سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪونجون ڪرڪن روح تي

 شيخ اياز

صفحو :12

 

 

­

سونجهي سوُنجهي مُنهَن، وَني وٺجانءِ گهوٽ لئه،

متان توکي نُنَهن، اڳتي ڏولاوا ڏئي.

­

سنڌڙي تون ائن هيکلي، جيئين راجسٿان،

پر مون سنڌ سمان هيکل ڪا نه ڏٺي هُتي.

­

ڀائين ٿي ڌنارَ سڀ، سنڌڙي بگهڙ تون،

تڏهن نانهه مٿئون ٻوٽي توتي ماس جي.

­

برقعي مان ٻاهر ڊگهو هَٿ ڪري بيِبي،

اڃا غريبي، ساڳي آهي ڏيهه ۾.

­

چڪري ويلڻ ساڻ هوءَ ويلي پئي مانڙي،

آهي سنڌ سٻاجهڙي، صدين کان ساڳي اڃان.

­

هي جي ٽانڊا چُلهه ۾ انهن مٿان رَک،

هاڻي ٿيندي ڪَک، ڀڀڙ ٻيا ڀڙڪاءِ ڪي.

­

ڪئن تون ننڍي کنڊ ۾ گل بچائي وئين،

توڙي ڏائي وئين، توڙي ساڄي سڏ تي.

 

­

پوڇانڊي ويهِي، لاهه نه پنهنجو ڏينهڙو،

ڀِٽَ چوٽيءَ نيهي، ڏس ڳاڙهيءَ ڳاڙهاڻ کي.

­

مارڪس، فرائڊ، ڊارون ويهين صديءَ جي،

ڪيڏي کَنڊُ کسي! ۽ پوءِ سڀ کئِه ٿي ويا!

­

ڪوڙو ڪُتو سنڌ جي نالي ۾ ڀَؤنڪي،

ڪوئي نه چَؤنڪي، هڏو هن جي وات ۾.

­

رني ڪوٽ جي ڀت تان سانڊو ڏسي ٿو،

ٽانڊو ڏسي ٿو ڪوئي آرهڙ اُڀ ۾.

­

مذهب توڙي قوم جو نالو ٻوڙيائون،

باهيون ڏنائون ٻار ڪيائون ڪوڪلا.

­

ڏهاڙي کاري ڪالهه ويو هڙتال ۾،

ٻچا بُک ماري، چريو ڪنهنجي چُرچ تي.

­

هيءَ نه رڪنا باد، هيءَ ته آهي روهڙي،

پوءِ به مون کي ياد اڄ حافظ ڇو ٿو اچي؟

 

­

آنءُ ٿنڀي سان ٽيڪ ۽ فتح پور سڪري،

ڪاڏي ويا نڪري هو جي مُهرا وقت جا.

­

گانڌيءَ رڙ ڪهڙي ڪئي جڏهن ڍُرڪي ويو؟

نه ڪي ڪنهن ڄاتو ڇا ٿي سوچيو گاڊ سي!

­

تولئه لڏون، چور مون هُن لئه رُکو روٽُ،

مان ٿو چوان موٽُ پنهنجي اِن انياءَ تان.

­

هوُ جي ڊڳڙُ ٻارڙا ڳڀا ڳڀا ڪَن،

تن جا ٻوڙي دَن ڇا پاتِئه منهنجا ڌڻي!

­

سنڌي پنجابي ڪڏهن ڪو نه ڏسي ٿي ٻوڏِ،

سڀني ساڳي گوڏِ سڀني ساڳو چولڙو.

­

ماڻهوءَ اندر بُک جا ڀڀڙ ٿا ڀڙڪن،

متان هو ڪڙڪن رنڀي ڪنهن راڪاس جان.

­

قُبي ڪڙولو سون جو ڏوران ڏسي ٿو،

پو مَن ڦسي ٿو، هيڻو ڏسي حال کي.

 

­

ڄَٽ هنيا جي زَٽ ٿي، مون ته لڳي ويا طاق،

وڏيري اوطاق، ڳالهيون موڙا چم جا.

­

سنڌ جو وڏو مرض آ ان جي ڪچهري،

منجهند، ٽپهري، سومهياڻي، گذري وئي.

­

مون کي ماضي ئي وڻي، حال نه مستقبل،

جنهن کي ڪوئي حل آهي نه حالات جو.

­

چوکنڊيءَ چوڌار ٿي چنڊ ڏنو ڦيرو،

هاري وڏيرو، چار سران ڪاشيءَ سنديون!

