سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 23

* اياز اسان انڌن اڳيان لٺ هو. اهڙي سهاري جو ائين اوچتو ٽٽي وڃڻ سان اسان جو بوکلائجي وڃڻ سڀاويڪ آهي. اياز جو موت ائين لڳو ڄڻ فن جو جهرڻو سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي. اهو ڌڪ تاحيات ڏکندو  رهندو ۽ ان کي وساري نه سگهبو. بهرحال ڪڏهن ڪڏهن، نه برداشت  ڪرڻ جهڙا منظر به برداشت ڪرڻا پوندا آهن.

-مير محمد پيرزادو

* شيخ اياز، هن دور جو  شاهه ۽ شيخ ٻئي هو. هن جو مرتئو سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي علم ادب لاءِ وڏو الميو آهي. اڄوڪي تعزيتي ميڙ ۾ گڏ ٿيل اديبن، عالمن کي شيخ اياز جي سوڳ ملهائڻ کان پوءِ وري هن اٻوجهه قوم جي جذبن، تقاضائن موجب جياپي لاءِ راهه جو تعين ڪرڻو پوندو آهي. جنهن ۾ شيخ اياز جي سموري شاعري ابد تائين جيئندي رهندي.

-سڪندر سنڌي

* شيخ اياز جو موت سنڌي قوم جي ابي جي ايم سيد کان پوءِ وڏو الميو آهي. ڇاڪاڻ ته شيخ اياز پنهنجي قومي، شاعري وسيلي جيئڻ جا گس ۽ پيچرا ڏنا. شيخ اياز ادب ٻولي ۽ ڌرتي لاءِ جيڪي پير پٿون ڪيا آهن، اُهي سنڌي ماڻهن لاءِ سرمايو آهي. شيخ اياز کي وسارڻ پاڻ کي وسارڻ برابر آهي. هونئن به ڊسمبر ويندي ويندي سنڌي ماڻهن سان تاريخي ويساهه گهاتيون  ڪيون آهن. جيڪي ٺلها نشان نه، پيرا ڇڏي ويون آهن.

-زخمي چانڊيو

* آءٌ شيخ اياز صاحب سان مهينو کن اڳ ۾ مليو هوس جڏهن هو گلشن حديد ۾ آيو هو تڏهن مون کي چيائين ته راڳ ٻڌاءِ، جڏهن مون ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ڳايو ته هن مون کي چيو ته، آءٌ چاليهه سال حياتي جا پوئتي موٽي آيو آهيان.

-حنيف لاشاري

* هن صدي جو هڪ سڀ کان وڏو شاعر ۽ عالم اسان کان جدا ٿي ويو آهي.شيخ اياز پنهنجي شاعري ۾ آفاقي، فطري ۽ انساني قدرن جا اهي سڀ رنگ سهيڙيا آهن، جيڪي ڪائنات جي پانڌ تي هن پنهنجي حسين اک سان جرڪندي ڏٺا. ان ڪري هن پنهنجي احساسن جي سموري موڙي اسان وٽ پنهنجي ريشمي شاعري جي روپ ۾ ڇڏي آهي. ان ڪري هو ڪڏهن به مرڻو ناهي. ادب جا پانڌيئڙا سندس پيرن جي نشانن تي ضرور پير رکي هلندا.

-معصوم بخاري

* اڄ سنڌ جو برک شاعر محترم سائين شيخ اياز اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي، پر سندس تخليقون فن ۽ فڪر اسان لاءِ مشعل راهه آهن. اياز صاحب جي اوچتي وڇوڙي يقينن سڄي سنڌ واسين جو جِيءُ جهوري وڌو آهي ۽ اڄوڪي هن ميڙاڪي ۾ هر اک آلي آهي ۽ ڳالهائڻ(اياز صاحب جي شخصيت، فن، فڪر خدمت تي) لاءِ لفظ ڪنهن جو ساٿ نه پيا ڏين. اياز صاحب سان منهنجون اٺ ڏهه ڀيرا  ملاقاتون ٿيون آهن. تازو  ساڻس ملاقات مهينو کن  اڳ ۾ نوجوان شاعر مختيار ملڪ جي شعري مجموعي جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ مختيار جي شاعري بابت کانئس راءِ وٺڻ جي سلسلي ۾ ٿي. هن منهنجي گذارش تي مختيار جي شاعري بابت ٻئي ڏينهن پنهنجا ريمارڪس لکي ڏنا. ان طرح محترم شيخ اياز صاحب کان مون نوجوان شاعرن جي شاعري تي ڀرپور  مقالي مهاڳ (هن کان اڳ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ سان اچي چڪو آهي) لکڻ لاءِ عرض ڪيو هو. جيڪو پاڻ قبول ڪيائون ۽ مون ان سلسلي ۾ نئين ٽهي جي نمائنده شاعرن کي اهڙا خط موڪليا ۽ ان جي موٽ ۾ شاعري پڻ پهتي ۽ ڪجهه دوستن پنهنجي شاعري موڪلڻ جو واعدو پڻ ڪيو، پر ”چوڌاري چمڪاٽ اسان“ نالي اهو ڪتاب جيڪو شيخ صاحب جي مهاڳ کان پوءِ  مارڪيٽ ۾ ڇپجي اچڻو هو، اهو تاريخي ڪم اياز صاحب جي لاڏاڻي سبب رهجي ويو. جنهن جو هميشه مون کي افسوس رهندو.

- آزاد انور ڪانڌڙو

* شيخ اياز جو موت، هن صدي جي وڏي شاعر جو موت آهي. سنڌ ان کي ايستائين ياد ڪندي رهندي، جيستائين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو نالو زنده آهي. هو پنهنجي پوري زندگي ۾ ادب جو اڻ ٿڪ پورهيت رهيو. هن جا نثر ۽ نظم جا ڪتاب، هن جا علمي ۽ فڪري وڏائي جو ثبوت آهن. سنڌي جديد شاعري شيخ اياز جي شاعري جو پڙاڏو آهي. هن سنڌي شاعري کي نوان موڙ ڏنا، نوان موضوع ڏنا. اياز جي فن ۽ فڪر سان ڪنهن به ماڻهو کي اختلاف ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي، پر ان جي شاعراڻي ۽ فني عظمت کان انڪار ذاتي تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. نه رڳو شاعري ۾ پر جمال ابڙي چواڻي ته، جديد سنڌي ڪهاڻي جو باني پڻ شيخ اياز آهي. هن ورهاڱي کان اڳ جديد سنڌي ڪهاڻي لکي، “ سفيد وحشي“ ۽ ”پنهل کانپوءِ“ وارن ڪتابن ۾ هن جي ڪهاڻين  جي مجموعن جون اڪثر ڪهاڻيون ورهاڱي  کان اڳ ڇپجي چڪيون هيون. اهو سچ آهي ته نئين سنڌ جي فڪري تربيت ۾ هڪ پاسي جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جون خدمتون آهن، ته ٻئي پاسي ان تربيت ۾ اياز جي شاعري ۽ لکڻين جو پڻ وڏو هٿ آهي. جيڪي ماڻهو چون ٿا ته، ”اياز“ کي ”اياز“ اسان بڻايو آهي. اهي ماڻهو بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا. شاعر ٺاهيا نه ويندا آهن، پر اهي ته پنهنجي فطري صلاحيتن جي سگهه سان اڳتي وڌندا آهن، جي شاعر ۽ فنڪار پيدا ڪرڻ سياسي اڳواڻن ۽ ادبي مافيائن جي وس  هجي ها ته انهن ڪيترن شاعرن کي وڏو شاعر  بنائڻ جي ڪوشس ڪئي پر اهي وڏا شاعر  ٿي نه سگهيا. سچا فنڪار  ۽ عظيم شاعر ڪڏهن به عوام کان روپوش نٿا ٿي سگهن. وقت گذرڻ سان شيخ اياز جي فن ۽ فڪر تي اڃا وڌيڪ تحقيق ٿيندي. ان جي عظمتن جا جوهر اڃا نروار ٿيندا.

