سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ساميءَ جا سلوڪ

 شيخ اياز:

صفحو :1

ساميءَ جا سلوڪ

ٽئي ڀاڱا- سامي لغت سميت

گل محمد تنيو

ٻه اکر

اُپنيشد جو واڪيه آهي ته هزار سال هڪ ٽنگ تي بيهي، جيڪڏهن ڪو تپسوي ويهي تپسيا ڪري، ته ابه اُها اُن ڌيانيءَ جي ڌيان يوگ برابر هرگز نه ٿيندي، جو ڌياني،  اُن عرصي جو فقط سورهون حصو ڌيان ۾ صرف ڪري ٿو. ڀل ته پنڊت هزار سال ويٺو شاستر اَڀياس ڪري، پر اُهو اَڀياس، ڌيان بنان، کيس گيان ۽ گيان واريءَ وستوءَ جي ٻُوجهه نه ڏيندو.

اُهو ڌيان ڪهڙو هئڻ گهرجي، ڪيئن ڪجي، من جو مَيل ڪيئن اُتري، ڪهڙي چشمي ۾ سنان ڪرڻ سان جيو پَوتَر ٿئي ٿو، ڪهڙي چُڪي جي چَشڪي سان بجر ڪپاٽ کلن ٿا ۽ ناسي ابناسي بڻجيو پوي، اهڙي امبرت سَرَ ڳولڻ ۽ لوڪن کي بتائڻ لاءِ ٽن ڌرمشت جيوَن، ڪجهه سال اڳي، شڪارپور جي شهر ۾ پهه ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته ساميءَ جا سلوڪ مڪمل روپ ۾ ئي، اُهو ڪم ڏيندا. اُهي صاحب هئا. ڀائي پرمانند صاحب يوگ ڀنڊار وارو، سيٺ ماڌو داس مينڊو ۽ سرڳواسي پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي، جنهن جي علميت ۽ وسيع دماغي ڄاڻ جهڙا صاحب سنڌ ۾ ڪي ٿورا ٿيا آهن.

هر هفتي هو پرمانند يوگ ڀنڊار ۾ ملندا هئا ۽ سامي صاحب جي سلوڪن جو گرمکيءَ ۾ ڇاپو، جو لاهور ۾ ڇپيو هو ۽ جنهن ۾ 25 سؤ سلوڪ هئا، اهو کڻي، چٽڪيون ڪٽي، مضمونن آهر هڻندا هئا، تان جو ملڪ جي ورهاڱي اچي منهن ڪڍيو. تڪڙي لڏ پلاڻ کي ڦيرواڻي پڻ هندستان ويو، ۽ سندن گرمکي ڇانٽيل چٽڪيون سندس گهر ۾ ئي رهجي ويئون. سڀ بيٺل ۽ برک ڪم ڪندڙ سنڌ ڇڏي ويا هئا. مان ان وقت شڪارپور ۾ هوس. پروفيسر ڦيرواڻيءَ اُن ڪري مون کي لکيو ته ڪنهن به دستور اسان جا ڇانٽيل سلوڪ هٿ ڪر! مون اُهي هڪ دٻي ۾ بند ٿيل ڏٺا، جو کڻي پاڻ وٽ رکيم. عيسوي سال اوڻيهه سؤ پنجاهه جي شروع ۾، جڏهن پاڪستان سرڪار، ٽيون دفعو مون کي جلا وطن ڪري، سنڌ جي وڻن ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو، تڏهن هندستان ۾ اُهو دٻو کڻي آيس. پروفيسر ڦيرواڻي اُن وقت ڌاري، هن فاني دنيا مان لا ڏاڻو ڪري ويو ۽ سيٺ ماڌوداس مينڊو بئنگلور ۽ ڀائي پرمانند هردوار ۾ هئا. چت چاهيو ته اُهو ساميءَ جي سالوڪن واري امبرت سَرُ نئين ڍنگ ۾ لوڪن اڳيان رکجي. جي اِها امانت مون وٽ نه هجي ها، ته هوند مون کي اهڙو ويچار ئي نه اچي ها. ڪن سڄڻن، جهڙوڪ شري ڌرمداس بجلاڻيءَ ۽ سيٺ پرسرام پارومل سان جڏهن صلاح ڪيم، تڏهن اُنهن کي پڻ اِها ڳالهه وڻي ۽ هر طرح مون کي همٿايائون.

دٻي کولڻ سان مون کي معلوم ٿيو ته ڇانٽيل سلوڪ، جي ڪتابن جي صورت ۾ هئا، اُنهن مان هڪڙو ڪتاب هوئي ڪونه. خود سلوڪ به فقط ڇانٽيل هئا ۽ سندن اُچارن وغيره تي اڃا ڌيان نه ڏنو ويو هو ۽ نه وري معنيٰ وغيره جو ڪم ڪو هٿ ۾ کنيل هو. گرمکي ڇاپي جي اڪيچار چُڪن ۽ سلوڪن جي جدا جدا ڇاپن ۾ مختلف پڙهڻين مون کي مجبور ڪيو ته نئين سر اُهو ڪم هٿ ۾ کڻان. جيتوڻيڪ مان مٿين ذڪر ڪيل صاحبن جي مضمونن جي چونڊ سان شامل راءِ هوس، پر سندن ڇانٽ ۽ جنهن نموني ۾ اُهي سلوڪ ڏنا ويا هئا، تنهن سان نه. هر هڪ سلوڪ اِن ڪري نئين سر کڻي، جدا جدا ڇاپن ۾ اهو ڀيٽي، اُن جي پڙهڻي پنهنجي ڇوٽيءَ ٻُڌيءَ آهر درست ڪئي اٿم ۽ ڪوشش ڪئي اٿم ته صحيح ڇاپو عوام جي اڳيان رکان.

مون کي هِن ڪم ۾ ٻن قسمن جي مدد ملي آهي. هڪڙي ڪتابن جي، ٻي پئسن جي. سامي صاحب جي سلوڪن جا سنڌيءَ  ۽ گرمکيءَ ۾ جدا جدا ڇاپا مون کي شڪارپور جي مشهور ڪتابيءَ، سرڳواسي پوڪرداس ٿانورداس جي سپاتر پُتر شري ڀوڄراج صاحب، ميسر ڪري ڏنا آهن، جنهن لاءِ  مان هن صاحب جو تهه دل شڪر گذار آهيان. آءٌ ٿورائتو آهيان پروفيسر ڊاڪٽر واگهه، فلاسافي پروفيسر، ڪشنچند چيلارام ڪاليج جو، جنهن سان وقت بوقت ويدانت نسبت پئي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي اٿم. هن صاحب چڱي ڪارائتي ويدانيت نسبت ڄاڻ ڏانهن پئي منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي ۽ مون کي اها ميسر ڪري ڏني آهي.