­

ٽپو ڏيندي لومڙِي ڪوٺي مٿان، سوچِ!

مُري موچَ نه لوچِ، تولئه ٻيا ڀي گهر گهڻا.

­

توکي آزادي ڏئي، هي جو ڍوڍو ساڳَ،

۽ پهچائي ماڳَ اِن کان ڪجهه ناهي ڀَلو.

­

ڏس، هو اجرڪ جون پڳون کيڙيءَ کُرچيل پير،

ڪَهڙا مُڙس مٿير، جَن ڪُهاڙيون ڪَڇ ۾.

 

­

هو جي نازي فوج سان ايڏيو وڙهيو ها،

آخر انهن ڇا ايئين قربانيون ڏنيون؟

­

دنيا ستر سال ۾ ڪيڏو ڦِري وئي؟

ايڏو ڦِري وئي ناهي ست سؤ سال ۾.

­

گُهگهَه ڪيا گرڙاٽ رات لٿي آهي،

پوري ٿي آ جاٽَ ماڳ لڳي ٿو ويجهڙو.

­

آهي جڳ – وسار تکيءَ نديءَ وهڪ جئن،

ڪنهن کي هن سنسار سدا ناهي ساريو.

­

هي سارو سنسار آ سپني جي سپنو،

تو آهي سمجهيو، جنهن سپني کي ساڀيا.

­

ڇا سمجهيئه ڪنهن ساڻُ تنهنجي هي ناتو.

ڳوڙهو ڳُجهه پاتو، جنهن ۾ تو سنسار جو.

­

سچي ٿيڻي ناهه سا، ڪُوڙي ئي رهندي،

ڊهندي ۽ ٺهندي ڪايا هِن سنسار جي.

 

­

تون به ته پهريون لفظ هئين، وئين ڦهلندو،

اڳتي ٽهلندو هن ساري سنسار ۾.

­

ڄاتُئِه ڄاڻڻهارَ تو جو منهنجي چِت ۾،

تڏهن تو ٻيهارَ مونکي ڏني جندڙي.

­

پورو ڪرڻو آهه مون اڃا سو پيغام،

جيڪو سارو عام هڪٻئي جي ويجهو ڪري.

­

مان ئي سارو دشت هان، مان ئي حُدي خوان،

هي منهنجو ايمان واڳون تنهنجي وس ۾.

­

منهنجي ننڊ ڦٽائين ڇو ٿو ميان تون؟

ڇو ٿو ڏئين مون جاڳڻ جون ايڏيون گهڙيون؟

­

مان ئي شاهه حسين هان مان ئي بلي شاهه،

منهنجو سارو ساهه توسان واڳيو ديسڙا.

­

دنيا طالب ڍونڍ جي ڪُتا ڦيريون ڪَن،

تيريون ميريون ڪن حصي تي هرکي ڪري.

 

­

دنيا طالب ڍونڍ جي ڪيڙا ڪيڙا تَنُ،

مور نه آهي مَنُ، جيڪو بُلي آکيو.

­

ڏئين ته ڏاتار ٿين، ڏمرجين به ته ڏي،

ويندين هِت ڇڏي سڀ ڪجهه هن سنسار ۾.

­

جاڳن ساري رات جي ڀاڳن جَن نه ننڊَ

تِن لئه وڳا گهنڊ ڪو نه سُڃاتئِه ڪاپڙي.

­

هي جو تنهنجو دٻدٻو هي جو لوڪَ – وڌاءُ،

نيٺ ته مٽيءَ پاءُ مِٽيءَ سان مٽي ٿئي.

­

واري ذات ڪُذات کي پيار ڪَيان سڀ سان،

ڪبيرا، توکان پوءِ نه آيو مون جيان!

­

نانڪ کان پو آنءُ آيو هان اسرار مان،

متان منهنجو نانءُ سمجهو گهٽ گرنٿ کان.

­

*ڪيرِتَنن وانگر ڪهڙي گونج هُئي اِها،

هيٺ ڪَنن وانگر بادل آيا باک جا.

 

 

­

رات شِوالي مان، جهانءِ ٻُڌي مون جهانجهَه جي،

چيو هاڻ ميان، لڏجي جيڪر لوڪ مان.

­

ماڻهو سڃاڻو، جي مون کي تاريخ مان،

ڀوريو نه ڀاڻو، آنءُ اوهان لئه جو اَڏيو.

