سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون جنوري 2005ع

گلبدن جاويد

 

سوچ ويچار

سرتيون، سڀ کان پهرين اوهان کي نئين سال جون لک لک واڌايون هجن. اسان جي دعا آهي ته هي سال شال سڄي عالم لاءِ امن، سک، سڪون، شانتي، خوشي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿئي آمين.

جي اتر ڊاهي ان جا، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن

سرتيون، گذريل مهيني بحر هند مان آيل طوفان جيڪي انسان ذات سان هاڃا ڪيا آهن. ان جو ته ڪو انت ئي ڪونهي. پل ڀر ۾ لکين انسان اجل جو شڪار ٿي ويا. زندگيءَ سان ڀرپور ۽ روان دوان شهر جا شهر ڇر ئي ڇر ٿي ويا. محل ماڙيون، بنگلا بازاريون، گلشن گلزاريون، طوفان جي لپيٽ ۾ اچي نيست نابود ٿي ويا. اهڙي منظر تي دل درد سان تاروتار آهي. پر زبان ڪجهه چوڻ ۽ ڪڇڻ کان دقاصر آهي. قدرت خود ڪارساز آهي، شال چڱي وڻيس! شل پنهنجي بندن تي رحم ۽ ڪرم جي نظر ڪري. آمين.

پاڙي ناهي پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري!

ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي جو منهنجي ڌرتيءَ جي خوبصورت نظارن ۽ دلفريب هوائن ۽ فضائن جي شهر حيدرآباد جي هڪ مشهور پاڙي سرفراز ڪالوني جي هڪڙي گهر ۾ ڪا امڙ بنان گهر ڌڻيءَ جي پنهنجن ٻچن سان زندگيءَ جا ڪشٽ ڪاٽي رهي هئي. هوءَ پنهنجي اصلي ماڳ (لاڙڪاڻي) ۾ پاڻ ۽ پنهنجي ٻچن کي غير محفوظ سمجهي هتي هجرت ڪري آئي هئي. هُن گهر جي آبرو ۽ ٻچن جي حياتيءَ خاطر هڪ سوڙهي گهٽي ۾ هڪ ڪمري واري گهر ۾ مسواڙ تي رهڻ قبول ڪيو. هڪ ماءُ جي حيثيت ۾ هن ٻچن جي سک ۽ خوشيءَ لاءِ جتن ڪيا هوندا. تڪليفون سٺيون هونديون. دل ۾ ارمان سانڍيا هوندا. اکين ۾ سپنا سجايا هوندا. ٻچن جي زندگيءَ لاءِ هوءَ مٽ مائٽ راڄ ڀاڳ ڇڏي هت اچي جهڙوڪر سام پئي. جيڪا ماءُ ايڏي دور انديش هجي. ان کي نفسياتي مريضه سڏڻ ساڻس ڏاڍائي ٿيندي. جيڪڏهن واقعي به اهو عمل (ٻارڙن جو قتل) هُن عورت ڪيو آهي ته پوءِ هن کي نفسياتي مريضن جي زمري ۾ آڻڻ نه گهرجي. ڇو ته هڪ ذهني مريض سماج ۾ رائج اخلاقي قدرن، عزت، ذلت، چڱائي مٺائيءَ جهڙن معاملن کان وانجهيل هوندو آهي. پر هيءَ عورت سماج جي رويي کان مايوس ۽ نراس هئي. هُن دنيا کي ڏٺو هو، هن کي پهاڄ جهڙن رشتن جو تجربو هو. هن کي اهو به احساس هو ته ويڳي پيءُ وٽ ٻار ڪيئن پلبو آهي. هُن زندگيءَ جو هر ڏکيو موڙ ڏٺو هو. هُن هر سُور سٺو هو. پل پل جي پيڙائن مان گذري هئي شاهه سائين چواڻي ته :

سرجي تان سور، سامائي تان سُک ويا

اهي ٻئي پور، نماڻي نصيب ٿيا!

هوءَ مضبوط ۽ اڏول هئي. هن کي اڃون ۽ بکون ماري نه سگهيون هيون. هُن کي ماريو سماج طرفان مليل تهمتن، مايوسين، ناڪامين، مهڻن ۽ طعنن. هُن کي انهيءَ ڌمڪي (تنهنجي نياڻين جون لڄون لٽينداسين) انهيءَ فيصلي ڪرڻ تي منبور ڪيو ته ”ذلت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر آهي.“ هُن کي ڀؤ هو سماج جي وحشي درندن کان. جيڪي انڌ جي گهوڙي تي سوار حوس ۾ اچي نياڻين جون لڄون لٽيندا آهن. هوءَ اهڙي واردات ٿيڻ جو سوچي من ئي من ۾ مري چڪي هئي. هن اهو سمجهي ورتو ته هڪ بيوس ۽ بي پهچ عورت هن سماج ۽ عزت سان گذاري نه ٿي سگھي. ھُن کي پنھنجي سماج جو ڀلي ڀت مشاهدو هو ته نياڻين واري گهر تي نظرن ۽ لفظن سان ڪيئن وار ٿيندا آهن.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسين سڌريل تهذيب جا وارث آهيون، پر اسان جا اخلاقي قدر ڪٿي آهن؟ نياڻي ست قرآن وارو مرتبو ڪيڏانهن ويو؟ هڪ ٻئي تي ڪهل ڪرڻ وارا رويا ڪيڏانهن ويا؟ جڏهن انسان پنهنجي آسپاس جي حالتن کان مايوس ٿئي ٿو، رت جي رشتن تان ويساهه کڄي ٿو. دوستيءَ تان اعتماد کڄي ٿو. تڏهن اسان اڪيلو ٿي پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جي زندگيءَ جو ڏيئو وسائي ٿو. جنهن سماج جي عورت جو آخري پناه گاه موت / قبر هجي، ان سماج مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. باقي آزاد رويا آزاد قومن جا هوندا آهن. شايد شاهه سائين تڏهن ئي هيئن فرمايو آهي:

پاڙي ناهي پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري!

