سيڪشن: شاعري

ڪتاب: سامي سج وڙاءُ

شيخ اياز

صفحو: 25

غلام علي کوساڻي

بيت

آهي ائين اياز، جيئن ڪو ڪاليداس،

اڀو آ آڪاس ۾، جهڙو املتاس،

ڏيئي پنهنجو واس، سنڌ ڪري سُرهاڻ ويو.

 

مرشد پيرانديءَ کان، آيو ٿئي اياز،

جنهن وٽ ساڳيا سڏڙا، تو جيئن ساڳيا ساز،

ساڳيا سُر آواز، ساڳي سڳنڌ سنڌ جي.

 

اياز آهي ائين، اوچو جيئن هالار،

جنهن جي ڏات حيات ۾، هي سارو سنسار،

چنڊ جيان چوڌار، جرڪي پيو جهان ۾.

 

تاجل بيوس

غزل

روحُ رت ڇاڻَ هو، تند تڙپي هئي

ڪالهه ڪرَاڙ تي، سنڌ سڏڪي هئي.

 

مون ٻڌو اوچتو ڪونج- ڪُرلاوَ ۾

سَرَ مٿان او سڄڻ! سار تنهنجي هئي.

 

اڄ به توکي جڏهن ساٿ ساريو هئو

گرهه پيو هو ڪري، آئي هڏڪي هئي.

 

ڪالهه ايَاز! تنهنجي ٿڌي جسم تي

واءَ ورکا ڪئي، جوتِ جرڪي هئي.

 

سنڌ ماتا جي هر هر امرُ هنج ۾

ٿا چون: اک تنهنجي به ڦرڪي هئي.

 

سمنڊ جي شور ۾، اُڃ اوساٽ ۾

رات روئي ڏنو ڏات ڏُسڪي هئي

 

ڏاڍ جي ڏيهه جا بُرج ڀورا ٿيا

تو جڏهن ڪابه هڪ سٽ سرجي هئي.

 

ڪنهن ته بيوس چيو ٿي ته ڀٽ شاهه تي

يارُ ننڊ ۾ هئو، بند کڙڪي هئي.

احمد سولنگي

غزل

رات جي هن لَحدَ ۾، مون کي سنڀالي لاهجو،

سڀ اَچو ڪانڌِي سِتارو، جو اَجلُ آ جاڳيو!

 

هانءُ هُد هُد جو هَڄيو ، ۽ قلبُ ڪويَل جو جَليو،

ڪَنٺَ تُنهنجي ۾ ڪَوِي، وِڄُ جو عَملُ آ جاڳيو!

 

لاڙَ تان لالڻَ لَهي ويو، سِجُ تَلاوَن کي رَڱي،

لاهيارين جي اَکين ۾، جَل ڪَجلُ آ جاڳيو،

 

واءُ واڌاُيون ڏِنيون ۽ شام سرگوشيون ڪيون،

ڪَپَ تُنهنجي تي ڪراڙَ اڄ نئون ڪَنولُ آ جاڳيو!

 

رات ڪوهستانَ جِي ، ڏِسُ ٿِي پلاڻي پاندَ پئي،

هر سِتارو پيو سُمهي آ ۽ جَبلُ آ جاڳيو!

حسن درس

اي اياز شاعري

اي اياز شاعري!

در پدر هوائن مان

ڇا نه روپ ماڻي ٿي

ڇا نه ٿي ٻٻر ٻکي

ڇا ته ٻوُر ٿي جهلي

ڇا نه ڦول ڇاڻي ٿي.

 

اي اياز شاعري!

ڪنهن اصيل نانگ جي

ڦوڪ وانگيان لڳي

يا ته انب تي لٿل

ڪنهن دکي  ڪَويل جي

ڪُوڪ وانگيان لڳي.

 

اي اياز شاعري!

لفظ لفظ ۾ لهي

گيت گيت گونج آ.

شام آسمان ۾

ڄڻ ته ڪا اُڏام آ

سٽ سٽ ڪونج آ.

اي اياز شاعري!

شراب جي دڪان تي

رات ڏينهن رش آ.

جو به جام جئن جهلي

ٿو پنو پڙهي وٺي

سو نشي ۾ غش آ.

 

اي اياز شاعري!

مور ڄڻ ته موهه ۾

ڊيل جي پٺيان ڊُڪي

عشق ناچ ناچ ٿئي

انگ انگ مان اُڏي

انگ انگ تي جُهڪي.

 

اي اياز شاعري!

لهو لهو سڃاپجي

ريت پريت موکجي

رات جو اُٿي ڪري

ننڊ کي نهارجي

۽ گلاب پوکجي.

مولا بخش چانڊيو

ڌرتي جيڏي شاعر لئَه

سارا خواب کڻي

ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾

آيو ڏات ڌڻي.

 

ماريو ڪين مرڻ

آيو تنهنجي ڀاڪر ۾

ڌرتي سُور سلڻ.

 

سڀ نِمائن سيسَ

ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾

تو سان ڪهڙي ريس.

 

لڙڪ سندءِ اُگهندي

ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾

پاڻ پئي روئندي.

 

ڪَوِتا ڪمايو

ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾

مٽيءَ مهڪايو.

