سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :2

پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

مادرِ جمهوريت

بيگم نصرت ڀٽو

تاريخ جي ورق گرداني ڪندي سنڌ جي عظيم تهذيب موئن جي دڙي جي سرزمين مان ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ گهرن لاڳاپن جو پتو پوي ٿو.

سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان پوءِ عربن جي تجارتي قافلن ۾ ايراني به شامل هئا جن پنهنجي ٻوليءَ کي هت متعارف ڪرايو. سنڌ جا ماڻهو عربي ٻوليءَ سان گڏ فارسي به سمجهڻ لڳا. سنڌ ۾ غزنوي دؤر ۾ ايراني اثرن ۽ ان جي ادب کي تازگي ملي ۽ فارسي زبان جو هڪ وڏو  مواد سنڌ ۾ جمع ٿيو پر اهو اثاثو زماني سان گڏ ضايع يا گم ٿي ويو پر ايراني ٻولي هتان جي ماڻهن جي دلين ۾ نقش رهي تان  جو سنڌ جو اوائلي تاريخ ”فتح نامه“ جيڪا عربي زبان ۾ لکيل هئي ان کي سنڌ جي هڪ فارسي مترجم مولانا ڪمال الدين فارسي ۾ ترجمو ڪري ”چچ نامه“ جي نالي پڌرو ڪيو.

ايران جا هندستان توڙي سنڌ سان جذباتي، محبت ۽ عقيدت جا لاڳاپا رهيا آهن.

اها هڪ حقيقت آهي ته هڪٻئي جي ٻولي يا ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙن جو هڪٻئي سان هڪ عجيب لڳاءُ هوندو آهي. جيڪو اڳتي هلي وفا ۽ الفت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندو آهي.

هندستان ۾ مسلمانن جي دور حڪومت، خاص ڪري مغلن جي هندستان ۾ حڪومت جي دور ۾ ايران کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي. ايراني نه صرف وڏن عهدن تي مامور هئا پر هنن جون خواتين محلن ۾ ”راڻين“ جي حيثيت ۾ عزت ماڻينديون هيون جن نه صرف ايراني ثقافت کي اجاگر ڪيو پر فارسي زبان کي مسلمانن جي زبان بڻائي ڇڏيو.

1521ع ۾ جڏهن شاهه بيگ، سمن سردارن کي شڪست ڏيئي سنڌ جو حاڪم بڻيو ته هن سان گڏ ڪيترا ايراني ترڪي شاعر ۽ عالم به هت آيا. سنڌ ۾ ان وقت جي استعمال ٿيندڙ ٻولي عربي هئي ڇاڪاڻ ته جيئن مسلمانن سنڌ کي فتح ڪيو ته هتان جي مسلمانن کي عربي زبان سيکاري ويئي هينئر عربي سان گڏ فارسي تعليم جو سلسلو سنڌ ۾ باقاعدي شروع ٿيو.

شاهه بيگ ارغون جو پٽ مرزا شاهه حسن فارسي جو هڪ تز ۽ وڏو شاعر هو. جنهن جو تخلص ”سپاهي“ هو. هن جي شاعر نوازي ۽ ايران جي عالمن جي سنڌ ۾ گهڻائي سبب سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ نظم ۽ نثر جو هڪ وڏو سلسلو جاري ٿي ويو. ارغونن کان پوءِ سنڌ دهلي جي مغلن هيٺ تقريباً ڏيڍ سو سال رهي جتي فارسي زبان نه صرف مسلمانن پر هندن جي لٽريچر جو محور هئي ان کي سنڌ ۾ اڃان وڌيڪ اهميت ملي ۽ سنڌ جو لٽريچر فارسي زبان ۾ گڏ ٿيڻ لڳو. سنڌ جا ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حاڪم فارسيءَ جا شوقين هئا ۽ منجهائن ڪيترا ئي قابل شاعر پيدا ٿيا. جلد ئي هت سنڌي ماڻهن جو فارسي ۾ لکيل لٽريچر (نظم يا نثر) جمع ٿي ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ نه صرف فارسي ٻولي پر ملڪ ايران ۽ انهن جي ماڻهن سان به محبت ۽ عقيدت جو رشتو جڙي ويو.

