سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀري آڪاس

 شيخ اياز

صفحو :05

 

 

رات ڏيئي جي وٽِ ۾ جرڪي، گذري جڳ جي جيت،

پڙھيا پئي مون روئي روئي، ”ودياپتيءَ“ جا گيت.

ماڻھوءَ جي منورتي بدلي، ننھن کان وڇڙيو ماس،

ڪنھن جي من ۾ ”ميران“ ايندي، ڪنھن جو ”ڪاليداس“!

سمو پراڻو پاپِي سڀ کان منھنجي لاءِ ڪٺور،

پڇي پيو بنگالي مون کان، ڪير ھيو ٽئگور!

کاڻي ھير، وساڻو رانجھو، سارو ’جھنگ‘ تباھھ،

رک ۾ پنھنجيون ڪافيون ڳولي، ويٺو وارث شاھھ.

ويو وسامي ’سامي‘، ھن جي رلي پئي اڄ رک،

ڪنھن ۾ ناھي پيار پرينءَ جو، ڪنھن ۾ ناھھ پرک.

من من بن آ، جنھن ۾ ناھي، ڪنھن بنسيءَ جي تان،

آءٌ بھ ٽوڙيان وينا، ڪيڏو ڦري ويا انسان!

ڀٽ ڌڻي، او ڀٽ ڌڻي، او منھنجا ڀٽ ڌڻي!

تنھنجو ڏيھھ ڏڪاريل، جنھن ۾ ناھي قرب ڪڻي!

آڻ پڻيءَ تي پنھنجون پنبڻيون، کھھ ۾ اکڙيون کول،

ڀٽ ڏڻيءَ جي ڀرسان ويھي، پنھنجي ڳجھھ کي ڳول.

ڏينم اھو تنبورو مون کي، ڪيسين سمھندي، شاھھ!

ڏينم تھ ڳايان، دڳ وسايان، دليون ڪريان درياھھ.

ڏينم اھو تنبورو مون کي، مان ٿو تاڻيان تند،

ڏينم، ڀٽائي، ڏينم، تھ تنھنجو روح رھي خورسند.

ڪافر ناھي، مومن ناھي، ”سچو“ پوءِ بھ سچ،

سچ چوي ٿو، ’اچ، اچي سوريءَ تي لڙڪي نچ‘.

ڏيھھ ڏئي ٿو ڏوھھ، اديون ڙي، ڏيھھ ڏئي ٿو ڏوھھ،

آنءٌ چوان ٿي، ڏوھھ سھي، پر مٺڙو آھي موھھ.

ڪٿي نھ ڪوئي ڪونڌر ڏسجي، ڪٿي نھ اڀري ڪنڌ،

آءٌ اڪيلو ھان اوجھڙ ۾، پري پرينءَ جو پنڌ.

ڪڇي نھ ڪوئي، لڇي نھ ڪوئي، پڇي نھ ڪوئي ھاءِ!

پوءِ بھ چوين ٿو، مون کي آھي تنھنجي جڳ ۾ جاءِ!

شال کسي مان توتي تاڻيان، تنھنا ڪان ڪمان،

. . . ھاءِ، پکيئڙا پيارا پيارا، اڏري ويا نادان!

ڏيئو ڏياريءَ جو ناھيان مان، اٿم اجالو آس،

لڇندي منھنجي لاٽ اڪيلي، گھر گھر آھھ اماس.

نھ ڪي ھوا ۾ ھيج اٺي جي، نھ ڪا گھٽا گھنگھور،

پيو پڪاري، ٿر کي ڏاري، ڪٿي ڪٿي ڪو مور.

وڍي ڇڏي ڪنھن نڙي نڙي جي، گھٽجي ويا آواز،

ساڻا ۽ ويڳاڻا ٿي پيا، سڏڪي سڏڪي ساز.

چڙو اسان جو چپ ڇو آھي، چري نھ ٿو ڇو چنگ!

ويو لتاڙي لات اسان جي، ڪير ھيو اڙٻنگ!

ماڻھو ناھھ مڙھيءَ ۾ ڪوئي، ڪنھن جي آھھ پڪار؟

ويا اٿي آديسي شايد، دانھن ڪئي ديوار!

جھڄي پيو من جھونجھڪڙي جو، سانجھي آ سنسان،

پرين، مڃان مان ڪيئن تھ تنھنجو، پاڇو آ انسان!

