊَّ يا آرامُ ڪونهي ڪو،

سدا ڏينهن رات جاڳن ٿيون سدوريون ناسمهن ٿيون پيون.

جڏهن کان يار ٿيو تنهنجي اچڻ جو آههِ هانواڻون،

مُٺيون ڪاٿي مُڙن ٿيون نانگ وانگر هِتِ نچن ٿيون پيون.

ڪئي تو دير جي دلبر ڇڏينديون دل کي هِتِ ڪاٿي،

اکيون آئي وَئي کان پنڌ پربت جا پُڇن ٿيون پيون.

چَيُم ڏاڍو چَرين کي پر نه سَمجهيون حَرفُ هڪ جوهر،

نه ڪجھ بي عقل دل سمجهو نه ڪجھ اکڙيون ٻڌن ٿيون پيون.

 

عبدالقيوم ”صائب“

 

غزل

 

سونهن پنهنجي ساک ٻوڙي ڪر تڪلف برطرف،

نينهن وارن کي نهوڙي ڪر تڪلف برطرف.

سير ۾ ٻيڙي بيهاري، ناکئا نخرا نه ڪر،

ٻوڙڻي آهي ته ٻوڙي ڪر تڪلف برطرف.

چنڊ چارن تي گهمن پيا چاهه مان چوڌار اڄ،

تون به پنهنجا جهنڊا کوڙي ڪر تڪلف برطرف.

ور ڏسي، واسينگ پنهنجا ور وساري ٿا وهن،

نانگ جهڙا وار ڇوڙي ڪر تڪلف برطرف.

تون ته هرڻن جان ڏئين ٿو ڇال، توسان جاءِ ناهه،

ڪيستائين ڪير ڊوڙي ڪر تڪلف برطرف.

ڪاڪ ۾ اوسيئڙو تنهنجو اٿئي اي مينڌرا،

ان طرف چانگي کي موڙي ڪر تڪلف برطرف.

پٽ پٽيهر ٻانڌڻا، ٻيا ويس منهنجي ديس جا،

تون ئي ماڻي، تون ئي چوڙي ڪر تڪلف برطرف.

زندگي هر حال ۾ جنهن جي هئي توتي ڇڏيل،

تنهن جو هٿ سان ماس روڙي ڪر تڪلف برطرف.

جنهن به دنيا کي پسايو، ڪين پنهنجو صاف رخ،

تنهن جو ڀانڊو هاڻ ڦوڙي ڪر تڪلف برطرف.

جوڙ جوڙي تو جهان جي، پر ڪسر آهي رکيل،

پاڻ پنهنجو جوڙ جوڙي ڪر تڪلف برطرف.

تنهنجي ”صائب“ کي ته راتو ڏينهن تنهنجي هئي پچار،

تنهن سان ناتا ڪيم ٽوڙي ڪر تڪلف برطرف.

 

”محسن“ ڪڪڙائي

 

سُونهن ڏسندي، پيو ٺري ماڻهو،

ڄڻ ته ٿو بندگي ڪري ماڻهو.

ڪا گهڙي خوش، ته ڪا گهڙِ ناخوش، روزُ ويٺو جيئي- مري ماڻهو.

هڪ نه، پر، هِت ته بُت به بي انداز، ڪنهن کي سجدا وڃي ڪري ماڻهو.

هڪڙي آدم جي پير ترڪڻ جو، ڏنڊُ، اڄ ڀي پيو ڀري ماڻهو.

پيارُ- پيڙي ڇڏي ٿو پاههُ ڪري، شل نه ڪنهن جي اچي، اَري ماڻهو.

آدميت جي احترام طرف، ٿي سگهي ٿو، ڪڏهن وري ماڻهو.

روح- رچنديون ٿين، ته هانءُ ٺري، شل اچي، آهه جو، پري ماڻهو.

هن کي ڪهڙي خبر، ته هُن جي لئه، ڪو، ٿڌا ساهه پيو ڀَري ماڻهو.