-ادريس جتوئي

اديبن جا تاثر

نامياري شاعر، دانشور، اديب، وڪيل، تعليمي ماهر ۽ صحافي شيخ اياز جي لاڏاڻي کي سنڌ جي سڄاڻ حلقن  هن صديءَ جو وڏو هاڃو قرار ڏنو آهي. نامياري دانشور ۽ اديب ۽ ليکڪ محمد ابراهيم جويو  چيو ته شاعر قومن جي مستقبل جا ضامن هوندا آهن ۽ شيخ اياز جهڙي عظمت وارا ماڻهو قوم کي تاريخ م تمام گهڻي عرصي کان پوءِ نصيب ٿيندا آهن ۽ انهن جي جاءِ والارڻ لاءِ قوم کي ڊگهي مدي تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته شيخ صاحب جو سنڌ جي خودمختيار هئڻ جو خواب هميشه خواب رهيو، هن چيو ته  شاعر قومن جي مستقبل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ شيخ اياز سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪيئي صديون اتساهه جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته شيخ صاحب ادب جي دائري کان سواءِ  جيڪو تعليمي ۽ سياسي ڪردار ڇڏي ويو آهي. اهو به اسان جي سامهون آهي. نامياري شاعر ۽ اديب تاجل بيوس ڳالهائيندي چيو ته  شيخ اياز اسان جو بزرگ  وڏي ٽهيءَ جو وڏو شاعر هو. هن چيو ته لطيف کان پوءِ 60- واري ڏهاڪي ۾ اياز اهڙي ته وائي ۽ بيت تخليق ڪيا جو جن جي پڙهڻ سان” وه وا“ نڪري ويندي هئي. ساڳئي ئي ڏهاڪي ۾ اياز جي ڪتابي سلسلن ۾ جن ۾ ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي “ ۽ ”جل جل مشعل جل جل“ جا به هنڌين ماڳين هُل ۽ هاڪون هيون. هن چيو ته اياز امرتا جي بلنديءَ تي پهتو هو جيڪا بلندي کيس هر  صديءَ  ۾ بلند ۽ بالا رکندي. هن چيو ته لطيف ۽ اياز شروعاتي دور ۾ منهنجي شاعريءَ جي اتساهڻ جا ٻه وڏا وسيلا رهيا آهن. نامياري اديب ليکڪ ۽ ٿر جي اڳوڻي ڪمشنر عبدالقادر  منگي چيو ته شيخ اياز سنڌ جي مزاحمتي  ادب ۽ شاعريءَ جو اڳواڻ رهيو. هن ڊگهي عرصي تائين  سنڌ جي ادب جي مختلف صنفن تي لکيو ۽ رڳو ادب تخليق ڪيو پر نوان دڳ ۽ پيچرا به نئين نسل لاءِ کوليا ۽ سندس وفات سان پيل خال گهڻي عرصي تائين محسوس ٿيندو. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي چيو ته مان نٿي سمجهان ته شيخ صاحب جو خال ڪو جلدي ڀرجندو. هن چيو ته  سنڌ جي جهولي اڳ ۾ ئي خالي ٿيندي پئي وڃي ۽ جن ٻن چئن ڪڻن  تي اسان کي فخر  هو اهي به وڃي رهيا آهن. هن چيو  ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڳالهايان ڇو ته زبان ۽ محروميءَ جو احساس آهي. هن چيو ته اسان کي احساس نه آهي ته ڇا وڃايو آهي، پر اسان کي بعد ۾ اهو احساس ٿيندو. هن چيو ته  نامياري اديب سليم چنا سينئر چيو ته شيخ اياز سنڌي ادب ۾ شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ هو. سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ سندس شاعري ڪمال جي درجي جي هئي. هن چيو ته هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ ادب ۽ قدآور  شخصيت  طور مڃيو ويندو. نامياري اديب ۽ دانشور علي احمد بروهي چيو ته شيخ اياز  صاحب سان گهڻو عرصو گڏ رهيو آهيان، هو مون کان سال  ڏيڍ ننڍو هو ۽ اسان هڪ ئي ضلعي جا هئاسين جنهن ۾ مان ڳڙهي ياسين  ۽ هو شڪارپور جو رهندڙ هو. هن چيو ته شيخ  صاحب جي لاڏاڻي سان وڏو نقصان ٿيو آهي. سڀ خدا جي ذات  جي مرضي آهي  ان تي انسان ڪجهه به نٿو ڪري سگهي ۽ رڳو چار ڳوڙها ڳاڙهي سگهي  ٿو. ڇو ته هر ڪنهن کي هلڻو آهي. هن چيو ته شيخ اياز سنڌ ۾ وڏي ادبي چوٽيءَ جي شخصيت  ۽ هستي هو. هو وڏو ليکڪ هو. هن نظم ۽ نثر لکيو ۽ سندس 55- ڪتاب شايع ٿيل آهن. هن چيو ته هو هند پاڪ ننڍي کنڊ ۾ مشهور شخصيت هو. هن چيو ته شيخ اياز سنڌ ۾ ون يونٽ  جي حوالي سان قربانيون  ڏنيون. ساهيوال جيل ۾ سزا ڪاٽي ۽ پ-پ دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ چار سال وائيس چانسلر رهيو. هو سکر جي برک وڪيلن مان هڪ هو. نامياري اديب  قمبر شهباز چيو ته صدين کان پوءِ سنڌ تي ڪارو ڏينهن آيو آهي هن چيو ته هو موجوده صديءَ جو سڀ کان وڏو شاعر ۽ مفڪر هو. هن چيو ته سنڌ کي ساڍن ٽن سؤ سالن بعد هي سال ڏسڻو پيو آهي. جو لطيف کان پوءِ هي اهم شخص شيخ اياز پيدا ٿيو. هن چيو ته شيخ اياز سنڌي ادب ۾ بهترين لاڙا ۽ رجحان ڏنا. ڪهاڻيڪار، اديب ۽ ليکڪه فهميده رياض چيو ته شيخ اياز هن صديءَ جو تمام وڏو ۽عظيم شاعر هو پر اها بدنصيبي آهي جو کيس ههڙو معاشرو مليو. هن چيو ته فيض احمد فيض به اهڙي زندگي گذاري ويو.هن چيو ته افسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ اهڙن بهترين فرزند جن تي قوم کي فخر هئڻ گهرجي،انهن جو هتي قدر نٿو ٿئي.هن چيو ته اياز جي شاعري سدائين زنده رهندي.اردو ادب جي نامياري اديب سينيٽر جميل الدين عالي چيو ته شيخ اياز جي زندگيءَ جا ڪيترائي رخ هئا.هو آخري ڏينهن ۾ تصوف ڏانهن متوجه هو.هن چيو ته شيخ اياز تنقيد برداشت ڪندو هو.هن چيو ته مون کي اهو فخر هو ته مان اياز کي تمام گهڻو ويجهي کان ڏٺو ۽ هو بهترين شخصيت هو.هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪراچي يا سنڌ يونيورسٽي ڄامشور ۾ شيخ اياز چيئر قائم ڪرڻ گهرجي.

