سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون ڊسمبر 2006ع

گلبدن جاويد

 

سرتيون شاهه لطيف چئي:

 

سَرَ نِسِرِيا پاندَ؛ اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!

مون تو ڪارَڻِ، ڪانڌ! سهِسين سُکائون ڪيون.

(سامونڊي)

 

سوچ ويچار

سرتيون، ڏٺو وڃي ته هڪ پاسي دنيا ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جي منزل ڏانهن وڌي رهي آهي، ته وري ٻئي پاسي جنگين/لڙاين، سڄي دنيا ۾ ٻارڻ ٻاري ڏنو آهي. دنيا جو ڪوبه ملڪ اهڙو ناهي جيڪو دهشتگرديءَ ۽ خونريزيءَ کان بچيل هجي، هر روز ڪٿي نه ڪٿي بي گناهه انساني جانيون موت جو بک ٿينديون رهن ٿيون، فلسطين کان عراق تائين افغانستان کان ڪشمير تائين روز ڪيترا انسان پيا ڪُسجن. هر ملڪ هر خطي جو ”داستانِ غم“ الڳ الڳ آهي، ڌرتي ۽ ديس لاءِ سر ڏيڻ ته وري به ٺهي ٿو پر بنان مقصد بي موت مرڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي. گهڻي عرصي کان سنڌ ۾ هڪ پاسي قبائلي جهڳڙن ۾ ماڻهو ماربا رهن ٿا. جن جا فيصلا به قبيلا پاڻ ئي ڪن ٿا. پوءِ ڪجهه نه ڪجهه هڪٻئي کي ڏيئي وٺي (سڱ چٽيءَ ۾ يا لکين رپيا ڏنڊ) وري پاڻ ۾ پرچي سرچي وڃن ٿا. اهڙي نموني ”ڪاروڪاري“ دستور به هڪ ڪاروبار جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کان انتقام وٺڻو هجي ته پنهنجي گهر جي عورت (ماءُ، ڀيڻ، زال، ڌيءَ، ڀاڄائي، پڦي، ماسي، پوٽي، ڏهٽي وغيره) کي ڪاري چئي اڳلي ڌُر کي نُنهن تي نچائي سگهجي ٿو. انهي دستور کي به ڪي زمانا ٿي ويا آهن. پر چوندا آهن ته جيئن ٿڌ، تيئن وڌ.“ سو ”ڪاروڪاري“ جي نالي تي روزاني ڪيتريون ئي بي ڏوهي عورتون قتل ٿينديون رهن ٿيون. پر نه ڪو داد نه ڪو فرياد. ڪجهه سالن کان ته عورتن کي اجتماعي صورت ۾ قتل ڪيو ٿو وڃي. وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته عورتن کي پنهنجا مڙس ۽ ڀائر پاڪ دامن ۽ پارسا سمجهن ٿا، پر پاڙي وارا (ماما، چاچا، ذات ڀائي) انهن کي قتل ڪري سينو تاڻي گهمندا وتن ٿا، پر ڪير به انهن کي سزا ڏيڻ وارو ناهي، موت، وڇوڙو هونئن ئي اذيتناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ احساس آهي، پر هرڪو ڌڻيءَ جي رضا تي راضي ٿي صبر ڪيو ڇڏي، پر ههڙي نموني معصوم ٻارڙن جي مائرن کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ ڪيڏو ڪربناڪ آهي. ٻار ۽ ماءُ جو هڪ اهڙو رشتو آهي جنهن جو مثال دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، ان معصوم ٻار جي اڳيان سندس زندگيءَ جي سڀ کان ويجهيءِ پياري شيءِ اهڙي نموني کسي وڃي، آهي ڪو سوچڻ وارو! يا ماءُ پيءُ جي سامهون سندن نياڻين کي ڪٺو وڃي. ڇا گذرندي هوندي انهن تي.

انهيءَ ڏس ۾ اسين سرتيون جي پليٽ فارم تان جناب صدر پرويز مشرف کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙن ماڻهن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي، جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ بي ڏوهه عورتن توڙي مردن کي قتل ڪن ٿا. سنڌ سرڪار کي پڻ گذارش ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو ازالو ڪرڻ لاءِ قانوني قدم کنيا وڃن!

 

 