سيٺ پرمانند سڳني مل پنهنجي عملي شڌ ڀاونائن سان پڻ منهنجي همٿ افزائي ڪري، پاڻ کي ڌنيواد جو ڀاڳي بڻايو آهي.

ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سمورو خرچ سرڳواسي سيٺ نارائڻداس لُلي جي سپاتر پترن سيٺ گرڌاريداس، سيٺ جمناداس، سيٺ دوارڪاداس، سيٺ رامچند، ڊاڪٽر ڀڳوانداس، سيٺ لکميچند، سيٺ پرسرام، پاڻ تي هموار ڪيو آهي، ۽ پنهنجي ڌرماتما پتا جي نمت هيءُ ڪتاب ڇپائي، سنڌي جاتيءَ جي شيوا ڪئي آهي. سرڳواسي سيٺ صاحب جو پنهنجي جيوت ۾ ساڌ سنگت ڏي گهڻو لاڙو هو ۽ اهو رام رس سديو وٺندا هئا. سندس پترن پڻ ان ڪري ساميءَ جي سلوڪن ڇپائڻ ۾ خاص دلچسپي ورتي آهي. منهنجي من جي اها ڀاونا هئي ته سندن پئسا ۽ منهنجي محنت ڪا دائما صورت وٺي، اُن ڪري هڪ ٽرسٽ کڙو ڪيو پيو وڃي، جنهن نسبت قاعدي جا قدم کڄي رهيا آهن. ٽرسٽ جو مکيه مقصد ۽ مراد ٿيندي ته سنڌ جي سنتن ۽ ساڌن جي ٻاڻي ڇپائي لوڪن اڳيان رکجي. ساميءَ جي سلوڪن جا اڃا ٽي ٻيا به ڀاڱا نڪرڻا آهن. انهن کان سواءِ نانڪ يوسف، روحل فقير، دلپت ۽ ٻين جو ڪلام پڻ ڇپائڻو آهي.

ڌڻيءَ در وينتي اٿم ته ”سٻاجها سائين ٻلُ ۽ ٻُڌي ڏي ته جنهن ڀاونا سان هيءُ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اُهو انهيءَ ئي ڀاوَ سان هلندو هلي ۽ اُن دواران هند ۽ سنڌ جي سنڌين جي شيوا ٿئي.“ مون کي اميد آهي ته سنڌي جاتي اُن جي پٺڀرائي ڪري، هيءُ ڪاريه آئيندي لاءِ پڻ سوڀارو ڪندو.

بمبئي

15 جون 1955ع

بي. ايڇ. ناگراڻي

 

ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج

 

هن جهان ۾ اسان جا پنج دشمن آهن، جن جهڙا ٻلوان دشمن ٻيا ڪي ڪينهن. سندن نالا مشهور آهن، پر سندن نشان ڪن ٿورن کي معلوم آهن. ڪو آدمي ڪونهي، جو اُنهن کي ظاهر ڦٽ لعنت نٿو ڪري، پر ڪو ورلي آهي، جو اُنهن مان هڪڙي نه ٻئي کي اندر ۾ نٿو سانڍي. اُنهن دشمنن سان اڪثر جيترو اسان جو پيار آهي تيترو پنهنجن ٻارن سان ڪونهي. پر تڏهين به جيڪڏهن اسان کان ڪو پڇي ته ”اهي توهان جا دشمن آهن يا نه؟“ ته جيڪر ڪڏهن ڪين چئون، ”نه!“ اُنَهن دشمنن بابت ڄاڻ به اٿئون، پر تڏهن به اڄاڻ آهيون. اُنهن کي نڪي سپاه آهي نڪي توبخانو، پر تڏهن به حاڪمن کان هو وڌيڪ محڪم آهن ۽ حڪم خود سندن محڪوم آهن. اُهي آهن دشمن، جن کي مات ڪرڻ لاءِ شرتيون ۽ سمرتيو، قرآن ۽ انجيل، سڀ نازل ٿيا. وياس ۽ والميڪي، ٻڌ ۽ زردشِت، موسيٰ ۽ عيسيٰ، ڪالفيوشس ۽ حضرت محمد، پيغمبر ۽ ڪَويسَرِ انهن دشمنن کي دفع ڪرڻ لاءِ جاڳيا. پر دشمن اڄ ڏينهن تائين اسان تي غالب آهن. اُهي نه رڳو اسان جن هِردن (دلين)۾ پاٿاري پائي ويٺا آهن، پر اسان جي سڄڻن ۽ اسان جي ديوتائن جون شڪليون وٺي، سڀ شيوا ۽ پوڄا پاڻ ڏي ڇڪيو وٺن. اُنهن پَريتن کي ڪڍڻ لاءِ ڪيترائي منتر پيا آهن، پر اُنهن دشمنن سان اسان جي اهڙي پريت لڳي ويئي آهي، جو منتر ساڌڻ جو ڪوبه پڪو پهه اسان کان بلڪل نٿو اُجهي، مانُک ديهه جو مطلب هاڻي آهي اُنهن دشمنن جي غلامي ۽ نه جيئن سامي چوي ٿو ”ڪال ڪاٽي اڪال ٿيڻ“، ڪال ته تندرستيءَ ۾ اسان جي خواب و خيال ۾ ڪونهي ۽ فقط جڏهين ڪا وڏي آفت يا پيڙا اسان تي پوي ٿي، تڏهين دشمنن جي دشمنيءَ جي ڪا اسان کي ڪل پوي ٿي. اهڙي وقت ڪام جو نشو لهيو وڃي، اهڙي وقت ڪروڌ جي قهري وکُ گهٽجيو پوي، اهڙي وقت لوڀ ماکيءَ جهڙو مٺو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت سنسار جي موهه جي اورٿائي پروڙجي ٿي، ۽ اهڙي وقت اهنڪار جي اوندهه جا پردا ڪريو پون. اهڙي وقت اهي پنج ڀوت اسان جا سچا ويري نڪري نروار ٿين ٿا ۽ اهڙي وقت ڀڳوان جو نالو اسان جي زبان تي اچي ٿو ۽ ستگروءَ جي محتاجي ٿئي ٿي. اهڙو روڳ ئي ڀلو جنهن ۾ اسان جو سچو حبيب قريب ٿئي، اُها تندرستي گهوري، جنهن ۾ هو دور رهي. اهڙو روڳ درحقيقت مرض آهي. اُنهيءَ مرض جي دوا ساميءَ جي چوڻ موجب ساڌ سنگت آهي ۽ ساڌ سنگت جي معنيٰ اها ناهي، ته انهن جي سنگت، جي پاڻ کي ساڌ سڏائين يا پنج پئسا پنن، پر انهن جي جن کي ست ڪرم، سيل، سنتوک، نرويريا، شيوا، ديا ۽ ڌرم آهي. ساڌو اُهي آهن، جي ڀاڻي ۾ ڀنا رهن، جي جڳت کي جوٺ سمجهن، ڪايا ۽ مايا جي موهه ۾ غلطان نه رهن، ۽ جي ڪلپت کي ڪٽي سنگسار ڪري ڇڏين. ساڌو اُهي آهن جن جي من ۾ رمتا رام سدائين وسي ئي وسي، جن کي نوش ۽ نيش، نشيب ۽ فراز، رنج ۽ راحت سڀ سمان آهن، ۽ جي سروپ تان ائين قربان آهن جيئن چڪور چنڊ تان ۽ پتنگ روشنائيءَ تان. تاتپرج هي آهي ته ساڌو اهي جن جو ڌن آتم ڌن ۽ جن جو گيان آتم گيان آهي. ڪوبه انڪار نه ڪندو ته اهوئي ڌن اتم آهي، اهو ئي گيان اتم آهي.