مشهور محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي هڪ انٽرويو ڏيندي فارسي ٻوليءَ لاءِ چوي ٿو ته فارسي ۾ ذهني مواد يا سنڌ بابت گهڻو مواد ملندو. جيڪڏهن اوهان کي فارسي نه ايندي ته ذهني طرح سان اوهان جنهن عشق جي تلاش ۾ آهيو ان لاءِ توهان کي مواد نه ملندو. اهو سڀ فارسيءَ ۾ آهي. انساني خيال جي نزاڪت اوهان کي فارسي ۾ ملندي.

ان نازڪ ۽ نفيس قوم ۾ جيڪي واپار ۽ تجارت کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ان جي هڪ شهر اصفهان جيڪو ان وقت پهلويءَ دور حڪومت ۾ عروج تي هو هڪ مشهور واپاري جي گهر ۾ 23 مارچ (ستاره Aries برج حوت) 1929ع ۾ هڪ نياڻي نصرت جنم ورتو. ان برج جي اندر جنم وٺندڙن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ثابت قدم، مضبوط ۽ وعده وفا ٿيندا آهن. هن نياڻي جو ڏاڏو هڪ مذهبي شخص هو جنهن نجف اشرف مان ديني تعليم وٺي ”آيت الله“ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. سندس پٽ هڪ وڏو بزنس مين هو جيڪو پنهنجي واپار جي وڌاءَ لاءِ هندستان جي شهر بمبئي آيو ۽ اڳتي هلي هن بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ صابڻ جي هڪ صنعت بغداد سوپ انڊسٽري جي نالي سان قائم ڪئي  ۽ پنهنجي فيملي سميت اتي سڪونت اختيار ڪئي. سنڌ جي گاديءَ وارو شهر ڪراچي ان وقت سڄي سنڌ وانگر انگريز حڪومت هيٺ هو. سنڌ جي رهواسين پنهنجن سياسي اڳواڻن جي رهبري ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزادي ڏيارڻ جي عظيم تحريڪ هلائي جنهن ۾ سر شاهنواز ڀٽو جنهن پنهنجي سياست سنڌ کان شروع ڪئي ۽ بمبئي ۾ وزير اعظم بڻيو پڻ شامل هو. هن خاندان ۾ سياست ۽ حڪمراني جا جزا سندن رت ۾ شامل هئا خانداني پسمنظر ۾ هو اعليٰ هئا سيرت ۽ صورت ڄڻ خاص طور تي افق تي اعليٰ طريقي سان جوڙي ويئي هئي.

سر شاهنواز جو هر دلعزيز شخصيت وارو  پٽ شهيد ذوالفقار  علي ڀٽو ٻاهرين ملڪ مان بئرسٽري جي اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ وريو تڏهن لوه قلم ۾ لکيل هرڻي جهڙي چال واري من موهڻي ”نصرت اصفهاني“ جنهن جي خاندان ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي هڪٻئي کي ڏسڻ سان کين پنهنجي محبت جي منزل نظر آئي. سنڌ ۽ ايران جي مٽي جڏهن به پاڻ ۾ ملي آهي ته اهڙي مضبوط ٻنڌڻ کي جنم مليو. جنهن جي وجود جي خوشبو کي هر ڪنهن محسوس ڪيو آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس زندگي ۾ هڪ اهو واقعو به آيو جڏهن خانداني رسم رواج جي مطابق کيس ننڍي وهي ۾ خاندان ۾ پرڻايو ويو هو ان وقت سندن عمر 14 سال هئي. سنڌ جي مشهور شخصيت وڏيري احمد خان جنهن جي دولت، حشمت ۽ ذمينداري جو ڌاڪو مشهور هو. ان جي نياڻي ”امير بيگم“ هن جي نڪاح ۾ آئي ڪجهه وقت ڀٽو صاحب ڳوٺ ۾ رهي پوءِ واپس بمبئي ۽ ان کان پوءِ انگلينڊ هليو ويو. واپسي ۾ سندس نينهن ”نصرت“ سان لڳو ۽ هوءَ هن جي دل تي راڄ ڪرڻ لڳي. امير بيگم  سان ڀٽو صاحب، بيگم ڀٽو ۽ سندن ٻارن جا تعلقات تمام محبت ڀريا رهيا. امير بيگم نئون ديرو جي جنهن بنگلي ۾ رهندي هئي. اهو ڀٽي صاحب جي ”وزير اعظم“ جي دور ۾ ”وزير اعظم“ هائوس هو. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي ته امير بيگم اهو بنگلو هن کي گفٽ ڪيو هو پر پاڻ به پنهنجي وفات تائين ان ۾ رهي. هينئر اهو بنگلو ”صدارتي هائوس“ آهي. ان بنگلي جي اهميت اها آهي جو ماڻهن کي ان سان خاص انسيت آهي هن جي ڀتين کي ڏسي هو پنهنجن اڳواڻن جي لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندا آهن.