منھنجي سنڌڙي، منھنجي سنڌڙي، سنڌڙي، منھنجي ماءُ!

ڪيئن مڃان مان، تنھنجي ڪک مان سڪ ڇڏي وئي ساءُ!

منجھي پيا سڀ تنھنجا مانجھي، او منھنجا مھراڻ!

آءُ ڪپر تي ويٺو سوچيان، ڄاڻ ھڻي ٿي ٻاڻ.

ڇوليون ۽ ڇر، ڇر ۽ ڇوليون، تنھنجو راڳ اٿاھھ،

اڀري اڀري، نيٺ ڇپي ويو، جن ۾ منھنجو ساھھ.

ڪيسين ماٺو رھندي، پنھنجيءَ ھستيءَ کان اڻڄاڻ،

مستيءَ ۾ آ، مستيءَ ۾ آ، موجون ھڻ مھراڻ.

سدا نھ رھندو ڪوبھ سڪندر، ٿيندو نيٺ تباھھ،

ايندا ويندا ڪيئي، وھندو رھندو درياھھ شاھھ.

پڄري پڄري، نيٺ تھ تنھنجو، جيءُ ڪندو جاکوڙ،

وسندا مينھن مٽيءَ تي تنھنجي، اٿندين نيٺ اروڙ.

اچو، اچو، اي ڄر جا ڄاڻو! لڇي پئي اڄ لاٽ،

کوليو، کوليو ھي کنڀڙاٽيون، ڳڻيو نھ پنھنجا ڳاٽ.

وٽ ۾ وچڙي ويون کنڀڙاٽيون، آيا نينھن- نسنگ!

ڪير چوي، ڇو ڄاڻي واڻي، پڄريا پاڻ پتنگ!

ڀيڄ ڀني آ، ماڪ وسي ٿي، ڪوٺي کول ڪلال،

آڻ تھ پيئان، آڻ تھ جيئان، جيئين سدائين شال!

من آ مالامال اسان جو، ڪوٺي کول ڪلال،

اٿئي گھڻيئي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾، قرب سوا ڪنگال.

ڀري ڀري پيءُ جيسين جيئين، گھڙيءَ گھڙيءَ جو جام،

وري نھ ھي ميخانو ملندو، ھيءَ ميءِ ناھھ مدام.

اڃ اسان جي اورانگھي، ڇو آئي آ ھو ھٽ،

نگر نگر ۾ ناھي جنھن جي، مڌ جو ڪوئي مٽ!

’پيءُ پيارا، او متوارا،‘ آکيو ڪنھن جي اک،

’ملي نھ ٿو ھي مڌ ڪنھن ھٽ ۾، چڪي انھيءَ مان چک.‘

’پيءُ پراڻو مڌ ھن مٽ مان، اوري آءُ ادل!

’ھن مان ساميءَ پياس ٻجھائي، پيتي سرڪ سچل.‘

ميءِ تي ناھھ ميار، اديون ڙي، ميءِ تي ناھھ ميار،

سيج اسان جيءَ جا سوريءَ سان، اڳ ئي ھا اقرار.

’منھنجي من کي چيري ڦاڙي، کلين پيو انسان،

’آءٌ تھ تنھنجو امرت آھيان، اڇليئھ ڪيئن نادان!‘

منھنجيءَ پياليءَ تي ٿو پسرين، پرجھيئھ ڪونھ پياڪ،

رسي وڃين ٿو منھنجي رس سان، تکي رکين ٿو تاڪ!

منھنجي مڌ کي ميرو سمجھي، ٿڏي ڇڏين ٿو ٿانءُ،

تنھنجي من کان ميرو ناھي، ھٿ رکي ڏس ھانءُ.

چڻنگ چڪيءَ مان نڪتي جنھن مان، نڪتا ڪيئي نکٽ،

ڪھڙو مڌ ھو، جنھن ھيئين من ۾، ڀڙڪايا ڀنڀٽ!

پيئو جيئو اي متوارؤ! مڌ جو ناھي مٽ،

دور وڃي ٿو چندرما کي، ڇھندو ڇايا نٽ.

پيئو جيئو، رچي وڃي جئن ججونتيءَ ۾ جاڳ،

مڌ جي مام ملي جو  تن ۾، راڳ ٿيا ويراڳ.

ڪوي ’جسم الدين‘، اسان جون دليون کسيون ھن ديس،

چوٽي چوٽي جنھن جي چمپا، ون ون جنھن جا ويس.