پر دشمنن کي ناس ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، دوست هٿ ڪرڻ ٻي. ساڌ سنگت ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، ساڌو ٿيڻ ٻي ڳالهه. ساڌ سنگت ڪري من جا ڀوت ڪڍي سگهجن ٿا، پر ساڌو ٿيڻ کان سواءِ سائين نٿو ملي، ڪي ائين پيا سمجهن ته ساڌو اُهي آهن جن جهان کي ڇڏي فقيريءَ جي جهولي پاتي آهي. پر جهان جي کڏن کوٻن، چڪُن ۽ ترڪڻين جي جنهن کي آزمائش نه هوندي، تنهن کي سچي لنؤ ڪَڏهين نه لڳندي. جو لهرن جو لحاظ ڪندو سو ترڻ مور نه سکندو. جو دنيا جي هَوَسن سان نه لڙندو، تنهن کي سورمو ڪير چوندو؟ جو ڏکن ڏاکڙن کان گيدي ٿي ڀڄندو، تنهن کي آسماني واهر جي ڪهڙي خبر پوندي. سڀ ڪنهن جي آتما تي ڳرو قرض آهي ۽ اهو قرض لاهڻ مٿس فرض آهي. وجهن پٺيان وجهه، اشارن پٺيان اشارا اسان کي ملن ٿا، پر قرض ۽ فرض جي اسان کي ڪا يادگيري نٿي اچي. شاهوڪار نٿو سمجهي ته قرضي آهيان. عالم نٿو سمجهي ته قرضي آهيان، ٻَئي بيقرض بيغرض بيفرض آهن. نٿا سمجهن ته مٿن مسڪينن ۽ نادانن کان وڌيڪ قرض آهي ۽ وڌيڪ جوابداري. نٿا سمجهن ته نوڪر آهن، نه خاوند، ته ڌن وٽن ڌراوت طور آهي چڱن ڪمن ڪرڻ لاءِ ۽ نه پنهنجي تن پروريءَ ۽ پنهنجي سرخروئيءَ لاءِ. ساميءَ جي سلوڪن جو گهڻو زور آهي ممتا مارڻ تي، پر ممتا ڪيئن مرندي، جي اسين پاڻ کي وڏا پدارٿ ڪري سمجهنداسين ۽ جيڪي ڪي اسان کي آهي حواس ۽ عضوا، مال ۽ ملڪيت، عقل ۽ علم، هنر ۽ هوش سو پنهنجو ڪري سمجهنداسين ۽ نه اسان جي خاوند جو. هر دم جڏهن اسين اهڙي ويساهه گهاتي ڪنداسين، ته پوءِ اسان جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟ هينئر ته چڱي جوڻ اٿئون، پر جي انهيءَ جوڻ ۾ ڌڻي پنهنجو وساري ڇڏينداسون ۽ ڪافر نعمت ٿينداسون ته آخر اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ ماڻهن انساني حسن تي اڪن ڇڪن ٿي، سوين گهمرا ساهه ڇڏيو آهي، پر جنهن ڌڻيءَ اهڙو انساني حسن ٺاهيو تنهن جي حسن جو اسان کي ڪو خيال نٿو اچي. جيڪڏهن پنهنجي سائينءَ جي سونهن جو ٿوروئي ڪري تصور ڪريون، ته هن جي خدمت کان جيڪر اسين ڪڏهن اَرها نه ٿيون ۽ ٻيائيءَ جا ٻنڌن جيڪر هڪدم ڇڄي پون. مون، آءٌ ۽ منهنجو جيڪر اسان جي مُکون ڪڏهن نه نڪرن. شاهه عبداللطيف چيو آهي ”سوري جنين سيج مرڻ تن مشاهدو.“ ساميءَ به اهڙا سلوڪ چيا آهن. انهن جو مطلب به آهي ته ڪڙي ۽ قاتل تي ڪرڪڻ نه گهرجي ۽ پنهنجي اڀمان، ڀرمن، ڀولائن ۽ ڦُرنن کي ڦاسي ڏيڻ گهرجي. خوديءَ کان پاڪ رهڻ گهرجي ۽ پنهنجو من، تن ۽ ڌن تريءَ تي رکي، سائينءَ جي شيوا ۾ تياڳ ڪجي. هيءَ آهي سچي وديا، جنهن جي سامي هيتري ساک ڪري ٿو. اهڙيءَ وديا ڏي شال اسان سڀني جو چت مائل ٿئي. انهيءَ وديا موجب سوري سيج آهي، زهر شربت آهي مرض صحت آهي، ڏک سک آهي، غريبي شاهوڪاري آهي. موت حياتي آهي. انهيءَ وديا موجب ڪا به شيءِ حڪمت جي نُڪتي بنان نه آهي، ۽ ڪوبه حادثو، ڪوبه اتفاق قاعدي جي قيد کان خارج نه آهي. انهيءَ وديا موجب ٻين جو خير پنهنجو خير آهي، ٻين جي شيوا پنهنجي شيوا آهي، ۽ ڀڳوان جي ٻانهپِ بادشاهه جي سلطانيءَ کان وڌيڪ آهي. اهي آهن سبق، جي ويدانت سيکاري ٿي. اهي ساڳيا سبق هنن سلوڪن منجهان پُرجهي سهجن ٿا.

شال اسين سڀ اهي سبق هنڊايون، شال اسان جون رڳون رباب وانگي انهن سان وڄن ۽ اسان جا روح انهن سان رچن.