ضد نه ڪر، اچ ته، گهر هلون موٽي، خوش نه رهندين، گهران پَري ماڻهو!

هلندي بس تي چڙهيو، ڪريو ۽ مُئو، مفت ۾، ڪيئن نه پيو مَري ماڻهو!

وقت جو انتظار ڪر ”محسن“،

نيٺ سکندو هَري هَري ماڻهو.

 

 

 

استاد بخاري

 

دوها

 

سچ سهيڙي سانڍي رکجئين، اڇلي ڇڏجئين مٺ،

ڇو ٿو ڇِرڪين، جهول ته جهل، جو مون وٽ مون کان وٺ.

سچ پچ پنهنجي ڌرتي توڙي سرتي ڌاران سُور،

اندران اڌمان، ٻهران ٻڙڪا، آران- پاران پُورُ.

ايندي ”اُوئان اَوئان“ ابهم، چڙهندي چڱيان چوءِ!

ڳڀرو: ڇِم ڇِم، جوڀن؛ ”ڇو ڇا“، پِيري: واڪا- ووءِ.

”باهه هجي پر پاڻيءَ جهڙي“، ساقي فرمايو:

لُون نه لڇي ڪا، ڪجھ نه ڪڇي ڪو، محفل گرمايو.

خوشبو، بدبو ڇپ ڇپ ڇَپرين، ڏوري ڪير سُنگهين،

نغما، نالا دڪ دڪ دل ۾، ٻاهر ڪونه ٻُڌين.

ڀونءِ تي روز کڻي بم- گولا اُتري عزرائيل،

سوريو صُور هٿن ۾ بيٺو سوچي اسرافيل.

تنهنجي ڪَن ۾ ڇِم ڇِم ڇِمڪا، تَڪ ۾ جرڪن جام،

مان ته ٻڌان پيو ڌُو ڌُو ڌڌڪا، نظرن ۾ نيپام.

هل ته هلون اوڏانهين، جيڪي مَرڪي ويو منصور،

پهرين سُورُ، سُرورُ سدائين، نِت نِت هوت حضور.

ڀُونءِ هجان ها، ڀاڪر پائي ڀينگ ڪريان ها باغ،

چنڊ هجان ها، چمڪي چمڪي گود وجهان ها داغ.

 

 

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

 

نظم

 

ڇڏ ٻيا قصا ڪهاڻيون، آدمي جي ڳالهه ڪر،

هم نشين انسانيت جي بهتري جي ڳالهه ڪر.

 

خضر کي نيبہ هجي، نت چّشمئه آبِ حيات،

سرزمينِ سنڌ ۾ سنڌو ندي جي ڳالهه ڪر.

دل دکائڻ ڪنهن جي آهي، ڄڻ ته ڪعبو ڊاهڻو،

دلبري ۽ لڳي دل بستگي جي ڳالهه ڪر.

موت ايندو ۽ ضرور ايندو، هي اڻ ٽر ڳالهه آ،

زندگي جي ڳالهه ڪر زنده دلي جي ڳالهه ڪر.

اشرف المخلوق، مسجود ملائڪ آ بشر،

ان جي شاهاڻي شرف ۽ برتري جي ڳالهه ڪر.

ديشواسي ڪيترا ٿيا دربدر خانه بدوش،

تن جي اٽي ۽ لٽي جي ۽ جهڳي جي ڳالهه ڪر.

حور و غلمان لئه ڪرڻ حجره نشيني عشق ناه،

جا هجي بي لوث اهڙي عاشقي جي ڳالهه ڪر.

حسن جي جور و جفائن بي وفاين کي نه ڇيڙ،

حُسن جي رعنائين ۽ دلڪشي جي ڳالهه ڪر.

ڇڏ ٻيون ڳالهيون اي ”آصف“ ڪر سدا ذڪر خدا.

