سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪونجون ڪرڪن روح تي

 شيخ اياز

صفحو :09

 

­

آهي ڪنهن ڪنهن روپ ۾ چنبيليءَ – خوشبُو

اڳ به آهي توُ واسيو منهنجي واٽ کي.

 

­

جيئن نيري چانهه لڳي شفق رنگ ۾،

ايئين ئي تون آنهه سيني منهنجي سانوري.

­

تون ڪئن لڌو اوچتو ڀُلِي منهنجو ڀاڻُ،

سانورڙِي تو ساڻُ منهنجو من اڙجي ويو.

­

عينڪ لاهه ته مان ڏسان تنهنجي چهري کي،

چڱيءَ پَر پرکي توکي مُنهنجي عاشقي.

­

اکيون اکين ساڻ ڳالهائين ٿيون ڳجهه ۾،

آڇي پنهنجو پاڻ آهن ڄڻ آسائتيون.

­

سانورڙي توساڻ آ منهنجي سِڪ اِئين،

ٿئي شام جئين سانجهيءَ جي آڪاس ۾.

­

توڏي ٿَڪُ نه ٿَڪُ، پير نه مون ساهيا ڪٿي،

مون کي سارو لَڪ پَٽُ پٽيهر ٿي لڳو.

­

تون ئي نانهه اَنانهه ۾ تون ئي منهنجي آنهه

جيئين ڪائي سانهه اوچي اُڏري واءُ ۾.

 

­

پاريهر جهڙا پرين ٻيهر اُڏري آءُ!

تنهنجو لونءَ لڳاءُ مون ۾ ٻَر ٻَر ٿو ٻُري.

­

ڪِن ڪِن جي لئه پيا سِڪَ وچان ليِئا

ڏهر ۾ ڏيِئا يا تارا آڪاس ۾.

­

پوئين دم ديدار لئه ڪيڏو من وِسڪي،

گوڏن ڀر گِسڪي، جيءُ جڏو تو پار ڏي.

­

*مون کي چاڙهي چيِئَن تون پو ٿو پڇين ڪيئن؟

”توسان ٿيندو هيئن ايءُ به تو ڄاتو هيو؟“

­

هوءَ جا نِنائين آئي منهنجي راهه ۾،

انهيءَ سدائين چاڙهيو مون کي چيِئَن تي،

­

هيل ته ڏکڻ زور سان لڳي ٿو ڏاڍو،

مون من تو ڪاڍو، ساري توکي سپرين.

­

پڃري ۾ ڦاٿِي هئي منهنجي هڪ مئنا،

ڪيڏا بي چئنا اُن به ڏنم ڏينهڙا.

 

­

تون بن جيئڻ – ڏنڊ، ڀري ڀريان ڪيترو،

تون جا منهنجو چنڊ آهين آڌيءَ رات ۾.

­

تنهائيءَ ۾ تون چمڪين پَئي چنڊ جان،

توسان منهنجِي مون ڄڻ ڇوليون درياهه جون.

­

باد – صبا ۾، آ تنهنجي خوشبو پرين،

مان توکي ڇا ۾ ڍڪي ڍڪيان لوڪ کان؟

­

پاڻ ته وئين ڦهلجي، منهنجو ڪهڙو ڏوهه،

تو ۾ مُنهنجو موهه، ڪيسين گهاري گيِتَ ۾.

­

تنهنجا تيل ڦليل ۽ ڦُلن جا جُوڙا،

راتيون راسوُڙا ڇم ڇم سارا ڏينهڙا.

­

تو جنهن تورَ تَلور جي ٻيهر ايندينءَ تون،

ويجهي ٿيندينءَ تون منهنجي تورئي کيت ۾.

­

ماهي مکڻ جيئَن تنهنجا ڳَل منهنجا پرين،

ٻيو مان ڪيان ڪيئن، ڳُڻ تنهنجي جي ڳالهڙي.

 

 

­

ڪهڙي ڀاوَ مکڻ، تنهنجا ڳَلَ ڏسي پڇيو

”تنهنجو هر لکڻُ، لک لهي ٿو نينگري.“

­

ڇوريءَ چهرو باهه تي مکڻُ جئن ماٽيءَ

وڌائين ٻاٽيءَ پَلِي سوئي پاند ۾.

­

هي جا ڏوڌيءَ ڌيءَ آهي اڇي کير جئن

اَک ڏسي آڏيءَ مينهن ڏهي ٿي واڙ ۾.

­

ايندينءَ منهنجي در وري ماٽئين ڏيندينءَ کيرُ

تنهنجين اکين نِيرُ، رُڪِي رُڪَندو ڪينڪي.

­

ڇاڻين پئي ٻيرَ، ڀرين پئي ٽوڪري،

چئُه تون آهين ڪيرَ؟ ايڏو تون ڇو ٿي وڻين!

­

ٻهراڙيءَ جي نينگري ڏسي ٿي ڪونجون

سوچي ڪيسين مون، نِيرَ هوندا نينهن تي!

­

هو جو تنهنجي دَرِ آهي نم جي ڇانوَ جئن،

ڪعبي ڪاشيءَ ڪَرِ موُر نه تنهن لاءِ پنڌڙا.

 

 

­

مَلين پئي ميٽ ۾ جئن ليمي جا پَن

توکي ڏسي مَن ريٽيون ساريون ڪامڻيون.

­

چنڊ وڌائون پاکڙي هڪڙي پاسي ڏي

ٻي پاسي توکي جيئن نه نِوي پاکڙو.