 

رشي ڏيارام گدومل

ڀاڱو پهريون

 

مايا (الف)

(1)

اَڻَ هُوندي بازِي، تُنهنجي ڪري سِڌِ ٿِي،

ڪَلِپَتَ جي ڪَلَنڪَ سان، سامي تو ساجي،

ڪَڍين پانهنجِي پاڻَهي، ٿو مِنَٿُ موتا جي،

رڙهي ٿِئين راضي، پَٽُ ڏيئِي تون پاڻ کي.

(2)

ڌَريــٖـن ڪوهُ پِيارُ، سامي مايا موهَ سان؟

اَٿي سڀُ اَوِديا سندو، اَڻ هوندو اِسِرارُ،

جئين نانگُ نوڙيءَ ۾، سُپَني ۾ سَنِسارُ،

ڪَرِ نَه جيءُ خُوارُ، مِرِگَ تِرِشِنا جي جَلَ ۾.

(3)

مايا ڀُلائي، وِڌو جيءُ ڀَرَمَ ۾،

اَڻ هوندي دَرِياهَ ۾، غوطا نِتُ کائي،

سامي ِسي ڪِينڪي، مُنهن مَڙهيءَ پائي،

سَتِ گُرُ جاڳائي، تَه جاڳِي جُڙي پاڻَ سان.

(4)

مايا ڀُلائي، وِڌو جيءُ ڀَرَمَ ۾،

پاڻُ پَانهنجو پاڻَ ۾، ويٺو وِڃائي،

سپُنَي ۾ سامي چَئي، ڪوٽَ جَنَمَ پائي،

اَوِديا پَٽُ لاهي، جاڳي ڏِسي ڪِينَڪي.

(5)

مايا ڀُلائي، وِڌو جيءُ ڀَرَمَ ۾،

پاڻُ پانهنجو پاڻَ ۾، ويٺو وِڃائي،

اَڻَ هوندٖي دَرِياهَ ۾، غُطا نِتُ کائي،

منهن مَڙِهيءَ پائي، سامي ڏِسي ڪِينَڪي.

(6)

مايا ڀُلائي، وِڌا جيءَ ڀَرَمَ ۾،

سامي ڏِسي ڪونَڪو، منهن مَڙِهيءَ پائي،

جَنهِن کي اَوِدِيا نِنڊَ مون، سَتِ گُرُ جاڳائي،

سو ويهي وَڄائي، نَگارو نِرِٻاڻَ جو.

(7)

مايا ڀُلائي، وِڌا جيءَ جهانَ جا،

نانا رُوپَ رَچي ڪَري، ويٺا ٺَٺُ ٺاهي،

پاڻو واڻو مَتِ کي، سَڀڪو وَڏائي،

منهن مَڙهيءَ پائي، سامي ڏِسي ڪونه ڪو.

(8)

مايا ڀُلايو، سامي جوڙي جيءَ کي،

نانگُ ڏِسِي نوڙيءَ ۾، ڏورؤن ڏَهَڪايو،

ڳَڻتِيءَ ليکي دُکَ جي، سَنسي مَنجِهه آيو،

سَتِگُرَ سمجهايو، تَڏِي سَمُجهِي سُرِجهِيو پاڻ ۾.

(9)

مايا ڀُلايو، سامي جيءُ سَروپَ کون،

ديهي مَنِي پاڻَ کي، سَنسي مَنجهِه آيو،

جئين ناريءَ نِنڊَ ۾، ٻالڪُ وِڃايو،

جاڳئي جاڳايو، تَڏِي ڪَڻو ڪَلِپَتَ نَه رهيو.

(10)

مايا مَهان پَرِٻَلُ، جِيتِي وَڃي نَه جيءَ کون،

وِڌو جنهن جَهانَ ۾، اَڻَ هوندو خوفُ خَلَلُ،

اُٿندي وِهَندي نِنڊَ ۾، سامي ڇڏي نَه ڇَلُ،

ڪو گُرمُکُ رَهي اَچَلُ، جنهن جاڳي ڏِٺو پاڻ کي.

(11)

مَهان ڇَلُ پَرِٻَلُ، مايا مَحَبوبَنِ جِي،

وِڌو جنهن جَهانَ ۾، نانا ڀاءِ خَلَلُ،

سامي چَڙِهيو سَڀ کي، اَڻَ هوندو عَمَلُ،

پانهِنجو پاڻَ پَٽَلُ، ڏيئِي ويٺا پاڻَ کي.

(12)

آهي ڇَلُ پَرِٻَلُ، مايا مَحَبوبنِ جِي،

جنهن اَڻَ هوندو جوڙي وڌو، نانا ڀاءِ خَلَلُ،

سامي چڙِهيو سَڀَ کي، اَوِدِيا جو عَمَلُ،

ڪو وِرِلو جَنُ اَچَلُ، جو رهي گُرَ گِياتِ سان.

(13)

مَهان پَرِٻَلُ مايا، تَرِي سَگهي ڪونَه ڪو،

جَنهن سِڌَ، ساڌَڪَ، جوڳي، جَتِي، ڀؤ ۾ ڀُلايا،

مَنِي ويٺا پاڻَ کي، ڪَلِپَتَ جي ڪايا،

سَتِگُرَ ڇَڏايا، سي سامي ڇُٽا دُکَ کون.

(14)

مَهان پَرَٻَلُ ڄاڻُ، مايا محبوبَنِ جي،

سامي سڀَڪنهين جو، جنهن ڀُلايو پاڻُ،

ساکِي رَهـٖـي ساڻُ، سو نَظَرِ اَچي ڪِينَ ڪي.

(15)

ڇَلَ پَرِٻَلُ آهي، مايا مَحَبوبَنِ جِي،

ڏِٺا ٻُڌا ڪِينَڪي، سي وَهَڻَ وَهائي،

وِجهِي ڄارُ ڀَرَمَ جو، ڀَلا ڀُلائي

پانهِنجا ڪِيون کائي، ڪَنهن جي چَلي ڪانهَ ڪا.

(16)

سَڀوئي سَنسارُ، مايا ڪِيو وَسِ پانهنجي

خالي ڇَڏِيائين ڪونَه ڪو، جُوانُ بِرِڌُ ۽ ٻارُ،

وِجهِي ڄارُ ڀَرَمَ جو، ڪِيائين خَلقَ خُوارُ،

ڪو سامي پُرکُ سَچارُ، جاڳِي ڇُٽي جِنَ کون.

(17)

سَڀُ سَنسارُ ڇَلـٖـي، مايا ڪِيو وَسِ پانهِنجي،

سامي سُپيرِينِ جِي، ويٺِي راهَ مَلي،

ٻَلِي ٻَلُ هاري رَهيا، ڪَنهن جي ڪانَه چَلي،

جَنهِن کي سَچُ پَلي، تَنهن کي ڏورؤن ڏَنڊَوتَ ڪَري.