نامياري اديب ۽ شاعر جمال ابڙي چيو ته ڪجهه اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن ۾ قدرتي طور  تي قوم ۽ سماج کي سڌارڻ جي تڙپ هوندي آهي.اياز ۾ اها تڙپ شروع کان وٺي هئي.ننڍي هوندي ئي اسان جڏهن سئينما ويندا هئاسين ته هو زمين تي ستل هوندو هو ۽ ڪتاب پڙهندو رهندو هو.

نامياري دانشور سوڀي گيانچنداڻي چيو ته شاهه لطيف کان پوءِ ايڏو وڏو شاعر پيدا ناهي ٿيو،جيڏو شيخ اياز آهي.هن چيو ته ننڍڙي دماغ وارا اياز کي گهٽ پسندا ڪندا آهن.اياز کان سڙندا هئا ۽ اياز تي ناراضگي جو اظهار ڪندا هئا.هن چيو ته اياز جيترو ڪم ڪيو اهو ڏهه اديب به ملي ڪري نٿا سگهن.شمشير الحيدري چيو ته شيخ اياز سنڌ جي ڪلاسيڪي صنفن ۾ تمام وڏو ذخيرو ڏنو.امداد حسيني چيو ته جڏهن سنڌ کي ون يونٽ جي زنجيرن ۾ جيڪڙيو ويو هو ته سنڌي شاعري ۾ مجموعي طور   تي اُڀار آيو اياز ان سلسلي ۾ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ هن پوري دور جي ڪايا پلٽائي ڇڏي.هندستان جي سنڌي اديب موتي پرڪاش چيو ته شيخ اياز اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي ڀلي حڪمرانن جي حڪم تي لکندڙ تاريخ نويس ڪوڙ جو ليپو لڳائي ميساري ڇڏين پر جنهن کي،فن ۽ فڪر،ضمير ۽ ذهن خيال ۽خواب جا پرستار ڪڏهن به وساري نه سگهندا.پوپٽي هيرا ننداڻي چيو ته شيخ اياز هاڻوڪي جڳ جو وڏي ۾ وڏو سنڌي ڪوي آهي. هن شاهه جي طرز تي ئي عام ماڻهن جي پسندي موجب بيت ۽ وايون چيون آهن. سنڌ جي صوفي مت جي پوئواري ڪري اياز سڀني مذهبن کي هڪ سمجهي، راڻي پرتاب شواجي،ميران ۽ ڪبير تي شعر چيو آهي، نامياري شاعر عبدالغفار تبسم چيو آهي ته شيخ جو مرتبو سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعري لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي،جنهن سبب صدين تائين سنڌي ٻولي،ادب ۽ شاعري هوش سنڀالي نه سگهندي.عبدالرحيم موسوي چيو ته شيخ اياز هڪ اهڙو انسان هو جنهن جي انا کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا  ۽خريد ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون.پر هن پنهنجي انا کي ڀرڻ نه ڏنو.سراج الحق ميمڻ چيو آهي ته شيخ اياز هن صديءَ جو سڀ کان وڏو نالو هو.جهڙي طرح شاهه عبداالطيف ڀٽائي رحه سنڌي ادب ۽ معاشري لاءِ هڪ نئون بنياد رکيو،تيئن جديد سنڌي اديب ۾ اها ئي حيثيت شيخ اياز کي حاصل هئي.سندس مرتيي سبب جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو وڏو مشڪل سان ڀرجي سگهندو.

28ڊسمبر تي صبح جو حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم واري ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان ٿيندڙ گولڊن جوبلي ڪانفرنس کي شيخ اياز جي موت واري اطلاع کان پوءِ تبديل ٿيل تعزيتي ميڙاڪي ۾ صدارتي خطاب ڪندي سنگت جي جنرل سيڪريٽري اياز گل چيو ته شيخ اياز هن صديءَ جو وڏو ليکڪ ۽ شاعر هو،جيڪو اسان کان وڇڙي ويو ۽ اهو خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو.هن چيو ته شيخ اياز پنهنجي لکڻين جي ذريعي اسان کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي.نامياري شاعر فتاح ملڪ چيو ته شيخ اياز تي سنڌ جا لکين ماڻهو عاشق آهن ۽ اسان به انهن مان آهيون.هن چيو ته سنڌي ماڻهو شيخ اياز مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا.سنڌ جي پهرين صف ۾ ڳڻجندڙ ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ سنڌي لنگويج اٿارٽي جي چيئرمين حميد سنڌي چيو ته اياز هڪ تحريڪ هو.اياز ڏيئي وانگر ٻرندو رهيو ۽ سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏيندو رهيو.هن پاڻ سڙي ٻرندي سنڌ کي سڀ ڪجهه ڏنو ۽ سنڌ جي نوجوانن به کيس سٺي موٽ ڏني.شمشير الحيدري چيو ته شيخ اياز جو وڇوڙو ڏکائيندڙ آهي ۽ ان جي موت جي ڪري سنڌ کي تمام وڏو جهٽڪو لڳو آهي ۽ سموريون اکيون آليون آهن.سنڌ جي منفرد شاعر نياز همايونيءَ چيو ته شيخ اياز جي وڇوڙي جي ڪري اسان سڀني کي وڏو صدمو رسيو آهي. شرڪش سنڌي چيو ته ڪي ماڻهو مري ويندا آهن،تڏهن انهن جي مرڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ ماڻهو خود مري ويو آهي ۽ اياز جي موت تي به ايئن ئي محسوس ٿي رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شمس سومرو چيو ته شيخ اياز جي شاعري اسان کي پيچرن تي هلڻ سيکاريو.سندس وڇوڙي اسان کي تمام گهڻو ڏک ڏنو آهي. آڪاش انصاري چيو ته شاهه لطيف کان پوءِ سنڌ ۾ فڪري اُٿل پُٿل شيخ اياز پيدا ڪيو،هو هڪ وڏو سمنڊ هو. هن جي ڪجهه ڳالهين سان اختلاف هوندي به اها حقيقت آهي ته في الحال هن جهڙو ماڻهو ملڻ مشڪل آهي. انعام شيخ چيو ته شيخ اياز فن ۽ شعوري اڏام ذريعي اسان تي ايترو حاوي ٿي ويو آهي جو سندس شاعري کي ننڍو توڙي وڏو چاهت سان پڙهي ٿو. هن سنڌ جي فڪر کي نواڻ ڏني. ولي رام ولڀ چيو ته شيخ اياز هنڌ ۽ سنڌ جو مهان اديب هو. ادل سومرو چيو ته  ٻين سان گڏ شيخ اياز به سنڌي ادبي سنگت جي سرواڻن مان هڪ هو. هن ڌرتيءَ  جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. مدد علي سنڌيءَ چيو ته شيخ اياز ايڏو وڏو ماڻهو هو جو ان تي ڳالهائڻ اسان جي وس ۾ ناهي.ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو چيو ته شيخ اياز جي ڪلام ۾ موسيقيت سمايل آهي.هن جي موت تي موسيقي جو هڪ باب ختم ٿي ويو آهي. هن تي اڃان به لکڻ جي گهرج آهي.ڄام ساقي چيو ته شيخ اياز مون کي تمام گهڻو پيارو هو .هن ادب جي وسيلي وڏي سجاڳي پيدا ڪئي. تنوير عباسي چيو ته شيخ اياز  اسان سان ڏک سک ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.هو هليو ويو.  سڀاڻ اسان به هليا وينداسين. هن چيو ته اديبن جو اسان کي جيئري قدر ڪرڻ گهرجي. نصير مرزا چيو ته شيخ اياز جي موت جو ٻڌي اکين آڏو اونداهه  اچي وئي آهي ۽ ائين لڳي ٿو ڄڻ ڌماڪي سان ڪائنات ڦاٽي پئي آهي. مون کي هو هر وقت ياد رهندو. زيب سنڌي چيو ته شيخ اياز، لطيف وانگر مرڻو ناهي. هر وقت زنده رهندو. نثار حسيني چيو ته شيخ اياز پيارو ماڻهو هو ۽ اسان کان روز پيارا ماڻهو وڇڙي رهيا آهن ۽ اسان اڪيلا ٿي رهيا آهيون. جيجي زرينه بلوچ  ان موقعي تي شيخ اياز جو گيت  الوداع الوداع پڙهيو ۽ چيو  ته هن جهڙا ماڻهو ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن.