دين و ايمان جي رسولِ هاشمي جي ڳالهه ڪر.

 

سروپچندر ”شاد“

 

ترائيل

 

کوهه جي ڏيڏر وانگر ٽان ٽان ڇا جي لاءِ ڪرين ٿو؟

ڏس کوهه جي ٻاهران ڪهڙا گُل ڦُل ٽِڙيا آهن.

مونجهاري جي گهري کَڏ ۾ ڇو مُنجهي مرين ٿو؟

کوهه جي ڏيڏر وانگي ٽان ٽان ڇا جي لاءِ ڪرين ٿو؟

اندر جي اوندهه ۾ ڏَڪ ڏَڪ ڇا جي لاءِ ڏرين ٿو؟

ٻاهر مچ تي ڪيئي پروانا مِڙيا آهن.

کوهه جي ڏيڏر وانگي ٽان تان ڇا جي لاءِ ڪرين ٿو؟

ڏس کوهه جي ٻاهران ڪهڙا گُل ڦُل ٽِڙيا آهن.

 

عبدالجبار جوڻيجو

 

وائي

 

ساهه اندر سارنگ، ميان- بادل ڀرجي آيا آيا.

نيڻن جا نيسارا جاري، تولئه آهه اُمنگ،

آءٌ ويراڳي آءٌ پرديسي، ڪهڙو ڳنڍيان سنڱ،

او مرگهه نئني او البيلي، قدم سندءِ مرڌنگ،

ڪنهن سان جهيڙو آهه منهنجو، جيءَ سان آهي جنگ،

”عبدالجبار“ چئي عقل ۾ ڇاهي، مستومست ملنگ.

 

”آثم“ ناٿن شاهي

 

وائي

 

وِلهيءَ جا وريامَ!

توتان گهوري جندڙي.

آءٌ مُيَس جي پنڌ ۾، ايندي آري ڄامَ-

توتان گهوري جندڙي.

ڪِرندي- پوندي، ڊوڙندي، گهڙي گهڙيءَ هر گامَ-

توتان گهوري جندڙي.

لَٽجي واريءَ وچ ۾، مڙهه پروڙي ملمَ-

توتان گهوري جندڙي.

مون مُئي، توسان پنهون! پورا ٿين انجامَ-

توتان گهوري جندڙي.

مات ڏنم جي موت کي، موت نه هڻندو هامَ-

توتان گهوري جندڙي.

 

ڊاڪٽر سدارنگاڻي ”خادم“

 

رباعيون

 

اي دوست! گلن مان ٿو اچي ڪنهن جو هڳاءُ؟

هيرن جي جهوٽن سان ٿي ڪنهن جو ڇهاءُ؟

اوندهه جي وجود کي مٽائڻ خاطر،

سج چنڊ منجهان ڪنهن جي اُجالي جو اُهاءُ؟

 

ڇاڪاڻ پيو دنيا کان دُور ڀڄين،

جهنگل، صحرا، پهاڙ ڪنڊون ڳولين؟

خود ۾ جي ڏسين جهاتي پائي، مورک!

هيڏي هوڏي هوند نه بيڪار ڊُڪين.

 

تون من جو قرار آهين، تون دل جو سُرور،

تون جيءَ جو جياپو، تون نيڻن جو نور؛

اچ، هڪ ئي ڇپر ڇانو ۾ گهاريون اڄ رات،

ڪئن چئجي هجون سڀان ڏسڻ کان ئي ڏور!

 

اي حسن! پيو ڪيسين ستائيندين تون،

آئيني ۾ عڪس پَسائيندين تون؛

وڇڙيل ٿو رهي خيال تنهنجو ڏينهن رات،

جلوي جو ڪڏهن لطف وٺائيندين تون؟

 

دل آهي سڪ سوز محبت جي ندي،

هر لهر ۾ ان جي معنيٰ جا موتي؛

ڪنڌيءَ تي بهي، دماع! هٿ ايندءِ ڇا،

پاڻيءَ ۾ گهڙي لڳاءِ هڪ اڌ ته ٺُٻي.