(18)

سارو جڳُ انڌو، ٿيو مايا جي موهَ ۾،

وِجهي ويٺا پاڻَ کي، بنان سَمُجَهه سَنڌو،

ڪو عاشِقُ چَڙِهيو اَڇ تي، ڄاڻي ڌُوڙِ ڌَنڌو،

واري کَپتِ کنڌو، سامي مِليو سَروپَ سان.

(19)

سارو جڳُ جُهري، ٿو مايا ڪارَڻِ مَنَ ۾،

جَنهِن کي ڏائِڻِ ڏينهن ۾، ڦِڪَل ساڻُ ڦري،

ڪو نيهي نارائِڻَ کون، دَرَسَنَ دانُ گُهري،

پَرِچِي پِريمَ پُري، سامي ويٺو سَمَ ٿِي.

(20)

سارِي وِسُ لُٽِي، مايا موهَ مَمَتَ سان،

ڪَنهن کي ڇَڏي ڪِينَڪي، بنا ڍَنگ ڍُٽِي،

ڪونيهي وِيُس نِڪري ڪيري ڪَلپَ ڪُٽِي،

سامي پِيو ڇُٽي، جَنَمَ مَرَڻَ جي دُکَ کون.

 

(21)

ڪَئي خَلِقَ اَنڌي مايا موهَ مَمَتَ سان،

مِرِگَ تِرِشنا جي جَلَ ۾ وَڃي سَڀَ وَهَندي،

وِرِلي ڪَنهن گُرَ مُکَ لَڌي ڪِرِپا ساڻُ ڪَنڌي،

ٻانڀڻَ جنهن ٻَنڌي، پَنج ئي ڪِيا وَس پانهِنجي.

(22)

ساري خَلقَ خُوارُ، رَهي مايا موهَ ۾،

اُٿندي وِهَندي نِنڊ ۾، ڪَري ڪِينَ قَرارُ،

وِرِلو ڪو گُرَمُکُ بَچيو، سامي چَئي سچارُ،

ڏٺِو جَنهن دِيدارُ، پانهنجي اَکين پانهِنجو.

(23)

مايا سَڀِ موهي، جيءَ ڪَيا وسِ پانهِنجي،

وِڌائين وَلَ ڇَلَ سان، اَنڌا ٻَنڌِي ٽوئي،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڪَنِ هوئي هوئي،

آتَمُ ڌَنُ کوهي، مورکَ ويٺا مَتِ ري.

(24)

مايا سَڀِ موِهي، جيءَ ڪَيا وَسِ پانهِنجي،

سامي سَنتَ اَچاهَ کي، سَگهي ڪونَه جوهي،

وِڌا جنهن کوهي، پَنجَئي پَرَ پکيءَ جا.

 

(25)

مايا ڪِيا موڳا، سامي جيءَ جَهانَ جا،

هَڻَنِ واتُ ويچارَ ري، اُٺنِ جان اوڳا،

جَنِين نَه جوڳا، تَرِڪَ چَلائنِ تَنِ تي.

(26)

مايا موهي جَڳُ، وِڌو سَڀُ وَهَڻَ ۾،

ڪوڙِنِ ۾ ڪو هڪڙو، بَچو پُرِکُ اَلڳُ،

جنهن اُلٽِي پَدَ اَواچَ جو، لِنوَ سان لَڌو دَڳُ،

سامي ٿيو سَرِبَگُ، چاهَ مِٽائي چِتَ جي.

(27)

وِڌا سَڀِ ڪيري، مايا جيءَ مَحَلَ مون،

ڇَڏِيائين ڇَلَ وَلَ سان، حِرِصَ مَنجهه هيري،

ويٺا مُنهن ڦيري، سامي چَئي سَروپَ کون.

(28)

وِڌا جيءَ لُٽي، مايا سَڀِ مَرَمَ ري،

ٻَڌائين ٻِيائيءَ جي، نوڙيءَ ساڻُ گُهٽي،

سَنسي جي سوٽَنِ سان، راتِيون ڏينهنَ ڪٽُي،

ڪو وِرِلو جَنُ ڇُٽي، جنهن کي سامي مِلي سَتِگُرو.

 

(29)

وِڌا سَڀ ونگي، مايا جيءَ ممت سان،

ڏاڍي ڏائڻ ڏَندرِي، ڪنهن کون ڪينَ سَنگي،

ڪو نيهي وِيُس نِڪِري، اَٽِڪَلَ ساڻُ آڳي،

ٽيئي لوڪَ لَنگهي، سامي ويٺو سَمَ ٿي.

(30)

تِياڳِي، ويراڳِي، مايا سَڀ مَسِتانُ ڪِيا،

سامي ڪو وِرِلو بَچِيو، گُرَمُکُ وَڏُ ڀاڳي،

ڏِٺو جَنهن جاڳي، پَنهنجي اَکئين پاڻَ کي.

(31)

مايا مَڌِ ماتو، سامي سَڀُ سنسارُ ٿِي،

ڪوڙِن ۾ ڪو هِڪڙو، آتَمَ رَنگ راتو،

مِلي ساڌَ سَنگَتِ سان، جنهن صاحِبُ سُڃاتو،

واري کَتُ کاتو، ڪَڍِيائين ڪَلِپَتَ جو.

(32)

مايا کَسي مَتِ، سامي وَرتي سَڀَ جي،

سُپني جي سَنسارَ کي، مورِکَ ڄاتَنِ سَتِ،

ڪوڙن ۾ ڪو هِڪڙو، عاشقُ ٿِيو اُپَرَتِ،

جاڳي جُڙيو تَتِ، جتي تون مان نانهِن ڪا.

(33)

مايا ڀُلايا، ڀَوَنِ جيءَ ڀَرَمَ ۾،

مَنـٖـي ويٺا پاڻ کي، ڪَلِپَتَ جِي ڪايا،

اُلَٽِي پانهِنجي گَهرَ ۾، ڪي عاشِقَ آيا،

جيڪي جاڳايا، سامي پُوري ستگُروءَ.

(34)

مايا ڪري غُلامُ، سامي وِڌو سَڀَ کي،

ڪو نيهي وِيُس نِڪري، نِروِ ڪَلپ نِهِڪام،

لَڌو جنهن گُرگِياتِ سان، آنڀَئِه آدي ڌام،

جنهن ۾ رَمِتا رامُ، سورجَ جان ساکي رَهي.

(35)

کِلَ سان مَتِ کَسي، مايا وَرتي جيءَ جي،

دَوڙِي پنهنجو پاڻهي، ڦاهيءَ مَنجِهه ڦَسي،

تنهن کي ڏِسي ڪيِنَڪي، جو حاضُر هَرِ وَسي،

جي سَتِگُرُ راهَ ڏسي، تَه سُکي ٿئي سامي چئي.