ڏوڪري پريس ڪلب، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ لٽري فورم پاران ڏوڪريءَ ۾ مهان ڪوي شيخ اياز ۽ سائين جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر درشهوار جي اوچتن وڇوڙن تي هڪ گڏيل تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ حيدر جويو، حمزه علي سوهو، مونس بخاري، ايم رمضان جوڻيجو، ديدار سولنگي، ديدار جوڻيجو، گلاب سومرو، نياز ميمڻ ۽ مڙني صحافين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر  درشهوار جي وڇوڙن کي عظيم نقصان قرار ڏيندي اٺ ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز هڪ ٿنڀ جي حيثيت رکندڙ هو. اها ڳالهه نامياري صحافي، اديب، شيخ عزيز بي بي سي پاران شيخ اياز تي نشر ڪيل رپورٽ تي تاثر ٻڌائيندي چئي. هن چيو ته 40 واري ڏهاڪي ۾ نارائڻ شيام، ڊاڪٽر اياز قادري، شيخ اياز آهن جن سنڌي ادب کي نئون رخ ڏنو ۽ نئون لهجو ڏنو. ۽ شيخ اياز ان جو باني آهي. شيخ عزيز چيو ته شيخ اياز عوامي مسئلن ۽ عوام تي جيڪو دٻاءُ هو ان خلاف آواز بلند ڪيو اُن جو لهجو نرم ۽ نازڪ به هوندو هو ته، طاقتور به!

تعزيتي پيغام

شيخ اياز جون تصنيفون قومي ادب جو سرمايو آهي:

نواز شريف

اردو ۽ سنڌي شاعري لاءِ سندس خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. وزير اعظم محمد نواز شريف، شيخ اياز جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ۽ مرحوم جي پونئيرن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم اردو ۽ سنڌي ادب ۽ شاعري لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته، شيخ اياز جي شاعري ۽ نثري تصنيفون  قومي ادب جو سرمايو آهن.

شيخ اياز، امن، آشتي ۽ محبت جو شاعر هو:

بينظير ڀٽو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي هڏڏوکي ۽ مهان شاعر شيخ اياز جي وفات تي گهري ڏک ۽ صدمي جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ اياز نه صرف سنڌ پر سڄي عالم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شاعر هو. جنهن دنيا کي پنهنجي شاعري ذريعي حب الوطني، امن، آشتي ۽ محبت جو پيغام ڏنو. سندس وفات سان پيدا ٿيندڙ خال ورهين تائين ڀرجي نه سگهندو. محترمه بينظير ڀٽو آخر ۾ سندس پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.

اياز سدائين سنڌ واسين کي ياد رهندو

لياقت جتوئي

وڏي وزير محترم لياقت علي جتوئي برک شاعر، اسڪالر، مشهور دانشور ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر شيخ مبارڪ علي اياز جي اوچتي وڇوڙي تي شديد ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير شيخ اياز جي شاعريءَ، افسانه نويسي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي کي اردو ٻولي ۾ ترجمي ڪرڻ وارين ڪاوشن تي سندس واکاڻ ڪئي. هن چيو ته شيخ اياز مرحوم جي شاعري ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ ياد رهندي. وڏي وزير شيخ اياز جي ڏکايل خاندان سان همدردي جو اظهار ڪندي رب العزت کان دعا گهري آهي ته سندس روح کي  ابدي آرام عطا فرمائي ۽ سندس سوڳوار پونئيرن کي اهو ناقابل تلافي نقصان سهڻ لاءِ صبر عطا فرمائي.

 

آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي

پاران تعزيتي پروگرام

نامياري دانشور، وڪيل ۽ سينيٽر حسين شاهه راشدي چيو آهي ته شيخ اياز جو ضمير سنڌ جي ضمير مان ٺهيل هو، هن آفاقي پيغام سان قوم کي زندهه ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قوم مايوسي ۽ محرومي ۾ گهريل هئي. تڏهن هن قوم کي سجاڳ ڪيو. هن سنڌين کي هميشه زندهه رهڻ جو پيغام ڏنو، هو قوم ۽ ڌرتي لاءِ جيلن ۾ به ويو، هن اهڙن خيالن جو اظهار آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاران مهان ڪوي شيخ اياز جي ياد ۾ منعقد ڪرايل ميڙاڪي ۾ مهمانِ خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شاهه صاحب کان پوءِ شعر جي تاريخ  ۾ شيخ اياز جي شخصيت ۽ عظمت قيامت تائين زنده رهندي. هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري جا اردو ۾ ترجما ڪرائجن ته جيئن اردو وارن کي به معلوم ٿئي ته شيخ اياز ڪيڏو وڏو ماڻهو هو.آفتاب احمد خان صدارتي  تقرير ڪندي چيو ته فيض احمد فيض چوندو هو. شيخ اياز پاڪستان ۾ مون کان به وڏو شاعر آهي. هن جي ڪتابن جا اردو ۾ ترجما ٿيڻ گهرجن جيئن هن جو پيغام ٻين تائين به پهچي سگهي. ڊاڪٽر فهميده  حسين چيو ته شيخ اياز ڌرتيءَ سان اهڙي طرح محبت ڪئي آهي جيئن ماءُ پنهنجي ٻار سان محبت ڪندي آهي. هن چيو ته شيخ اياز ون يونٽ خلاف گيت ۽ نغما لکيا جيڪي گهڻو مقبول ويا، هن جا انقلابي گيت نوجوان شوق سان ڳائيندا هئا، تاجل بيوس چيو ته هاڻي اسان مرده پرست قوم  به نه رهيا آهيون. زنده قوم جي علامت هوندي آهي ته اهي پنهنجي هيرن کي ياد رکن ۽ هن جو پيغام ٻين تائين پهچائن، هن چيو ته لطيف کان بعد شيخ اياز بهترين وائي پيش ڪئي. هو ادب جي حوالي سان هن صدي جو وڏو شاعر آهي. قمر شهباز چيو ته  ون يونٽ دؤر ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو پئي ويو ته  ان دؤر ۾ شيخ اياز پنهنجي شاعري وسيلي سنڌي ٻولي کي زندهه رکيو، هن چيو ته شيخ اياز اهو ماڻهو هو جنهن سنڌ جي ماڻهن کي غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ  سيکاريو. فهميده رياض  چيو ته اسٽيبلشمينٽ  ملڪ جي سڌسماءُ وارن ادارن  تي قابض رهي آهي، جنهن کي شيخ اياز جي فڪر سان سخت نفرت رهي آهي، هن چيو ته هو آزاد شخص هو، هن سنڌي زبان، وائي ۽ بيت کي ٻيهر زندهه ڪيو، هن چيو ته  شيخ اياز سنڌي شاعري کي ماڊرن طريقي سان طاقتور بڻايو.