جڏهن به ڪو جوڙو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ٿو ته ڪي  حسين سپنا ڪن. دلڪش خوابن جو پورو ٿيڻ، خوشيون ۽ شادمانيون هنن جي اڳيان هونديون آهن. ايران جي ثقافت يا رسم و رواج مطابق چيو وڃي ٿو ته ايراني ڇوڪريءَ جي جڏهن شادي ٿيندي آهي ته ان جي ماءُ کيس نصيحت ڪندي چوندي آهي ته پنهنجي ”شريڪ حيات جي اکين، ڪن ۽ نڪ جو هميشه خيال رکجانءَ.“

جنهن جو مطلب اهو آهي ته هن جو ن اکيون هميشه صاف سٿرو ماحول ۽ گهر ڏسن. هن جا ڪن ڪڏهن به اجايون، گلا يا غيبت جهڙيون ڳالهيون نه ٻڌن.  پنهنجي گهر، ٻارن ماحول کي اهڙو صاف سٿرو رکڻ جو هميشه هو خوشبو پيو محسوس ڪري. بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته جيترو وقت هوءَ پنهنجي عظيم  ور جي صحبت ۾ رهي ته پنهنجي ماءُ جي  نصيحت تي عمل ڪندي رهي. هن تخليقڪار چئن جانين کي جنم ڏنو. ستر ڪلفٽن هجي، المرتضيٰ هجي يا ڳوٺ وارو گهر هجي هوءَ جتي به هوندي هئي ڏسڻ وارا هن کي ڏسي دنگ رهجي ويندا هئا جهڙي هئي سهڻي اهڙي سليقه مند ۽ سياڻي جيڪو ڪپڙو يا ڊريس پائي ته سندن نکار ايترو ئي وڌي ويندو هوس. هلڻ جي لوڏ اهڙي جو خدا ڪنهن کي اهڙي نصيب ڪري. سندس مقدر ۾ جيڪو مجازي خدا آيو اهو به عجيب قسمت کڻي آيو خانداني ارڏو، سچ جي اڳيان سينو ڪپجي ته به پرواهه ناهي. Doughter of East ۾ شهيد راڻي به لکيو آهي ۽ ذاتي طور مون به ڀٽو فيملي جا ڪيئي ڪارناما يا ڳالهيون ڀٽو صاحب جي وڏي گهر واري ”امير بيگم“ کان ٻڌيون آهن جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏاڏي مير غلام مرتضيٰ ڀٽو جيڪو هڪ تمام خوبصورت نوجوان هو. گهمڻ ڦرڻ ۽ لٽي ڪپڙي پائڻ جو شوقين هو. هن تي نه صرف سنڌ جون ڪيئي پر سنڌ ۾ رهندڙ برٽش ناريون به کيس پنهنجو آئيڊيل سمجهي هن لاءِ واجهائڻ لڳيون. انگريز جيئن ته سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پنهنجو محڪوم سمجهندا هئا تنهن ڪري هتان جي مردن کي هنن جي عورتن (سفيد فام) سان عشق يا شادي جي اجازت نه هوندي هئي، پر هڪ انگريز عورت هن سان ناتو قائم رکڻ ۾ ڪامياب ويئي. ان وقت جي جڏهن هڪ انگريز فوجي کي ”مير“ جي ان تعلقات جي خبر پيئي ته هن مير مرتضيٰ ڀٽو کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو کيس ڌمڪي ڏيندي پڇيو ته هڪ انگريز عورت سان محبت جوتعلق رکڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي. هن پينٽ جو بيلٽ ڪڍيو ۽ مير مرتضيٰ کي مارڻ لاءِ هوا ۾ لهرايو. مير مرتضيٰ گهڙيءَ ۾ ٽپو ڏيئي اٿيو هن کان بيلٽ کسي مٿس وسائڻ شروع ڪيائين. انگريز  رڙيون، ڪندو ڊوڙندو وڃي ٽيبل هيٺان لڪو کيس چڱي طرح ڪٽي نڪري ويو انگريز کي سندس آفيس وارن ٽيبل مان ڪڍيو. مير مرتضيٰ دوستن جي چوڻ تي روپوش ٿي ويو. انگريزن سندس خاندان کي ڏاڍيون تڪليفون ڏنيون. آخر ۾ انگريزن ۽ ڀٽو خاندان ۾ ٺاهه ته ٿيو پر چون ٿا ته مير مرتضيٰ کي زهر ڏياريو ويو.