­

ڇوريءَ ڳالهيون ساهه ۾ ڄڻ ٿي آيون وِڄُ

”ڇاتيءَ ايئن نه ڇِڄ ٻاهر سيِرون سيءَ جون.“

­

سَوَڙ سوڙهي ڪا نه آ، اوري آءُ سُري

ڪيڏي ناهه لُري لانڍيءَ سنهيون ڪاٺيون!

­

آلا ٽوئا راتڙيون ڏک نسورا ڏينهَن،

اَمڙ، مونکي نينهَن، ڇا لئه ڇيڇاڙيو اِئين؟

­

ڇوري ڪجهه ته چئي پَئي اکيون ڪري هيٺ،

آهي هن جو نيٺ پَتو پيو پيءُ کي.

­

ڇوري ڇتِي رات چوريءَ ٽپي کُڏ تان،

آهي عورت ذات هيريءَ سنديءَ هير سان.

 

­

ڪيئن وساري اڄ ڀلا پنهنجيءَ پياريءَ کي،

ڪارو ڪاريءَ ڏي، چنڊ ڇڪي تو چيٽ جو.

­

ڪَکن جي پترِي ڏنل آڏيءَ اک ڏسي،

ڇورِي ڇوري کي، سامائِي آ نينگري.

­

ڏِسي پَتر مان، پوتيءَ ڍَڪي انگڙا،

هوُ جو لؤڻن سان آهه نئون پاڙيسري.

­

اَملهه آتڻ تي ڪَهِي، آيو آ مون ڪاڻ،

گهاٽو اَمُل آڻِ، بيٺو آنهه بجير ڇو؟

­

لائِي، ڀڳڙا، ريوڙيون ٽيئي هن جي پاندِ

۽ ڪيڏي هيڪاند آهي پِپِر پاڙ ۾.

­

ٻهراڙيءَ جي نينگري ولوڙي چاڏِي،

ڪري اَک آڏي، ڏسي پئي ڏير کي.

­

ڏهندي مينهِن ڏِسي پيو توڏي ڏوجهارو

*ڪيڏو لشڪارو، ڇوري تنهنجا ڏرگلا.

 

 

­

سکيءَ بئنسر سون جي دهرِي دل ڇڪي

ڪٿي اکِ ٽڪي جهالر ٿي جهلڪا ڪري.

­

جيئين چُميون نار جون تيئين ڪيسو ڦُل

ڪيڏا ڪيا هُل اَلن اُتر واءُ ۾.

­

جيئين ٻه قيدي وَڃن هڪ هجي زنجير

آهي تيئن اُڪيرَ تنهنجي منهنجي ڳالهڙيءَ.

­

جهُري جاڙ ڪَري جڏهن، جوڀَنُ توسان مُنڌَ،

تنهنجي آنءُ سُڳنڌَ هُوندس آدجڳاد ۾!

­

توسان منهنجو پيارُ، جيئين ماڪ گُلاب تي،

هي سارو سنسارُ خوشبوءَ سان واسي وَيو.

­

مون ۾ اکيون ڪيتريون تُنهنجون اکيون ٿيون!

ساريُون سَکيون ٿيون، گڏ جمنا ۾ جيءَ جي!

­

آنءُ ته سوچان ٿو پيو، تون مون لئه آن ڪيرَ؟

آندي آهه اَوير، جنهن هئن رُت رابيل جي!

 

­

تنهنجي مُنهن جو موتيو، من ۾ اُترَ هيرَ!

جيءَ پئي ڇو جهير؟ اُن کي مرجهايل ڏسي؟

­

تنهنجي منهنجي عاشقي آهي لوڙهي جئن،

پير دنيا کي ڪِئن مان اُن کان ٻاهر رکان؟

­

ويندي ڄڻ ته وڄين پئي تنهنجو کُماچ،

نيلوفر جو ناچُ جيئين اُتر واءُ ۾.

­

هوءَ جا لڇي سور سان اُن سان لڇان آنءُ

آهي منهنجو هانءُ گويا هن جي گود ۾.

­

متان ڪَهارو ڏوليءَ کي لوڏو اَچي!

اڄ هن جو سارو ساهه پيو پيڪي وڃي.

­

ٽڙن ٿا ڪؤنپل تو ۾ هَٿ – ڇهاوَ سان،

ڌرتي جيئن ڪريَل ڪيڏو ناهين ڪامڻي!

­

اَڄ به مون ۾ ٿيون وڄن ڄڻ ٿِي سارنگيون،

ڪلهه جي نارنگيون توتان آنءُ ڇني وتيون.

 

­

هي جو آهي ٻارڙو، تُنهنجي نشاني،

اَمرتا جاني آهه اسان جي پيار جي.

­

هي جا ڳُنڍِ اُڪنڍ جِي، اجائي ناهي،

مون توکي چاهي پاتو سڀ سنسار کي.

­

ٽاريون سلهاڙيون جيئين گهاٽي جهنگ ۾،

تئن تون مون لاڙيون ٻانهون هڪٻئي ڪنڌ ۾.

­

*ڏِسُ هي ٽنڊريل ٽاريون وسي پيو مينهن،

مون ۾ منهنجو نينهن آهي ايئِن کڙي پيو!

­

ڪيڏا اُترڙو، ڪَڪا پن ڇاڻي پيو،

ڪيڏو نه ڪَرڙو، ٻهراڙيءَ ۾ وائُرو!

­


 

*  چيِئَن:ڦاهي.

*  لشڪارو(پنجابي): چمڪ. *ڏرگلا:ڪنن جا زيور.

*  ٽنڊريل ٽاريون: گُلن ۽ پنن جون ڳتيل ٽاريون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org