نينھن لڳايو ڪنھن نچڻيءَ سان، اسان وڃي چٽگام،

گھڙيءَ گھڙيءَ ۾ جنھن جا گھنگھرو، ڪن ٿا ڇم- ڇم- ڇام.

گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گھاو اسان جا، نگر نگر ۾ نينھن،

ڪھڙيون ڪھڙيون راتيون ساريون، ڪھڙا ڪھڙا ڏينھن!

پياليءَ پياليءَ مان رس پيتي، منھنجي پريت پياڪ،

ڪھڙي ڪھڙي مومل ساريان، ڪھڙي ڪھڙي ڪاڪ!

پورنماسي، ’پوري گنگا‘، ٿڌڙو ٿڌڙو واءُ،

ٽلي پيو ٽئگور ڪنڌيءَ تي، اچي پيو پڙلاءُ.

ڪوي، اسان پرنام ڪيوسي، چميا اوھان جا پير،

ڪوي، ڏسين ٿو ڪلجڳ آڻي، ڪيڏا ٿو انڌير!

ڪوي، ڏٺا آھن تو کان پوءِ، ڪيڏا اسان ڪلور!

سچ کي سوريءَ تي چاڙھيو ويو، ماٺ رھيا منصور!

من مندر جا ديپ وساڻا، آھي واس نھ ڌوپ،

گھڙيءَ گھڙيءَ کي سيتا جو ست، راتيون راوڻ روپ.

ھي ماڻھوءَ جو ٻچڙو، مٺڙو، ڪري ٿو ڪيڏا ڪيس!

پوءِ بھ اسان جي ڳوڙھن آندي، اکڙين ۾ آسيس.

مندر جا در کول، پڄاري! مندر جا در کول،

اھي ورتيون وري نھ ملنديون، ھيئن نھ رئيءَ ۾ رول.

ويا پنھونءَ جا پيرا لٽجي، ڀري پيو ڀنڀور،

سڻيا نھ سڏ ڪنھن تنھنجا سسئي، ھيو ھوا جو شور.

ٻري پئي ڌرتيءَ جي ڇاتي، مري پئي مخلوق،

پِرين پري ٿي، ڇڏ تھ کڻان مان، ڀري اھا بندوق.

مڙين نھ ٿو اي مڱڻا! اڄ ڪلھھ رھيو نھ آ ھو راءِ،

چورين ٿو جي چنگ تھ چارڻ، پنھنجو ڪنڌ ڪپاءِ.

تون ھوندين تون ھوندين، منھنجو توسان ناھي وير،

پر ھي ماڻھو، جن آ تنھنجي اوٽ ڪيو انڌير!

]

 

 

مان ئي سچل، مان ئي سامي، مان ئي آھيان شاھھ،

منھنجي من ۾ ڇوليون ماري، سنڌو! تنھنجو ساھھ.

وسي رھي آ منھنجي وينا، پيار ڪئي پالوٽ،

اچو، اچو، اي منھنجا مارو! ڌوئو من جا کوٽ.

سانجھيءَ ويلي پنڇي موٽيا، روئي ڏنو ڪبير،

پنھنجي پنھنجي آکيري سان، سڀ جي آھھ اڪير.

او راڳي! او راڳي! ولھھ ۾ وينا تنھنجي وات،

ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي، تنھنجي تن ۾ ڪھڙي تات!

وڄندي رھندي تنھنجي وينا، مري نھ ٿيندي مات،

تون جمنا جو جھونجھڪڙو آن، تون راويءَ جي رات.

ڪھندي ايندي جن جي ڪن- رس، تن من وڄندي تان،

ايندا، ايندا، ايندا آخر، اھي نوان انسان.

ڪيئن ڪريان ڪيئن ڪريان مان، گھڙي گھڙي آ گھاءُ،

ھاءِ، پرينءَ سان پريت لڳائي، مري وڃان ھا، ماءُ!

سار اوھان جي آئي، من تي وار ڪيا ويساک،

اڀري آيو سج اوڀر کان، بڙڇيون اڇليون باک.

ڪاريون ڪڪريون ڀرجي آيون، ڀِنا نھ منھنجا نيڻ،

ڏمري آھي ڏات اسان سان، شال نھ سرچيا سيڻ.

سانوري سانوري صورت ھن جي، سھڻو ھن جو ساھھ،

ھاءِ، ھيو پر بک جو ھن جي اکڙين ۾ اوڙاھھ!