اهڙيءَ طرح هڪ اهڙو بلڊءِ هڪ اهڙي ثقافت پاڻ ۾ گڏ ٿي جن جي فطرت  ۾ ذميواري اصول پرستي، محبت ۽ سچائي شامل هئي جيڪا سندن نسلن ۾ به شامل ٿي ويئي. تعليم جو حصول هنن جو اولين ترجيح بڻجي ويئي.

بيگم نصرت ڀٽو هڪ ذميوار خاتون خانه جو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي. هن جي  وڏي ڌيءَ جڏهن نون سالن جي عمر کي پهچي ٿي ان رات هوءَ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ سمهي ٿي ۽ کيس هميشه وانگر تلقين ڪندي ٻڌائي ٿي ته هوءَ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ وڏي آهي هن جي هر عمل ۽ فعل جو اثر سڀني ٻارن تي پوڻو آهي. اسين جيئن ته مسلمان آهيون تنهن ڪري هينئر توکي به مون وانگر پنج وقت نماز پڙهڻي پوندي ڇاڪاڻ ته هينئر تون ان عمر کي پهچي چڪي آهين. فجر جو هوءَ پنڪي (شهيد بينظير ڀٽو) کي اٿاري کيس وضو ڪرائڻ سيکاري ٿي ۽ سمجهائي ٿي کيس وضوءَ جي اهميت ٻڌائي قبله جو رخ سمجهائي ٿي ۽ گڏ نماز پڙهائي ٿي. انهيءَ سان گڏ هن پنهنجي ٻارن جي تعليم ڏي به ڀرپور توجهه ڏنو ڇاڪاڻ ته خود شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اولاد کي تعليم ۽ تربيت جي ميدان ۾ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ ”مثال“ قائم ڪرڻ پئي چاهيو.

سنڌ جو دولت يافته خاندان هئڻ جي ڪري هنن پنهنجي وڏي ٻار (ڌيءَ) کي ڪراچي جي ناليواري اسڪول Lady jennings nursery school ۾ داخل ڪرايو ۽ اڳتي هلي پنهنجن سڀني ٻارن کي اعليٰ اسڪولن ۾ موڪليو سنڌ جي زميندار خاندان ۽ خاص ڪري ”ڀٽو فيملي“ ۾ محترمه بينظير پهرين ڇوڪري هئي جنهن ملڪ کان ٻاهر تعليم حاصل ڪئي.

ٻاهرين ملڪ جي تعليمي اداري Radcliffe:Harvard مان پهتل داخلا جو  ليٽر عظيم عورت بيگم نصرت ڀٽو  پنهنجي ڌيءَ کي ڏنو ۽ 70 ڪلفٽن جي گيٽ مان قرآن شريف جي سائي ۾ سنه 1969ع يونائيٽڊ اسٽيٽ آف آمريڪا وٺي آئي، جيڪا هن سان ڪجهه هفتا هارورڊ جي Eliol Hall ۾ رهي. هن جي وارڊ روب سيٽ ڪيو ۽ مڪي جي طرف کان قبلو سمجهايو جيئن کيس نماز ادا ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.

شهيد ذوالفقار ڀٽو جي وقت ۾ هو ملڪ پاڪستان جي ”خاتون اول“ بڻي سندس شخصيت، علم، ۽ ڄاڻ ۽ سياسي بصيرت جي ڪري نه صرف پاڪستان پر دنيا جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ شهري هن کان متاثر ٿيا هوءَ ڀٽو صاحب جي ساٿي، صلاحڪار، خيرخواهه ۽ وفادار وَني ثابت ٿي، جنهن نه صرف گهر ۽ ٻارن جي صحيح تعليم و تربيت انجام ڏني پر سياسي افق تي به نمايان طور اڀري.

ڀٽو صاحب جي شهادت، هڪ آمر جي ظلم جنهن سڄي ملڪ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، جتي سوين شهرين کي قيد و بند، ظلم ۽ ذلت، ڦٽڪا ۽ سزائن جي اذيت ۽ ڏني. جتي هنن جي اڳواڻ کي بي ڏوهي هئڻ باوجود تخت دار چاڙهيو ويو اتي هي عورت زخمي دل ۽ سهاڳ اجڙڻ جي باوجود پنهنجي پارٽي ۽ جمهوريت جو علم کڻي لوهي ديوار وانگيان آمر اڳيان نروار ٿي ۽ کيس للڪاريو. پهرين ته هن جي اڳيان مڙس جي زندگيءَ جو سوال هو پر جڏهن انهي کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو ته تنگ آ ته جنگ آ وانگر اٿي کڙي ٿي.