صدر ۽ وزيراعظم

قائم مقام صدر وسيم سجاد ۽ وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف شيخ اياز جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سوڳوارن لاءِ موڪليل هڪ پيغام ۾ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف اردو ۽ سنڌي ادب لاءِ مرحوم شيخ اياز جي خدمتن کي ساراهيندي  چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر قومي ادب جو سرمايو آهي.

گورنر سنڌ جناب معين الدين حيدر

سنڌ جي نامياري اسڪالر، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، تعليمي ماهر، ۽ ترجمي نگار شيخ مبارڪ علي اياز جون خدمتون  گهڻو عرصو ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهنديون. مرحوم سڄي زندگي شاعري ۽ ادب ذريعي ميٺ محبت ۽ امن آتشي جو درس ڏنو. شيخ جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي گورنر رٽائرڊ ليفٽيننٽ معين الدين حيدر، وڏي وزير لياقت علي جتوئي ۽ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد شيخ اياز جي اوچتو لاڏاڻي تي پنهنجي الڳ الڳ تعزيتي پيغامن ۾ ڪيو. هنن مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهري ته هو شيخ اياز کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پونيئرن کي اهو صدمو سهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

بي بي سي

سنڌ جو مشهور شاعر شيخ اياز ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. شيخ اياز 1923ع ۾ سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ پيدا ٿيو هو. پيشي جي لحاظ کان هو هڪ وڪيل هو. هو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر  به رهيو، پر سنڌي ادب ۾ شاعري کي نوان لاڙا ۽ نوان رخ ڏيڻ ۽ ٻين صنفن تي وڏي مهارت رکڻ جي حوالي سان دنياءِ ادب ۾ سڃاتو ويو. شيخ اياز 50 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا جنهن ۾ اردو ۾ به شاعري جا ڪتاب ”بوئي گل نالئه دل“ ”نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي“ شامل آهن. ان جي شاعريءَ جا اردو ۽ پنجابي ۾ ترجما به ڪيا ويا آهن. شيخ اياز جي شاعري مزاحمتي پڻ هئي. ان سنڌ جي عوام جي احساسِ محرومي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيو. ۽ عوامي شاعر جو اعزاز ته حاصل ڪيو پر ڪيترائي ڀيرا وقت جي حڪومت ان جي شاعري تي بندش لڳائي ۽ نثر تي پابندي ۽ ڪتابن تي بندش لڳائي پر انهن بندشن جي باوجود ان جي شاعري ماڻهن کي برزبان  ياد ٿي وئي. مثال طور تي: مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي، تون مون تي زنجير وجهني!

شيخ اياز کي خراج عقيدت پيش ڪندي، بي بي سي جي نيوز ڪاسٽر ماه پاره صفدر چيو ته شيخ اياز کي خواهش مطابق ڀٽ شاهه ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ چيو ته:

خاک مين کيا صورتين هون گي که پنهان هو گئين

تدفين بابت فيصلو

شيخ اياز کي ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهڙو فيصلو آچر ڏينهن شيخ اياز جي لاڏاڻي بعد سندس ڪلفٽن واري رهائشگاهه  تي گڏ ٿيل اديبن  سندس گهر واريءَ جي راءِ سان ڪيو. جن اديبن اهو فيصلو ڪيو انهن ۾ غلام رباني آگرو، علي احمد بروهي، عبدالغفار تبسم شامل آهن، جڏهن ته محمد ابراهيم جويي پڻ ان فيصلي جي حمايت ڪئي. محمد ابراهيم جويي ٻڌايو ته شيخ اياز پاڻ آخري ڏينهن ۾ ڀٽ شاهه تي وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، جنهن ڪري سندس خواهش کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو  ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ تاريخي فيصلو آهي. سنڌ جي منفرد ۽ هن صديءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي سومر ڏينهن صبح جو ساڍي ڏهين وڳي دنيا جي عظيم شاعر شاهه لطيف جي مزار ڀرسان دفنايو ويندو.

تعزيتون

هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ هماليه پربت جيڏي عظيم علمي ۽ ادبي شخصيت شيخ اياز جي اوچتي  لاڏاڻي واري خبر تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۽ خاص طور هند ۾ گهري ڏک ۽ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي. ٻالپڻ کان حياتيءَ جي الوپ ٿيندڙ سج تائين ادب ۽ شاعري ذريعي انسانيت  جي فڪري تربيت ڪندڙ هستيءَ جي دکدائڪ لاڏاڻي تي زندگي جي سمورن شعبن سان واڳيل اهم شخصيتن پڻ پنهنجي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ محترمه  بينظير ڀٽو چيو ته سنڌ جو هڏ ڏوکي ۽ هڪ وڏو شاعر شيخ اياز نه صرف سنڌ پر سڄي عالم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شاعر هو، جنهن دنيا کي پنهنجي شاعري ذريعي حب الوطني، امن و آشتي ۽ محبتن جو پيغام ڏنو. هن شيخ اياز جي وفات تي گهري ڏک ۽ صدمي جو اظهار ڪندي چيو ته سندس وفات سان پيدا ٿيندڙ خال ورهين تائين ڀرجي نٿو سگهي. بينظير ڀٽو آخر ۾ سندس پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شل الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جايون ڏئي ۽ سندس پونئرن کي هن صدمي سهڻ جي توفيق عطا فرمائي.پ-پ-ش-ڀ جي چيئر پرسن محترمه غنويٰ ڀٽو عظيم انقلابي شاعر جي وڇوڙي کي قومي صدمو قرار ڏيندي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.هن تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته شيخ اياز عوامي انقلاب جو نقيب هو.  سنڌ ڌرتي هڪ عظيم سپوت کان محروم ٿي وئي. هن چيو ته سندس خدمتن کي سنڌ صدين تائين ياد ڪندي.سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پ-پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهيڙي چيو آهي ته شيخ اياز هو وڇوڙو سنڌ جو عظيم نقصان آهي ۽ اهو خال ڀرڻ لاءِ زمانا لڳي ويندا. جڏهن ته سگا پاران جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اياز جو ڪلام سنڌ واسين جي روح ۾ رچي چڪو آهي. سندس فڪر قوم جي گڏيل ميراث آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌين کي صدين تائين ناز رهندو.هوڏانهن سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران جاري ڪيل بيان ۾ شيخ اياز جي وڇوڙي کي قومي الميو قرار ڏيندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف جماعتي اسلامي سنڌ جي امير اسد الله ڀٽي، شباب ملي، سنڌ جي صدر ممتاز سهتي، سگا خواتين شاخ جي صدر مهتاب اڪبر راشدي، شبنم موتي، حميده عزيز شيخ، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي حبيب الله ڀٽي، اي حميد ڀٽي، سحر حسن، يوسف سيف، گلشن شيخ، برجيس حسن، نديم ڀٽو، نامياري اديب علي نواز وفائي، جمعيت الشعراءَ سنڌ جي محمد علي جوهر، پي-پي شهيد ڀٽو سنڌ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ميمبر مير قادر بخش، محمد حسني، پي پي آءِ جي مرڪزي چيئرمين رئوف ساسولي، ايم، آ ر ڊي تحريڪ جي اڳوڻي ڪنوينر حسين بخش ناريجي، ليبر ويلفيئر آرگنائيزيشن جي اڳواڻ  زرينه حسين ناريجو، ال آصف ويلفيئر جي قائم مقام صدر حاجي حسين بخش وساڻ ۽ ٻين پنهنجن الڳ الڳ تعزيتي بيانن ۾ مرحوم شاعر شيخ اياز جي لاڏاڻي کي قومي نقصان قرار ڏيندي سندس پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي. ٻئي طرف سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ملير، بدين، ڀان سعيد آباد، ڏوڪري،باڊهه، لاڙڪاڻو، قمبر، رتو ديرو، نصيرآباد ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن جي پريس ڪلبن ۾ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون، جن ۾ سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ سندس وڇوڙي کي هن صديءَ جو وڏو نقصان قرار ڏيندي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو.