 

 

 

 

الحاج رحيم بخش ”قمر“

پيدا ڪر

خدا جي نام سان آغاز ۽ انجام پيدا ڪر،

محمد مصطفيٰ جو دل اندر اڪرامُ، پيدا ڪر.

الستي عشق وارن کي کپي ديدار دلبر جو،

نشو جا نينهن جو ڏي سا صراحي جامُ پيدا ڪر.

شهيدِ ڪربلا وانگر، لُٽائي گهر، ڪَٽائي سر،

ديارِ عشق ۾ پنهنجو نمايان نامُ پيدا ڪر.

وسن شل مينهن ساوڻ ۾ ڀٽائي گهوٽ جي ٿر ۾،

اُتي ڪجھ ڪارخانا، واهه، تون وريام، پيدا ڪر.

ڪسين، واهن ۽ رستن جي ڪنارن ساڻ وڻ پوکج،

پکي لاتيون لنوَن جنهن تي تون اهڙي لام پيدا ڪر.

ڪلام الله جي اڪثر تلاوت ڪج تون تقوى سان،

جگر ۾، دل ۾، اکڙين ۾ ائين آرام پيدا ڪر.

سڄڻ تون ٻاٽ اونداهيءَ منجهان ڪڍ پرهه جون باکون،

سجاڳيءَ جا ڪري سڏڙا سجاڳي عام پيدا ڪر.

فلڪ تي، چنڊ تي پهچي، سڄڻ ڪج سوڀ حاصل تون،

نئين دنيا، نيون باکون، نيئن اُت شام پيدا ڪر.

گلستانِ وطن کي خون پنهنجي ساڻ ڪج سَرهو،

گُلن، غُنچن ۽ ٻوٽن جا اپر اقسام پيدا ڪر.

ڀٽائي گهوٽ جي بيتن، برن ۾ ڪئي بهاري آ،

ڀٽائي گهوٽ جان پنهنجو نئون پيام پيدا ڪر.

”قمر“! کان سج، ستارن کان به اڳتي تنهنجي منزل آ،

بلند شهباز کان پرواز جو اَتمام پيدا ڪر.

احمد خان ”مدهوش“

نعتِ معراج

ڪيڏي نه ڀلي ڪئي آ خدا رات اڄوڪي،

ٻهڪن ٿا ٻئي ارض و سما رات اڄوڪي.

جهومي ٿي هوا منجهه خلا رات اڄوڪي،

ٿي رقص ڪري ساري فضا رات اڄوڪي.

الله ڪيا قرب وڏا رات اڄوڪي،

جو عابد و معبود مليا رات اڄوڪي.

محبوب ڏسي جلوه نما رات اڄوڪي،

خوش خوب آ مهمان سرا رات اڄوڪي.

ٿيا عاشق و معشوق ڪَٺا رات اڄوڪي،

طرفين رهيا ناز و ادا رات اڄوڪي.

اقرار ئي اقرار ڪبا رات اڄوڪي،

احوال ئي احوال ڏبا رات اڄوڪي.

بخشائبي هڪ طرف خطا رات اڄوڪي،

ٻئي طرف ٿيندي مهر و عطا رات اڄوڪي.

سڀ قادر مطلق جو ڪريو ذڪرِ مقدس،

غفلت ۾ رهڻ ناهه روا رات اڄوڪي.

هر سُوءِ وسي خوب ٿي برسات جي صورت،

بندن جي مٿان رب جي رضا رات اڄوڪي.

مُرسل جو مٺو نانءُ ڀلاري ۾ ڀلارو،

پڙهه صل عليٰ صل عليٰ رات اڄوڪي.

شُڪران جي سجدن ۾ ڀلي صبح وڃي ٿي،

”مدهوش“ ڪريان ڪيئن قضا رات اڄوڪي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com