اولاد هڪ نعمت آهي

صحيح مسلم ۾ روايت آهي، ته هڪ ماڻهوءَ حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنه کي عرض ڪيو، ته منهنجا ٻه ٻار فوت ٿي ويا آهن. رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ڪا اهڙي حديث ٻڌاءِ، جنهن سان مون کي پنهنجي فوت ٿيل ٻارن جي باري ۾ تسلي ٿئي. حضرت ابو هريره رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو ته: بلڪل مان توکي انهيءَ جي باري ۾ حديث ٻڌايان ٿو. پوءِ فرمايائين ته: رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: مسلمانن جا فوت ٿي ويل ٻار، قيامت جي ڏينهن پنهنجي ماءُ پيءُ جي سفارش ڪندا، هن طرح ته جيڪڏهن ان جي ماءُ پيءُ مان ڪوبه هڪ پنهنجي گناهن جي ڪري جهنم جو حقدار بڻيو هوندو ته سندن فوت ٿيل ٻار کين ڪپڙن مان ائين پڪڙيندو، جهڙيءَ طرح توهان جي ڪپڙي جي پلوءَ کي پڪڙيو آهي. (شايد سمجهائڻ جي خاطر ابو هريره ان شخص جي ڪپڙن کي پڪڙيو هوندو) ۽ اهو ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ کي ايستائين نه ڇڏيندو، جيستائين الله تعاليٰ ان ٻار ۽ سندس ماءُ پيءُ کي جنت ۾ داخل نه ڪري.

صحيح مسلم جي هڪ ٻي حديث ۾ هن طرح حضرت ابوهريره رضي الله تعاليٰ عنہ فرمايو ته نبي اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي خدمت ۾ هڪ عورت، پنهنجي ٻار کي کڻي آئي ۽ عرض ڪيائين ته اي الله جا رسول! صلي الله عليہ وآلہ وسلم هي ٻار سدائين بيمار ٿو رهي. مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هي وفات نه ڪري وڃي، ڇو ته هن کان اڳ ۾ منهنجا ٽي ٻار فوت ٿي چڪا آهن. رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: تنهنجا فوت ٿي ويل ٻار تو لاءِ جهنم جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻبا.

مسلم شريف جي هڪ ٻي روايت ۾ آهي، ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: ٽي اهڙا ٻار جيڪي اَڃا بالغ نه ٿيا هجن.

نوٽ: مٿين حديثن مان معلوم ٿيو، ته عورت ڪيڏي نه ڀلائي واري آهي، جو جنهن جي ڪري الله تعاليٰ اسان کي ٻارن سان نوازي ٿو. پوءِ اهي ٻار جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ٿا وڃن ته اهي ماءُ پيءُ کي جنت ۾ وٺي وڃڻ جو سبب ٿين ٿا.

حديثن مان هيءَ ڳالهه به معلوم ٿي ٿئي، ته عورت پاڻ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ اولاد، هڪ وڏي نعمت آهي، انهيءَ لحاظ سان مڙس کي زال جو شڪر گذار رهڻ سان گڏ ان جو قدر به ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن عورت کي رڳو ڇوڪريون پيدا ٿينديون هجن، مطلب ته انهيءَ جي ڪري عورت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا طلاق ڏيڻ يا مارڻ، مردن کي نه ٿو سونهي، پٽ ۽ ڌيون ڏيڻ اها الله جي هڪ ورهاست آهي. جنهن کي گهري ته پٽ ۽ ڌيون ٻئي ڏي ۽ جنهن لاءِ گهري ته ان کي رڳو پٽ ڏئي ۽ جنهن لاءِ گهري ته بي اولادي بڻائي ڇڏي يعني ان کي اولاد ئي نه ڏئي.

ڳالهه ٿا ڪن، ته هڪڙي مرد پنهنجي گهر واريءَ کي چيو، ڇا ڳالهه آهي جو تون هر دفعي رڳو ڌيئر ٿي ڄڻين پٽ ڇو نه ٿي ڄڻين؟ تنهن تي ان عورت جواب ڏنو ته: الله تعاليٰ فرمائي ٿو، ته عورتون توهان لاءِ زمينون آهن، جيڪو ٻج پوکيندين اهوئي ڦٽندو، ان ۾ اسان جو ڪهڙو ڏوهه.

پيءُ ماءُ کي به تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي

ماءُ ۽ پيءُ کي گهرجي ته اولاد لاءِ بد دعا ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪن، بد دعا ڪرڻ ناجائز آهي. ڇو ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن اسان کي پنهنجي مال ۽ پنهنجي اولاد لاءِ بد دعا ڪرڻ کان منع ڪئي آهي، جيئن صحيح مسلم ۾ هڪ روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو: توهان پنهنجي جان، پنهنجي اولاد ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بد دعا نه ڪندا ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته توهان جي بد دعا وارو وقت الله جي طرف کان قبوليت واري گهڙي هجي، ڇو ته ان وقت ۾ جيڪا به دعا گهري ويندي آهي،ا ها قبول ٿيندي آهي، بلڪ ماءُ پيءُ کي گهرجي ته پنهنجي اولاد لاءِ خير ۽ هدايت جي دعا ڪن ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهوءَ کي پنهنجي لاءِ ۽ مال ملڪيت لاءِ به ڀلائيءَ جي دعا ڪرڻ گهرجي.