(36)

مايا جَڳَتُ ٺڳِي، سامي سارو وَسِ ڪيو،

جَنِ تي سايو سَنتَ جو، تَن کي ڪينَ لَڳي،

هو لَنگهي وَرَ سَراپَ کون، پَهتا پار اڳي،

جِتي جوتِ جَڳي، اَٺ ئي پَهَر اَنڀئِي.

 

مايا (ب)

(1)

پَري کون پَري، مايا مَحَبوبَنِ جِي،

ڪَنهين پاتو ڪِينَڪي اَنتُ اُٿانُ ڪَري،

ڪَيُس گُمُ گِياتِ سان، ڪَنهن گِيانَوان گَهَري،

سامي ڏِسِي ٺَري، پانهنجي اَکئين پاڻَ کي.

(2)

ڄَلُ پَرِٻَلُ آهي، مايا مَحَبوبَنِ جِي،

سامي ڇَڏِيو جَنهن سَڀَ کي، ڦاهيءَ مَنجهه ڦاهي،

ڪو عاشِقُ چَڙِهيو اَڇَ تي، دُنيا گَنوائي،

نَڪِي ڪِي ٺاهي، نَڪي ڀَڃي ڀيدَ ڀَرِمَ سان.

(3)

ڀاري ڀَو ساگَرُ، لَهِرون ماري لوڀ جون،

لوڙي ٻوڙي لوڪَنِ کي، وِجهِي ڪُنِ ڪَپَرُ،

ڪو پِريمي لَنگهي پارِ پِيو، ڇَڏي موهُ مَڪَرُ،

پورَنُ پَر ميسَرُ، سامي ڏِسي سِيتلُ ٿيو.

(4)

ڪَئي اَڻَ هوندِي حَرِڪَتَ، مايا خواب خِيالَ جِي،

جَنهن ۾ مُٺا ڪيترا، مورکَ ڪَري مَمَتَ،

جَنمَنِ مَرَنِ مَتِ ري، ڀَوَنِ اِتي کون اُتَ،

سامِي سَهَنِ دقَتَ، جاڳي ڏِسنَ نَه جوتِ کي.

(5)

رولو وِڌو رَن، جُدائيءَ جو جڳَ ۾،

ماري مُنجهائي سَڀَ کي، ڌاري نانا وَنَ،

سوٽو هَنيُسِ سَمَ جو، ڪنهن جاڳِي ساڌو جَنَ،

سَمُجهِي ويدَ وَچَنَ، سامي چَڙهيو چِٽَ تي.

(6)

مايا مِڙيئي، رَچيا ٺاهَه ٺڳيءَ جا،

ماري مورکنِ کي، ڏائڻِ ڏُکَ ڏيئي،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمُکَ کي، سامي سُڌِ پيئي،

لوڪَ پَرَلوڪَ ٻيئي، لَنگهي چَڙهيو لَکَ تي.

(7)

مايا مُنهن ڪاري، ڪَنهن سان نيبهه ڪِينَڪي،

سَڀَ کي ماري موچڙا، ڏيئِي ڏيکارِي،

سامي بچيو بَلا کون، ڪو ڀاڳَوانُ ڀاري،

جَنهِن کي پِياري، سَتِگُرَ سُرڪي سَچَ جي.

(8)

اَنڌَنِ ڏي آئي، مايا بڻي موهِڻي،

ڦُري ڪِيائين ڦوڪَ سَڀِ، ڏيئي وَڏائي،

سامي سُجاکَنِ کون، ڀَڳي ڀَئُه کائي،

ڪَنِ شادي سَدائي، ماتامي گُرگِياتِ سان.

 

(9)

سَڀَ سان ساڻُ لَڳِي، رَهي مايا موهڻي،

سامي سَدائي ڪَري، ٻَڌِي ٺاهَه ٺَڳي،

سوٽي هَنيسِ سَمَ جي، ڪنهن جو ڳيسَرَ جَڳي،

ڀَئِه اُٿي ڀَڳي، ڪان ڪان ڪَندي ڪُتيءَ جان.

 

(10)

مايا مَچايو، ڪُوڙو کيلُ ڪَلپَ جو،

تنهن ۾ ڪَنِ تَدَروپُ ٿِي، مورَکَ مَنَ ڀايو،

وِرِلي ڪَنهن گَرمُکَ کي، اَنڀَئِه ۾ آيو،

سامي سَمايو، جَلَ پَپوٽو جَلَ ۾.

 

(11)

مايا مَچائِي، ڪوڙي راندِ ڪَلپَ جي،

سَچي ڄاڻي سَڀُ ڪو، ڇاڻي نِتُ ڇائي،

وِرِلي ڪنهن گُرَمُکَ کي، اَنڀَئِه ۾ آئي،

سامي سَدائي، اِسٿِتِ رَهي آڪاس جان.

 

(12)

مايا مواسِي، ڪِئا جيءَ جَهانَ جا،

ڀُلي ڀَوَنِ پاڻهي، چِتَ ۾ چوراسي،

سامي ڪَٽِي ڪنهن سورمي، ڦُرني جِي ڦاسي،

 اَلکُ اَبناسي، جاڳي ڏٺو جنهن جوتِ ۾.

 

(13)

مايا مَواسِي، ڪِيا سَڀِ جيءَ جهان جا،

پائي ڀَوَن پاڻهي، ڦُرِني جي ڦاسي،

وِرِلو ڪو گَرَمُکُ بَچيو، اُتَمُ اَڀِياسي،

آلکُ آبناسي، سامي ڏِٺو جنهن سَمَ ٿي.

 

(14)

مايا مَنجهه مَسِتانُ، مورکَ رَهنِ ڪيترا،

ڪال نه ڏسَنِ ڪَنڌَ تي، ڪَشِيو بيٺو ڪانُ،

وَرِتَن ويدَ ويچارَ سان، نيهي نِر اَڀمان،

ڀَڳَتِ ڏِني ڀگوان، جن کي پَرچي پانهنجِي.

 

(15)

مايا سَڀِ غلامَ، ڪيا جيءَ جَهان جا،

پِٽِنِ ڪارَڻ پيٽَ جي، وَڏا ويرَ وَريامَ،

سامي بچيا ڪي سورما، نِروِ ڪَلپَ نَهڪامَ،

جَن کي رَمِتا رامَ، ڏنو دَرِسَنُ ديهِه ۾.

 

(16)

چوڏهن لوڪَ چَٻي، مايا کاڌا موهَ سان،

زورُ تنهين تي جيوَ جو، ڦاٿِــٖـي ڪينَ ڦَٻي،

ماريو تنهن مَنحوسِ کي، ڪَنهن دَرَدَوندَ دَٻي،

سامي سَڄي کَٻي، پورن ڏِسي پيءَ کي.