هر ڪو اوساري

ساڳيو شاعر سنڌ کي

ڌرتي ڏي واري.

 سوز هالائي

شيخ اياز جي ياد ۾

جيءَ کي جهوريندڙ، باک ڦٽي آهي،

باک ڦٽي آهي.

اوجاڳيل اکڙين ۾، ننڊ لٿي آهي،

باک ڦٽي آهي.

چانڊوڪيءَ ۾ ”چنڊ“ جي، اک لڳي آهي،

باک ڦٽي آهي.

گيت ڪويءَ جا نه کٽا، رات کٽي آهي،

باک ڦٽي آهي.

راڳي ! ”آسا“ ڳائيو، ويل وري آهي،

باک ڦٽي آهي.

تنبوري جي تند سان، تند ملي آهي،

باک ڦٽي آهي.

پيرانديءَ پنهوءَ جي، ”سسئي“ سُتي آهي،

باک ڦٽي آهي.

ساري سنڌ لطيف جي، ڀونءِ بڻي آهي،

باک ڦٽي آهي.

ڀٽ جي خاڪ چمي وئي، ڪائي چمي آهي،

باک ڦٽي آهي.

ساروڻين جي ”سوز“ چئي، تند وڳي آهي،

باک ڦٽي آهي.

باک ڦٽي آهي.

جاويد سوز هالائي

جدائيءَ جو هڪ نظم

ها اتي ئي ڪٿي اسان کان اڄ،

شخص هڪڙو جدا ويو آ ٿي،

۽ جدائيءَ جي دل جلي موسم،

سنڌ ۾ ڪيئن نه درد ساڻ لٿي،

محبتن کي کڻي وڪوڙي وئي،

سنڌ ۾ ڦهلجي ويا پاڇا،

دکّ جا، غم جا ۽ اداسيءَ جا،

واءُ اهڙو وريو خزان جو هو،

سڀئي پتا ڇڻي ۽ وکري ويا،

ڪيڏو ويران ٿي ويو گلشن.

*

هو سڀن جي مٿان محبت جو،

هڪڙو گهاٽو ڪو سائبان هيو،

شاعريءَ جي هو آسمان سندو،

جرڪندڙ سج هو لهي ويو آ،

ها مگر ان جي روشني يارو!،

سنڌ ۾ ڪيترائي جُڳ رَهندي،

تون ته آهين ڪراڙ ڪپ تي ستل،

تنهنجي نالي ۽ سونهن جي خوشبو،

شاعريءَ جي ۽ پيار جي خوشبو،

منهنجي اندر ۾ آ رچيل اڄ ڀي،

چاندني رات ۽ سکي آهي،

سنڌ کي پهرين ئي درد ڪيڏو هو،

ان کي ويتر نه تون ڏکوئين ها،

جنهن سفر تي هليو هئين تون ”اياز“،

مان به ان سفر جو مسافر هان،

پنڌ سو ڪٿ اڃا کٽو آهي،

سج آزاديءَ جو ڪو نه اُڀريو آ،

ان کان اڳ ئي هليو ويو آهين،

سنڌ سان جوڙي واسطا سڀئي

سنڌ سان ٽوڙي رابطا سڀئي

تون ڪڏهوڪو سمهي رهيو آهين،

پر دلين ۾ اڃان به جاڳين ٿو

 

ڪير چئي ٿو مري ويو آهين.

ڪير چئي ٿو مري ويو  آهين.

ساحر راهو

وائي

ها ها ڪونج اُڏار

سٽون شيخ اياز جون.

پيلا گل املتاس جا،

وڏ ڦڙي وسڪار.

سٽون شيخ اياز جون

ٻهه ٻهه ٻهڪن ٻانهن ۾،

چوڙيون ڇڻڪيدار.

سٽون شيخ اياز جون.

ڏيئا گنگا گهاٽ تي،

لهرون لهرون سار.

سٽون شيخ اياز جون.

گهرائي سمونڊي جي،

اُوچائي هالار.

سٽون شيخ اياز جون.

سر کنڊ، ڊاک، الائچيون،

چندن چوٽا هار.

سٽون شيخ اياز جون.

مرزا فياض علي

غزل

سنڌ ۾ ۽ هند ۾ مشهور شاعر ٿيو اياز،

جنهن جي رحلت جي ڪري اهل سخن ٿيا سوگوار.

 

جنهن جي شعرن موج هئي آڻي ڇڏي مهراڻ ۾،

عمر ساري تا ڪنداسين اهڙي شاعر جي پچار.

 

مٽ هو پنهنجو پاڻ خود ٿيندو نه مٽ هُن جو وري،

تا قيامت شعر هُن جا رهندا بي شڪ يادگار.

 

نينهن جو ناتو نڀايئين شاعريءَ سان واهه جو،

شاعريءَ ۾ هن گذاري پنهنجي هي ساري ڄمار.

 

ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀر مليس سايو مليس ڀٽ شاهه جو،

ڇا عطا هن کي ٿيو دنيا ۾ هي عز و وقار.

 

ڇا مقدر نيڪ ٿيو فياض هن مرحوم جو،

ٿي ’مبارڪ‘ڀٽ ڌڻي جي ان کي بي شڪ آ ديار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org