سرتيون، جنوري 2005ع پهريون شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ اميد ته هميشه جيان پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازينديون. اهو اوهان جي صلاحن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي. اهو اوهان جي ساٿ جو نتيجو آهي جو رسالو هر مهيني باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو رهي ٿو. هن پرچي جو اوهان کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪرڻو پيو. جنهن لاءِ اسين معذرت خواه آهيون. وري به اوهان جا لک لائق جو اسان جي اوڻاين کي درگذر ڪري پنهنجا ڀال ڀائينديون ٿيون رهو. لک ٿورا اوهان جا

 

پياري سرتي!

شال نئون سال اوهان کي خوشيون ارپي

مٺي ڀيڻ!

منهنجي خوشبختي جو اوهان جي محنتن ۽ محبتن سان سجايل ”سرتيون“ جو نومبر ۽ ڊسمبر 2004ع جو شمارو هٿن ۾ آهي. بلڪل هاڻ پڙهي پورو ڪيو اٿم. اوهان جي نگرانيءَ ۾ شايع ٿيل ”سرتيون“ پڙهي افسوس به ٿيم ته خوشي به! افسوس انڪري جو انهي کان پهرين ڇپيل شمارا ڇونه پڙهيم. خوشي انڪري ٿي جو دير سان ئي سهي اوهان جهڙين ”سرتين“ جو ساٿ نصيب ته ٿيو. پنهنجي پاڻ سان عهد ڪيو اٿم ته ”سرتيون“ جو باقاعدي پڙهندڙ ٿبو ۽ پنهنجي لکڻين ذريعي اوهان جي سرتيون سان ساٿ ساهن جي سلامتيءَ تائين سلامت رکبو.

ان کان اڳ جو پڙهيل شمارن تي ڪا راءِ ڏيان، پهريائين ته بيحد ٿورا مڃڻ چاهيان ٿي، اوهان جا. جو اوهان منهنجي شاعريءَ کي پنهنجي رسالي جي زينت بنائي منهنجي دل وڌائي آهي.

سچ ته ٿورائتي ڀاءُ رضا ڏاهريءَ جي به آهيان، جنهن اوهان تائين منهنجي شاعري پهچائي ۽ ”سرتيون“ منهنجي هٿن تائين پهچايو. منهنجي بدنصيبي جو هن کان اڳ ”سرتيون“ پڙهي نه سگهي آهيان.

اوهان جي حڪم موجب پنهنجون تصويرون اماڻيان پئي. گذريل شماري ۾ پنهنجي پسنديده ليکڪا امر سنڌوءَ جي ترجمو ڪيل آتم ڪٿا ”حدون ٽوڙڻ جا خواب“ بيحد وڻي. اديءَ کي گذارش ته ٻيا باب به ترجمو ڪري اسان کي پڙهائي. سگفته شاهه جي انٽرويو کان وٺي، ڪهاڻيون، شاعري، ڊائريءَ جو ورق مثالي ماءُ جي ڪٿا ۽ باقي تحريرون به دل کي بيحد موهي ويون.

نومبر 2004ع واري شماري ۾ جيجي زرينه جو انٽرويو ڀرپور لڳو. ڪهاڻيون به ڀليون هيون، پر شاعريءَ وارو پُڙ وري به ڳرو رهيو. خاص ڪري سحر امداد جي شاعريءَ پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو. سنڌ جي ٻن شهيد ٿيل ڪونڌر پٽن کي ڀيٽا ڏيندي گلبدن جاويد (توهان) جيڪو درد ڀريو نظم لکيو آهي، ان سچ ته من اندر درد ڀري ڇڏيو. ان درد جي ڪيفيت کي مون پنهنجي دل ۾ محسوس ڪيو. اهو سنڌ سان سانحو آهي، جنهن کي هر حساس دل ماڻهو پنهنجو ڏک ٿو سمجهي. اهڙن سانحن تي دل چوندي آهي ته پنهنجي پاڻ سان عذر خواهي ڪجي.

مجموعي طور باقي لکڻيون به معياري هيون. انشاءَ الله آئيندي باقاعدگيءَ سان خط لکي ايندڙ شمارن تي تفصيلي راءِ ڏيندي رهنديس.

پنهنجو ڪجهه تخليقون اماڻيان پئي. اميد ته پنهنجي رسالي جي زينت بنائينديون.

آخر ۾ دعا ته شال رب پاڪ اوهان جي ڏات ڏهوڻي ڪري.

نيڪ تمنائن سان

اوهان جي پنهنجي

  زبي پروين ڏاهري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com