سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون آگسٽ 2005ع

گلبدن جاويد

 

سوچ ويچار

پياريون سرتيون، زندگي نالو آهي، جدوجهد ۽ جاکوڙ جو صحيح رُخ ۾ مسلسل ۽ لڳاتار محنت ڪرڻ سان نه فقط انسان ڪامياب ۽ سُرخرو ٿئي ٿو، پر ذهني ۽ روحاني طور خوش ۽ پرسڪون پڻ رهي ٿو. روحاني خوشي ئي حقيقي خوشي آهي. خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن پوري ڌرتي جنگ جو ميدان بڻيل هجي ۽ غير يقيني صورتحال جنهن ۾ هر وقت انديشو اهو هجي ته ”گولي“ هيڏانهن يا هوڏانهن ڄاڻ ڪي آئي. اهو ڪو مفروضو نه، پر هن دور جي حقيقت آهي. فسلطين ۽ ڪشمير ۾ سالن کان ٿيندڙ رتوڇاڻ ته ڄڻ پراڻو موضوع بڻجي ويو آهي، پر ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي جو آمريڪا نيويارڪ ۾ 11 سيپٽمبر جو واقعي کان پوءِ ڄڻ ته ٻرندڙ مچ تي ڪنهن تيل هاري ڇڏيو. افغانستان جي تباهيءَ جي شروعات ته ڪئين سال اڳ ٿي چڪي هئي، پر رهي کُهي ڪسربه هاڻ پوري ٿي وئي. ۽ وري دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪندي ڪندي سکيو ستابو ملڪ ”عراق“ تباهه ٿي ويو ۽ ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجي ملڪ ۾ اوپرا ٿي، موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي اچي ويا آهن.

۽ ڪي وري سر لڪائڻ لاءِ لاچار آهن. خبر ناهي اهي حالتون دنيا کي ڪھڙي موڙ تي پھچائينديون؟ اڄڪلھ وري برطانيا جي گاديءَ جي شهر لنڊن ۾ ٿيل ڌڪامن ته هيڪاري ممڻ مچائي ڇڏيو آهي. بنان تصديق جي ڪارواين جو ڳڙو وري به مسلمانن تي ڪيرايو ويو آھي جو نيوزيلئنڊ ۽ ٻين ھنڌن تي مسلمانن جي عبادتگاهن کي ڊاهيو ويو آهي. بهرحال حالتون ڪهڙيون به هجن ڀوڳي وري به عورت ٿي. مسئلا ڪهڙا به هجن، پر هر تباهيءَ جو سنئون سڌو اثر عورت تي پوي ٿو. جي وَرُ ويس ته به رُلي، جي ٻچا مئس ته به ڦُري. جي گهر ويس ته ڪٿان جي ڪانه رهي!

سرتيون آگسٽ 2005ع جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. رسالو ڪيئن آهي؟ اوهين پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪنديون. اهو اوهان جي ساٿ ۽ سهڪار جو نتيجو آهي. جو پرچو وقت اندر شايع ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي ٿو. اميد ته اوهان جو ساٿ هميشه جاري ۽ ساري رهندو!

گلبدن جاويد

 

 سرتيون شاهه لطيف چئي:

حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،

وڄون وسڻ آئيون، ٽـــّ ٽـــّ مينهن ٽمن،

جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،

پنجن منجهان پندرهن ٿيا، اِئن ٿا ورق ورن،

ڏڪاريا ڏيــّ مان، شل موذي سڀ مرن،

وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،

سيد چئي سڀن، آه توه تنهنجي آسرو“

 

 

ڏيهي پرڏيهي عورتن جو خبرنامو

نيويارڪ ”ٽائيمز“ جي صحافي ”جوڊٿ ملر“ جنهن کي خبر ڏيندڙ ذريعن جو ڏس پتو نه ڏيڻ تي جيل موڪليو ويو آهي. هن 2003ع ۾ CIA جي هڪ ايجنٽ جي راز رکڻ جي سلسلي ۾ ڳولا جي ڪارواين ۾ سهڪار کان انڪار ڪيو هو. جوڊٿ ملر پنهنجو موقف ٻڌائيندي چيو هو ته ”صحافين کي هن ڳالهه جي اجازت هئڻ گهرجي ته اهي پنهنجي خبرن جا ذريعا ڳجها رکي سگهن ته جيئن آزاد صحافت کي تحفظ ملي سگهي.“ واضح رهي ته ڪنهن به CIA جي ايجنٽ جو نالو ڳجهو رکڻ آمريڪي وفاقي قانون جي خلاف ورزي سمجهي ويندي آهي. هن مقدمي جي سلسلي ۾ وڪيل پئٽرڪ فٽن ڪيرالڊ هن ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ”بش حڪومت ۾ اهو ڪهڙو شخص آهي جنهن اخباري نمائندن کي هيءَ ڳالهه ٻڌائي هئي. هڪ سابق آمريڪي سفير جي زال ويلري پليم CIA جي ايجنٽ هئي ۽ هن کان اڳ سندس مڙس جوزف ولسن صدر جارج ڊبليو بش جي انهن شاهدين کي وائکو ڪيوجن جو بهانو ڪري هن ”عراق“ تي حملو ڪرڻ کي صحيح قدم قرار ڏنو.