 

(17)

مايا موهي مَنُ، موڳو ڪَيو ماڙُنِ کي،

سَدا ڪَن سامي چَئي، بنا گِيات گَوَنُ،

پَرِچي لَڌو پانهنجو، ڪنهن ويساسيءَ وَطنُ،

ميٽي جَنَمُ مَرَنُ، اِسٿَتِ ٿيو آڪاسَ جان.

 

(18)

مايا سَڀ موهِي، خَلقَ پانهنجي خيال سان،

ڀُلائي ڀڳونتَ کون، ڊوهُه ڪَري ڊوهي،

سامي بَچيو ڪو ساڌَ سَنگِ، عاشقُ اَڏوهي،

ٻوڌَ روپُ ٻوهِي، کيتِي جنهن خاموش مون.

 

(19)

مايا مُنجهائي، وِڌا جيءَ وَهَڻَ ۾،

سامي سَڀَ کي غيبَ جا، گوتا کارائي،

ڪو پِريمي لَنگهي پارِ پيو، مَنَ کي مَنائي،

ڏِئو جاڳائي، ڏِٺو جنهن اَنَڀئِي.

 

(20)

مايا مُنجهائي، موڳو ڪِيو ماڙُنِ کي،

پاڻُ پانهِنجو پاڻَ ۾، ويٺا وِڃائي،

سامي لَڌو ڪنهن سُورَمي، ساڌوءَ جي سايي،

وَتو سو پائي، جو اَصُلُ هو آد جو.

 

(21)

مايا مُنجهائي، موڳو  ڪِيو ماڙُنِ کي،

پاڻُ پانهنجو پاڻَ ۾، ويٺا وڃائي،

سامي لَڌو ڪنهن سورَمي، ساڌوءَ جي سايي،

اَندَرُ اُجلائي، ماڻي سُکُ سَروپَ جو.

 

(22)

مايا مِٺائي، کائي جيءَ خُوارُ ٿِيا،

ڀَوَنِ ڀَوَ ساگَرَ ۾، سامي سَدائي،

وِرِلي ڪَنهن گُرَمَکَ کي، انڀئِه ۾ آئي،

پانهنجي پَرائِي، تات ميٽي تَدَ روپُ ٿيو.

 

(23)

مايا مِتُر بَڻِي، موهي ماري سَڀَ کي،

رولي پانهنجي راڄ ۾، سدا ساڻُ کَڻِي،

سامي بَچِيو ڪو سورَمو، ساڌوءَ جِي سَرِڻـٖـي،

گَهرَ ۾ گَهرَ ڌَڻي، اَچلُ ڏِٺو جنهن آدِ جو.

 

(24)

مايا ماءُ بَڻِي، موهي مُسائي سَڀَ کي،

سامي کَسي سارُڌَنُ، کوهَ ۾ وِجهي کَڻِي،

ڪَيُسِ گُمُ گِياتِ سان، ڪنهن هَرِ جَنَ هَٿُ هَڻي،

گهر ۾ گهرَ ڌڻي، ڏٺو جنهن اَڀيدُ ٿِي.

 

(25)

مايا مَهَتارِي، موهي ماري سَڀ کي،

ڪنهن کي ڇڏي ڪِينڪي، ديهِي جنهن ڌارِي،

رَهي اليپُ آڪاسَ جان، ڪو وِرِلو وِيچارِي،

سامي سَنڀارِي، جَنهن آدي اَنڀئِه پانهنجِي.

 

(26)

مايا موهي ماري، سَڀني کي سامي چئي،

ڀَوَنِ ڀَؤ ساگَرَ ۾، ٻَلِي ٻَلُ هاري.

ڪو پِريمي لَنگهي پارِ پيو، ڌيرَ سَچِي ڌاري،

بيحَدَ ڏئو ٻاري، ڏيوُ ڏٺائين ڏيهه ۾.

 

(27)

مايا مُنهُن ڪارو، موهي ڪَيو ماڙُنِ جو،

پائي ڀَونِ پاڻَهي، ڳِچيءَ ۾ ڳارو،

سامي رهي ڪو سورمو، نَڀَ جان نِيارو،

جاڳِي جڳُ سارو، لَئِه ڏٺو جنهن لَکَ ۾.

 

 (28)

مايا بُري بَلاءِ، ڪَنهن کي ڇڏي ڪِينَڪي،

سامي لُٽي سَڀَ کي، ڏيئي حِرِصُ هَواءِ،

تَنهن جو ليکو  ناهه ڪو، جَنِهن کي سَچُ سَهاءِ،

صورَتَ سَڀ ئي جاءِ، ڏسي ڪُلَ عالَمَ ۾.

 

(29)

ڏورؤن هَڻي ڏنگُ، ناري، ڪاري، نانگڻي،

مورَکَ مُٺا ڪيترا، سامي ڪَري سَنگُ،

نِيارو رَهي نَڀَ جان، ڪو مَحَبَتي مَلَنگُ،

جَلَ ۾ جَلَ تَرَنگُ، لَئِه ڏِٺو جنهن لَکَ سان،

 

(30)

ڏورؤن هَڻي ڏَنگُ، ناري ڪاري، نانگڻي،

مُنَ رِکَ مُٺا ڪيترا، سامي ڪَري سَنگ،

وِرِلو ڪو گُرَمُکُ بَچِيو، نِراڌارُ نِهَنگُ،

بي رَنگيءَ جو رَنگُ، ڏِٺو جَنهن اَڀيدُ ٿي.

(31)

ڏُکِي ڪَري ڏوٽِي، مايا موهي سَڀَ کي،

ڪنهن کي ڇَڏي ڪينڪي کَلِکَلِ ري کوٽي

سامي هَنيسِ سَمَ جِي ڪنهن ساڌو جَنَ سوٽي،

مُنهنُ موڙي موٽي، تَڪي نَه تنهن تَدَ رُوپ ڏي.

 

(32)

ڏاڍي ڏيوالي، مايا ڏائڻ ڏندِري،

سامي ڪَيو جنهن سَڀَ کي، ڪِرِپَڻُ ڪَنگالي،

وِرِلو ڪو گُرَمُکُ رَهي، کَلِکَلِ کون خالي،

لُنئن لُنئن ۾ لالي، پَرِتک ڏٺِي جنهن پيءَ جِي.

 

(33)

ڏاڍِي ڏيوالي، مايا ڏٺي موهِڻي،

لُٽي ڪِيائين لوڪَ جو، خَزانو خالي،

سامي ڪو سُورُ بَچِيو، عاشقُ اَبِدالي،

پُوري گُرَ پالي، دَيا جَنهن تي دَرسَ جي.