­

مان جو چوان ٿو ائين ڪنهن به نه ڄاتو آ

ڪنهن به نه پاتو آ ائين ڳجهيءَ ڳالهه کي.

­

ميان ڳالهيون ڳُجهَه جون ڳُجهيون رهڻ ڏي،

تن کي ساهَه سَلي هوند نه هيڪاندو ٿئي.

­

ڪهڙيون سليان آنءُ ڳاهُون تنهنجون ڳالهڙيون!

پوءِ به پليان آنءُ پاڻ نه ٿو اسرار کان.

­

هو جا لهروئي، وري ايندي ڪينڪي،

ڪنهن هي ڳالهه چئي، آنءُ ته موٽيو آهيان.

­

هي جا گهڙي لهر جان وڃِي نه موٽي،

انهيءَ کي جوٽي جيڪر ڪنڌيءَ سان ڇڏين؟

 

­

سڀ ڪجهه تنهنجو روپ آ، تون جو آنهه اَروپ

توڙي آنهه الوپ ڄڻ ڪنهن شيءِ ۾ ڪو نه آن.

­

قادر مطلق تون، ڦهلي وئين اوچتو،

۽ ڏيکاريئِه مون هي لِيلا سنسار جي.

­

اڳ ۾ رڳو هڪُ هيو پوءِ به رڳو هِڪُ

وچ ۾ لِڪو لِڪُ آهي تنهن اسرار جي!

­

مون کي ڪنهن جي ڪاڻ آ جي تون پرچين مون،

منهنجو رڳو تون دنيا ڪوُڙا آسرا.

­

هاڻي شڪ يقين کان مٿي آهيان آنءُ،

هر شيءِ تنهنجو ٿانءُ ٻُري پيو ٻُوجهه سان.

­

ميان، متان موت کان ڪڏهن گهٻرائين!

متان من لائين هن جوٺي سنسار سان.

­

ڪيڏِي ڳاڙهي اوتَ بادل ڪَن ٿا شام جو،

پري ڌڪي موتَ، ويجهو آءُ وجود جي.

 

­

*چکڻو آ، هر شخص کي اِن جو ذائقو،

ايڏو ڏر آ ڇو، ميان توکي موت جو؟

­

ڳالهه ٻُڌِي تو موت جي، خارَ اَچي ٿي پَر

موتُ ته پيغمبر سدا ساريندا هُيا.

­

ميان سنئين راهه تي ڪٿي تون ايندين،

تڏهن اوريندين جڏهن موت مٿان اچي!

­

آيو آهين موت، ترس ته هلون ٿا ميان!

اڃا آهي اوتَ ٿوري منهنجي جام ۾.

­

هٿ مان ڪرِي موت جي جام نه آ ممڪن،

رِندو! پوئين کِن پيو اوتيندس اوت کي.

­

هرڪو هٿيڪو آهي گهڙيءَ موت جي،

ڪنهن جو ڪو ٺيڪو ناهي هن جهان ۾.

­

ڇا ڪو آهي، موت ٿو جنهن نه ڇڏي رڙڪي،

سڀ تي ائن ڪڙڪي وِڄُ ڪري جئن وَڻ تي.

 

­

ڇڏيندءُ ڪنهن جاءِ تي متان ڀائين موت،

فاني هرڪو فوت اَوس ٿيندو اوچتو.

­

هتان ٽرون ٿا نيٺ ته ٿڌي ساهه سان،

نيٺ ته مرون ٿا، مٽيءَ سان مٽي ٿيون.

­

رات کُٽي ٿِي ڏينهن ٿئي، آئي آهه پِرَهه

اسين روز گرهه، ٿيون پيا موت جا.

­

نه ڪي ڪنهنجي هار آ نه ڪي ڪنهنجي جيتَ،

موت ڏئي ٿو ميتَ ٽهڪ انهن تي جي مُئا.

­

ڪنهن کي دهو موت جو اڳ ۾ پوي ٿو،

۽ هو چوي ٿو ڪيئي ڳوُڙهيون ڳالهيون.

­

هي جا لاٽ لُڙاٽ آ، هي جا رَئيءَ رَءُ،

مونکي مور نه ڀَوءُ مرڻو ناهي آدمي.

­

ڪٿان ٿو ڪوري ڪپي تنهنجا انگڙا،

هن جي ئي ٿوري تون ڄڻ وَڻ اَنار جو.

 


 

*  ڪيرِترن:ڌرمي گيت.

*  کُل نفساً ذائقة الموت.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org