سهاله جيل مان ڀٽو صاحب جي شهادت کان پوءِ جڏهن کين (بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ) (مئي جي آخري هفتي 1979ع) کي ستن هفتن کان پوءِ 70 ڪلفٽن موڪليو ويو. تڏهن هن پنهنجي قابل ڌيءَ کي کيس والد جون تعزيتون وصول ڪرڻ لاءِ چيو ڇاڪاڻ ته هوءَ عدت ۾ هئي. هزارين ماڻهو پنهنجي ليڊر جي تعزيت لاءِ ڪيترائي ڏينهن ايندا رهيا.

ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي عظيم سياستدان، محب وطن، جمهوريت جو حامي ۽ مسلم دنيا جو مڃيل ليڊر کي ته هڪ غاصب ڦاهي ڏني پر هن جي اڳيان ٻه ناريون کيس پنهنجي لاءِ عزرائيل مثل لڳيون جن هن جو سڪون تباهه ڪري ڇڏيو هو. هو ته ويچاريون بظاهر ڪمزور هيون پر پنهنجي ڪردار ۽ عمل جي ڪري هنن اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو  جيڪو ظالمن ڪڏهن سوچيو به نه هو. اڄ به ٽي وي جي مختلف چينلز تي اچي ڀٽي صاحب جي بيگناهي جو اقرار ڪن ٿا.

آمريت جي هن اذيتناڪ دور ۾ جڏهن ڪيئي مارشل لاءِ جا آرڊر پاس ڪيا ويا. جتي نه ڪنهن جي عزت محفوظ هئي نه مال ڪنهن کي به ڪٿان به گرفتار ڪيو ٿي ويو. جتي اپيل وارو حق به کسيو ويو. آخر پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي خريد ڪرڻ جو سلسلو ڏاڍ، ڏمر ۽ لالچ ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن ۾ وڏا ڍنگ به ڍيري ٿي ويا ”PNA“ واري جماعت جنهن ڀٽو صاحب خلاف هڪ خوني راند کيڏي انهن مان ڪجهه هينئر ppp جي گهرائي سمجهي کين ڳالهين جي آڇ ڪئي. بيگم نصرت ڀٽو ان اسٽيج تي ملڪ ۽ پنهنجي سياسي پارٽي بچائڻ لاءِ هڪ اهڙو سياسي فيصلو ڪري ورتو. جنهن جي بدولت PPP اڄ تائين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿي.

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب Doughter of east جي صفحي 165 ۾ لکي ٿي.

We have to out manoeuvre Zia before he outmanoeuvres.

اسان ضياءَ کي نفسياتي طور ڪمزور ڪيون ان کان پهرين جو هو اسان کي نفسياتي طور ڪمزور ڪري.

My mother said to me: much as I hate the idea, perhapes. we should take up the feelers put out by the PNA. There is no point in splintering the oppostion to zia.

هوءَ لکي ٿي ته مون ان سوچ ۽ خيال جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اسان جي ڪارڪنن ۾ ٿرٿلو اچي ويندو. پر منهنجي مميءَ مون کي چيو:

When ideal conditions do not present themselves, you have to do with ugly realities.

بيگم ڀٽو ڳجهه ڳوهه ۾ پيپلز پارٽي جي CEC جي ميمبرن جي ميٽنگ ڪوٺائي جيڪا 70 ڪلفٽن ۾ منعقد ٿي. سنڌ جي هڪ ڪارڪن PNA کي ”قاتل“ ڪري ڪوٺيو. جنهن تيPPP جي بزرگ سياستدان شيخ رشيد کيس سمجهائيندي چيو:

But mao tse-tung co- operated with chiang kai-shek. when the japanese invaded china.

ان عنوان تي تمام گهڻو بحث مباحثو ٿيو نيٺ هنن PNA وارن سان گڏ (MRD) Movement to Restoc Democracy جو فارمولو تيار ڪيو ان سڄي تحريڪ کي عملي جامو پهرائڻ واري ”نصرت ڀٽو“ هئي. ضياءَ حڪومت هنن جي خلاف ظلم جي باهه باري ڇڏي بيگم ڀٽو به وڏي سياستدان هئي هن پنهنجي قابل ڌيءَ کي سمجهايو:

My mother tightened the agreement we had made about limiting my Dlitical activity. Do nothing political for the time being. If  I am arrested you -must be there to provide leadership.