 

(34)

مايا ڪرَي مَڪَرُ، موهي ماري سَڀَ کي،

پِنائي پولو ڪَري، گُهمائي گَهرُ گهرُ،

اِسِٿِتِ رَهي آڪاسَ  جان، ڪو ساڌو جَنُ سَڀَرُ،

پُورنُ پَرَ ميسَرُ، سامي ڏٺو جَنهن سَمَ ٿي.

 

(35)

مايا ڪَري مَڪَرُ، مورَکَ موهِيا موهَ سان،

پُٺي ڏيئي پاڻَ کي، ڀَوَنِ ڀَو ساگَرُ،

سامي تَرِيو ساڌُ سَنگِ، ڪو داناهُ دُتَرُ،

پُورنُ پَرَ ميسَرُ، ڏِٺو جَنهن آڪاسَ جان.

 

(36)

مايا ڪَري مَڪَرُ، موهي، ماري، سَڀُ کي،

رَکي نَه رَتيءَ جيترو، ڏائِڻِ ڪنهن جو ڏَرُ،

سامي بَچيو ڪو سُورمو، سُجاکو، سُڀَرُ،

پُورَنُ پر ميسَرُ، ڏِٺو جنهن آڪاس جان.

 

(37)

مايا ڪَري مَڪَرُ، موهي ماري سَڀَ کي،

رَهي اليپُ آڪاسَ جان، ڪو نِراسُ نِڏرُ،

پَرِچي لَڌو جنهن پانهنجو، اَنڀئِه آدي گَهرُ،

سامي جَري اَجَرُ، ماڻي موج مُڪِتِ جِي.

 

(38)

مايا مَڪَرَ ڪَري، موهي ماري سَڀَ کي،

سامي رَهي ڪو سورمو، پاپِڻِ کون پَري،

پِيتو جنهن پَرتيتِ سان، پِيالو پاڪُ ڀَري،

سَڀَ ۾ ڏسِي ٺَري، پانهنجي اکئين پاڻَ کي.

 

(39)

سَڀَ کي دِلاسي، لائي مايا موهِڻي،

ڦُرني ڦاهيءَ ۾ وِجهِي، پَلَڪَ نه ٿِئي پاسي،

ڪَيُسِ گُم گياتِ سان، ڪنهن نيهيءَ نِراسي،

سامي سَمَ ڀاسي، جَنهِن کي اَنڀئِه آتما.

 

(40)

سَڀ کي رُئاري، موهي مايا موهِڻي،

ڀَوائـٖـي ڀَوَ سِنڌ ۾، نانا رُوپَ ڌاري،

سامي بَچِيو ڪو سورمو، سَتِگُرُ سَنڀاري،

بيحَدَ ڏِئو ٻاري، پُورَنُ ڏٺو جنهن پيءَ کي.

 

(41)

ڦُري ڦِڪِلَ ساڻُ، سَڀَ کي مايا موهڻي،

لَڏون کارائي لوڀَ جا، ڪَري مَحَبتَ ماڻُ،

رَهي اليپُ آڪاسَ جان، ڪو ساڌو جَنُ سُجاڻُ،

پَلي رکيائين پاڻُ، سامي ڀيدَ ڀَرَمَ کون.

 

(42)

مايا ڪَيا مَرِڪَٽَ، موهي جيءَ جهانَ جا،

ڀَونِ ڀَو ساگَرَ ۾، ڳِچيءَ پائي ڳَٽَ،

ڪَٽِي سَڀ ڪلپنا، سَمُجهي ڪنهن سُڀَٽَ،

پائي کِميا کَٽَ، سامي سُمهيو سَراءِ ۾.

 

(43)

ڏي نِتُ مايا  مارَ، ڪَري زيرِ جيئنِ کي،

ڀَونِ ڀَو ساگَرَ ۾، رُئنِ زارون زار،

ڪَيُسِ گُمُ گِياتِ سان، ڪنهن هَرِ جَنَ هوشيارَ،

جَنهِن کي سُرت سَنڀارَ، سامي ڏني سَتگُروءَ.

 

(44)

ڪَڍي ڪَليجو، مايا ڏائڻ سَڀَ جو،

ڪَنهن کون ڪَري ڪِينَڪي، پاپِڻِ پَرَهيجو،

سامي هَنيُس سَچَ جو، ڪنهن نيهيءَ ڪَرَنيجو،

وري جنهن ويجهو، ڏٺو اَنَڀَئِه آتما.

 

(45)

مايا کَسي مَتِ، موڳو ڪَيو ماڙُنِ کي،

ڀوڳن ڀوڳَ ڀَرَمَ جا، سامي ڄاڻي سَتِ،

ڪو سُجاکو سُورَمو، اُلٽِي ٿِيو اُپِرَتِ،

تڪِيو ڪَيائي تتِ، جتي آهِ نه نانِهه ڪا.

 

(46)

مايا موهي مَتِ، موڳو ڪيو ماڙنِ کي،

ڀُلِي ڀَوَنِ پاڻَهي، کَڻي ساڻُ کَپَتِ،

سامي رَهِي سَمَ سَدا، ڪو عاشقُ اِسٿَتِ،

جاڳِي شِوُ شَڪَتِ، ڏٺو پاڻَ جهانَ ۾.

 

(47)

مايا مَتِ مارِي، لوڀائي لوڪَنِ جي،

کنيون وَتن خوشِ ٿي، خُواريءَ جي کاري،

سَدا ڪَنِ سَمُجهَه ري، جَتَنُ آئون جاري،

سامي چئي ساري، وِيا وِڃائي آرِجا.

 

(48)

مايا مَتِ کَسي، سَڀَ جِي وَتِي وَلَ سان،

سامي اَنَبَئِه آتما، ڏيهون ڏورِ ڏسي،

ڪُٺو ڪاسائڻ کي، ڪَنهن دَردَوَندَ دَسي،

هَرِدَمُ ڏِسِي هَسي، پاڻُ ورائي پاڻَ کي.

 

(49)

سَڀَ جِي متِ کَسي، مايا وَتي موهَ سان،

سامي رَمِتا رامَ جو، ديرو دُور ڏسي،

ڪَيس سوگهو سَتَ سان، ڪنهن داناهَ دَسي،

هَرِدمُ ڏِسِي هُسي، پاڻ ورائي پاڻَ کي.

 

(50)

مايا مَتِ موڳي، موهي ڪَئي ماڙُنِ جي،

پَرِڇَنُ ڄاڻي پاڻَ کي، سَدا ڦِرَنِ سوڳي،

ماڻي سُکُ سَروپَ جو، ڪو جاڳِيو جوڳي،

اَنَنُ اَروڳي، سامي رَهي سُڀاوَ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org