سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون سيپٽمبر 1995ع

گلبدن جاويد

 

بيجنگ ڪانفرنس ۾ وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جو خطاب

ڏهاڪو سال اڳ نيروبي ڪانفرنس کان پوءِ بيجنگ ۾ هلندڙ عورتن جي ڪانفرنس ترقيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي، پر پوءِ به انسان جي جنس جي بنياد تي متڀيد کي ختم ڪرائڻ لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت آهي. پوين ڏهن سالن ۾ وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها آهي، ته ترقي پذير ملڪن ۾ عورتن جي مسئلن تي غور فڪر جو هڪ سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، جنهن کي وڌائڻ لاءِ بين الاقوامي اين. جي. اوز ۽ ٻين مالي مدد ڪندڙ تنظيمن به اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ئي نتيجي ۾ هر ملڪ عورتن جي تعليم ۽ صحت ڏانهن چڱو خاصو ڌيان ڏنو. پاڪستان ۾ سوشل ايڪشن پروگرام جي ترجيحات کي ان ڳالهه جي ثبوت طور پيش ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان جي تاريخ ۾ مارشل لا جو دؤر گهڻو رهيو ۽ مجموعي طور هتي پدري حاڪميت وارو سماج آهي. جنهن ۾ عورتن تي مردن جي ڏاڍاين جون تڪليف ڏيندڙ اهڙيون حقيقتون سامهون رهيون آهن، جن جي ذڪر سان روحاني تڪليف وڌندي. پر اها به حقيقت آهي ته اهو سڀ ڪجهه غربت ۽ اڻڄاڻائي جي ڪري آهي. اهڙي سماج ۾ اهوئي ٿيندو، جتي ڇوڪري جي پئدائش تي خوشي ۽ ڇوڪريءَ جي پئدائش تي ڏک جو اظهار ڪيو ويندو آهي، ڇو ته ڇوڪرو وڏو ٿي والدين جي غربت گهٽائڻ لاءِ هٿ ونڊائيندو. جڏهن ته ڇوڪري پرڻجي پرائي گهر هلي ويندي. ان جي ئي ڪري گهر ۾ پٽ کي ماني ۽ علاج جي حوالي سان ڌيءَ جي ماني ۽ علاج تي فوقيت رهندي آهي. اسان جي سماج ۾ عورت جي وڌڻ ويجهڻ کي سماج بلڪل به سٺي نگاهه سان نه ٿو ڏسي ۽ نه ئي ان لاءِ تيار آهي. ان صورتحال جي پويان اقتصادي سببن سان گڏ هڪ سماج جي ريتن رسمن جو به وڏو عمل دخل آهي.

مون کي يقين آهي، ته بيجنگ ڪانفرنس عورتن جي مسئلن تي چڱيءَ طرح غور ويچار ڪندي. حڪومتي ادارن ۽ غير حڪومتي ادارن ۽ فردن جي وچ ۾ هي ڏاڍو دلچسپ موقعو آهي. خيالن جي ڏي وٺ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکندا. جنهن جي نتيجي ۾ هر ملڪ ۾ ڪانفرنس ۾ شريڪ مندوبين واپس وڃي عورتن جي مسئلي تي جدوجهد ڪندا ۽ پنهنجي آباديءَ کي وڌڻ ويجهڻ ۽ آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺندا.

ان حقيقت کي ته بهرحال ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهجي، ته ڪنهن به سماج کي بدلائڻ گهڻو آسان ڪونهي. ۽ منهنجي ملڪ ۾ تعليم کي وڌائڻ ۽ غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي آهي. جنهن سان سڀ کان پهرين اقتصادي طور ملڪ جي عوام کي سکيو ڪرڻو پوندو ۽ جيستائين عورت مرد جي رحم ڪرم تي رهندي اوستائين عورت مڪمل طور آزاد ٿي ڪانه سگهندي. منهنجي حڪومت ان لاءِ ڪوششون ورتيون آهن. ان سلسلي ۾ عورتن کي گهڻن شعبن ۾ تربيت ڏني پئي وڃي. عورتن جي لاءِ گهڻن شعبن ۾ ڪوٽا به مقرر ڪئي پئي وڃي. اسان عورتن جي الڳ بئنڪ کولڻ جو به ڪارنامو ڪيو آهي. جنهن سان عورتون پنهنجي طور سرمائيڪار طور اڀري سگهن ٿيون ۽ مان سمجهان ٿي، ته اها پهرين ڪوشش هوندي عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ برابري جي. جيڪڏهن اسان کي عورتن کي سياست ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ مردن جي برابر بيهارڻو آهي، ته ان لاءِ لازمي آهي، ته مالي طور عورت پنهنجي پيرن تي بيهي. اسان کي ان لاءِ گهڻا رخ ۽ پاسا ڏسڻا پوندا، ته عورتن جي ڪيئن مدد ڪري سگهجي ٿي. مثال طور عورتون گارمينٽس فيڪٽرين ۾ گهڻو ڪم ڪري رهيون آهن ۽ جيڪڏهن قوم گارمينٽس جي خريداري وڌائيندي، ته ظاهر آهي ان جو اثر عورتن جي مالي صورتحال تي پوندو. ساڳيءَ طرح عورتن ۾ پڙهڻ جو رجحان وڌندو، ته اها قوم اڻ ڄاڻائيءَ مان ٻاهر نڪري روشني ۽ ترقيءَ ڏانهن تيزيءَ سان وڌندي. ان لاءِ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن جي به ضرورت آهي. جيڪي عورتن جي گهڻ رخي ترقيءَ تي ڳوڙهو ويچار ڪري سگهن.

مان بيجنگ ڪانفرنس مان گهڻي پر اميد به ناهيان. بلڪه ڳالهه پر اميد رهڻ کان وڌيڪ اها آهي، ته مان گهڻي اعتماد ۾ آهيان. هن ڪانفرنس ۾ عورتن جي مسئلن تي ٿيندڙ بحث اسان عورتن جي علم ۽ تجربي ۾ اضافي جو باعث بڻجندو ۽ هتي پاس ٿيندڙ قراردادون عورتن جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون. اسان کي جيڪڏهن 21 صديءَ ۾ ڪامراني سان داخل ٿيڻو آهي ته پوءِ اسان کي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي ۽ عورتن ۽ مردن جي برابري ئي دنيا ۾ امن ۽ ترقي جي ضمانت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com