شيخ اياز جي لاڏاڻي تي جيئي سنڌ قومي محاز جي چيئرمين عبدالواحد آريسر پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته شيخ اياز جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. اياز جي شاعري واري فڪر کان سواءِ سنڌي قوم جي آزادي ناممڪن آهي.هن چيو ته شاعر سنڌي ڪلچر ۽ تهذيب لاءِ چين جي ديوار آهي.ڪينجهر ادبي فورم جي چيئرمين ناز سنائي چيو آهي ته شيخ اياز ۽ جيجي درشهوار سيد جي موت کان پوءِ پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجي نه سگهندو، سندن سنڌ لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

نامياري شاعر مختيار ملڪ چيو آهي ته، شيخ اياز جي شاعري، اسان لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيندڙ شاعري آهي.

ڀارتي اديب پي ايم پنجواڻي فون ڪري شيخ اياز جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي ان کان علاوه ملڪ جي ڪند ڪڙڇ مان تعزيتي فونن جو سلسلو اخباري آفيسن ۾ جاري آهي.

شيخ اياز کي ڪمزوري سبب ۽ ساهه کڻڻ جي تڪليف سبب مڊ ايسٽ اسپتال ۾ 5 ڏينهن اڳ آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو هو.شيخ اياز جي ناٺي ڊاڪٽر الطاف کيڙو ٻڌايو ته فجر مهل ساڍي پنجين وڳي ڌاري شيخ اياز پنهنجي ڪمري مان خود ڊاڪٽر کي سڏڻ لاءِ گهنٽي وڄائي ۽ جڏهن ڊاڪٽر سندس آءِ سي يو واري ڪمري ۾ آيو ته شيخ اياز ڳالهايو ڪونه. پر دل تي هٿ رکيائين ۽ پوءِ فوراً سندس نبض ۽ بلڊ پريشر ختم ٿي چڪا هئا. ان بعد ڊاڪٽر الطاف کيڙي ۽ ٻيا گهر ڀاتي شيخ اياز جو مڙهه سندس گهر واقع لڳ ڪلفٽن برج فليٽ نمبر 27بلاڪ اي فورٿ فلور نيو ويو.

خبر

 شيخ اياز جي ڏوهٽي 13 –سالا روحيل ”جاڳو“ کي ٻڌايو ته مان نانا کي ٽي وي ۽ وي سي آر هلائي ڏيندو هئس ته مون کي شاباس ڏيندو هو. روحيل چيو ته نانا مون کي هدايت ڪئي هئي ته تون ڪڏهن به شاعر نه ٿجان. جو مان پنهنجي فيملي ۾ هڪ به شاعر نه ٿو ڏسڻ چاهيان، ڇو ته شاعر گهريلو ڌنڌي ۽ اولاد ۽ گهر جي گهرجن کي پورو ڪرڻ کان ڪٽجي وڃي ٿو.

سنڌي ادبي سنگت جي تعزيتي ميڙاڪي دوران تاج جويو ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪراچي مان محمد ابراهيم جويي فون تي چيو آهي ته شيخ اياز جي وارثن جو خيال هو ته کيس عبدالله شاهه اصحابي ڀرسان يا شڪارپور اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو وڃي. بعد ۾ اياز گل ۽ تاج جويي جي لکت ڏنل اعلان موجب شيخ اياز جي مڙهه کي 29 ڊسمبر تي صبح جو 9 وڳي ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ تدفين جي ان ڪم جي نگراني حميد آخوند ڪندو. ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، حميد آخوند، جمال ابڙو ۽ ٻيا دوست مڙهه ڪراچي ۾ شيخ اياز جي رهائشگاهه واقع پرنس ڪمپليڪس مان کڻي ڀٽ شاهه آڻيندا. سمورن ماڻهن کي ڀٽ شاهه اچڻ لاءِ چيو ويو، اطلاعن موجب وارثن طرفان عبدالله شاهه اصحابي يا شڪارپور ۾ دفن ڪرڻ جي خواهش ڏيکارڻ کان پوءِ ابراهيم جويو، حميد آخوند ۽ تنوير عباسي جي طرفان وارثن سان ڳالهائڻ کان پوءِ ڀٽ شاهه ۾  دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

خبر

سنڌ جي جڳ مشهور مهان ڪوي ۽ ليکڪ شيخ اياز جي لاڏاڻي جو اطلاع ملندي ئي، ادبي سنگت طرفان سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيندڙ سنگت جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس کي تعزيتي ميڙاڪي ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ سنگت طرفان اٺ ڏينهن ۽ قليچ سنگت سنڌ پاران ڏهه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، ڪالهه ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ کان اڳ جيئن ئي ڪراچي کان اطلاع پهتو ته آڊيٽوريم ۾ گولڊن جوبلي جي خوشي ملهائيندڙ اديبن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ ڪيترائي زارو قطار روئڻ لڳا، ان موقعي تي سنگت جي سيڪريٽري جنرل اياز گل اعلان ڪيو ته هن گڏجاڻي کي تعزيتي ميڙاڪي ۾ تبديل ڪجي ٿو ۽ جن به اديبن کي 1997 جا ادبي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي تن کي اهي ايوارڊ گهر پهچايا ويندا. جنهن بعد تعزيتي ميڙاڪي کي باقائده شروعات ڪئي وئي.