ريج ڏنوھو ھتڙي رت سان، ڪنھن ڀوريءَ جي ڀل،

جنھن مان اسريا پيارا پيارا، ھي ڄانڀي جا گل.

ھاءِ، بکيون، اڌ- ننگيون نياڻيون، تن جي لڄ لڪاءِ،

آءُ ھوا، ھن ڀونگيءَ ۾، ڏيئي جي وٽِ وساءِ.

کڻي ھنيئھ کانڀاڻي ھن کي، ڪيئھ نھ ڪو ڪھڪاءُ،

ننڍڙا نينگر، ھن ڳري کي تو وانگر آ ماءُ!

مون چيو، ’ريتيءَ ۾ رلندي جي ملندم ڇانو تھ ڪيئن!‘

وار ڇڏيائين پنھنجا ڇوڙي، ڇڪي چيائين ’ھيئن‘.

مون چيو، ’اوندھھ ئي اوندھھ آ، جڳ مان ٿيو ھان تنگ‘،

ھن چيو ’مان تنھنجي چانڊوڪي، اچ اچ منھنجي سنگ‘.

مون چيو، ’ماڻھوءَ جو ماڻھو ٿو کائي اڄ ڪلھھ ماس‘،

ھن چيو ’مگري جي موسم آ، ھلي وٺون ڪجھھ واس‘.

ڇِڪي پيو ڪو ڇوھو تن کي، سڏي پئي ڪا سڃ،

اڳتان تنھنجون اکڙيون ڊوڙيون، پٺ تان منھنجي اڃ.

منھنجون آليون اکڙيون، گھريون، جئن جمنا جو جل،

تنھنجي صورت، وھڪ مٿان جئن وٽڙي تاج محل.

اتر اٺو آ، سانجھي ٿي آ، ڇڻي رھيو آ ڇن.

ڏيئو ٻاري، واٽ نھاري، ڪنھن جي منھنجو من!

مينھوڳيءَ ۾ کـڙي کٽوليءَ تي جو چوڏينھن رات،

ھنج اسان جي، ھانءُ پرينءَ جو، گھڙيءَ گھڙي جي گھات.

مٺڙي مٺڙي ننڊ ڦٽائي، مينھوڳيءَ جي ماٽ،

جھونجڪڙو ھو، نيريءَ ڇت ۾ کنوڻ ھنيا ٿي کاٽ.

پوئين رات، ھوا جون جون ھيرون، مٿان وسي ٿي ماڪ،

چمي پئي چانڊيوڪي جنھن کي، سو مڌ پيءُ پياڪ.

ھي راتيون، ھي ريتيون رت جون، مري نھ سگھنديون مور،

جنم جنم ۾ پوندو رھندو، پرين اوھان جو پور.

گھڙي گھڙي ٿي چڙھي چکيا تي، ڄڀيون ڪڍي ٿي ڄر،

تڏھن اسان مان آگ ازل جي، ڳائي راڳ امر.

منھنجي من مان رانجھو بڻجي، نڪتا ڪيئي راڳ،

ڪن ۾ مندڙا، مک تي مرليون، اکڙيون ٻرندڙ آڳ.

پاند اسان جو پالھو ناھي، جھڪي تھ ڏس تون جھول،

آڇيا آھن اکڙين ان ۾، ڪجھھ موتي انمول.

مان تنھنجو آڪاش ڇڏي، آيو ھان ڌرتيءَ ڪاڻ،

جنم جنم ڀٽڪائج، مون کي، ڪانھ کپي نرواڻ.

آئي تنھنجي سار، ھوا ۾ آ تنھنجي ھٻڪار،

ڌار نھ آھين، ڌار نھ آھين، ڌار نھ آھين يار.

آئي تنھنجي سار تھ منھنجي مڌ ڳاتا ملھار،

ڀِڄِي پيو آ من اي مٺڙا، ونين ڪئي وسڪار.

جنھن ليءِ مون اڄ نيڻ نھ ٻوٽيا، سو ننڍڙيءَ جو چور،

ڪٿي گذاريندو ھوندو، ھيءَ ڪاري رات ڪٺور!

تون تھ سڃاڻين ٿي ھن کي، جنھن لڌي اسان سان لانو،

ڪڏھن ھتي ھو ويٺو آ ڇا، اڙي، پپل جي ڇانو!