ان کان پوءِ جوزف ولسن هي الزام لڳايو هو ته ”سي آءِ اي“ ايجنٽ جي طور تي سندس وَنيءَ جي نالي کي انتقام وٺڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن مقدمي جي سلسلي ۾ ٽائيمز مئگزين جي رپورٽر ”ميٿيو ڪوپر“ به شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پوءِ هن پنهنجو ارادو مٽائي ڇڏيو. وڪيل فٽر ڪيرالڊ هي موقف اختيار ڪيو ته ملر ۽ ڪوپر جيڪي انهيءَ راز بابت ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ذريعا ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين جيل اماڻيو وڃي. ان کان پوءِ عدالت فيصلو ڏنو ته آڪٽوبر ۾ عدالتي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين جوڊٿ ملر کي جيل موڪليو وڃي پر جي انهيءَ وچ ۾ هوءَ شاهدي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي تي جوڊٿ ملر چيو ته ”جيڪڏهن صحافين کي اعتماد ۽ اعتبار بحال رکڻ لاءِ ڀروسي جوڳو نه سمجهيو ويو ته اهي پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان ادا ڪري نه سگهندا ۽ آزاد صحافت جو تصور فقط هڪ خواب بڻجي رهجي ويندو. نيويارڪ ٽائيمز جي پبلشر جوڊٿ ملر جي حوصلي ۽ جرئت جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”هن پنهنجي ذريعي جو راز رکي پنهنجو واعدو پاڙيو آهي ۽ جمهوريت جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو اٿس. مئگزين جي  رپورٽر ميٿيو ڪوپر جج کي چيو ته مون آخري لمحن ۾ پنهنجو ذهن انهيءَ ڪري تبديل ڪري ڇڏيو جو، مون کي ڊرامائي انداز ۾ منهنجي ذريعي فون تي چيو ته تون چاهين ته منهنجو نالو ظاهر ڪري سگهين ٿو.“

هن مقدمي آمريڪا جي نشريات ۽ اطلاعات ۾ صحافت جي آزاديءَ جي حوالي سان وڏو هُل ۽ هنگامو مچائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي تحفظ لاءِ وفاقي قانون جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي.

2. عورتون هڪ اسٽال تان خريداري ڪري رهيون آهن جيڪو هڪ نمائش ۾ لڳايل آهي. هيءَ نمائش آل پاڪستان ميمڻ آرگنائيزيشن طرفان لڳائي وئي آهي.

3. قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار جي ڇٻر تي هڪ بي گهر ڪٽنب جي بدحالي ۽ بي وسيءَ جو هڪ ڏيک، اهڙي

پسمنظر ۾ ڪنهن شاعر جو شعر آهي ته:

”تون ڳالهه ڪرين ٿو زلفن جي،

مان اڻڀن اڻڀن وارن جي.

تون ڪُوڪ ٻڌين ٿو ڪوئل جي،

مان پيٽ بکايل ٻارن جي.“

4. لنڊن ۾ ائٿلٽڪ دوران رشيا جي بيلينا

اسنباويا، ورلڊ رڪارڊ حاصل ڪيل آصافا پاويل ۽ ٻين کي شڪست ڏئي پنج ميٽرن جي ڊوڙ کٽي ورتي. ان موقعي تي هوءَ خوشيءَ جو اظهار ڪندي نظر اچي رهي آهي.

5. مانيٽريال ۾ راندين دوران آسٽريليا جي ٽيم راند کٽڻ جي خوشيءَ ۾ پنهنجا ميڊلس هٿن ۾ جهلي نظر اچي رهي آهي.

6. اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهري دوران هڪ مدرسي جون شاگردياڻيون پوسٽر هٿن ۾ جهلي چئي رهيون آهن ته اسين لنڊن ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ شامل ناهيون!

7. مارڪيٽ ۾ هڪ عورت طوطن جو واپار ڪندي نظر اچي رهي آهي. پکين سان پيار ڪندڙن لاءِ هي طوطا وڏي ڪشش رکن ٿا. خاص ڪري ٻارن لاءِ. جيڪڏهن گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته خبر پوندي ته پکين جا پر ڪٽي انهن کي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ سان خود ڪهڙي آزادي ماڻيندو!

8. حلا: هڪ عراقي ماءُ پنهنجي پٽڙي کي ڏسي رهي آهي، جيڪو سڄو سڙيل آهي. هي ٻار اُنهن 150 زخمي ٿيل عراقي ماڻهن ۾ شامل آهي، جيڪي خودڪش حملي وارن جي هٿان زخمي ٿيا ۽ 98 انسان اجل جو شڪار ٿي ويا.

”قيامت کان اڳ ۾ قيامت اچي وئي.

انسان تي ڪهڙي مصيبت اچي وئي.“

10. نيو دهلي: نيشنل هندو ڪائونسل جون رڪن عورتون ”امن جي بحالي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي“ لاءِ زور زور سان نعرا هڻي حڪومت کان گهر ڪري رهيون آهن ته ايوڌيا ۾ ٿيل حملن جي نقصان جو ازالو ڪريو ۽ ايوڌيا جي عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ بندوبست ڪريو.

11. حيدرآباد جون هارياڻيون ڄام شوري تعلقي جي پريس ڪلب اڳيان قرض جي عيوض جي مزوريءَ خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن.

12. بغداد ”هڪ ماءُ پنهنجي ٻن معصوم پٽڙن جون تصويرون کڻي کين ڳولي رهي آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي جيڪي ڌماڪا ٿيا، جن ۾ 100 ماڻهن جي مرڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي. ان ڏينهن کان هيءَ عورت پنهنجن جگر جي ٽڪرن جي تلاش ۾ آهي. هيءَ تصوير ڪربلا جي ميدان جو نمونو پيش ڪري رهي آهي.

لطيف چواڻي:

”واٽون ويهه ٿيون، ڪَهه ڄاڻان ڪيهي ويا!“

13. امر تسر: هيءَ تصوير جيڪا 3 جولاءِ جي نڪتل آهي. هن ۾ ڊمپل پنهنجي ماءُ (جنهن کيس جنم ته نه ڏنو، پر اولاد وانگر کيس پاليو آهي) سلوچنا ايم ڪرنجا سان گڏ بيٺل آهي.“ جج کين ايندڙ مهيني ۾ ٻڌڻيءَ جي تاريخ ڏني آهي. انڊيا جو هي پهريون ڪيس آهي، جيڪو هڪ ڌيءُ، پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف آندو آهي ته انهن هن کي گهٽين ۾ هڪ يتيم وانگر ڇڏي ڏنو، جج گرنام سنگهه 24 آگسٽ فڪس ڪئي آهي. 28 سالن جي ڊمپل هڪ لک رپين جو ڪيس پڻ داخل  ڪيو آهي ته جيئن هن جي تعليم ۽ ٻين خرچن جو پورائو ٿي سگهي. انڊيا ۾ اهڙي نوعيت جو هي پهريون يادگار ڪيس آهي، جنهن ۾ ٻار اهڙي قسم جي دعوى ڪئي آهي.

14. اسلام آباد: پوليس جي چڙهائي ڪرڻ کان پوءِ هڪ مذهبي تعليمي اداري ”لعل مسجد“ جي شاگردياڻيون ۽ استادياڻيون احتجاج ڪندي.

15. لنڊن رُسل اسڪائر ۾. ”جنگ جي خلاف ۽ امن جي بحاليءَ لاءِ مسلمان تنظيم جي ڪارڪنن هڪ وڏو احتجاجي جلوس ڪڍيو.

16. بندر سيري بيگاوان!

برنينين جو سلطان بلخا ۽ سندس راڻي صالحه ساڻس گڏ نظر اچي رهي آهي. سلطان حسنال جي جنم ڏڻ جي سيليبريشن جو هڪ ڏيک. سلطان حسنال، تيل جي ڀرپور ذخيرن سان مالا مال ملڪ برنيءَ جو حڪمران آهي.              

ڊان جي ٿورن سان

ترجمو: گلبدن جاويد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com