 

 

تعزيتي گڏجاڻين جي رپورٽ

شيخ اياز سنڌ ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو

(عطا راڄڙ ڀٽ شاهه)

29 ڊسمبر روزانه ڪاوش

سنڌ جي عظيم شاعر ۽ هن صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي لازوال شاعريءَ وسيلي جيئدان ڏياريندڙ سنڌ ۽ هند جي مهان ڪوي شيخ مبارڪ المعروف شيخ اياز کي سومر ڏهاڙي سندس وصيت موجب ڀٽ شاهه ۾ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ڌرتي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم شيخ اياز جي مڙهه کي ڀٽ شاهه آڻڻ لاءِ ڪراچي مان صبح جو ساڍي اٺين وڳي کڻي نڪرندڙ قافلو منجهند ساڍي ٻارهين وڳي ڀٽ شاهه پهتو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي روضي ٻاهران سوين ماڻهن قطارون ٺاهي سنڌ جي هن صديءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سندس مڙهه تي گلن جي ورکا ڪئي. جنهن بعد شاهه لطيف رحه جي درگاهه جي دروازي وٽ جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ جلوس جي شڪل ۾ مڙهه تي گلن جي ورکا ڪئي.جنهن کان پوءِ نماز جنازه ادا ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ جلوس جي شڪل ۾ مڙهه کي ڀٽ ڌڻي جي درگاهه کان ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تائين نيو ويو. جتي غلام رباني آگرو، نصير مرزا، شيخ اياز جي فرزند سليم شيخ ۽  تاج جويو مڙهه کي لحد اندر لاٿو. آخري سفر ۾ شامل تقريبن سمورا اديب، شاعر ۽ ٻيا ماڻهو سڏڪندا ۽ شيخ اياز جون وايون توڙي گيت ڳائيندا رهيا، مرحوم شيخ اياز جي آخري سفر ۾ ٻين کان سواءِ محمد ابراهيم جويو، قمر شهباز، عبدالقادر جوڻيجو، بيدل مسرور، تاجل بيوس، تنوير عباسي، حميد سنڌي، غلام علي الانا، ظفر ڪاظمي، نفيس احمد شيخ، خاڪي جويو، اياز گل، منٺار سولنگي، ناز سنائي، وصي مظهر ندوي، مولا بخش چانڊيو، ڊاڪٽر نذير شيخ، ايوب شيخ، نذير لغاري، فاضل جميلي، مظهر جتوئي، سهيل اڪبر شاهه، بخشڻ مهراڻوي، حسن درس، زيب نظاماڻي، صادق فقير ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

امانت، جيئن ڌرتيءَ کي پهتي!

الطاف آگرو

هفتو ڏهه ڏينهن اڳ، شيخ اياز، ڪمزوريءَ جي شڪايت ڪري، مڊ ايسٽ اسپتال ۾ داخل ٿيو، جتي کيس انتهائي نگهداشت واري ڪمري ۾ رکيائون. سندس پٽ ڊاڪٽر سليم جي چوڻ موجب، پاڻ دل جو پراڻو مريض هو، پر، ان وقت دراصل کيس ساهه کڻڻ جي نظام ۾ تڪليف هئي، ڇنڇر ڏينهن، دل جي ماهر ڊاڪٽر، سندس پوئين تپاس ڪرڻ کان پوءِ کيس صحتياب قرار ڏنو. سو، پنهنجن ٻارن کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏنائين، کيس سندس گهرواري ٻارهين  بجي رات تائين سندس نظرداري ڪندي رهي. پر، اياز ائين چئي کيس به گهر موڪلي ڏنو ته سڀاڻي صبح جو نئون وڳو ۽ گاڏي موڪلجو ته مان گهر اچان.

ساڳيءَ رات، ٽن چئن ڪلاڪن کانپوءِ، رات جو چئين بجي ڌاران، شيخ اياز خطري جي گهنٽي وڄائي، ڊيوٽي- ڊاڪٽر تڪڙو تڪڙو سندس ڪمري ۾ پهتو، شيخ اياز بيوسيءَ جي ڪري ڳالهائي ڪو نه سگهيو، پر ڇاتيءَ ڏانهن اشارو ڪري پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪيائين. کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي، ڊاڪٽر دوا کڻي موٽي وٽس آيو، ته شيخ اياز جي روح جو پکيئڙو پرواز ڪري چڪو هو.

شيخ اياز جا پُٽ ڪراچيءَ کان ٻاهر هئا، سو، سندس گهر وارن، محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي ۽ مهتاب راشديءَ، غلام رباني آگري، سراج ۽ علي احمد بروهيءَ کي فون تي اها خبر ڏني. ائين ايازن جي دوستن مان جمال ابڙو، رباني، سراج، بروهي، تاجل بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ محمد ابراهيم جويو بروقت تڏي تي پهچي ويا.

شيخ صاحب جي ناٺي اورنگزيب، رباني صاحب سان صلاح ڪئي، ته جنازه نماز ڪيڏي مهل ڪجي ۽ ڪفن دفن جو انتظام ڪٿي ڪيو وڃي؟ اورنگزيب جو پنهنجو خيال هو ته شيخ صاحب کي ميوا شاهه واري قبرستان ۾ دفنايو وڃي. سراج ۽ بروهي ان خيال جا هئا، ته ڊفينس سوسائٽي جو قبرستان بهتر ٿيندو، غلام رباني اورنگزيب سان صلاح ڪري، اياز جي گهر واريءَ سان ڳالهه ڪڍي، جنهن چيو ته اياز انهيءَ خواهش جو اظهار ڪندو هو ته، مئي پڄاڻان کيس ڀٽائيءَ جي ڇانو ۾ رکيو وڃي. غلام رباني ۽ علي احمد بروهي، اياز جي هڪ عزيزکي ساڻ وٺي، حميد آخوند جي گهر ويا، جتان کين خبر پئي ته هو ڪن سرڪاري مهمانن سان ڪينجهر ڍنڍ تي هليو ويو آهي. جويي صاحب هڪ دم رباني صاحب کي حميد آخوند سان ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪينجهر ڍنڍ تي موڪلي ڏنو.

هوڏانهن حيدرآباد، ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس رکيل هئي، ايازصاحب جي رحلت جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ ڪانفرنس کي تعزيتي اجلاس ۾ تبديل ڪيو ويو، اتي پڻ دوستن اها خواهش ظاهر  ڪئي ته سنڌ جي هن عظيم شاعر جي ابدي آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾ هجڻ گهرجي. تنوير عباسي، حميد آخوند سان ڪينجهر ڍنڍ  تي فون تي رابطو ڪيو. جڏهن رباني صاحب حميد آخوند سان ٺٽي وٽ مليو، ته حميد آخوند چيو ته روضي وارو قبرستان ته اوقاف کاتي جي تحويل ۾ آهي، ۽ ان ۾ شايد ڪا گنجائش به ڪا نه آهي، ثقافتي مرڪز واري باغ ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي، ساون وڻن جي جهگٽي جي وچ ۾، اياز کي دفنائڻ گهرجي، اها صلاح ڪري حميد آخوند ڪراچيءَ ۽ غلام رباني حيدرآباد روانا ٿيا ۽ اهو اطلاع شيخ اياز جي گهر وارن کي ڏنائون.