اي گل، تون تھ سڃاڻين ھن کي، تو جھڙيءَ آ روءِ،

ويجھو آھھ ويو ھو تنھنجِي، ڪڏھن سنگھي خوشبوءِ؟

منھنجو گھاءُ بھ تو جھڙو ئي، گھرو آ اي چنڊ!

تو تھ ڏٺو ھوندو، نھ رسائي جنھن کي پيار پڇنڊ.

تو تي پير پيو آ ھن جو؟ سچ چؤ، سچ چؤ واٽ!

ملي نھ ٿو ھو منھنجو مانجھي، گھمي ڏٺا مون گھاٽ.

تون بھ تھ مون وانگر جاڳين ٿو، ساري رات نکٽ،

سچ چئھ، مون سان کوٽ ڪري، ھن ڪٿي وڌي آ کٽ.

چڙو وڄي پيو چانڊوڪيءَ ۾، پري پرينءَ جو پار،

سري نھ جن جي سير بنا، تن ملي نھ شل ميھار!

تو سان پيار ڪندي، اِئن ڳوليا ٿي مون تنھنجا چپ،

من جي ڪارونڀار ۾ لڙھندي، ڳولي جئن ڪو ڪپ.

وئي جواني، وئي جواني، تيز ٻرانگھون پائي،

وھندو پاڻي، لھندي ڇايا، ڪير سگھي ترسائي؟

ڇر تي چنڊ ستارا ڇايا، ڳائي پنڇي گيت،

ماڻھوءَ جو من ڳول، تھ آھن جر ۾ ڪيئي جيت.

ڪڏان پيو ڪٺ- پتليءَ جئن مان، ڏسان نھ تنھنجي ڏور،

ڪڏھن کٽو ٿِي، کيل ڇڏي ھي، اوريان مون سان اور.

مان ئي پيئان، جلندي جيئان، مان ئي آھيان منڌ،

مان ئي لوري، مان ئي جھوري، مان ئي پنھنجو پنڌ.

مان ئي بن ھان، مان ئي بنسي، مان راڌا، مان شيام،

مان جمنا جون لھريون، جن تي چنڊ ڪري آرام.

وڻ وڻ ۾ آ منھنجو واسو، پن پن ۾ پڙلاءُ،

واءُ چوي ٿي، ’جھوٽو آھين، آءُ اڏامي آءُ‘.

مان ڪويل جي ڪوڪ، ڪڏھن مان ڪاري ڪاري رات،

مان سا اوندھھ، جنھن ۾ ڪيئي ڏيئا ٻاري ڏات.

ھن جي آلين اکڙين تي ڏس، منھنجا ٻرندڙ چپ!

وسري ويا سڀ ويڻ اسان کان، ڏوھھ نھ ڏي ڏاھپ!

ڪجھھ بھ نھ ھوندي سڀ ڪجھھ آھي، سرتيون ھي سنسار،

ساري جڳ مڳ جيون سان آ، اڳتي آ انڌڪار.

پل ليءِ آھي ھيءَ چانڊوڪي، پل ليءِ آھي پيار،

ھن کان اڳتي ڇوليون ماري، ڪوئي ڪارونڀار.

ڪوئي ڪارونڀار، نھ آھي، جنھن جو ڪوئي ڪپر،

جنھن جون ڇوليون ڪونھ ڇڏينديون، ڪائي چيز امر.

آيو موت تھ روح مري ويو، جسم ٿيو آزاد،

مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده باد!

مرنداسي تھ مٽيءَ مان پنھنجي جڙندا ڪيئي جام،

نوان نوان متوارا ايندا، ھڻندا تن جي ھام.

مرنداسي تھ مٽيءَ مان پنھنجي، ڦٽندا سرخ گلاب،

کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنھنجا، بسنت رت جا خواب.

مرنداسي تھ مٽيءَ تي پنھنجي، چنڊ ڪندو چانڊاڻ،

ساھھ اسان جي سانڀِي جا، سا سونھن ڪندي سرھاڻ.

مرنداسي تھ مٽيءَ جو پنھنجي، ويندو دور غبار،

چنڊ ڦري چوڌار چميندو پيو اسان جو پيار.

مرنداسي تھ مٽيءَ سان پنھنجي، ملندو ھي مانڊاڻ،

ڪتيون اسان جي ڪڇ ۾ ھونديون، چنڊ اسان سان ساڻ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org