(مولوي سليم الله سومرو)

 

پاڪستان جي صدر پرويز مشرف جو عورت ڪنوينشن اسلام آباد ۽ وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ خطاب

پاڪستان جي صدر پرويز مشرف پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته ”عورتن جي حقن واري بل جا مخالف عورتن کي حقن کان محروم رکڻ گهرن ٿا. انهن قرآن پاڪ ڇاپڻ جي مخالفت ڪئي ۽ قائداعظم کي ڪافر اعظم سڏيو. پاڻ وڌيڪ چيائين ته ”بيبي خديجة الڪبريٰ رضه واپار ڪندي هئي ۽ اڄ اسين چئون ٿا ته عورتن کي گهرن ۾ بند ڪري ڪجهه ڪرڻ نه ڏنو وڃي. اهو غير اسلامي رويو آهي. منهنجي نظر ۾ عورتن جي حقن وارو بل پاس ٿيڻ عورتن ۽ اعتدال پسندن جي فتح ۽ منافقن جي شڪست آهي. اهي ماڻهو پنهنجي سوچ زوري مڙهين ٿا. پاڻ چيائين ته عورتن جي اهليت وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزير عورتون انهن کي مٿي آڻين. يقيني طور عورتن جي ڪوٽا 50 سيڪڙو ٿي ويندي. اسان عورتن  کي سياسي خودمختياري ڏئي ڇڏي آهي. سماجي براين جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي. وراثت ۾ حصيداري نه ملڻ مرضيءَ بنان شادي، حق بخشرائڻ جهڙا عمل بدنيتيءَ تي ٻڌل آهن. جيڪو مرد، عورت تي هٿ کڻي ٿو اهو ڪمزور ۽ بزدل آهي. پاڻ وڌيڪ چيائين ته سنڌي ماڻهن جي سوچ اعتدال پسنديءَ واري آهي. اسان جي سماج ۾ عورتن سان سخت ڏاڍائي ٿي رهي هئي، تنهنڪري مون 1300 عورتن کي ضمانت تي آزاد ڪرايو. هي اهي عورتون هيون جيڪي فرياد کڻي ٿاڻن تي ويون، جتي کين نظربند ڪيو ويو هو. عورتن جي حقن وارو بل هڪ شروعاتي قدم آهي ۽ اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. عورتن سان جيڪي به سماج ۾ ڏاڍايون ٿي رهيون آهن، تن کي ختم ڪرائينداسين ۽ عورتن کي معاشي طور مضبوط بڻائينداسين.“

ان موقعي تي عورت ڪائونسلرن لاءِ 2000 رپيا ماهوار وظيفي جو اعلان ڪيو ويو. پاڻ اهو به چيائين ته ”آفيسرن ۽ ملازمن جون پگهارون گهٽ آهن، جن ۾ هر سال بهتري آڻبي.“

(ڪاوش جي ٿورن سان)

سنڌ ۾ صدين کان عورت جو قتل عام جاري آهي. سرچارلس نيپئر هي فرمان انهيءَ حقيقت سببان جاري ڪيو هو:

Proclamation of His Excellency Major – General Sir C.J. Napier, Governor of Scinde

Be it is known to all the Mahomedan inhabitants of Scinde, that I am the Conqueror of Scinde, but I do not intend to interfere with your religion. I respect your religion, but it is necessary that you also should respect mine. We both worship one God, and that God has prohibited us to take away life; but not with standing this, you kill your wifes without pity. I tell you plainly that I will not allow this I am the ruler of the Country, and if any one hereafter kills his wife, I will have the matter investigated by a Court of Justice, and the offender shall be punished according to his crime. This order is to be dully obeyed in Scinde. Let no one break it.

6th August 1844,

"SCINDE IN THE FORTIES"

by:

COLONEL KEITH YOUNG

هز ايڪسيلينسي ميجر جنرل سر چارلس نيپئر، گورنر سنڌ، جو فرمان

”سنڌ جي سڀني مسلمان رهاڪن کي اطلاع ٿو ڏجي ته آءٌ  سنڌ جو فاتح آهيان، پر آءٌ اوهان جي مذهب ۾ دخل ڏيڻ نٿو گهران. آءٌ اوهان جي مذهب جو احترام ڪريان ٿو، پر اهو پڻ ضروري آهي ته اوهين پڻ منهنجي مذهب جو احترام ڪريو. اسين ٻئي (عيسائي ۽ مسلمان) هڪڙي خدا جي عبادت ڪريون ٿا، جنهن اسان کي زندگي جو احترام ڪرڻ سيکاريو آهي، پر اُن هوندي به اوهين عورتن کي بي رحميءَ سان قتل ڪريو ٿا.

آءٌ اوهان کي صاف صاف چتاءُ ڏيان ٿو ته مان ان جي هرگز اجازت نه ڏيندس. آءٌ هن ملڪ جو حڪمران آهيان، ۽ هن کان پوءِ جيڪڏهن ڪوبه شخص پنهنجي زال کي قتل ڪندو ته آءٌ ان فعل جي قانوني جاچ ڪرائيندس ۽ ڏوهاريءَ کي سندس ڏوهه مطابق سزا ڏني ويندي.

هن حڪم جي سنڌ ۾ بجا آوري ڪئي وڃي ۽ ڪوبه اُن جي انحرافي نه ڪري.“

6 آگسٽ 1844ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com