MRD جي ڳجهي گڏجاڻي جيڪا لاهور ۾ رٿي ويئي هئي تنهن کي روڪڻ لاءِ ضياءِ دور گرفتاريون شروع ڪري ڏنيون. هر رستو سيل ڪيو ويو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏي جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ان موقعي تي هن بهادر عورت برقعو اوڍي پنهنجي اسٽاف جي هڪ تيرنهن سالن جي ٻار کي ساڻ ڪيو ۽ پاڻ کي ان جي ڏاڏي سڏائي ڪراچي کان لاهور ريل ذريعي سفر ڪيو ۽ ميٽنگ ۾ پهتي  جتي پوليس ڇاپو هنيو جنهن ۾ بيگم ڀٽو کي گرفتار ڪري ڪراچي آندو ويو ۽ ٻيا ڪيترا PPP اڳواڻ پڻ گرفتار ڪيا ويا. بيگم ڀٽو کي ڪراچي سينٽرل جيل جي c ڪلاس ۾ رکيو ويو. محترمه لکي ٿي ته:

My mother, the widow of the former prime minister in a calss C with no running water, no bedding, no air.

ان دوران محترمه کي به گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس سکر جيل ۾ رکيو ويو. جتي غم ۽ بيمارين کين وڪوڙي ڇڏيو پر هماليه جهڙا ارادا رکندڙ خواتين کي ڪو جهڪائي نه سگهيو.

بيگم ڀٽو آخر ضياءِ کي ڊاهڻ ۾ ڪامياب ٿي الله تعاليٰ هن جون دعائون اگهايون سندس ئي زندگي ۾ سندس ڌيءَ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻي ۽ Democracy is the best Revenge کي عملي جامو پهرايو. پر سازشن جو ڄار هنن خلاف وڏي پيئماني تي وڇايل هو. هن جي ٻن پٽن کي شهيد ڪيو ويو هڪ جلاوطني ۾  ۽ ٻيو جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ملڪ پهتو پنهنجي ڌرتي سنڌ تي هن جو خون ريلا ڪري وهايو ويو.

چون ٿا ته بيگم نصرت ڀٽو کي جڏهن ڪاوڙ ايندي هئي يا ڏک پهچندو هو ته هوءَ چپ ڪري ڪمري ۾ ويهي رهندي هئي کيس پرچائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو هو. هوءَ جيڪا رڃ ۾ راڙو پيدا ڪندي هئي جنهن جي هڪ جنبش سان ماڻهن ۾ همت اچي ويندي هئي. ڪارڪنن جو حوصلو بلند ٿي ويندو هو. مير مرتضيٰ جي شهادت کان پوءِ ايڏي رسي ويئي جو ڪنهن کان پرچي نه سگهي. کيس پنهنجي لاڏلي ڌيءَ ۽ دنيا جي مڃيل عظيم سياستدان محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي به خبر نه پئي. بيگم نصرت ڀٽو تي جيڪا آزمائش آئي جيڪو غم هن سٺو ان جو ڪو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. هن جيڪو پنهنجن ڪارڪنن، پارٽي ليڊرن، ٻارن کي حوصلو ڏنو، تنهن جو مثال تاريخ ۾ ڪو ورلي ملندو، پر اڳتي هلي هن جي خاموشيءَ سڀني کي رئاري ڇڏيو. آخر اها غمزده شخصيت 23 آڪٽوبر 2011ع تي پنهنجي پيارن سان وڃي ملي.

ڏاگهن ڏيرن ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک
سي سڀ ڀانيم سک هيڪاند ڪارڻ هوت لئه.

سندس وفات وقت سندس ئي پارٽي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. سندس مڙهه کي سندس ناٺي آصف علي زرداري ۽ ڏهٽي بلاول ڀٽو زرداري دبئي مان شهيدن جي قبرستان ڳڙهي خدا بخش آندو. ان کان اڳ ۾ سکر ايئر پورٽ تي هن کي گارڊ آف آنر ڏنو ويو، کيس جمهوريت جي شهيد ۽ شهيدن جي ماءُ ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل قربانين جي ڪري ”مادرِ جمهوريت“ جو لقب ڏنو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com