فون تي رٿيل پروگرام موجب آچر ڏينهن صبح جو شيخ اياز جا چار پُٽ انيس، سليم، مونس ۽ سرمد پنهنجي هڪ مائٽ قاضي صاحب سان گڏ مرحوم والد جو خاڪي جسم ايمبولينس ۾ کڻائي محمد ابراهيم جويي، ناصر مورائي ۽ سليم خواجه سان گڏ ساڍي اٺين بجي صبح جو حيدرآباد روانا ٿيا، مدد علي سنڌي، نصير مرزا، بيدل مسرور، امداد حسيني، سحر امداد، احمد سولنگي، اظهار سومرو، نثار حسيني، زيب نظاماڻي، ابراهيم راڄپر، رکيل مورائي، ماجد صديقي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر، موٽرن جي هڪ قافلي ۾، ٽول پلازه وٽ پوڻين اٺين بجي صبح جو جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا، غلام رباني، الطاف آگري، آغا نور محمد پٺاڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪن سينيئر ملازمن سان گڏ ڏهين بجي، ٽول پلازه تي پهتو، حميد سنڌي قافلي جي پيشوائيءَ لاءِ ڀٽ شاهه روانو ٿيو، جتي ظفر ڪاظمي ۽ تنوير اڳي ئي سندس انتظار ڪري رهيا هئا، هنن گذريل رات مزار لاءِ مناسب جڳهه تلاش ڪري ورتي هئي. قبر کوٽڻ جي ڪم جي نگراني تاج جويو ڪري رهيو هو، پر، جڏهن هن مزدورن کي غلط نموني ۾ کوٽائي ڪندي ڏٺو ته کانئن ڪوڏر کسي، پاڻ قبر کوٽي راس ڪيائين، حميد آخوند جي هدايت موجب ڀٽ شاهه مرڪز جو سرگرم ڪارڪن ڪريم بخش مجيداڻي سوڳوار هجوم جي ڪانڌپي جي ماني تيار ڪرڻ جي انتظام کي لڳي ويو.

ڪراچي مان شيخ صاحب جي خاڪي جسم کي کڻي ايندڙ ايمبولينس ساڍي ڏهين بجي حيدرآباد واري ٽول پلازه وٽ پهتي، ته قافلو ڀٽ شاهه روانو ٿيو، سڀ کان اڳ ڳاڙهي رنگ جي سوزوڪي هئي، جنهن تي لائوڊ لڳل هئا ۽ منجهس نثار حسيني، زيب نظاماڻي، اظهار سومرو ۽ ٻيا سوار هئا، جيڪي حيدرآباد کان ڀٽ شاهه تائين اياز جا گيت ڳائيندا هليا، اياز جي جهونن دوستن مان جمال رند، ناصر مورائي، خواجه سليم، تاجل بيوس، قمر شهباز، اعجاز قريشي، اياز جي عقيدت مند ۽ محبت ڪندڙن مان محبوب شيخ، نذير لغاري، خير محمد کوکر، نماڻو سنڌي، ادريس جتوئي، مهراڻ جو ايڊيٽر نفيس احمد ناشاد، مولا بخش چانڊيو، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر صاحب خان چنا، اخباري نمائندا، بيشمار اديب، شاعر ۽ دانشور، ادبي تنظيمن جا ڪارڪن ڀٽائيءَ جي درگاهه جي ڏاڪڻين وٽ قطارون ڪريو بيٺا هئا، جيئن قافلو پهتو ته هو شيخ اياز جي خاڪي جسم کي ڪلهو ڏئي، ڀٽائي جي اڱڻ مان لنگهي، روضي جي ورانڊي ۾ آيا ۽ ادب سان جنازو ورانڊي ۾ آڻي رکيائون، صفون سڌيون ٿيون، پيش امام، جنازه نماز پڙهائي، اديب ۽ شاعر جنازي کي ڪلها ڏئي کوٽيل مزار طرف روانا ٿيا.

مزار تي غمزده ماڻهن جو هجوم تمام وڏو هو، سنڌ جي دستور موجب اجرڪن وسيلي محمد ابراهيم جويي، سليم اياز، تاج جويي، غلام رباني آگري، بيدل مسرور، مونس اياز، نصير مرزا، اسدالله سولنگي، سڪندر ڪورائي ۽ ٻين جنازي کي لحد ۾ لاٿو، جنهن کان پوءِ هجوم ۾ شريڪ دوستن کي مٽي ڏيڻ جو موقعو مليو، مزار جي سنوت سڌي ٿيڻ کان پوءِ سڀ کان اول اياز صاحب جي چئني پٽن پنهنجي پياري پيءُ جي تربت تي گل وڌا. ان کان پوءِ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن سنڌي ادبي بورڊ،سنڌي لئنگويج اٿارٽي، پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس، ڪلچر ڊپارٽمينٽ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ قليچ سنگت پاران گلن جون چادرون چاڙهيون ويون، هالا جي مخدوم خاندان مان جميل الزمان جون آندل ٻه چادرون، هڪ سندس والد مخدوم محمد امين فهيم ۽ ٻي محترمه بينظير ڀٽو جي نالي ۾ چاڙهيون ويون، مسرور چڱي دير تائين شيخ اياز جا گيت ڳائيندو رهيو ۽ زيب نظاماڻي مزار کان ڪرندڙ گلابي گلن جون پنکڙيون سڪ ۽ احترام سان مزار مٿان رکندي رهي.

 ٻي بجي ڌاران حميد سنڌي، سمورن اديبن ۽ شاعرن کي ڪانڌپي جي مانيءَ لاءِ سڪ سان سڏ ڪيو.جڏهن هال هجوم سان ڀرجي ويو ته حميد سنڌي، ڪريم بخش مجيداڻو ٻين ڪارڪنن سان گڏ، ماني کڻي، سوڳوار اديبن کي پيش ڪندا رهيا. غمزده اديب ۽ شاعر مانيءَ جو گرهه کڻي، هال مان نڪري شيخ صاحب جي مزار تي حاضري ڏئي ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي گڏ ٿيندا رهيا. ان مهل ٿڌڙيءَ هوا ۾، سفيد بدڪون، ڪراڙ جي آب تي تري رهيون هيون.

اسان جي محبوب شاعر جي سفر جون آخري گهڙيون

رپورٽ: امداد سومرو

ڀٽ شاهه، 29 ڊسمبر جو ڀٽ شاهه وارو صبح ڏاڍو سرد آهي ۽ ڪراڙ ڍنڍ کان سرد لهرون، اسان جي ساهه ۾ سمائبيون وڃن ٿيون... ڪراڙ ڍنڍ ۾ بدڪون تري رهيون آهن ۽ ڪنهن به اهڙي احساس کان سواءِ ته- پيارا شاعر! تون مري چڪو آهين! هائو، تون مري چڪو آهين! ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ ڍنڍجي ڪپ تي تاج جويو پنهنجي نگراني ۾ قبر جي کوٽائي ڪري رهيو آهي ۽ هو قبر جي پسگردائي کي ٻهاري ڏيارائي رهيو آهي (”اڱڻ ٻهاريان، واٽون نهاريان“، مون کي اهو ڪلام ڏاڍو مانوس لڳي ٿو). اتي جتي قبر آهي، ان جي چوڌاري ٽالهين، سرنهن جا وڻ آهن. ڀٽائي جي مزار تان گلن جي خوشبوءِ برابر ايستائين پهچي ٿي.......

9- بجي کان ڏکويل ماڻهو ڀٽ شاهه تي پهچڻ شروع ٿيا آهن ۽ انهن سڀني کي سنڌي اخبارون هٿن ۾ آهن ۽ هو تنهنجي زندگيءَ کيRecall ڪري رهيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org